ڌرتيءَ جو وير
وڻن جون دشمن مشينون ھنن جي دشمن جي سربراھي ۾ سندن عضوا وڍي رھيون ھيون. وڻ سُڏڪي رھيا ھئا. وڻن مان رت ٽمي رھيو ھيو ، جيڪو ڪنھن کي نظر نہ اچي رھيو ھو، ڌرتي سڄي لال ٿي وئي ھئي. پکين ۾ سوڳ ھيو سندن گهر ڪُھاڙن، آرين ۽ ظلم و بربريت جي جديد ھٿيارن سان وڍجي رھيا ھئا. انسانن جا گهر ڊھندا ھئا تہ ماڻھن ۾ ٿورو گهڻو شور ٿيندو ھيو، ٿورا گهڻا انساني حقن جا علمبردار ڪوڙو سچو احتجاج ڪندا ھئا، ميڊيا وارا اچي مکين جيئن ڀون ڀون ڪندا ھئا، سياستدان اچي پنھنجي سياست چمڪائيندا ھئا. پر ھتي پکين جا گهر، ڌرتيءَ جا عضوا وڍجي رھيا ھئا مجال آ جو ڪنھن جي ڪن تي جونءِ چُري. بس ھڪ بادل ھو جيڪو ڀريو بيٺو ھيو پيڙا ۽ سور ۾! ٻيو وڻن جو دشمن شخص، جنھن جو نانءُ ھو ڪھاڙو، ھو بہ ڀريو ئي بيٺو ھو پر لالچ، لوڀ، ھٻڇ حرص ۽ وڻن جي دشمنيءَ ۾.
نم، بڙ، ڄمون، سرينھن جا وڻ وڍجي ويا ھئا؛ ھڪ جديد مشين پنھنجو ڀوائتو وات کوليو ھيو ۽ آخري وڻ جي ٿُڙ کي پنھنجي وات ۾ وِڌو ھو ڪنھن ديومالائي داستان جي ازدھا جيئن جيڪو شھزادي کي ڳِھي کائي ڇڏيندو ھيو. وڻ پاڙن سميت سندس ڏندن ۾ اچي ويو ھيو. ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کان ڪنھن ظالم ھڪ جهٽڪي سان سندس ٻار ڇني جدا ڪيو ھيو. ٽريڪٽر تي نم، بڙ، ڄمون ۽ سرينھن جا عضوا، ٻانھون، ڄنگھون، جيرا ، بڪيون، ڌڙ ، سسي، اکيون، ڪن ۽ چپ سٿيا ويا هئا.
ڪھاڙو سرھائيءَ سان ڀريل ٽريڪٽر کي ڏسي رھيو ھو ۽ پنھنجي ڪِني ڦوڪڻي جھڙي پيٽ تي ھٿ ڦيري رھيو ھو. بادل ڀريو بيٺو ھيو. سڏڪي رھيو ھيو. دل ٿي چيُس تہ ان وڻن جي دشمن ڪھاڙي کي ڪھاڙي سان ڳڀا ڳڀا ڪري.
پر ھن ايئن نہ ڪيو ھيو جو کيس خبر ھئي تہ ھوھڪڙو نہ آھي جيڪو ھن ڌرتي جو دشمن آھي. ھو تہ ھڪ ڪردار آھي جيڪو ڪنھن بہ ڌرتي دشمن ۾ ٿي سگهي ٿو. بادل اھو ڪيو ھيو جيڪو ھو روز ڪندو ھيو. جتان ڪھاڙي وڻ وڍيا بادل اتي چيچڪا ڇٽيا ھئا. سندس ڪلھي تي سدائين چيچڪن جو ٿيلھو ھوندو ھيو؛ ويندو ھو ڇٽيندو جيئن ڪو دوشيزہ جي سينڌ ۾ سندور وجهندو آھي.
