مختلف موضوع

ڏوري ڏٺم ڏيهه

هي ڪتاب ”ڏوري ڏٺم ڏيهه“ محترم استاد عاشق منگي صاحب جي يادگيرين، تاثراتن، ساروڻين ۽ سفري روئيداد تي مشتمل آهي.
ساروڻيون به خوشبودار ساهن جيان هونديون آهن، وجود منجهه اچن ۽ وڃن، ۽ جيءَ کي هٻڪاري ڇڏن. ايئن جيڪي ساروڻيون وجود منجهه اچي، جهٽجي ويون، يعني لکجي ويون، تن جي ڇا ڳالهه ڪجي! انهن جي ڪهڙِي ۽ ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي!
اسان جي مانائتي استاد، سائين عاشق منگيءَ به پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي ماضيءَ جي ڪهڪشائن مان جَهٽي ورتو آهي ۽ قلمبند ڪري، هڪ نئين حياتي ڏئي ڇڏي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4530
  • 651
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عاشق منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏوري ڏٺم ڏيهه

غلام نبي شاهاڻي صاحب: تعليمي آفيسر

اوائلي عمر ۾ صبح جو ڍڪ محلي واري گهر مان ڪتاب کڻي لاڙڪاڻي يا شھر لاءِ نڪرندو هئس ته ڍَڪ منشيءَ کي سلام ڪري اڳتي وڌبو هو. هاڻي جتي گرلس پرائمري اسڪول بلڊنگ آهي، اتي ڍڪ هوندو هو ۽ اتر طرف هُن جي رهائش ۽ آفيس هوندي هئي. مھاجرن جي خالي جڳھه، دَئي ۽ پَپي مل جي جڳھن کان پوءِ پير چوڏهو، سولنگين جا گهر، تقي شاهه مرحوم جو واڙو، سامھون غلام نبي صاحب جو هائوس. ساڳي عمارت ۽ اوطاق آهي، سواءِ آرائش ۽ مختصر ترميمن جي. روڊ جي ساڳي اتر واري قطار ۾ تقي شاهه جي حويلي، غلام قادر سپڙو، مولچند جو گهر ۽ فقير محمد عيسى مرحوم جي گهر جو دروازو ٽپي، پوسٽ آفيس واري گهٽي وٺبي هئي. دين محمد ڀٽي واري موجودھ بلڊنگ ڪو نه هوندي هئي. باقي جايون هونديون هيون. جتي ٽرانسفارمر آهي، ان جي ڏکڻ طرف، ٻارن جي راند جو ميدان هوندو ھيو. هن وقت غلام قادر مرحوم جي پٽن رياض حسين وارن جو شاپنگ سينٽر ۽ جاءِ آهي، اتي ئي مُکي آرت مل، ٿانور مل ۽ ٻيا پوڙها عامل ديوان پري کان ڏسندا رهندا هئاسين. ٿانور مل کي ٻلين ۽ ٻين جانورن سان اُنس هوندو هو. هُو ڄڻ ته نئون ديري جو جمعو فقير هيو.
تـقي شاهه اصل ۾ ميرپور ڀرسان، ھڪ ڳوٺ جو هيو. فقير صاحب، ڀُونڀٽ پور جو ۽ شاهاڻي صاحب، عزت جي وانڍ ڀرسان، شاهاڻين جي ڳوٺ جو ھيو. تعلق، زميندار گهراڻي سان ھيس. ٻني ٻاري، اوطاقن اندر پٽڪي اجرڪ واري ثقافت ۽ سنڌ جي ٻھراڙي وارين ريتن رسمن جو انسائيڪلوپيڊيا هيو. تتر، ڦاڙها، ماکيون، سنڌوءَ جي ڪناري جهنگ ۽ پاڻي چڙهڻ جا نظارا ننڍي کان وٺي ڏٺل هئس.
شاهاڻي صاحب سان منھنجي واقفيت، پنھنجي چاچي عرض محمد منگي مسوديرائيءَ جي ڪري ٿي. هُن جي عمر ۷۵ کان ۸۰ سالن تائين ٿيندي. غلام نبي مرحوم جو مسوديري جي سردارن سان، غلام الرسول جلباڻيءَ کان وٺي تعلق رهيو. اسڪول وزٽ ڪرڻ ايندو هو ته وٽن به ويندو هو. سڀ عزت ڪندا هئس.
