مقدمو: سنڌي حمديہ شاعري
حمد، ثنا ۽ مدحيہ صنفون:
حمد معنوي لحاظ کان وڏي موضوعي صنف “مدح” جي هڪ نرالي جنس آهي، عربي جي لغوي ۽ اصطلاحي معنيٰ موجب “حمد” لفظ جو مترادف ۽ متقابل لفظ جيڪو“حمد” جي برابري ڪري سگهي، اهڙو ڪو بہ لفظ عربي ۾ ناپيد آھي، انڪري“حمد” خود ۾هڪ يگانو لفظ آھي، جيڪو ذات باري تعاليٰ لاءِ ئي مخصوص آھي پر جيڪڏھن ڪن شعرن ۾ حمد سان گڏ ڪي تعريفي عنصر شامل هجن تہ ان کي“حمد و ثنا” چوڻ کپي.خاص امتيازي صفتن ۽ خصوصيتن جيڪري حمديہ ڪلام جو مرڪزي خيال بہ پنھنجو مٽ پاڻ هوندو آهي، مداحي /مدحي صنفن جي نوع بندي ڪنداسين تہ مولود، منقبت /مناقبو، ضمني جنسن ۾ “مناجات” وغيرہ اچي وڃن ٿيون.
جامع سنڌي لُغات ۾ حمد بابت هيئن لکيل آهي:
[عربي . حَمدَ = هن تعريف ڪئي] خداپاڪ جي تعريف، ساراهہ، نيڪي، واکاڻ، مَدَحَ، مداح، تعريف، ثنا، شڪرانو.
“حَمد” عربي ٻوليءِ جو لفظ آهي، جنھن جِي لفظي معنيٰ آهي “ساراهہ، تعريف، ثنا، واکاڻ”.
حمد نظم جو اهو نمونو آهي، جنھن ۾ ڌڻي سڳوري جي ساراھہ ڪئي ويندي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ حَمدَ ۾ بيت بہ ٿين تہ وائي، ڪافي، غزل بہ لکيا وڃن ٿا.
حَمدُ محفلن ۽ عام پروگرامن سميت ڪچھرين ۾ اڪثر تلاوت کانپوءِ پڙهيو ويندو آهي. (1)
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جِي تحقيق موجب بہ حمدَ ۾ ﷲ تعالىٰ جِي واکاڻ ۽ وڏائي بيان ڪئي ويندي آهي. سُگهڙَ، ڪچھريءَ جِي ابتدا ئي مِٺي نالي سان ڪندا آهن.
حمد ۾ بيت بہ عين تہ وري وائي ۽ ڪافي وغيرہ بہ ٿئي. مطلب تہ حمد ۽ ثنا جي لاءِ فَن جي لِحاظَ کان ڪنھن صنف جو قيد ناهي. ڪنھن بہ صنف ۾ اهو موضوع شامل ڪري سگهجي ٿو.(2)
حمد ڇا آهي؟
ان بابت سنڌي ٻوليءِ جو ليکڪ ۽ استاد سائين نجم الدين ڪُنڀر لکي ٿو تہ:
“حمد” عربي جو لفظ آهي، مؤنث آهي. جيڪو سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ بہ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. “حمد” جو لفظ قرآن مجيد ۾ الحمد جي شڪل ۾ 38 ڀيرا آيو آهي. جنھن ۾ گهڻي ڀاڱي معنيٰ ساراهہ، واکاڻ، ثناء، آيل آهي. ڪِٿي ڪِٿي شُڪر جي معنيٰ بہ آيل آهي. جيئن عام طور تي اسان کان ڪو حال پڇندو آهي تہ اسان جواب ۾ چوندا آهيون الحمد لله! يعني ﷲ جو شُڪر آهي. عربي جي مشھور لُغت لسان العرب ۽ تاج العروس ۾ بہ مٿيون معنائون ڄاڻايل آهن. لسان العرب ج 4، ص 152، تاج العروس ج 8، ص 28 . معجم الوسيط ۾ حسين و جميل جي وصف ۾ بہ آيل آهي تہ صفت مبالغه جي لاءِ بہ حمد جو لفظ آيل آهي. ص 196. حمد جي معنيٰ رضا، قضا، جزا ۽ الحق جي بہ نڪري ٿي. قاموس المحيط ص 399. عبدالرشيد نعماني پنھنجي مشھور لغات القرآن ۾ لکي ٿو تہ حمد جي معنيٰ تعريف، خوبي ۽ ﷲ پاڪ جي فضيلت ۽ ساراھہ کي حمد چئبو آهي. ج1 ص 292. قاموس الوحيد ۾ بہ حمد جي معنيٰ تعريف ڪرڻ ساراهڻ ۽ شڪر ادا ڪرڻ آهي. ص 373. فيروزہ لغات ۾ بہ حمد جي معنيٰ خدا جي واکاڻ لکيل آهي. ص 576 صفت و ساراهہ، وڏائي ۽ واکاڻ سان گڏ ڪائنات جي تخليق، ان جي حَسين نظارن، مافوق الفطرت ڪمن، يا دل کي وڻندڙ هر شئي کي ڏسڻ، ٻُڌڻ، چَکِڻ، محسوس ڪرڻ سان دل ۾ جيڪي جذبا اڀرن ٿا پوءِ اهي زبان سان ادا ٿين يا قلم سان اها قدرت واري جي وڏائي بيان ڪرڻ جي هڪ صورت آهي جنھن کي حمد چئبو آهي. هر اُها واکاڻ، ساراهہ، ثنا، وڏائي جيڪا نظم يا نثر جي صورت ۾ صرف ﷲ پاڪ لاءِ ڪئي وڃي اها حمد آهي. جنھن ۾ ﷲ کان سواءِ مخلوق جي ساراھہ ڪجي ٿي ان کي مدح چئبو آهي. سنڌي ادب توڻي اردو ادب ۾ اسان حمد کي صرف ﷲ پاڪ جي ساراھہ کي نظم جي صورت ۾ استعمال ڪندا آهيون. نثر ۾ حمد جو تصور اسان وٽ آهي ئي ڪانہ. جيڪڏهن ڪو فرد ﷲ پاڪ جي ثنا نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو تہ ان تخليق کي حمد چيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو فرد ﷲ پاڪ جي ساراھہ نثر ۾ ڪري ٿو تہ ان کي حمد نٿو سمجهيو وڃي. حمد هر حال ۾ حمد آهي نثر هجي يا نظم. اهو منھنجي خيال ۾ اسان جي رواجي ڪيل ورڇ آهي، علمي يا لغت جي حساب سان اهڙو ڪوبہ فرق نظر نٿو اچي. (3)
اسان جيڪو سُگهڙن وٽان سِکيو آهي يا وري ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ان آڌار تي اهو چوندس تہ “حمد” جِي جيڪا توصيف يا تعريف آهي ان ۾ اصطلاحي معنىٰ ۾ “حمد” ان نظم يا شاعريءَ کي چئبو آهي جنھن ۾ ﷲ تعاليٰ جي وڏائي، سندس بزرگي ۽ عظمت بيان ڪَيل هجي پر اها بہ عام گُماني قِسم جي نہ هجي پر ان جو اعليٰ شان ۽ فِڪر هجڻ گهُرجي. حمد هڪ موضوعاتي شاعري آهي جيڪا بيت، نظم، غزل وغيرہ ۾ بہ ٿي سگهي ٿي. حَمد جي سُڃاڻپ ان جي صفتِ جميل منجهان ڪَرڻ کپي جنھن ۾ سڀئي سُٺائيءَ واريون ئي صفتون بيان ڪيل هُجن. يعني ﷲ تعاليٰ جا اختياري ڳُڻ يعني قادر مُطلق جو جنھن شعر ۾ بيان ٿئي ان کي حمد چئبو آهي. حمديہ شاعري هڪ سِٽَ بہ ٿي سگهي ٿي تہ چار بند بہ ٿي سگهن ٿا، سڄو غزل بہ ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ڪو سٽاءَ جو انگ يا خاص موضوع مقرر ناهي. اسان وٽ حمد جي لحاظ کان اسانجي اساسي شاعريءَ ۾ مواد جام ملي ٿو، ان ۾ قاضي قاضن هجي، مخدوم محمد زمان لنواري وارو هجي، شاھہ لطيف هجي يا شاھہ عنات هجي يا وري سچل سرمست هجي سڀني وٽ حمديہ شاعري جو عنصر موجود آهي. خاص ڪري لطيف سائين جي بيت “اول ﷲ عليم” جو تہ ڪو مثال ئي نٿو ملي جيڪو مڪمل طور حمديہ شاعري جي عڪاسي آهي. حمد لفظ جي برابري، ڀيٽ، مترادف يا متقارب لفظ آهي ئي ڪونہ ڀلي اها اسانجي ڪھڙي بہ ٻوليءَ ۾ هجي ڇو تہ حَمد پنھنجو پاڻ هڪ يگانو لفظ آهي جيڪو خدا جي ذات باري تعاليٰ لاءِ ئي مخصوص آهي پر جيڪڏهن ڪن شعرن ۾ حمد سان گڏ ڪي تعريفي عنصر شامل هجن تہ ان کي حمد و ثنا چوڻ کپي.لوڪ ادب ۾ جيڪا مُنڍَ ۾ اسان تمھيد ٻَڌندا آهيون انھن ۾ شُروعاتي طور حمديہ عنوان شامل رهيو آهي پر ان جي فني ارتقا تي ڪم ٿيڻ کپي تہ اهڙي شاعريءَ جو اساس يعني بنياد ڪٿان کان هليو ۽ ان جي درجا بندي بہ ٿيڻ کپي.
حامد مري
حوالا:
(1) سنڌياناانسائيڪلوپيڊيا. (2) ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جِي اوسر. صفحہ 54. مقدمو: عاجز رحمت ﷲ لاشاري.
(2) ڪَچھريءِ جا مور: صفحہ 24، مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو.
(3) استاد نجم الدين ڪنڀر، ميرپورخاص. عالَمي اوطاق واٽس اپ گروپ ۾ شيئر ڪيَل ڄاڻ 20-01-2023.)