سنڌي ماڻھن جي سياسي ۽ سماجي سوچ
دنيوي مسئلن جي ڪري، طاقتور ۽ منظم ڌرين زمين تي ليڪا ڪڍي، تنھنجي، منھنجي ۽ پنهنجي روپن ۾، زمين جي ٽُڪرن/خِطن تي جدا جدا ملڪن جا نالا ڏئي، ڏاڍ-مڙسيءَ جي زور تي مستقل نقشا بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. هيءُ عمل ايستائين جاري رهندو، جيستائين ”حضرت انسان“ مھذب نٿو بڻجي يا مختصر لفظن ۾؛ ”ٻين جي حقن جو احترام نٿو ڪري ۽ انساني رت وهائڻ کان باز نٿو اچي.“
هن ڌرتيءَ تي سچائيءَ سان امن قائم ڪري سگهجي ٿو. بندوق ۽ ڏاڍ-مڙسي، آخر ڪيستائين؟ ڇا انگلينڊ وارا انگريز، آئرلينڊ وارن ”آئرش“ تي سوين سال ظلم ڪرڻ، بندوقن جي ٺڪائن ۽ رت وهائڻ سان کين مطيع ڪري سگهيا؟ ڇا سٺ سالن کان اسرائيل، فلسطيني ويڙهاڪن کي زير ڪري سگهيو آهي؟ توڙي جو پورو يورپ ۽ آمريڪا، اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري پيو.
پھرين ۽ ٻي عالمي جنگين ظالمن جون چيلھيون چٻيون ڪري ڇڏيون ۽ مظلوم قومن کي آزاد ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. ائين آهستي آهستي ۱۹۲ ملڪ خود-مختيار بڻجي چڪا آهن. انھن ملڪن جي حدن ۾ وري مظلوم قومون آزاد ٿيڻ لاءِ، مرڻ مارڻ واري جدوجھد ۾ ڪوشان آهن؟ تامل، تبتي، ڪشميري، چيچن، ڪُرد ۽ فلسطيني وغيره منجھانئن بلڪل ٿورا نالا آهن. ڪن جون دانھون ڪُوڪون ۽ ظلم جا داستان، اسان جي ڪنن تائين پھتا آهن ته ڪن کان ناآشنا آهيون. اڄ جيڪي غلاميءَ جي ننڊ سُتل آهن، اُهي صبحاڻي اُٿي، آزادي آزادي پڪاريندا.
منھنجو ايمان آهي ته هڪ ڏينھن ڪو به آقا يا غلام نه رهندو، پر وتائي فقير چواڻي؛ ”سڀ ڪجهه کنگهڻ کڙڪڻ سان ٿيندو.“ جيڪڏهن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ جَبر جَهڪو نه ٿيو ۽ تيزيءَ سان استحصال ٿيندو رهيو ته هتان جون مظلوم قومون، بک، بيروزگاري، بدحاليءَ ۽ بدامنيءَ کان تنگ ٿي پِڙُ ڪڍنديون.
مائوزي تنگ چيو آهي؛ ”طاقت، بندوق جي ناليءَ مان جنم وٺندي آهي.“ هٿيارن جو نه دين آهي ۽ نه ڌرم. هٿيار هٿ ۾ کڻڻ سان صرف انساني رت رائيگان ٿيندو آهي. جنگ ۾ اخلاق پاسيرا ٿي ويندا آهن، ۽ ٻيو سڀ ڪجهه جائز سڏيو ويندو آهي.
ظالمُ پنھنجا ٺٺ ٺانگر برقرار رکڻ لاءِ، سجاڳ ذهنن ۽ ان جي پوئلڳن کي رتورت ڪندو آهي ۽ مظلوم ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن جي عزت، غيرت ۽ ڳڀي لاءِ پنھنجي جان ڏيڻ کي مزيدار راند سمجهندا آهن. مجبور، لاچار ۽ بيوس قومون ٻيو ڪري به ڇا ٿيون سگهن. جڏهن آفاقي مذهب، هن ڌرتيءَ تي امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهن. يونائيٽيڊ نيشنس آرگنائيزيشن صرف ٽاڪنگ سينٽر بڻجي، سٺ سالن کان ڪشمير ۽ فلسطين جي قراردادن تي عمل ڪرائي نه سگهن ته باقي ٻيو ڪھڙو دڳ ٿو بچي. ان رستي وسيلي ئي هر مظلوم قوم پنھنجي تقدير پاڻ ٺاهي سگهي ٿي.
ڪڏهن حضرت ابراهيمؑ خدا جي راضپي ۽ پنھنجي قوم جي آجپي لاءِ باهه جي اوڙاهه ۾ ٽپي پيو هو. ڪڏهن چي گويرا، ڪيوبا جي وزارت، عيش ۽ آرام ڇڏي رڻ جو راهي بڻجي سميت موت سان ملڻ لاءِ نڪري پيو هو. اهڙن جذبن ۽ قربانين سان قومن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن.
مصر جو جمال ناصر، ويٽنام جو هوچي منهه، فلسطين جو ياسر عرفات، مون کي ڏاڍو وڻندا آهن. ڊاڪٽر مصدق ايران وارو، عدنان مينڊرس ترڪيءَ وارو، انڊونيشيا جو سوئيڪارنو ۽ ٻيا اهڙا، منھنجا هيروز آهن. ايران جي خمينيءَ شھنشاهيت خلاف ڪامياب هلچل هلائي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. آسمان اهڙا انقلاب ويجهي ماضيءَ ۾ تمام گهٽ ڏٺا آهن. اسان سڀني جو حق آهي ته يورپ ۽ آمريڪا جي رهاڪن وانگر، پنھنجي ڌرتيءَ تي امن، سڪون ۽ آسائش سان رهون. غاصب قوتن کي پنھنجون ترجيحات تبديل ڪرڻيون پونديون. انشاءَ الله انگريز سرڪار، گڏيل هندوستان جي جدا جدا ملڪن، قومن ۽ رياستن کي فتح ڪري جيڪا پنھنجي سلطنت قائم ڪئي هئي، ان کي بغير سوچ ۽ سمجهه جي، عقل ۽ حقيقت جي برعڪس، پنھنجي مذموم عزائم خاطر، ننڍي کنڊ کي مسلم ۽ هندوءَ جي بنياد تي ورهائي پنھنجا هٿ پٽي ويو. نتيجي ۾ ٻئي ملڪ وڙهڻ لڳا ۽ ٽي دفعا بي نتيجا جنگيون وڙهيون ويون. اوڀر پاڪستان بنگلاديش بڻجي ويو پر ڪشمير جو مسئلو اتي جو اتي رهيو.