اميد علي ڪٽپر، منھنجي ويجهن دوستن مان آهي. گهٽين ۽ روڊن تي رُلندي شاهاڻي صاحب ملندو هو ته کيس سلام ڪري وٺبو هو ۽ اهو سلسلو آخر تائين قائم رهيو. پاڻ اڪثر ٻڌائيندو هو ته مان هتي پڙهڻ دوران، اميد عليءَ جن جي گهر رهندو هئس. سائينءَ جن پڙهي استاد بڻيا. ڪافي سينئر ٽيچر جيڪي پاڻ به رٽائر ٿي چڪا آهن، اُهي هن جا شاگرد آهن. بعد ۾ ماسترن جو صاحب بڻيو. سينيارٽيءَ تي هاءِ اسڪول هيڊ ماستر بڻيو. فور ويل گاڏيءَ وارو آفيسر به ٿيو. تعليمي آفيسرن ۾ واحد آفيسر هيو، جنھن وٽ ذاتي گاڏي به هوندي هئي.
سنڌ جو اهو عجيب محبتن وارو دور هيو جڏهن شھري ماڻھو، ٻھراڙيءَ جي ٻين برادرين ۽ غريب مائٽن جي ٻارن کي پاڻ وٽ سالن جا سال رهائيندا هئا. ائين سوين نه، پر هزارين ٻھراڙيءَ جا ٻار، پڙهي آفيسر ۽ ڪامورا بڻيا. منھنجا ڪجهه دوست چوندا آهن؛ ڳوٺان گوڏ پائي ايندا هئاسين، سلوار اسڪول ٻاهران پائيندا هئاسين. غربت جو دور هوندو هو، پر ماڻھن جون دليون شھنشاهه هونديون هيون. اُها سنڌ ئي الائي ڪاڏي اُڏامي وئي!
شاهاڻي صاحب گهر جو وڏو هئڻ سان گڏ، تعليمي آفيسر به رهيو، تنھنڪري وٽس هميشہ هارين نارين، ماسترن ۽ مھمانن جي اچ وڃ نظر ايندي هئي. حسين شاهه راشدي، مرحوم علڻ فقير ۽ ٻيا ڪيترا ئي مشھور عالم دانشور ۽ شاعر ايندا رهندا هئا. مون کي حيرت تڏهن ٿي هئي جڏهن ٽه-ماهي مھراڻ رسالي وارن ناياب خط ۽ تصويرون شاهاڻي صاحب جي ٿورن سان شايع ڪيا هئا. ڪافي علمي اهم شيون، وٽن ٻيون به محفوظ آهن.
۱۵-۱۰ سال اڳ، سماجي ثقافتي سنگت نئون ديرو جو بنياد شاهاڻي صاحب جي اوطاق تي رکيو هيوسين. خادم صيف شاهاڻي، عبدالغفار ڀٽي، غلام حسين ڪٽپر، منٺار علي سولنگي، ابراهيم خليل ۽ مان ان گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ هئاسين. مقصد هيو ته؛ ڪجهه لکڻيون گڏ ڪري، نئون ديري تي ڪتاب ڇپرائجي. ٻي گڏجاڻي ڀَٽي صاحب جي اوطاق تي ٿي. واري سان ٻئي هنڌ به گڏجاڻيون ٿيون. مان الڳ ٿي ويس. ڀَٽي صاحب ڪراچيءَ هليو ويو پر پوءِ به ڪم هلندو رهيو. ڪافي مواد گڏ ٿيڻ کان پوءِ، اهو ڇپجي نه سگهيو.