ھڪڙا ھوندا آھن دين جا دشمن، ھڪڙا ھوندا آھن قوم جا دشمن،ھڪڙا ھوندا آھن علم جا دشمن، ھڪڙا ھوندا آھن صحت جا دشمن، ھڪڙا ھوندا آھن عورتن جا دشمن تہ ھڪڙا ھوندا آھن ننڍن ٻارن جا دشمن . ھنن دشمن جا ڌڪ بہ ڏاڍا ڪاپاري ۽ ھاڃيڪار ھوندا آھن پر ھي وڻن جو دشمن سڀني کان خطرناڪ ھيو ڇو تہ ھن جي دشمني جا اثر سڀني تي هئا. تعليم تي، دين تي، قوم تي، صحت تي، عورتن تي، ٻڍن تي، ٻارن تي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏکائتي ۽ خوفائتي ڳالھہ تہ ڌرتي ماءُ تي،؛ ڌرتي جي گولي تي. ھي اھو دشمن ھو جنھن جي ڪُڌن ڪرتوتن جي ڪري ڌرتي جي ٿڃ سڪي رھي ھئي. سندس چھري تي تڪليفن ۽ اھنجن جو جُهريون اچي رھيو ھيون.
ڪھاڙي جو پيٽ وڏو ھيو؛ حقيقي طور بہ تہ علامتزي طور بہ. سندس پيٽ ڀرجڻ وارو نہ ھيو. ھُن ڪيترا ئي جيئرا جاڳندا وڻ ڳڙڪايا هئا پر سندس پيٽ جو بليڪ ھول ھو جيڪو ڀرجهڻو نہ ھيو؛ جيڪو اسان جي ڌرتي ماءُ کي بہ ڳھي رھيو ھيو.
ھُن جو ڌنڌو ھيو وڻن جي ڪٽائي ڪرڻ؛ وڻ کپائي ۽ پنھنجي لئہ ملڪيت ٺاھڻ. سڄي تر ۾ پيو ڦرندو ھيو. جتي سٺا، گهاٽا ۽ وڏا وڻ ڏسندو ھيو پھچي ويندو ھيو پنھنجي موٽر سائيڪل تي ۽ ان وڻ جي مالڪن کي لالچ ڏيڻ شروع ڪندو ھيو،
” پنجاھہ ھزار ڏيندو مانءِ“
” ايترن پئسن ۾ توکان ٻيو ڪو نہ وٺندو“
” ھونءَ بہ اھي وڻ ڄاڻ سُڪي ويا. ڏسين نٿو پاڻي وقت تي اچي نٿو، نہ ئي مينھن ٿو پوي“
خوف، لالچ ھر حُربي جو استعمال ڪرڻ کيس خوب ايندو ھيو. ھو روز ڪنھن نہ ڪنھن وڻ جو قتل ڪري ڌرتي ماتا کان پنھنجو ڪو نہ ڪو ٻچو ڦري ويندو ھيو ۽ وڃي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لڳندو ھيو.
ڌرتي جي گهر روز تڏو ٿيند ھيو پنھنجي ڪنھن نہ ڪنھن ٻچي لاءِ. دعا گهرڻ وارو ڪو نہ ھوندو ھيو. ڌرتي پنھنجو پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري، پنھنجا ڳوڙھا اُگهي، پنھنجي پاڻ سان تعزيت ڪندي ھئي. ھُن ظالم کي پِٽيندي نہ ھئي. پٽيندا بيوس آھن. ھوءَ بدلي جو سوچيندي ھئي. پپر جو، سرينھن جو، بڙ جو، نم جو، ٻير جو، ڪنڍي جو، ٻٻر جو، ٽالھي جو، بيد مشڪ جو، مطلب تہ ھر وڻ جو بدلو.
ڌرتي جو ھڪ موڀي ٻچو بادل روز ساڻس ڪٿي نہ ڪٿي اٽڪندو ھيو. ماڻھن کي سمجھائيندو ھيو تہ :
” وڻ اسان جي طاقت آھن، اسان جو ڍڪ آھن، اسان جي ڌرتي جا عضوا آھن.“ ايئن چئي ھو وري چيچڪا ڇٽيندو ھيو.
”جڏھن بہ وڻ ڪٽيو ويندو آھي، ڪنھن تي ڪارائي ھلندي آھي تہ ڌرتيءَ جو ڪو عضوو ڪٽيو ويندو آھي. اھا ڪارائي، اھا ڪھاڙي ڌرتيءَ جي سيني تي ھلندي آھي.“ ھو پنھنجو پاڻ سان ڳالھائيندو ھيو ۽ اسڪول کان موٽندڙ ٻارن کي ھٿن ۾ چيچڪا ڏيندو ھيو ۽ کين ڇٽڻ لئہ چوندو ھيو.