اڄ به ٻئي ملڪ، بارود جا ڍير گڏ ڪري رهيا آهن ۽ ٻنھي ملڪن جو عوام، تعليم ۽ صحت سان گڏ ٻين بنيادي سھولتن کان محروم آهن. ٽينڪن ۽ جھازن، بندوقن ۽ ائٽم بمن ٺاهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي. مسئلا ٽيبل تي به حل ٿي سگهن ٿا پر حق ۽ سچ جي واٽ وٺڻ لاءِ، ٻئي ملڪ اڃا تيار نه آهن.
۱۹۴۷ع ۾ گڏيل هندوستان جو ورهاڱو ٿيو. آقا انگريز جو زور ٽٽو ته غلام هندو ۽ مسلمان هڪٻئي تي ٽٽي پيا. ايڏو انساني رت وهيو جو غيرتمند انسانن جو ڪنڌ شرم کان جُهڪي ويو. گانڌيءَ کي هڪ ڪٽر هندوءَ ان ڪري گولي هڻي قتل ڪيو هو، جو ھو مسلمانن کي مارڻ کان منع ڪري رهيو هو.
سنڌ ۾ اڀاڳن ماڻھن، اڳ ۾ الله بخش سومري کي ان ڪري ماري وڌو هو جو هو ڪانگريسي هيو. مون کي عمر جي آخري حصي ۾ اهو احساس ٿيو آهي ته؛ شھيد سومرو، سائين جي ايم سيد کان به وڌيڪ ذهين هيو. هُن جي سوچ، سنڌ جي فائدي ۾ هئي. سڀ ڪجهه ته ڇڏيو، هن وقت تائين ۱۹۴۰ع واري قرارداد پاڪستان تي به عمل درآمد ٿي نه سگهي آهي. سومري صاحب جا قاتل به سنڌي، پلاننگ ڪندڙ به سنڌي. ڪتاب ڀريا پيا آهن، پڙهڻ سان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا.
۱۸۴۳ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ٽالپر حڪمرانن کي ٽڪيٽ وٺرائي. ۱۹۰۶ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ٺھي، جنھن جي ٺاهڻ ۾ ميجر رول بنگالين جو هيو. قائداعظمؒ ۽ ٻيا سنڌي، بعد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. خلافت تحريڪ کان پوءِ جان محمد جوڻيجو، سائين جي ايم سيد، ميران محمد شاهه، عبدالمجيد سنڌي، عبدالله هارون، عبدالستار پيرزادو، محمد ايوب کھڙو ۽ سر شاهنواز ڀٽو وغيره نمايان مسلم ليڊر هئا. هندو اڳواڻ، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا، هو ڪانگريسي هئا.
۱۹۳۶ع واري سنڌ اسيمبلي، ٻي عالمي جنگ جي ڪري ۱۹۴۵ع تائين ڪم ڪندي رهي. سائين جي ايم سيد سنڌ جون حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ اسيمبليءَ جي نئين چونڊ کان اڳ سائين جي ايم سيد ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ آخر ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي “Two Nation Theory” جي بنياد تي پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.
آزاد ملڪ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي ڏکوئيندڙ وفات، لياقت علي خان جو راولپنڊيءَ ۾ قتل، ون يونٽ جو ٺھڻ، ۱۹۵۶ع جو آئين ٺھڻ، آئين ختم ڪرڻ ۽ جنرل ايوب جي مارشل-لا، ڀٽي صاحب جو وزير خارجه بڻجڻ، ۱۹۶۲ع جو آئين، ايوب خان ۽ محترمه فاطمه جناح جي اليڪشن، ۱۹۶۵ع واري پاڪ-ڀارت جنگ، معاهده تاشقند، ايوب خان ۽ ڀٽي صاحب وچ ۾ اختلاف، سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٺھڻ، ڪميونسٽ لبرل ۽ کاٻي ڌر (سنڌ ۽ پنجاب صرف) جي ڀٽي صاحب جي حمايت ۽ پ پ جي شرڪت ۽ ڪن جي پارٽي کان ٻاهر رهي حمايت ڪرڻ، ايوب خان جي حڪومت، سول سوسائٽي جي احتجاجن ڪري ختم ٿيڻ، آئين ختم ڪري جنرل يحى جو اقتدار ۾ اچڻ، پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو فيئر اليڪشن ٿيڻ، نتيجي ۾ ”مجيب ۽ ڀٽو“ فيڪٽر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيا. سگهارين ڌرين مجيب کي اقتدار کان پري رکيو. ۱۹۷۱ع واري پاڪ-ڀارت جنگ، بنگلاديش جو ٺھڻ، ڀٽي صاحب جو مغربي پاڪستان واري پاڪستان ۾ اقتدار سنڀالڻ، هن ملڪ جا تمام وڏا سياسي واقعا آهن. ڀُٽي صاحب، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر طور حلف کنيو. مارشل-لا ختم ڪيائين، ۱۹۷۳ع جو آئين ڏنائين. روٽي، ڪپڙا اور مڪان جي انتخابي منشور تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيائين، صنعتون قومي تحويل ۾ ورتائين، شمله معاهدو ڪري، انڊيا کان جنگي قيدي ۽ علائقا آزاد ڪرايائين. ڀُٽي صاحب جو وڏو ڪارنامو اسلامي سبراهي ڪانفرنس ڪوٺرائن چيو وڃي ٿو. حزب اختلاف وارن تي سختي ٿي. حيدرآباد ڪيس ۾، ولي خان کان وٺي بلوچ رهنما ۽ سنڌي دانشور وغيره قيد ٿيا. قومپرست ۽ کاٻي ڌر وارن سوشلسٽ کان سواءِ مذهبي جماعتن ۽ مسلم ليگ وارن ”نو جماعتي“ اتحاد جوڙي پ پ وارن جي خلاف ڌماچوڪڙي مچائي ڏني. جماعت اسلامي ۽ مولانا مفتي محمود جي منظم ڪارڪنن سان گڏ ليگي اڳواڻن، آمريڪا جا مليل ڊالر پاڻيءَ وانگر وهايا.
ڀُٽي صاحب جو اقتدار ۾ اچڻ، مان ائين سمجهندو آهيان ڄڻ ۱۸۴۳ع کان پوءِ پھريون دفعو ڪنھن سنڌي ماڻھوءَ کي اقتدار جي مسند ۽ طاقت هٿ آئي هجي. پاڪستان گورنمينٽ جي نالي، راءِ گهراڻي واري سنڌ، ڀٽي صاحب جي حدن ۾ اچي چُڪي هئي، پر جيئن بھار جي موسم مختصر ٿيندي آهي، تيئن اسان جا خواب به ساڀيان ٿي نه سگهيا هئا.