مان پنھنجي ذميوارين ۾ خيانت، نه پاڻ ڪندو آهيان ۽ نه ٻين کي ڪرڻ ڏيندو آهيان، تنھنڪري ميڙن ۽ محفلن مان نڪري، وڏا ساهه کڻي، گهر ۾ اچي لِڪي ويھي رهندو آهيان. سنڌين کي اڃا ايتري ساڃاهه ڪٿي آئي آهي جو هو مون سان هلي سگهن. بدديانتي ۽ منافقي مون کي نه وڻندي آهي. سڄي عمر اڪيلو رهيو آهيان، ڇو ته ٻين جو مزو وڃائڻ به نه چاهيندو آهيان. منھنجي پنھنجي دنيا آهي.
سرنھن جي ڦولارن جو رقص وڻندو آهي. کيڙھيءَ ۾ هلندي ۽ ڀترن تان ڪرندي، مزو ايندو اٿم. بھار ته سڀني کي وڻندو آهي پر خزان جي موسم ۾ ٽھڪ ڏيڻ ۽ سڪل يا ڪومايل گلن کي ڏسي، اکين ۾ ڳوڙها آڻڻ، عاشقن جي روايت آهي. مان روايتن جو پابند، پاڻ وڻائي نه سگهيو آهيان، تنھنڪري ڪنڊائتو وقت گذاريان ٿو.
مان هميشه پاڻ کي ماستر سمجهيو آهي. دانشور ٿيڻ، منھنجي وس جي ڳالهه به نه آهي. ماستريءَ جي ذميوارين ئي مون کي نپوڙي ڇڏيو آهي. انھيءَ طبيعتي مزاج سان، شاهاڻي صاحب سان عبدالخالق جي دوڪان تي ڪافي علمي گفتگو ٿيندي رهندي هئي. هر سال گرمين ۾، منجهند ڌاري، عبدالرحمان ڪنڌر سان سندس ڪپڙي جي دوڪان تي وڃي، ڪچھري ڪندو آهيان. اُتي گذريل سانوڻ ۾ شاهاڻي صاحب به اچي ويھندو هو. هر موضوع تي ڪچھري ڪبي هئي. ڏاڍي ٻُڌ سُڌ، ڏيٺ ويٺ ۽ لڳ لاڳاپا مرحوم جا هئا. وڏي عمر هوندي، صحتمند هوندو هو. پنھنجي کائڻ پيئڻ ۽ خوراڪ جا قصا ٻڌائيندو هو. مون کي ڪو مسئلو يا نئون ديري بابت معلومات نه ملندي هئي ته سائينءَ کان پڇي وٺندو هئس.
پاڻ هڪ رمضان جي آخر ڏھي دوارن، مسجد اندر اعتڪاف ۾ به ويٺو هو. حج به ڪري آيو هو. سندس پٽن خادم حسين ۽ خالد حسين سان، پاڙيسريءَ وارا لاڳاپا آهن. خادم حسين اوطاق تي ادبي گڏجاڻيون سڏائيندو آهي. دوستن کان حال احوال ملندو رهندو آهي. شاهاڻي صاحب وٽ فرنٽ جو سربراهه ۽ سندس پٽ امير بخش خان ڀٽو ايندا رهندا آهن. اهڙيءَ طرح زميندار، آفيسر، مٽ مائٽ ۽ يارن دوستن جون گاڏيون بيٺيون هونديون آهن.
مرحوم فقير محمد عيسى سان، ڏاڍي عقيدت هوندي هيس. حاجي صاحب به هُن جي عزت ڪندو هو. وفات کان صرف هڪ ڏينھن اڳ ۾، عبدالرحمان ڪنڌر کي گهرايائين. هُن سان ڪچھري به ڪيائين ۽ کانئس دُعا به گهرايائين. اِها ڳالهه فقير مون سان پاڻ ڪئي. جيڪي ويٺا هئاسون اُهي حيرت ۾ پئجي وياسون ته ”ڇا ته موت آ!“ خوش چڱو ڀلو ائين هليو ويو.
مون کي پڪ آهي ته اُن ڌرتيءَ مان منھنجو وجود،
ائين ڪو نه پيدا ڪيو ويو هو،
جنھن مون کي ان ڌرتيءَ مان پيدا ڪيو،
وري ان ئي ڌرتيءَ ڏانھن مون کي ٻيھر موٽايو. (عمر خيام)
شل! اللهﷻ مرحوم کي پنھنجي رحمت ۽ فضل سان جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين.