محمد عيسيٰ ڪنڌر: جھانديده شخص
”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا! مان اڏري ويندوسانءِ.“ (اياز)
سندس وڏو ڀاءُ، فقير محمد موسيٰ هو. اهو پير شير محمد متاري جو متولي هو. نوجوانيءَ ۾ ٻئي ڀائر ملھ وڙهندا هئا. نئون ديرو ۾ اچڻ وڃڻ شروع کان هُين. پوءِ نئون ديري ۾ ٻئي ڀائر لڏي اچي ويٺا. فقير محمد عيسيٰ ڪپڙي جو دوڪان کوليو. خانبهادر احمد خان ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، فقير صاحب کي سڃاڻيندا هيا. ڀٽو صاحب شهر جي سڀني چڱن مڙسن کي ذاتي طور تي سڃاڻيندو هو. عيد براد تي ساڻن ملندو رهندو هو. شهر وارن جا حال احوال کانئن وٺندو رهندو هو.
ٻئي ڀائر جڏهن لاڙڪاڻي، رحمت پور واري پير مٺا سان مليا ته سندن زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي. اسان جي محلي ۾ اسان مسوديرائن جي اڪثريت آهي. اتفاق سان سڀ ڪٺا ٿي ويا آهيون. ڀٽن، مير بحرن ۽ چنن جا گھر آهي. سڀ ستن پيڙهين کان هڪٻئي جا واقف آهيون.
اسان جي محلي ۾، جيڪو هاڻي فقير واري مسجد وارو محلو سڏجي ٿو، اتي کڏون هيون. انهن کي پراڻي گهاڙ واھ جو ڦٽل پيٽ سمجهندو آهيان. اُها کڏ ٻنهي ڀائرن پنهنجي گهران خرچ ڪري لٽائي ۽ ڪکائين مسجد جوڙائي. نماز جماعت سان پنج وقت شروع ٿي. سڄو پاڙو اڻ پڙهيل، آهستي آهستي اُهي سڀ نمازون پڙهڻ سکي ويا.
اصل ۾ اُها کڏ ۽ مختصر پلاٽ عبدالرزاق ڀٽي مرحوم ميرپوري واري جو هو. بعد ۾ فقير صاحب ان سان معاملو طئه ڪري ڇڏيو. مسجد سان گڏ مدرسي جي به شروعات ٿي. پگهار تي مولوي رکيو ويو. داروغو هدايت الله ميربحر/ ميراڻي بانگو هيو.
ڪجھ عرصي کان پوءِ پڪي مسجد ۽ پڪو مدرسو تعمير ٿيو. مدرسو سرڪار طرفان ٺهيو، جنهن جو ٺيڪيدار قاضي منظور علي هو. اهو ڀُٽي صاحب جو دور هو. مولوي محمد رمضان کي، فقير صاحب مسجد ۽ مدرسي ۾ مقرر ڪيو جيڪو سندن پير-ڀائي هيو.
فقير صاحب، پير مٺا جي خاص خليفن مان هيو. شهر ۽ آسپاس ۾ وڃي، ماڻهن کي نماز جو تاڪيد ۽ الله الله جو ورد ڪرڻ سان گڏ نيڪ ٿيڻ تي زور ڏيندو هو. اسان جو ڳوٺ مسوديرو تقريباً ۱۰ ڪلوميٽر نئون ديري کان پري آهي. اُتي به سندن پوئلڳ ٿيا، پوءِ ته ڳوٺ ۾ ڏينهن رات وڏي آواز الله الله پيو ٻڌيو هو. احمد جلباڻي فقير کي ته حال اچي ويندو هو. ان ڪيفيت ۾ هو بي خبر ٿي ليٿڙيون پائيندو هو. بعد ۾ خبر پئي ته تصوف جي سلسلن ۾ اهڙيون ڪيفيتون نروار ٿينديون آهن. مولانا جامي ۽ ٻين بزرگن کي پڙهجي ٿو ته اهي سڀ نيون ڳالهيون ڪون ٿيون لڳن. اسلامي تصوف ۾ چار سلسلا آهن؛ نقشبنديہ، قادريہ، سهرورديہ ۽ چشتيہ. مرشد لطيفؒ، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ؒ به نقشبندي آھن. مڪليءَ تي قادريہ طريقي وارن جي بزرگن جا به مقبرا آھن. مرشد لطيفؒ ۽ محمد زمان لنواريءَ وارو، الڳ الڳ مسلڪ جا آهن. لنواريءَ وارن وٽ ساز جائز نه آهي. ٺٽويؒ به راڳ ۽ ساز جي اجازت ڪو نه ٿو ڏئي. ڀٽ ڌڻي، ٺٽي ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ وٽ به گهڻو ايندو ويندو هو. ان جي وفات کان پوءِ به لنواريءَ ويو ھيو.