تِر جي گُٿي سؤ چوٽون کائي. هاڻي ته ظلم ۽ فتني جي انتھا ٿي چُڪي آهي. گهر ۾ به محفوظ ڪو نه آهيون. جڏهن مسيحا مٽجي وڃن، ڪوڙ ۽ دولاب جو بول بالا هجي ته انسان جي سوچ جواب ڏئي ٿي ڇڏي، کري ۽ کوٽي جي تميز نڪريو وڃي. جانورن وانگر صرف پيٽ پالڻ، سڀ ڪجهه بڻجيو وڃي. عزت، غيرت ۽ وقار جي ڳالهه، تماشو بڻجي وڃي ته پوءِ ڇا ڪجي؟
ڀُٽي صاحب جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، زرعي ۽ اقتصادي اصلاحات جو اعلان ٿيو. سنڌ ۾ زرعي اصلاحات بلڪل ناڪام ٿيا. ائين ئي ايوب خان جي دور ۾ پڻ هتي عمل در آمد نه ٿيو هو. چوڻ وارا چون ٿا ته پنجاب ۾ زرعي اصلاحات تي عمل ٿيو، جنھنڪري اتي جي هارين کي زمينون مليون پر سنڌ ۾ صرف کاتن جي مَٽ ٿي. فيملي ميمبرن سان گڏ، ڪمدارن، ٽوهن ۽ هارين جي نالن تي کاتا راتورات ٺھي ويا. غريب هارين لاءِ جھڙا زرعي اصلاحات آيا تھڙا نه. پنجاب ۾ زرعي اصلاحات دوران، اتان جي هارين کي گهڻو فائدو مليو. وڏيرن، جاگيردارن جون زمينون گهٽجي ويون ۽ هر-هاري زمينن جا مالڪ بڻجي ويا. چوڌري پنھنجا ٺٺ ٺانگر برقرار رکڻ خاطر، صنعتي يونٽ ۽ فروٽ فارم لڳائڻ لڳا، جنھن لاءِ حڪومت سھولتون ۽ قرض ڏئي رهي هئي. ان جي برعڪس سنڌ ۾ زرعي زمين گهڻي پر پيداوار بلڪل گهٽ. وڏي مصيبت اها ٿي ته بئراجن جون سرڪاري زمينون، مقامي سنڌي هارين جي بجاءِ غيرحاضر غير سنڌي زميندارن کي ڏنيون ويون.
پاڻيءَ جي کوٽ، موسمي ڦيرين گهيرين ۽ برساتن ۾ طوفانن جي ڪري سنڌ جي زرعي پيداوار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ڪچي جو جهنگ ۽ ٻيلا تباهه ٿي ويا. پيداوار مھانگي ٿي وئي. سرڪار جي عدم توجهيءَ ڪري ڏوهه وڌڻ لڳا ۽ آٽوميٽڪ هٿيار ۽ نشي آور شيون، سرعام وڪرو ٿيڻ لڳيون. لاڙ ته سامونڊي طوفانن ۽ برساتن ڪري پنھنجي جيئڻ جي سگهه وڃائي ويٺو هو.
آهستي آهستي، ڀٽو مخالف قوتون گڏ ٿيون. ڀٽو صاحب پريشر ۾ اچي، سوشلزم تان هٽي، مذهبي جماعتن جي مطالبن کي مڃڻ لڳو. مثلاً جمع موڪل ڪرڻ، شراب تي پابندي ۽ صنعتون واپس مالڪن جي حوالي ڪرڻ. پر ملا ۽ مولوي بضد رهيا ته؛ پ پ پ، حڪومت کان الڳ ٿئي. اليڪشن ۾ ڌانڌليءَ جي بھاني هنگاما وڌي ويا. پوليس ۽ ريجنرز بيوس بڻجي وئي. آخر فوج اقتدار تي قبضو ڪيو. جنرل ضياءُ الحق ۽ ڀٽي صاحب وچ ۾ مريءَ ۾ ڳالھيون ڪامياب ڪو نه ٿيون. آخر ڀٽي صاحب کي خون جي ڪيس ۾ ججن جي بنياد تي ڦاسيءَ جي ڦندي تي پھچائي کيس شھيد ڪيو ويو.
سڄي سنڌ تي هڪ وڏو پھاڙ ڪري پيو هو. سڄي معاشري کي ڄڻ نانگ سُنگهي ويو هو. ايڏي ماٺار ۽ خاموشي ڇانئجي وئي هئي جو ڇا چئجي. ڪنھن کي ڄڻ يقين ڪو نه پيو اچي ته هي ڇا ٿي ويو. آخر اهو لاوو تڏهن ڦاٽو، جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ۽ سنڌ پنھنجو قرض ۽ فرض پورو ڪري پاڻ ملھايو هو. سنڌي وڏيرا هتان جي ماڻھن جو ايڏو جوش ڏسي ڊڄي ويا هئا، جنھنڪري Objective حاصل ڪو نه ٿيو هو.
ملڪ جي اندروني حالتن کي ڏسندي ۽ ٻاهرئين دٻاءَ تي جنرل ضياءُ الحق اليڪشن جو شيڊول ڏنو. پ پ پ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ڪافي تڪليفون سٺيون. جيل ۽ نظربنديءَ سان گڏ بيگم صاحبه تي لاهور ۾ ايتريون لٺيون وسايون ويون جو بيگم صاحبه سڄي رتورت ٿي وئي هئي. محمد عرس جوکيو به سخت زخمي ٿي پيو هو. مير مرتضى، الذوالفقار تنظيم ٺاهي ضياءَ خلاف هٿياربند جدوجھد هلائي هئي. جھاز اغوا ڪرڻ سان گڏ هن جا ماڻھو ٻيون ڪارروايون پڻ ڪندا رهيا. جن جو اعلان حڪومت ڪندي رهندي هئي. اليڪشن جي نتيجي ۾ جوڻيجو حڪومت اقتدار ۾ آئي. بعد ۾ جوڻيجي صاحب کي گهر اماڻيو ويو. افغان جنگ جي ڪري جنرل ضياءَ من مانيون ڪندو رهيو. آخر جھاز حادثي ۾ هو ۽ سندس دور پورو ٿيو.