ھڪ ڀيري بادل ڪھاڙي جي رستا روڪ ڪئي ھئي،
” تون روز روز اسان جي علائقي ۾ اچي اسان جا وڻ وڍيندو ٿو وڃين؛ اسان جا ڦڦڙ ڪوريندو ٿو وڃين.“
” اڙي ھل تون ٿيندو ڪير آھين. مفت ۾ ٿورئي ٿو وٺان. پئسا ٿو ڏيان.“
” تون مون کي پئسن تي پنھنجا ڦڦڙ ڏيندين، ڀلا پنھنجي ٻانھن ڏيندين، ڀلا ھڪ آڱر ڏيندين“ بادل گجيو ھيو.
” چريو ٿيو آھين ڇا ٿيو ٿي؟ وڻن جا وري ڪھڙا ھٿ پير؟ ڪھڙا سندن جگر گڙدا؟“
” ھٿ پير، جگر گڙدا اسان جا آھن. جڏھن تون وڻ وڍيندو آھين تہ اسان جا جگر گڙدا وڍبا آھن، ڌرتيءَ جا جگر گڙدا وڍبا آھن. اسان ڌرتي مان آھيون، ڌرتي اسان مان آھي. اسان جو ڏک ڌرتيءَ جو ڏک آھي، ڌرتيءَ جو ڏک اسان جو ڏک آھي“ بادل ڏک ۾ برسيو ھيو. برسي وري چيچڪا ڇٽڻ لڳو ھيو.
” ڪل ٿڙي ٿي الائي ڇا ٿو ڳالھائين“، اسڪوٽر جي گيئر ھڻي ھو ڪنھن وڻ جي قتل لاءِ نڪري ويو ھيو.
بادل ان جي پويان چيچڪن جو ٿيلھو کنيون ويو ھو تہ جتي ھو وڻن جو قتل ڪندو بادل اتي چيچڪا ڇٽيندو.
ھو رڳو وڏن وڻن جو دشمن نہ ھو، پر ھو ننڍن وڻن جو بہ دشمن ھو. جتي بہ کيس ڪا چڪي نظر ايندي ھيس ان کي پٽي وري شھر جي نرسري ۾ وڃي کپائيندو ھيو جتي گهڻو ڪري اھي سڙي وينديون ھيون يا رڳو ڪجھہ ڪامورن ۽ امير زادن جي نمائش لئہ ھونديون ھيون جيڪي انھن کي پنھنجي پنھنجي مقصدن لئہ وٺندا هئا.
بادل ڌرتيءَ جو درد کنيون ڀريو وتندو ھيو. ڳوٺ ڳوٺ، شھر شھر وڃي ڌرتيءَ جي سور جي ڳالھہ ڪندو ھيو.
” ٻيلي ڏاھا ٿيو وڻ نہ کپايو، اھي اسان جو ڍڪ آھن.“ بادل چيچڪا ڇٽي ۽ پاڻ سان ڳالھائي رھيو ھيو.
بادل ھڪ شخص جي گهر پھتو ھيو جنھن پنھنجا ٽي پپل جا وڻ ڪھاڙي کي وڪيا هئا.
”فطرت، ڌرتي ماءُ آھي ۽ پنھنجي ٻچن جو بدلو وٺندي آھي. توھان ايئن وڻن کي نہ کپايو“
” ادا ڇا ڪيون،غريب آھيون،ڪنھن مجبوري ۾ وڻ کپائيندا آھيون.“
” مجبوري ۾ ٻچا کپائبا آھن ڇا؟ “
بادل جي دانھن ٻڌڻ ۽ سمجھڻ وارو ڪوئي نہ ھيو. ھو گجندو رھيو ھو؛ وسيو ان ڪري نہ ھيو تہ ھو ڳوڙھا ڌرتيءَ لئہ لڪايون کنيون ٿي وتو. ۽ ھو وڻن جو دشمن ڪھاڙو وڻ وڍيندو رھيو ھو. ھاڻي تر ۾ صفا ٿورا وڻ رھيا ھئا سڄو تر تقريبن گنجو ٿي ويو ھيو، ڪٿي ڪٿي ڪي وار ھئا.ڍور ڍڳا اس ۾ ھلي ھلي مري رھيا ھُئا. ڪٿي ڪا ساھہ پٽڻ جي جاءِ نہ ھئي.
ڌنارـــ ويچارا ڌڻ کي چَرائڻ لئہ نڪري ويندا ھئا تہ خوف مان ڏڪندا ھئا . کين ڪٿي ڪو وڻ نظر نہ ايندو ھيو.