پير مٺا به نقشبندي طريقي جو هو. هو نماز کان پوءِ مراقبو ڪندا آهن. وڏن مڻين جي تسبيح تي الله الله يا ٻي ثنا تسبيح پڙهندا آهن. ڪاٺ جي تسبيح ٺڪ ٺڪ جو آواز ڪندي آهي ۽ وچ وچ ۾ ثناءَ وغيرھ تي ضربون به لڳنديون آهن. سائين جي ايم سيد ۽ ٻيا پڙھيل لکيل ماڻھو تصوف جون صرف ٻه تعريفون ڪن ٿا؛ ۱. وحدة الوجود ۽ ۲. وحدة الشھود.
فقير صاحب جو ڪپڙي جو دڪان، ڏاڍو ڪامياب ٿيو. هُن جيڪو ڪمايو، اُهو الله جي گهر، مدرسي، مهمانن ۽ تبليغ تي خرچ ڪرڻ سان گڏ، ضرورتمند مسڪينن، بيواهن ۽ يتيمن جي مدد ڪرڻ ۾ به لڳايائين. ڪيترن غريب نياڻين کي ڏاج وغيره ڏئي شاديون ڪرايائين.
ڀٽي صاحب جو اسٽيٽ مينيجر عبدالقيوم خان پٺاڻ سرحد جو هو. جيڪو شير پائوءَ وارن جي معرفت ڀٽي صاحب وٽ اچي ملازم ٿيو هو. اُهو ميونسپالٽي نئون ديرو جو ميمبر چونڊيو. فقير صاحب هميشه پنهنجي حلقي مان ميمبر چونڊبو هو. سندس مقابلو مرحوم محمد آچر مڱڻيجي سان ٿيندو هو. هو حُر فقير هو. پاڳاري وارن جي پارٽيءَ ڪري، اليڪشن ۾ حصو وٺندو هو، ورنه ته عام زندگيءَ ۾ فقير صاحب جو ڏاڍو احترام ڪندو هو.
عبدالغفار ڀٽي صاحب چيئرمين ٿيو ته فقير صاحب سندس ساٿ ۾ هو. ڀٽي صاحب پي آئي اي مان ۱۹۸۰ع ڌاري مارشل لا ريگيوليشن تحت نوڪريءَ کان فارغ ڪيو ويو. نئون ديري اچي ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۷ع تائين، چيئرمين رهيو.
فقير صاحب ۶۰-۷۰ جريب زمين جو مالڪ هو. بازار ۾ جيڪو دوڪان خالي ٿيندو هو ته اُهو فقير صاحب جي معرفت ئي ٻين کي ملندو هو. ڪپڙي بازار جي صدر هئڻ سان گڏ شهر جي جاين جو وڪرو يا مسواڙ، بغير ڪنهن ڪميشن وٺڻ جي، فقير صاحب نبيريندو هو. مٿس هندن، مهاجرن ۽ سنڌين جو اعتماد هيو. پاڻ حج به ڪري آيو هيو. سندس وڏو پٽ مولوي عبدالرحيم نئون ديري پنهنجي مدرسي ۾ پڙهڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ديني مدرسي ۾ پڙهيو، جتي جديد طرز تي، شاگردن جي هاسٽل ٺهيل آهي. اُتان فارغ ٿي، نئون ديري مسجد ۾ پيش امام مقرر ٿيو. بعد ۾ تعليم کاتي ۾ ڪميشن پاس ڪيائين ۽ هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. نوڪريءَ سان گڏ مسجد ۽ مدرسو به سنڀالي ٿو.
فقير صاحب جو ٻيو پٽ، فقير عبدالرحمان آهي، جنهن به ديني تعليم ورتي آهي. اهو پنهنجو ڪپڙي جو دوڪان سنڀالي ٿو. ٽيون نمبر پٽ عبدالخالق منهنجو وڌيڪ واسطي وارو آهي. اهو به مدرسي ۾ پڙهيو آهي، عربي ٽيچر آهي، سنڌ بوڪ اسٽور به سنڀالي ٿو. عبدالغفار سرڪاري نوڪري ڪري ٿو. سندن پنجون پٽ عبدالڪريم ٽيليفون کاتي ۾ ملازم آهي. سڀ گهر ٻار وارا، الڳ الڳ جاين ۾ رهن ٿا. سڀني جي خوشحال زندگي گذري ٿي.