اسحاق خان، سينيٽ جو چيئرمين، صدر بڻيو. اليڪشن ٿي، محترمه اقتدار ۾ آئي پر اهو اقتدار مشروط چون ٿا. هتان جي ماڻھن تي ڪجهه مرهم پيو، ڏک ڏور ٿيا. نوڪريون مليون، روزگار وڌيو پر بدامنيءَ تي ڪنٽرول ڪو نه ٿي سگهيو. گهڻو ڪجهه اقتصادي طور فائدو مليو پر سنڌ جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا. وقت کان اڳ، پ پ پ جي حڪومت ختم ٿي. نواز شريف اقتدار ۾ آيو جيڪو جنرل ضياءَ جي دور ۾ پنجاب مان اڀري آيو هو. بعد ۾ اليڪشن ۾ محترمه وري اقتدار ۾ آئي. مولانا فضل الرحمان سندن پارٽنر بڻيو. مير مرتضى جي شھادت کي جواز بڻائي. محترمه جي حڪومت ختم ڪئي وئي. وري ٻيو دفعو نواز ليگ اقتدار ماڻيو، جنھن کي جنرل مشرف ۱۹۹۹ع ۾ ھٽائي ڇڏيو.
نواز شريف ٿورو عرصو جيل ۾ رهڻ کان پوءِ، ڳجھي معاهدي هيٺ سعودي ھليو ويو. محترمه ۸ سال جلاوطن رهي. آصف صاحب جيل ۾ رهيو.
محترمه صاحبه برطانيه ۽ آمريڪين جي ٽياڪڙيءَ ڪري N.R.O تحت پاڪستان آئي ته نواز شريف سعودين جي معرف N.R.O مان فائدو وٺندي پاڪستان آيو. اهڙيءَ طرح ايم ڪيو ايم ۽ ٻين به وهندڙ گنگا مان اشنان ڪيا.
محترمه جيئن ئي ڪراچي ايئرپورٽ کان مزار قائد اعظم ڏانھن جلوس ۾ اچي رهي هئي ته بم بلاسٽ ٿيو. محترمه بچي وئي، پر ۱۵۰ ڪارڪن موت جي غار ۾ هليا ويا ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿيا. روڊن تي ماڻھن جو سمنڊ پنھنجي پنھنجي ماڳ موٽي ويو. اهو ڏينھن خميس ۲۰۰۷-۱۰-۱۸ هو.
بعد ۾ محترمه جا ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي وغيره جا دورا ڏاڍا ڪامياب ٿيا. محترمه جي بيباڪ لھجي سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. وڪيلن جي تحريڪ اڳ ۾ ئي مشرف خلاف ڪاميابيءَ سان هلي رهي هئي. ججن جي بحاليءَ لاءِ ان تحريڪ ۾ محترمه وڌيڪ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيو. فطري ڳالهه آهي ته مشرف پاڻ ۽ هن جي حڪومت پريشان ٿي ويا. مشرف طرفان ۽ ٻين وزيرن واتان، معاهدي N.R.O جي پ پ پ طرفان ڀڃڪڙيءَ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون.
جيئن ته ڪراچي واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس نه ورتو ويو ۽ سازشن کي محترمه سمجهندي به محتاط ٿي نه سگهي. آخر راولپنڊي سانحو ٿيو ۽ محترمه اوڏانھن اڏامي وئي، جتي هر ڪو ويندو آهي. محترمه جي شھادت تي ڀٽي صاحب ۽ مرتضى جي سانحن جي برعڪس سڄي سنڌ ۾ باهيون ٻري ويون. سنڌين ڪڏهن به اهڙو احتجاج ائين رڪارڊ نه ڪرايو آهي. پھريون دفعو سنڌي ماڻھن قانون هٿ ۾ کڻي، مشتعل ٿي، حڪومت کي لِڪڻ تي مجبور ڪيو. سمجهدار ۽ سنجيده ماڻھن جو خيال آهي ته؛ حڪومت جي اها پاليسي هئي ته ڀل سرڪاري ۽ عوامي نقصان ٿئي. ورنه ته پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان نقصان گهٽائي سگهجي پيو. ٽي ڏينھن، لڳي پيو ته سنڌ اندر حڪومت نالي ڪا شيءِ نه هئي. پ پ پ وارن تي حڪومتي ڪارندن الزام هنيو ته؛ هي ڪم انھن جي ئي ڪارڪنن جو آهي پر هنن مدلل جواب ڏنو ته اسان کي هوش ئي ڪٿي هيو. اسين ته سوڳ ۾ ورتل هئاسون. اهو ڪم يا ته حڪومت وارن پاڻ ڪيو آهي يا ڏوهاري ماڻھن جو آهي.
اليڪشن هڪ دفعو ملتوي ڪري ۱۸ فيبروري جي تاريخ ڏني وئي. سنڌ ۾ پ پ پ اڪثريت سان کٽي آئي. مرڪز ۾ پ پ پ کي اڪثريت ملي پر پنجاب مان پ پ پ نمبر ٽو بڻي. پھرين پوزيشن مسلم ليگ (ن) حاصل ڪئي.
سرحد ۾ عوامي نيشنل پارٽي پھرئين نمبر تي ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ق) سوڀاري ٿي، جيڪي بعد ۾ سڀ جو سڀ، سواءِ هڪ ٻن جي، پ پ پ ۾ شريڪ ٿيا. آزاد اميدوارن جي اڪثريت کٽيو، جيڪي حڪمران جماعت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اليڪشن وڙهندا آهن.
آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ موومينٽ APDM مان، جماعت اسلاميءَ ۽ تحريڪ انصاف وغيره اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو. بھرحال، صدر صاحب لاءِ، اليڪشن بھتر نتيجا نه آندا ۽ هو اڄ تائين پريشان آهي. پ پ پ، مشرف جي مبھم مخالفت ڪري رهي آهي. جڏهن ته نواز ليگ وارا صاف اعلان ڪري رهيا آهن ته صدر صاحب سان اسان جو گذارو نه ٿيندو.
محترمه جي شھادت ڏاڍي ظالمانه ۽ بي رحمانه نموني ٿي. اڃا به وڌيڪ ڏکوئيندڙ عمل اهو آهي ته هن جي ايف آءِ آر انھن نالن تي ٿيل نه آهي، جن لاءِ محترمه پنھنجي زندگي ۾ خدشو ڏيکاريو هو. انٽرنيشنل ميڊيا ۽ اخبارن وغيره ۾ اُهي نالا اچي چڪا آهن، جيڪي هڪ آمريڪي سينيٽر وغيره جو حوالو ڏين ٿا. شل! اقوام متحده جي مستقبل واري جاچ ٽيم، حق ۽ سچ جي واٽ وٺي. عوام تائين اها راز جي ڳالهه پھچائڻ ۾ ڪامياب ٿئي. حق ۽ سچ منظر عام تي اچڻ گهرجي. ناحق نه ٿيڻ گهرجي. هونءَ ته ماضيءَ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيس وقت جي دز ۾ لٽجي ختم ٿي ويندا آهن. عوام، جيڪو طاقت جو سرچشمو آهي، اُن کان هر ڳالهه اوجهل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. باقي ڊرائنگ رومن ۽ وڏين گاڏين وارن کي سڀ خبر هوندي آهي. مون کي اميد آهي ته پ پ پ، ظالم ڌر کي نروار ڪندي. اهو ئي هڪ طريقو آهي، جنھن سان سنڌي ماڻھن جي ڦٽن تي مرهم رکي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن پ پ پ وارن ٿوري به پرده داري ڪئي ته سنڌ جو مستقبل ڏاڍو ڀوائتو لڳي ٿو. ڪو ڪنھن تي اعتبار نه ڪندو. صرف لالچي، دغاباز ۽ ٺڳن جا جاوا ٿيندا.
