ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ ڪھاڻيڪار دادن ثقلين لاشاريءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”اکين جو آپگهات“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھن
ھي ڪتاب فيبروري 2024ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون دادن ثقلين لاشاري ۽ ڪنول پبليڪيشن جي سرواڻ سعيد سومري جا جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com