فقير محمد موسيٰ صاحب، پير متاري تي گهڻو رهندا هئا. هو هڏن جي ڳنڍڻ جا ماهر هئا. اتر سنڌ ۾ اها ڪنڀرن جي آبائي ڪِرت هوندي هئي. ان زماني ۾ ميڊيڪل سائنس ايڏي ترقي ڪو نه ڪئي ھئي. ڦٽ، ڦرڙي ۽ ملي وغيرھ جي علاج لاءِ ڳوٺاڻا حجم مشهور هوندا هئا. هاڻي ڊاڪٽرن وٽ، خاص طور تي سينٽرن تي، لکين روپيه خرچ ٿئي ٿو. ڄاڻو ۽ ماهر ڪنڀر ۽ حجم قبرن ۾ هليا ويا.
وڏي فقير صاحب محمد موسيٰ جن جا پٽ، پيءُ جي نقشِ قدم تي هلي، ماڻهن جا ڀڳل هڏ ٺاهي رهيا آهن.
مٿي لکي آيو آهيان ته وڏو فقير، پير شير محمد متاري جو متولي به هو. اِهو پنجوديري جي ڀرسان جت-ڀٽا ڳوٺ جي ڏکڻ طرف آهي يعني نئون ديرو-لکي روڊ سان، رائيس ڪئنال جي لڳ بزرگ جو مقبرو آهي. ڀونڀٽ ۽ نصرت اسٽيشن ڏانهن به ساڳيو رستو آهي.
پير متارو جو نالو ٻُڌي، مون کي هميشه مرشد لطيفؒ جي شاعريءَ جا ڪردار، موکي متارا ياد پوندا آهن. شاھ جي شاعريءَ ۾ عشقيه داستان آهن ئي آهن پر سماجي تاريخ به اَمر ڪري ڇڏي اٿائين، جيڪو ڳولي سو لهي.
نئون ديرو، آسپاس ۽ اتر سنڌ ۾ مون کي متارا ذات وارا ڪو نه سجھن. بزرگ تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي.
اچو ته موکي متارن کي ياد ڪري ثواب کٽون:
مــتـــارا مـــري ويـــا، مـوکــي تـون نه مرين. (شاھ)
مـــتــارا مــــري ويـــا، مـــوکـــي پَـئـــي مَــــرُ،
تنهن جو ڏکُ ڏهر، ڪو نه سهندو اُن ريءَ. (شاھ)
ســســيـــون ســــردار، آڻـيو رکن اڏيون،
مَـــــرو مَ مــــتــــارا، اَڏيءَ اوڏا م ٿـــيـــو. (شاھ)
موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وٽـيــون ڏيـئـي وات، مـتـارا تـنهـن ماريا. (شاھ)
موکيءَ جي شراب، جي مَٽَ ۾ ڪو زهر ذرو هو. متارا ته، ڏيھاڙيءَ جا پياڪ هئا.
منظور ڪوهيار صاحب کان فون ڪري موکي ۽ متارن جي قبرن جو پڇيم. هن چيو ته؛ گڏاپ جي پاسي ڪراچيءَ ۾ آهن. جنهن کي دلچسپي آهي ته رسالي جو سر يمن ڪلياڻ پڙهي. يمن جي معني؛ من کي روڪڻ ۽ ڪلياڻ جي سک آھي. موکي ۽ متارن جي وڌيڪ تفصيل لاءِ ڪتاب ڪراچي، گل محمد ڪلمتيءَ واري جا ورق ورايو. هڪ شعر دل تي چڙھي ٿو اچي:
وجهــج واٽــاڙوئــن تــي، ميـخـانـي جي مَاڪ،
ٿيندي سُڌِ سڀڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هَاڪَ،
پــرھ جـــا پـــيــــاڪ، جُـه ســــي اڱـــڻ آ ٿــيــــــا. (شاھ)
سپر هاءِ وي کان ۲۰ ڪلوميٽر پري، موکيءَ جي ڦٽل اوطاق آهي. اتان ۱۶-۱۵ ڪلوميٽرن تي متارن جو ڳوٺ آهي. آثار ڦٽل حالت ۾ آهن، متارن ۽ موکي قبرن ۾ آهن، روڊ رستو نه آهي.