انھيءَ تناظر ۾ پاڪستان جي صوبن جو مختصر سياسي جائزو وٺون ٿا.
صوبو سرحد (هاڻي خيبر پختون خواه)
باچا خان فيملي ۾ ولي خان ۽ بيگم نسيم ولي خان جو ڪردار، سرحد جي عوام جي ترجماني ڪندڙ رهيو آهي. هو ائين مقبول رهيا آهن، جيئن سنڌ ۾ شھيد ڀٽو. جيئن بيگم نصرت ڀٽو، ڀٽي صاحب جي جيل وڃڻ کان پوءِ پ پ پ جي قيادت سنڀالي، ائين ولي خان جي اسي واري ڏهاڪي ۾ بغاوت ڪيسن جي ڪري بيگم نسيم ولي خان پنھنجي پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي. ولي خان ڏاڍو ذهين سياستدان هيو. ڀٽي صاحب ۽ ضياءُ الحق لاءِ هڪ دفعو چيو هئائين؛ ”ايڪ قبر هي، ديکتي هين ڀٽو اور جنرل مين سي ڪون اُس مين جاتا هي.“
پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌ مان عبدالحميد جتوئي ۱۹۷۳ع جي آئين تي اختلاف رڪارڊ ڪرايو هو.
مولانا مفتي محمود جو تعلق به سرحد صوبي سان رهيو آهي. جمعيت علماءِ اسلام جو سربراهه، سادگي پسند ۽ پاڪستان جي سياست ۾ نيڪ ماڻھو هيو. پر ضياءُ الحق کي هو به ڀٽي صاحب وانگر سمجهي نه سگهيو هو.
مسلم ليگ (قيوم گروپ) قيوم خان جي مرڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي. هن وقت اسفنديار ولي، مولانا فضل الرحمان، شير پائو، مسلم ليگ (ق)، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار اسيمبلي جا ميمبر آهن. اي اين پي، پ پ پ ۽ آزاد اميدوارن گڏجي حڪومت ٺاهي آهي. جماعت اسلاميءَ جا گذريل حڪومت ۾ وزير ۽ ميمبر هئا پر هن دفعي هنن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.
مختصراً چئي سگهجي ٿو ته مذهبي سوشلسٽ، قومپرست، ليگي، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار پنھنجي عوام جي نمائندگي ڪن ٿا.
صوبو بلوچستان
پاڪستان ٺھڻ وقت، بلوچستان کي صوبي جو درجو مليل ڪو نه هو. بلوچ خطي ۾، قلات خودمختيار رياست هئي، جيئن سنڌ ۾ خيرپور ميرس رياست هئي. ائين خان آف قلات جو به معاهدو ٿيل هو. پاڪستان ٺھڻ کان وٺي بلوچن جو ڏاڍو رت وهيو آهي. هنن جي قبائلي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو. ايوب خان جي دور ۾ قومپرستن جي حڪومت ختم ڪري، مري ۽ مينگل قبيلن تي فوج ڪشي ڪئي وئي. اوريانه فلاسيءَ لکيو آهي ته؛ ”جبلن ۾ اسان هڪ آواره گڏهه ڏٺو. ان تي ٻار جو لاش پيو هيو، جنھن ۾ جيت چُري رهيا هئا.“ هوائي جھازن جي بمباريءَ ۾ اهو گڏهه، پنھنجي مالڪن کان وڇڙي ويو هوندو ۽ ائين ٻار جي حالت خراب ٿي وئي هوندي. نواب خيربخش مري، سردار عطاءُ الله مينگل، مرحوم غوث بخش بزنجو، جنرل شيروف عرف شيرمحمد مري قومپرست ۽ سوشلسٽ ڌڙي جي نمائندگي ڪندا هئا. ڀٽي صاحب جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي، بلوچستان جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيو. جيڪو جنرل مشرف جي دور ۾ پراڻي دور واري سياست ڇڏي بلوچن جي روايتي سياست ڪرڻ لڳو. آخر لاچار ٿي ايڏي وڏي عمر ۾ هٿيار کڻي قبيلي جي ماڻھن سان جبلن تي هليو ويو ۽ فوجي ايڪشن جو جواب ڏيڻ لڳو. ائين بلوچستان جي جبلن تان پنھنجو رت قربان ڪري، ايندڙ نسل لاءِ مثال ڇڏي ويو.
بلوچستان علائقي ۾، پٺاڻ علائقا به شامل آهن، جتي پختونن جي اڪثريت آهي. هنن جي سياست به قومپرستي ۽ کاٻي ڌر سان وابسته رهي آهي. هنن جو ماضي به فخر جوڳو رهيو آهي. هن وقت محمود خان اچڪزئي، انھن جي نمائندگي ڪري ٿو. مرڪز ۽ صوبي ۾ هنن جا پنھنجا ماڻھو نمائندگي ڪن ٿا.
مذهبي جماعتن سان گڏ، مسلم ليگ (ق)، پ پ پ ۽ آزاد اميدوار اليڪشن کٽندا آيا آهن. هن وقت (ق) ليگ وارا، پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪا آهن. قومپرستن، بگٽي سانحي ڪري، اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. مذهبي جماعتن به بائيڪاٽ ڪيو هو. هاڻي پ پ پ، اڪثريتي جماعت طور، اڀري حڪومت هلائي رهي آهي. هيءَ حڪومت قيدين کي آزاد ڪري رهي آهي ۽ فوجي آپريشن کي بند ڪرڻ جا اعلان ڪري رهي آهي. هن خطي ۾ هڪ مفاهمتي عمل شروع ٿي چڪو آهي. پر ان سان گڏ بلوچستان لبريشن آرمي اڃا خاموشي اختيار نه ڪئي آهي. بلوچستان جو موجوده گورنر به بلوچ هئڻ سان گڏ بلوچ روايتن جي پاسداري ڪري ٿو. جيڪڏهن اسلام آباد وارن مداخلت نه ڪئي ته حالتون اڳي کان بھتر ٿي وينديون.
