مُھاڳ: سنڌي لوڪ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ شروع ڪيل نئين تحريڪ!
ڪنھن بہ قوم جي حقيقي تاريخ ۽ عروج و زوال جو مطالعو ڪرڻو هجي تہ ان لاءِ لوڪ ادب کان وڌيڪ ڪو سونھون نہ ٿو ٿي سگهي! ان لاءِ ضروري آهي تہ هر دور جي عوامي تاريخ يعني لوڪ ادب کي ايندڙ نسل لاءِ محفوظ ڪيو وڃي ۽ ان جي واڌ ويجهہ توڙي ترويج لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا وڃن ۽ انھن ادارن وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڏاهن ڏات ڌڻين ۽ سندن ڏات کي جرڪائي جهان آڏو پيش ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا وڃن. اهي ادارا ايڏا تہ با اختيار هجن جو انھن وٽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ، ڪتاب ڇپائڻ ۽ لوڪ ادب جي راوي سگهڙن ۽ لوڪ شاعرن جي مدد ۽ خدمت لاءِ لامحدود فنڊ هجن، لوڪ ادب تي تحقيق لاءِ وڏيون وڏيون لائبريريون هجن، جتي ڏيھي توڙي پرڏيھي محقق ويھي لوڪ ادب تي تحقيق ڪن ۽ دنيا جي لوڪ ادب تي نگاھہ رکي ويٺا پنھنجي ڏات ۽ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ لاءِ پلاننگ ڪن، جتي ڪوبہ ڏاهو ڏات ڌڻي، بي قدري ۽ ڪسمپرسيءِ واري حالت ۾ مرڻ تي مجبور نہ هجي پر پنھنجي خوبصورت خيالن سان جرڪي جيئي ۽ ويٺو پنھنجي ڌرتي، تھذيب ۽ ثقافت جي موتين جون مالھائون ٺاهي! پر هتي تہ “ڪاريءَ وارا ڪک” لڳا پيا آهن، ادارو تہ پري جي ڳالھہ آهي پر ڪنھن اداري جي ڪنھن ڪنڊ ۾ لوڪ ادب ڪارنر بہ قائم ڪرڻ جي ڪا شعوري ڪوشش نہ پئي ڪئي وڃي، آخر ڇو!
سنڌي ٻولي، ثقافت، تھذيب، تمدن ۽ ڏاهپ مان وقت جي حڪمرانن کي آخر ڪھڙو خطرو آهي، جيستائين ان جو ازالو نہ ٿيندو تيستائين اهو سوال هوا ۾ گونجندو رهندو.
وري بہ جس هجي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي باني چيئرمين، محترم عاجز رحمت ﷲ لاشاريءَکي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بي حس حڪمرانن اڳيان محبت جون مرليون وڄائيندو رهي ٿو، دانھون ڪوڪون ڪرڻ سان گڏ التجائون ۽ احتجاج ڪندو رهي ٿو، رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيہ ٿيا اٿس پر جواب ۾ وري بہ، ساڳي “ ٻي”، ڪن لاٽار ۽ ڊگهي ماٺ کان سواءِ ڪجهہ پلئہ نہ پيو اٿس پر وري بہ همت هارڻ هن باهمت ۽ اڏول انسان جي خمير ۾ ئي شامل ڪونھي، ان ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت اڪيلي سر هن وقت تائين ايترا ڪتاب لکي ۽ ڇپرائي چڪو آهي جيترا ڪو ادارو بہ نہ ڇپائي سگهيو آهي.
ان سموري جدوجهد سان گڏ مختلف فورم، پيج ۽ گروپ جوڙي ساڃاھہ وندن کي گڏ ڪندو رهي ٿو، جنھن ڪري لوڪ ادب ۽ ڏاهپ ۾ هڪ نئين تحريڪ جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڏاها ڏات ڌڻي ۽ سگهڙ متحرڪ ۽ منظم ٿي چڪا آهن، جنھن جي نتيجي ۾ هن ڪتاب سان گڏ هڪ نئين سلسلي جو آغاز ٿي رهيو آهي، جنھن تحت سڀ کان پھريائين سنجيدہ دوستن جو هڪ گروپ ٺاهيو ويو آهي، جيڪي صنف وار ان گروپ تي پنھنجون لکڻيون رکندا ۽ ڇنڊ ڇاڻ توڙي ماهرانہ جائزي کان پوءِ انھن لکڻين کي هڪ مستند ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايو ويندو، اهڙيءَطرح نام نھاد ادارن کي منٿ ميڙ ڪرڻ بجاءِ “آپڻي گهوٽ تہ نشا ٿيوئي” جي مصداق پنھنجي مڙسي ڪري هر صنف تي الڳ مستند ڪتاب آندو ويندو، جنھن سان سنڌي لوڪ ادب جي جهول ۾ بي شمار نون موتين جو اضافو ٿيندو.
اچو تہ سڀئي گڏجي عاجز رحمت ﷲ لاشاريءَ جا هٿ مضبوط ڪريون ۽ سندس ٻانھن ٻيلي ٿيئون تہ جيئن سنڌي لوڪ ڏاهپ جي واڌ ويجهہ ۽ حفاظت لاءِ شروع ڪيل هيءَ تحريڪ ڪامياب ٿئي ۽ گهربل نتيجا ڏئي سگهي.
جيئن شال سٻاجها ماڻھو، سنڌي ٻولي زندھہ باد،
ماءُ ڏني جا محبت مان، سا مٺڙي لولي زندھہ باد،
آهي دعا سڀ سانگيئڙا، شاد هجن، آباد هجن،
موج ڀرئي مھراڻ جي بيوس، ڇولي ڇولي زندھہ باد
پروفيسر “بيوس” بخش علي چانڊيو