سهڻيءَ کان پوءِ موکي ۽ متارن کي ڀٽ ڌڻيءَ امر ڪري ڇڏيو آهي. سهڻي ته باغي ڪردار آهي. متارا پرھ ڦٽيءَ تائين پيئندا هئا يعني پرھ جا پياڪ ھيا. اڄوڪا ماڻهو ته گلاس ٻن ۾ وڦلن ٿا. ماڻهو متارن کي روڪين ٿا، ھو پوءِ به سر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ آتا آهن. پاڻ ته پنهنجن جي نالي کي خوار ڪيو آهي. عاشق ته مرشد لطيف وارا متارا سڏجڻ گهرجن. باقي مون جهڙن کي نالا ته اجايا آهن. نه جيئڻ ٿو اچي، نه پيئڻ ٿو اچي. پير متاري جي مقام جي چوڌاري لکين روپين جون زمينون ۽ کڏون آهن جيڪي پير جي کاتي ۾ وقف آهن.
مون کي ياد ٿو پوي ته فقير صاحب جي جيئري، اسان جي پاڙي ۾ ڀلائي ئي ڀلائي، امن ۽ شانتي هوندي هئي. پاڙي جون چڱيون مٺيون ڳالهيون ڪنڊ سُنڊَ ۾ نبيرجي وينديون هيون. ڇيني نبيري مسجد يا مدرسي ۾ ٿيندي هئي. ڪئين چهرا پاڙي وارن بزرگن جا منهنجي سامهون آهن؛ چاچو رحيم بخش ميربحر، سندس ڀاءُ چاچو سينڍل، گلاب ميربحر، ڪاڪو مبارڪ، ڪاڪو محمد سچل ڀٽو، ڪاڪو گل ڪوري، سچل ميراڻي، بابو نيڪ محمد، ڪاڪو رمضان، شعبان، دارغو هدايت الله، ڪاڪو زوار چنو، احمد زوار ۽ ٻيا الائي ڪيترا. سلام ڪبو هو ته؛ ابا ابا پئي پوندي هئي. سلام جي جواب سان گڏ دُعائون به ڏيندا هئا. فقير محمد ۽ رضا محمد، مان ۽ مختيار، عزيز الله ۽ غوثل ميربحر جھڙن، اڄ انهن جاءِ وڃي ورتي آهي. جوان اڪبر علي ڪوري، بڪين جي ختم ٿيڻ ڪري تازو وفات ڪيو، سو پورھيت ۽ شڪار جو شوقين هو. سڄو ڪچو، خاص طور تي ڪيٽي ممتاز، پيرن هيٺان لتاڙيل هيس. سندس سماجي ڳالهيون ٻُڌي، مان دنگ رهجي ويندو هيس. ڳالھ مان ڳالھ، دل چوندي هئي ته؛ ويٺو اُن سان ڪچهري ڪريان. عالم ۽ دانشور، بيزار ڪري وجهندا آهن، ڇو ته هو جيڪو پڙهي، ٻُڌائين ٿا، اُهو پاڻ به ته پڙهون ٿا. اصل ڏاهپ، حڪمت ۽ دانائي ته سماج ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ آهي. جيڪا اڻ ڇپيل ۽ اڻ ٻُڌل آهي. جن قدرن تي سنڌي سماج ناقابلِ تسخير بڻيل هو. اُهي قدر مسمار ٿي رهيا آهن.
حاجي آفتاب ڀٽي جو والد فقيرمنش هيو. سومرا به غريب مسڪين ۽ ڏاڍا قربائتا هئا. فقير صاحب جي ڪري، فقير حميده، جيڪو خواجه سرا ھيو، حج ڪري آيو. نماز به پڙهندو هو. پنهنجن فقيرن جي مڙهيءَ جو گُرو هو. اتر طرف ماڇين/سولنگين جو وڏو ويڙهو هو. وچ ۾ کڏ هوندي هئي. بوئن جو گهر؛ ڪاڪو نبن، سائين حاتم ۽ ٻيا ڪيترا ڪراڙا. انهن سڀني جو، چاچو علي خان چڱو مڙس هو. اولاد ڪو نه هيس. مڙس وڏو ڦڏائي ھيو. پيو اسان تي درخواستون ڪندو ھيو.
فقير صاحب کي پهريائين فالج جو حملو ٿيو. علاج ڪري بهتر ٿيو پر دنياداريءَ کان لاتعلق ٿي ويو. نماز پڙهندو هو. ڳالهيون وسري وينديون هيس. پئسن سان کيسا ڀري، کپائي ۽ ورهائي ڇڏيندو هو. مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن ۾ هيڏي هوڏي هليو ويندو هو. ٻيھر فالج جو حملو ٿيس. لاڙڪاڻي علاج لاءِ ڪافي عرصو رھيو.