صوبو پنجاب
پاڪستان ٺھڻ کان وٺي، هيءُ حڪمران صوبو رهيو آهي. هتي صنعتي ۽ زرعي ترقي، ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي. فوج ۾ هتان جي ماڻھن جي اڪثريت هئڻ ڪري تعليم، صحت ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ سڀ کان اڳڀرا رھيا آهن. فوج جي حڪومت هجي، پ پ پ يا ليگي حڪومتون هجن، هن صوبي جي عوام جي خدمت مختلف نموني ٿئي ٿي. سڀ حڪمران هنن جي خواهش جو احترام ڪندا آيا آهن. هنن جي سياسي ۽ ٿنڪ ٽئنڪ صرف ڪالاباغ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. اڳ ۾ هنن وٽ مرڪزي قيادت نه هئڻ جي برابر رهي آهي پر نواز شريف اها کوٽ به پوري ڪري ڇڏي آهي. مذهبي کاٻي ڌر ۽ ٻيا چونڊجي آيل اسيمبليءَ ۾ اچن ٿا. هن وقت نواز ليگ ۽ پ پ پ جو صوبي ۾ اتحاد آهي، جيئن مرڪزي اتحاد اٿن. اُتي اي اين پي ۽ فضل الرحمان گروپ به وزارتن ۾ گڏ اٿن.
صوبو سنڌ
هيءُ صوبو، دنيا جي قديم ترين وسندين ۽ مھذب تھذيب ۽ تمدن جي تاريخي حيثيت رکي ٿو. دنيا جي قديم لکتن ۾ احرام مصر، بابل، نينوا ۽ موهن جي دڙي جون مُھرون اچي وڃن ٿيون. سنڌ جي تھذيب جي لکت اڃا پڙهڻ ۾ ڪو نه اچي سگهي آهي. باقي ٻيا سڀ راز فاش ٿي چڪا آهن. اها، مون کي چار سو ويھه ٿي لڳي. ڪنھن ڳالهه جي دنيا پرده پوشي پئي ڪري. اسان ۾ ڪو افعال ڪو نه رهيو آهي، ڇو ته ڪو ڌڻي سائين نه آهي. مرشد لطيف جو شعر آهي:
جُه ســي لــوڙائــو ٿيـا، جنيـن ڀَر رَهن،
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو.
اسان جي حڪمرانن جي، جڏهن اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت، قديم عمارتن ۽ آثارن سان ڪا دلچسپي نه رهي آهي ۽ انھن کي مٽائڻ جي پويان هجن ته سڌريل ملڪن واري ريسرچ ڪيئن ٿيندي. صرف محبت، اخباري بيانن ۽ جلوسن ڪڍڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿو ٿئي. ڪم ڪرڻ لاءِ صدين جي پلاننگ ڪرڻي پوي ٿي، تڏهن ڪو نتيجو ۽ رزلٽ سامھون اچي سگهي ٿو.
ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته موجوده ملڪ ۾، سنڌي ٻولي سڀني کان وڌيڪ شاهوڪار آهي، ڇاڪاڻ ته الف-ب صرف سنڌيءَ وٽ آهي. صدين جو ادب منجھس محفوظ آهي. باقي صوبا فارسي يا اردوءَ جي سھاري جيئن ٿا. وٽن بنيادي شين جي به گهڻي کوٽ آهي. عربن جو فتح نامه سنڌ، هتان جو قديم تاريخي ڪتاب آهي. هندن جي ويدن وغيره ۾ به سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. دنيا جي قديم سياحن، هند ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. چيني ۽ يوناني سياحن جي ڊائرين ۾ Sind جو ذڪر بھتر ۽ خوشحال ملڪ طور ٿيل آهي. هن کنڊ جي موريا شھنشاهيت واري دور ۾ سنڌ بابت يوناني سياح لکيو آهي ته؛ ”هيءُ پُر امن خطو آهي.“ جبل، نديون، سمنڊ، جهنگل، ٻيلا، آباد زمينون، مال متاع وغيره سڀ ڪجهه هتي آهي. باقي ڇا گهرجي؟ جيئڻ جي بنيادي ضرورتن کان پوءِ محبت ۽ عقيدو به دنيا جھان جيترو رهيو آهي. هندوستان ۽ پنجابين کان اڳ، اسان توحيد پرست آهيون. غلام سنڌين، عربن کي حديث ۽ فقھ جون تشريحون ٻڌائي، پنھنجي عزت وڌائي هئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. هاڻي ٻيا اسان کي اسلام ٿا سيکارين. ڪا ته خرابي اسان کي خوار ڪري رهي آهي.
انگريزن، سنڌين جي مظلوميت ۽ شرافت، بيوسي ۽ سادگي ڏسي، هن خطي کي ڏکن جي وادي سڏيو. ائين يوناني ۽ عرب، ايراني ۽ هندوستاني حملي آورن، هتان جو رت ۽ سَتُ پي، ظلم جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا.
چنگيز خان ۽ هلاڪوءَ، ابدالين ۽ بابر جي اولاد، پنھنجن علائقن ۾ شڪستون ۽ موچڙا کائي، سنڌين تي سنگينون تاڻي، فاتح ۽ معتبر بڻجي، سون سالن تائين عياشيون ڪيون. ائين هيءَ مھذب قوم، جھانن سان وڙهندي وڙهندي، پنھنجو سڀ ڪجهه تباهه ڪيو بيٺي آهي. هاڻي ته سائين زاري آهي. شير شاهه جي شڪري وانگر گهر جا ڪڪڙ ماري ڄاڻون. منافقيون، ڊاڙون ۽ لٻاڙون هڻي ڄاڻون، باقي ٻڙي. في الحال ته ڪجهه ڪو نه آهي. اللهﷻ جڏهن اسان جي ٻُڌي. هو ڪو رحم ۽ ٻاجهه ڪري. هن خطي جي تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڪا گهٽتائي آڻي. باقي حڪمرانن ۾ ڪا اميد نه آهي. درياههَ ۾ پاڻيءَ بدران، واريءَ جو اڏامڻ ان جو مثال آهي.
۱۹۷۰ع تائين سنڌ جو وڏو مسئلو صرف ون يونٽ هيو. ٻين مسئلن ۾ ٻولي، بئراجن جي زمينن جي مفت غير سنڌين کي بخشيش، غير سنڌين جي آبادگاري وغيرھ. هتي جيڪي به برايون هيون، سنڌ جي سنجيدھ دانشور طبقي ۽ سياستدانن جو خيال هيو ته ان جو بنياد ون يونٽ آهي.