_ ڪٿي ٽاڪ منجھند جو ساھہ پٽن ھا؟
_ مينھن يا ڳڙو وسي ھا تہ مال کي ڪٿي بيھارن ھا ڪٿي ڪو وڻ ڪا وسنئون تہ ھئي ڪونہ؟
_ مال چري ھا تہ ڌنار پاڻ ۾ ڪٿي ويھي ڪچھري ڪن ھا؟
ڌنارن جا سور مال جي وارن جيئن وڌي رھيا ھئا.
مسافرـــ اس ۾ ھلندا ھئا؛ گهرن تائين پھچندي پھچندي ھو مري پوندا ھئا. نہ تہ اڳي ڳوٺن جي مکيہ لاڙي تي لھڻ کان پوءِ ڳوٺ تائين وڻن جون قطارون ھونديون ھيون. مسافرن، ماڻھن، عورتن، ٻارن ٻڍن کي خبر ئي نہ پوندي ھئي تہ ڪيئن اھي لاڙي کان ڳوٺ تائين ٿڌي ڇانوَ ۾ پھچي ويندا ھئا.
ماڻھو ــــ گهرن ۾ يا اوطاق جي ڪمرن تائين محدود ھوندا ھئا. ڳوٺن ۾، بيٺڪن تي ڪي وڻ نہ ھئا جتي اڳي ماڻھو گڏ ٿيندا ھئا، نوجوان پنھنجي عشق جا داستان کڻندا ھئا يا محبوب کي ساري ٿڌي ڇانوَ ۾ ٿڌا ساھہ کڻندا ھئا. ھاڻي ماڻھن وڻ کپائي گهر پڪا ڪيا ھئا؛ بجلي وارا پکا ۽ اي سيون ورتيون ھيون. ھاڻي نہ وڻ رھيا ھئا نہ وڻن جي ھيٺان ويھي رھڻ جي آس.
_ اڳي قضيو ٿيندو ھيو تہ ماڻھو وڻن جي ھيٺان تڏو ڪندا ھئا. غريب غربي جي لڄ رھجي ويندي ھئي تہ ان کي اوطاق ھئي يا نہ ھئي. ھاڻي وڻ نہ ھُئا؛ شھرن مان شاميانا ايندا ھئا. غميءَ خوشيءَ جو ڏيک ڏيندي ھئي پري کان. غريب جي اوگهڙ ظاھر ٿيندي ھئي.
ٻارـــ ھاڻي راند نہ رھندا ھئا. نہ ونجھہ وٽي، نہ چدا، نہ چڪريون نہ لاٽون. ڪٿي کيڏن ھا؟ ڪو وڻ ھيو ڪونہ! ھاڻي پينگهہ ٻڌڻ لئہ وٽن جڳھہ نہ ھئي. وڻن جي دشمنن ڪو وڻ ئي نہ ڇڏيو ھيو.
پڙھائي ــ ھاڻي ڪونہ ٿيندي ھئي. جن اسڪولن ۽ مدرسن جون عمارتون ڊھي چڪيون ھيون يا زبون حال ھيون، قوم جي حال وانگي، ھاڻي اھي اسڪول بند ھئا، ڇو تہ وڻ تہ ھئا ڪونہ جتي ٻارن کي ويهي پڙھايو وڃي ھا. وڻن سان گڏ اسان جي ٻارن جو آئيندو بہ وڍجي ويو ھيو.
ٻارن جي راند ـــ وڏو ظم تہ اھو ٿيو ھيو جو ھڪ ماڻھو پنھنجي آڳر ۾ موجود نم جو وڻ کپائي وري ان مان سولر پينل وٺي آيو ھيو. ھاڻي سندس ٻار آڳر ۾ راند نہ کيڏندا ھئا بس ڪمرن ۾ پکي جي ڪوسي ھوا تي پيا ھوندا هئا. سندس زال کيس چيو ھيو،
” ظلم ڪري نم کَپايئي ۽ سولر وٺي آئين تہ ٻچا سک وٺن! ھي بہ ڪو سک آھي؟ بس سڄو ڏينھن پيا آھن ڪڪڙ جي ٻارن وانگيان وات پٽيون. نم ھوندي ھئي تہ سڄو ڏينھن پيا کيڏندا ھئا ۽ ڪيڏو نہ چست ھئا. مون ڪٿي ٻڌو ھيو تہ ھڪ نم اٺن ايسين جي برابر آھي، تون اٺ قدرتي اي سيون کپائي ھي باھہ اڇليندڙ پکا وٺي آيو آن !“
بادل اھا ڳالھہ ٻڌي ڏاڍو رنو ھيو.