فقير صاحب کي ۶ جولاءِ ۱۹۹۶ع تي لاڙڪاڻه ميڊيڪل سينٽر مان گهر آندو ويو ۽ ان ڏينھن ئي وفات ڪيائين. پٽن، ڀائٽين سان گڏ رانجهن فقير چنو مسلسل ساڻس گڏ رهيو. کيس نئون ديري شھر اندر مسجد جي پاسي ۾ دفن ڪيو ويو. الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي. آمين.
فقير صاحب جي زندگي مون کي سوچرائڻ تي مجبور ڪندي آهي. اعتبار ڪريو هن سڄي شهر نئون ديرو ۾ ڪو حق انصاف تي فيصلو ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آھي. عبدالرزاق ڀُٽي جي مرڻ کان پوءِ ته ست-ڪوهيءَ ۾ سُڃ آهي. غريب، مسڪين ۽ عزت دارن جي داد-رسي ڪرڻ لاءِ ڪو تيار نه آهي. ’چور ڇُٽو وڃي، ڀاڳيو ٻڌو وڃي‘ وارو قانون، لڳ لاڳاپا، پئسو ۽ اثر رسوخ گهرجي، انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ.
”علي شاھ جي علاج کان مريض مُئو چڱو، انڙ جي فيصلي کان ڍور ويو چڱو“ ننڍي هوندي کان اها چوڻي ٻڌندا اچون.
نئون ديرو شهر ۽ آسپاس جا غريب، مسڪين ۽ عزت وارا، فقير صاحب وٽ اچي مسئلن جو نبيرو ڪرائيندا هئا. نه جرگا، نه سردار. چند ڄڻا، چڱي ساک وارا ويهي فيصلو ڪندا هئا. نه چٽي، نه ڏنڊ ڏوھ. وڌ ۾ وڌ اھو ته؛ زيادتي ڪندڙ وڃي مظلوم جو تڏو وٺندو هو.
ڪچي جا کوکر، ناريجا، ککراڻي ۽ شيخ وغيره فقير صاحب جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو سڀ مڙس ماڻهو، جهڳڙالو، ويڙھو ڪنهن جي ٽين ٽين وغيره نه سهڻ وارا، فقير وٽ اچي اصل نه ڪڇندا هئا. اعتبار هوندو هين ته فقير ساڻن بي واجبي نه ڪندو. وڏي واڪ چوندا هئا؛ ”فقير ڪک ڪري، لک ڪري. هو جيڪو چوندو، اهو ئي سچ آهي. اسان کي ڪڇڻو نه آهي.“
اعتبار ڪريو. سڄي اتر سنڌ جي معاشري ۾ ماڻهو ڪو نه رهيو آهي، جيڪو عزت وارن کي عزت بحال ڪرائڻ ۾ مدد ڪري. خونن، زمينن تي قبضن، عورتن جي ڇيڙڇاڙ، چوري، اغوا ۽ دادگيريءَ، سڀني جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. رُلندا ته توهان ۽ اسان جا ڄاوا، پاڻ ته اڀرو سڀرو وقت گذاري چُڪا آهيون.
ڪنهن چيو: ”انسانيت تمام وڏو خزانو آهي، ان کي لباس ۾ نه، انسان ۾ تلاش ڪيو.“ منهنجو خيال آهي؛ فقير صاحب جو ان ڪري ماڻهو خيال ڪندا هئا ته سنڌ جو اهو وقت، هن وقت کان چڱو هو. چڱن ۽ سُٺن ماڻهن جو تعداد گهڻو هو. ماڻهو ڪنھن جا ڪانيارا نه هئا. فقير صاحب ماڻهن کي ڏک سک، بڙي بيماري، شادي غمي ۽ اوکي سوکي يعني هر وقت ڪم ايندو هو. ٻهراڙيءَ جو ماڻهو، يا پاڙي اوڙي جو غريب ماڻهو، مُنجهيل وقت ۾ جيڪو سندس ڪم ايندو آهي، تنھن کي ياد ڪري، ان احساس جي ڪري سِرُ ڏيڻ جهڙو، جوکم کڻڻ لاءِ به تيار هوندو هو. ههڙو دجالي دور نه هو جو يار به وڇونءَ وانگر ڏنگين ٿا.
الله، اسان سڀني تي رحم ڪري. آمين.