ون يونٽ دوران سنڌ جي قومپرست ۽ سوشلسٽ اڳواڻن، ڪارڪنن سان گڏ قيد ۽ تڪليفون ڪاٽيون. آخر ايوب جي خلاف لھر اٿي، جنھن جو فائدو ڀٽي صاحب کي مليو ۽ هو ڪاميابي ماڻي، حڪمران بڻجي ويو.
جڏهن بنگالين آباديءَ جي بنياد تي حڪومتن کان حصو گهريو ته ون يونٽ جي بنياد تي، اھو چئي سندن حق تلفي ڪئي وئي ته؛ ٻه ڀائر آهيون، برابريءَ جا حقدار آهيون. اُهي الڳ ٿيا ته پنجاب کي ڀٽي صاحب، آباديءَ جي بنياد تي گهڻو ڪجهه ڏئي ڇڏيو. سنڌي ماڻھو حڪمران، عقل ۽ سمجهه کان پري ٿي، سڀ سنڌي مال ميڙڻ ۽ نوڪرين چاڪرين کي لڳي ويا. ۳۵ سالن کان پوءِ، هاڻي سڀني کي خبر پئي آهي ته سنڌ ته ڀڙڀانگ ٿي وئي آهي. هر شيءِ لاءِ، اسلام آباد ڏانھن نھارڻو پوي ٿو. پ پ پ جي حڪومت آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ملي ٿو. ورنه ته ٻچن پالڻ جيترو مس ٿو وڃي ملي. پر انھن جي حڪومت نه آهي ته سڄي سنڌ ۾ واويلا مچي ٿي وڃي. بيروزگاري ۽ بويسي ڪَرَ کڻندي رهي ٿي.
مان صاف راءِ ڏيڻ ٿو چاهيان ته؛ پاڪستان جي حڪمرانن مان سنڌي ماڻھن کي چونڊ ڪرڻي پوندي ته ڀٽي صاحب ۽ محترمه جون حڪومتون اقتصادي حساب سان پھرئين نمبر تي پسنديده حڪومتون رهنديون.
محترم پليجي صاحب، طبقاتي حساب سان سنڌ ۾ سٺي جاڳرتا ڏني آهي. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو امام آهي. سيد مرحوم، جيئن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان محبت ڪئي آهي، ائين مقدس ڪتابن ۾ نبين پنھنجي قومن سان ڪئي آهي يا ڏند ڪٿائي قصن ۾، اهڙا تفصيل بيان ڪيل آهن. هن پئسا، ڪتاب، سچائي، محبت ۽ خلوص سنڌين کي ڏنو. هٿيار کڻڻ کان منع ڪئي. موٽ ۾ سنڌين کان ڪجهه نه گهريائين. ڏوراپا نه ڏنائين، ڪاوڙ ۽ غصو نه ڪيائين. ڪڏهن ڪڏهن صرف زار و قطار روئي ڏيندو هو. انسان ديوتا پيغمبر نه هيو. ڪارڪنن سان ٻچن وانگر پيار ڪندو هو. ائين نينھن نڀائيندي تمام وڏي عمر نظربنديءَ جي حالت ۾ وفات ڪيائين.
جي ڪنھن راهه اَجل جي ورتي آ،
هــن ڀـــونءِ ڪـئــي، ٻـــي ڀرتي آ ....
اڃا ته سنڌ اهڙو عاشق پيدا نه ڪري سگهي، اڳتي لاءِ الله ئي ڄاڻي ٿو.
سنڌين جي ووٽن تي وڏيرا، پير، مخدوم، سرمائيدار، پاٿاريدر ۽ اسمگلر ته چونڊجي آيا آهن پر پليجو ۽ سيد اسيمبليءَ ۾ پھچي نه سگهيا. آريسر، ڄام ساقي ۽ ٻين قوم لاءِ آواز اٿاريندڙن ۾ ڪڏهن اليڪشن ۾ بيھڻ جو سوچيو به نه آهي، ڇو ته سندن نظرين جي پٺڀرائي سنڌيءَ وٽ نه آهي.
سنڌي قوم، منھنجي خيال ۾ سورهيه بادشاهه، شھيد الله بخش سومري، حيدر بخش جتوئي، نذير عباسي ۽ ٻين گمنام اڻ ڳڻين ڪارڪنن ۽ ليڊرن جي مقروض آهي.
يحى خان واري اليڪشن ۾، ڀٽي صاحب پنجاب ۽ سنڌ منجھ تمام وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ڀٽي صاحب، پنھنجي دور ۾ بلوچستان ۽ سرحد جون چونڊيل حڪومتون ختم ڪري، پنھنجا من پسند ماڻھو مقرر ڪيا. ائين ڀٽو صاحب، ٻنھي صوبن جي ليڊرن ۾ گنھگار بڻجي ويو هو.
گذريل ٻنھي مارشل-لائن ۾ وڏيرن، پيرن، مخدومن ۽ جاگيردارن لوٽو بڻجي اقتدار جا مزا ماڻيا ۽ سنڌ جي اصل مسئلن تان ڪن لاٽار ڪئي.
موجوده اليڪشن ۾ پ پ پ اڪثريت سان کٽي آئي آهي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ کين ڪنھن جي مدد جي ضرورت نه آهي. غلام مصطفى جتوئي جون ٽي سيٽون، ق ليگ جون ڪجهه سيٽون ۽ پير پاڳاري جا پوئلڳ اسيمبلي ميمبر بڻيا آهن.
قومپرستن مان سائين جي ايم سيد جو پوٽو جلال محمود شاهه ڪڏهن کٽندو آهي، ته ڪڏهن هارائيندو آهي. هو هن دفعي ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي.
سنڌ نيشنل فرنٽ مان جناب ممتازعلي ڀٽو ۽ سندس پٽ ڪڏهن کٽندا آهن، ته ڪڏهن هارائيندا آهن. هن دفعي هو به هارائي ويا. ممتاز علي ڀٽو واحد سنڌي سياستدان آهي، جيڪو مرڪز جي حڪومت کي ڇڏي، سنڌ جي سياست ڪرڻ لڳو آهي. هن شايد ڀٽي صاحب جي شھادت مان اهو سکيو آهي ته سنڌ سواءِ، ٻيو ڪجهه نه آهي. مفت ۾ مري وينداسين.
پليجي صاحب جو ڀاءُ غلام قادر پليجو، پنھنجي پارٽي ڇڏي پ پ پ ۾ شامل ٿيو. هو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو هو. هاڻي ان جي ڌيءَ سسئي پليجو وزير بڻي آهي. جڏهن ته گذريل دور ۾ ميمبر هئي. پليجو صاحب پنھنجي پٽ سان گڏجي پارٽي هلائي ٿو ۽ اليڪشن ۾ حصو ڪو نه ٿو وٺي. هن شخص جون به قربانيون آهن.