ھڪ ڀيري ڪھاڙي واھہ جي ڪپ تان کوڙ چڪيون ڪڍيون ھيون. بادل صفا ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ويو ھيو. بيلدار کي منٿون ميڙ ڪري مٿس ماحولياتي ڀڃڪڙي ۽ تباھي جو ڪيس ڪرايو ھئائين. پر کيس ڪجھہ ٿيو ڪونہ ھو. بس ٿوري دير لئہ پوليس کيس ٿاڻي تي ويھاريو ھيو ۽ کانئس ’خرچي پاڻي‘ وٺي ھٿ ڪڍيو ويو ھيو. بادل وري نہ ان پوليس چوڪي تي ڇانوَ ڪئي ھئي. ھا باقي پوليس چوڪي جي ڀرسان ڏاڍا چيچڪا ڇٽيا ھئائين، اھو چوندي،
” منھنجا ھي ٻچا نيٺ تہ وڏا ٿيندا! پيٽ ڦاڙيندا انھن وڻن جي دشمنن جو ۽ سندن ساٿيارن جو“
ڌرتيءَ کان جو سندس ٻچا وڇڙيا هئا تہ ھاڻي اھا بہ ٽامو ٿي وئي ھئي. گرمي اھڙي ٿيندي ھئي جو ماڻھو سج تي ٻوٽي پچائي. وري سردي بہ اھڙي ٿيندي ھئي جو ماڻھو پلال تان برف کڻي ڳنڍو ٺاھي کائيندو وتي. مٿان وري ساھہ جي تڪليف ايڏي جو ماڻھن کي لڳندو ھيو تہ ڪنھن گُندڙي ۾ واڙيل ھجن. ھر طرف دانھون ھيون، ماڻھو منھن تي رومال ڏئي ٿي گهميا جو کين ساھہ جي تڪليف ٿي ٿيِ. مطلب تہ ڌرتيءَ جو ڪروڌ ظاھر ٿيڻ لڳو ھيو.
پر ڪھاڙي جو اڃان بہ پيٽ نہ ڀريو ھيو. ھاڻي ھو وڻن جي ڪاروبار سان گڏ ھڪ بلڊر ٿي ويو ھيو. ھاڻي زمين وٺي اتي موجود ھر جيوت مسمار ڪري اتي پٿر جا گهر ٺاھيندو ھيو . پٿر جي ماڻھن لئہ پٿر جا گهر! ھاڻي تہ وڻ سڌي توڻي اڻ سڌي طرح سندس شڪار ھوندا ھئا. جيڪي ٿورا گهڻا وڻ بچيا هئا ھو انھن جي بہ پويان ھيو. ڳولھي ڳولھي انھن جي مالڪن تائين پھچندو ھيو. ھاڻي ڌرتيءَ جي بہ برداشت ختم ٿي رھي ھئي. ھڪ ڏينھن وڻن جو دشمن ھڪ ڳوٺ ۾ھڪ زمين جو سودو ڪرڻ ويو ھيو . اھو ڳوٺ باءِ پاس ٺھڻ جي ڪري شھر جي ويجھو ٿي ويو ھيو ۽ ھن جي نظر ۾ ھيو. ھي جنھن زمين جو سودو ڪرڻ ويو ھيو ان جي مالڪ ھن کي ڪيترا ئي ڀيرا موٽايو ھو، اھو چئي تہ،
” ھي وڻ، ھي ڪچا گهر، ھي رستا اسان جي ابن ڏاڏن جي نشاني آھن. انھن تان ھٿ ڪيئن کڻنداسي؟“
” حيف تنين ھوءِ جنين سيڻ مٽايو سون تي. تنھنجي لالچن تي وڏڙن جي ھڏڙن کي نہ کپائينداسي“
پر ھن پنھنجو اثر ھلائي ان تي مختلف ڪيس ڪرايا هئا. کيس مختلف عقوبتون ڏياريون ھيون. آخر ھو غريب ڪيترو وڙھي ھا. نيٺ ھن ان ٻني جو سودو ساڻس ڪيو ھيو. ان ٻني جي مالڪ کي اتي موجود ٻن ٽالھي جي وڻن جو وڏو ڏک ھيو جيڪي ان ڪالوني ۾ اچڻيون ھيون. ڪھاڙي کي چيو هئائين،
” زمين ڏيندس پر ھڪ شرط آھي،“
” حڪم ڪيو حڪم“ ڪھاڙي وراڻيو ھيو.
” اھي ٽالھيون نہ وڍرائجان. مان ٻني توکي ڏيان ٿو.“
” بس ڳالھہ بہ ايتري، حاضر“ ڪھاڙي ڪوڙي مرڪ منھن تي آڻي چيو ھيو. سوچي رھيو ھيو، ” چريو سمجھي نٿو تہ ٽالھيون نہ ڪٽايون تہ پلاٽن جي سنونت وغيرہ ڪيئن ٿيندي! ٻيو تہ، جنھن ڪاروبار منجھان مان چڙھيو آھيان اھو مان ڪيئن ڇڏيندم!“
جيئن ئي ٻني جي لکت ٿي وئي ھئي تہ وڻن جو دشمن اچي وڻن تي بيٺو ھيو. پنھنجي موجودگيءَ ۾ اھي ٽالھيون ڪٽرائي ۽ شھر ڏانھن واپس وريو ھيو. ھاڻي ھو ترقي ڪري بائيڪ کان وڏي ڪار تي اچي ويو ھيو. کيس اھا زمين ملڻ جي ايڏي خوشي نہ ھئي جيتري ھُن کي انھن ٽالھين جي قتل ڪرڻ جي خوشي ھئي. اھو سندس اندر جو وحشي پڻو ھو، فطرت ۽ وڻن سان دشمني ھئي جنھن جي ڪري اڄ ھو اھڙو نونڌ ڪري خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو.
اڳئين دؤر ۾ آدم خور ھوندا ھئا جن کي انسان جو رت پي سڪون ملندو ھيو. ھن شخص کي وري وڻن جو قتل ڪري راحت رسندي ھئي. سندس وڻ ــ خور جبلت کي تسڪين پھچندي ھئي.
وڻن جو قتل ڪري ھو گاڏِيءَ تي واپس اچي رھيو ھيو. آسمان بادلن سان ڪارو ٿي ويو ھيو. صفا اونداھہ. شام جو بہ اڌ رات ٿي لڳي. تيز مينھن شروع ٿي ويو. بادل برسڻ لڳو ھيو. اھڙي ڀوائتي کنوڻ ٿي لڳي ڄڻ تہ آسمانن ۾ ڪا ويڙھہ ھلي رھي ھئي. ڪھاڙو گاڏي کي ڀڄائيندو ٿي ويو. سامھون کيس ھڪ وڻ نظر آيو. تمام وڏو، گهاٽو بڙ جو وڻ روڊ جي وٽ سان. تيز مينھن ۽ طوفان جي ڪري ھُن گاڏي ان وڻ جي ھيٺان بيھاري ۽ لھي بيٺو. ھو ھاڻي مينھن کان بلڪل محفوظ ھيو. کيس سڪون محسوس ٿيو. مٿي وڻ طرف ڏسڻ لڳو. وڻ جو احسان نہ ٿي مڃائين پر جاچيائين ٿي تہ ڪيترو ڪاٺ ڏيندو. آخر تہ نانگ پنھنجي فطرت ڏيکاري نہ!
سوچڻ لڳو ھيو، ”ٻيلي کاتي جي عملدار کي پئسا ڏئي ھي وڻ وٺان.“
” نہ نہ ان کي ڇو. ھي پويان ٻني حاڪم جي آھي ان کي ئي پئسا ڏيندم تہ ڏئي ڇڏيندو، ڇو سرڪاري ماڻھن کي وچ ۾ آڻيان.“
وڻ ــ دشمني ۾ سندس چھري تي مڪروھہ گهنج ٿي آيا، ھو مٿي بڙ کي ڏسڻ لڳو.
کنوڻ جا تجلا تيز ٿيا، گاج جي گجگوڙ آسمان کي ڦاڙڻ لڳي؛ مينھن اھڙو جو سڄي دنيا ٻڏي وڃي. دل کي ڏاريندڙ آواز ٿيو ھو. بڙ جو ڏار ٽٽو ۽ سندس مڻڪي کي ٽوڙيندو ويو. ڌرتيءَ ھڪڙو بدلو ورتو ٻيا بدلا رھيل ھئا. بادل جو برسڻ تيز ٿي ويو. سندس ڇٽيل سلا ساوا ٿي رھيا ھئا.