سابق جيئي سنڌ وارو گل محمد جکراڻي، سنڌ نيشنل فرنٽ ڇڏي، پ پ پ ۾ آيو آهي. جکراڻي صاحب سنڌ حڪومت ۾ صلاحڪار مقرر ٿيو آهي. نذير عباسيءَ جي شھادت کان پوءِ، ڄام ساقي پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. جيئي سنڌ الائي ڪيترن حصن ۾ ورهايل آهي. شاهه محمد شاهه جيڪو پراڻو ڪامريڊ آهي، اهو (ق) ليگ ۾ شامل آهي. حسين بخش ناريجو صاحب، ڪيتريون پارٽيون مٽائي ارباب رحيم سان گڏ وڃي ويٺو. ادريس ميراڻي صاحب خاموش آهي، پر پ پ پ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪنڊائتو ڳوٺاڻي زندگي گذاري ٿو. ائين سڄي سنڌ ڪامريڊن ۽ ڪميونسٽن وغيره سان سٿي پئي آهي پر هر هڪ رڳو پساهن ۾ پيو آھي.
مذهبي جماعتن مان جمعيت علماءِ اسلام سنڌ ۾ منظم پارٽي آهي. هنن ڪڏهن ڪا سيٽ نه کٽي آهي. باقي گادي نشين پير ۽ بزرگ پ پ پ وارن کي ووٽ ڏياريندا آهن يا مسلم ليگ وارن کي. مذهب سان هنن جو صرف ڪلمي پڙهڻ وارو واسطو آهي. خالد محمود سومرو، اڪيلو سنڌ مان جمعيت علماءِ اسلام جو سينيٽر آهي، پر جيڪڏهن اليڪشن ۾ حصو وٺي ته اهو به کٽي ڪو نه سگهندو.
مولانا عبيد الله ڀٽو صاحب، قومپرست مولانا آهي. اهڙيءَ طرح قادر مگسيءَ جي به پنھنجي پارٽي آهي. اهي سڀ پريشر گروپ آهن. سنڌ جي ڪنھن اشوءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ ٻارن وانگر ڪاوڙجي اتحاد ٽوڙي ڇڏيندا آهن. مرحوم بشير قريشي جي به پنھنجي جدوجھد رهي. ڪارڪنن ۾ سندس مڃتا ھئي، پر ووٽ بئنڪ ۽ حلقو ان وٽ به نه ھيو.
سنڌ ۾ غير سنڌين جون ٻه پارٽيون هن دفعي اليڪشن کٽي آيون آهن؛ ايم ڪيو ايم ڪُل ۵۱ سيٽون حاصل ڪيون آهن. جڏهن ته هنن صرف ڪراچيءَ ۾ ۳۸-۴۰ سيٽون کٽيون آهن. جڏهن ته اي اين پي ٻه صوبائي سيٽون کٽيون آهن. ڪراچيءَ ۾ جيڪي سنڌين جا ووٽ آهن، انھن جو ڪو ڪارج ڪو نه آهي. باقي اردو زبان وارن ۽ لياري جي بلوچن مان، پ پ پ سيٽون کنيون آهن.
مٿئين سڄي احوال مان ڄاڻ پوي ٿي ته؛ سنڌين جي سوچ بلوچن ۽ پٺاڻن کان بلڪل مختلف آهي. قومپرستن، سوشلسٽ ۽ مذهبي جماعتن سان هنن جي ڪو نه پوي. سڀ ووٽ جاگيردار ڪلاس ڏانھن وڃن ٿا، جن مان اڪثريت پ پ پ سان تعلق رکي ٿي. اسان سڀ مخدومن، پيرن ۽ وڏيرن کي ووٽ ڏيندي خوشي ۽ عافيت محسوس ڪريون ٿا، پوءِ به الائي ڇو رسول بخش پليجو صاحب چوندو آهي ته؛ ”سنڌي ماڻھو سڀني صوبن کان وڌيڪ سياسي سوچ رکندڙ آهي.“
سائين جي ايم سيد چوندو هو ته؛ ”سنڌي قوم ايتري مھذب ۽ بااخلاق آهي جو دنيا ۾ هتان امن جو سبق ڦھليو.“
هن ملڪ ۾ پاڪستان جي آئين سان به وڏي ويڌن ڪئي وئي آهي. ايتريون ترميمون ڪيون ويون آهن جو هُن جو حليو ئي بگڙي ويو آهي. ۷۳ع واري آئين جو بنياد روح پارلياماني آهي. ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو وزيراعظم هجڻ گهرجي ۽ صدر کي صرف آئيني اختيار هئن گهرجن پر سترهين ترميم صدر کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. ٽاڪنگ شوز ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌي هر هڪ وائڙو ٿيو وڃي ۽ سُلجهيل ڳالھيون به اُلجهيو پون. آئيني ڳالھين جو خشڪ بحث، بازارن ۽ هوٽلن ۾ هلي پيو.
گذريل اليڪشن ۾ محترمه جي رَتُ جي بدلي ۽ ظالمن جي ڪيل ظلم جي نتيجي ۾ سنڌي ماڻھن، عورتن ۽ ٻُڍن سڏڪن، آهُن، دانھن، رڙين ۽ ڪُوڪُن سان جيڪي پ پ پ جي ميمبرن کي ووٽ ڏنا آهن، شل! انھن جي بدلي، پ پ پ وارا، اسان ماڻھن جي عذاب ۾ ڪجهه گهٽتائي آڻين. بدامنيءَ کي ختم ڪري امن، آرام ۽ سڪون مھيا ڪن. بنيادي مسئلن صحت، تعليم ۽ روزگار وغيره لاءِ ڪوششون وٺن. الله شل! هنن کي توفيق ڏئي ته اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟
سڄو ملڪ ٻَري پيو؛ فاٽا، وزيرستان، بم ڌماڪا، خودڪش حملا ۽ بلوچستان مسلح جدوجھد، سڀني جي آڏو آهن. پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنھنجا لاش دفنائڻ ۾ پورا آهن. سنڌ ۾ پ پ پ جي قيادت ۽ ڪارڪنن جون قبرون قطارن ۾ ٿي ويون آهن، پر پوءِ به پ پ پ لاءِ چئي سگهجي ٿو:
لوڪ لڏڻ تي، چري اَڏڻ تــي ....
ويٺي نينھن نڀائي.
ايم ڪيو ايم هميشه پ پ پ جي اقتدار ۾ اتحاد جماعت رهي آهي. موجوده حالتن ۾ ڏسجي ته سنڌ جو اڌُ ڪُٺل معاشرو ڪيئن ٿو پنھنجو وجود برقرار رکي سگهي.