اکين جو آپگهاتُ
مرڻ کانپوءِ چئن ڪلاڪن تائين اکيون جيئريون رھن ٿيون. راڻي ڪاڻي ننڊ جهڙيون اکيون سڀ ڪجھہ ڏسن ٿيون. ٻڌڻ ڪم ڪنن جو آھي، اکيون ٻڌن نٿيون پر چھرن تي اڀري آيل تاثرن مان ۽ لبن جي حرڪت مان سڀ ڪجھہ سمجھي ٿيون وڃن تہ گهر ڀاتين، دوستن ۽ رشتيدارن جي اندر ۾ ڇا ٿو ھلي. ھونءَ بہ جڏھن خدا ساھہ ڪڍي ٿو وٺي، (ساھہ خدا ٿو ڪڍي يا عزرائيل يا ماڻھن جا رويا؟ اھا ڳالھہ اڃان مون کي سمجھہ ۾ ناھي آئي! ) تہ ان کانپوءِ انساني نفسيات ۽ روين کي سمجھڻ جي حس تيز ٿو ڪري ڇڏي، تڏھن ئي تہ ڪوئي مرندڙ واپس اچڻ نٿو چاھي ڇو تہ ھو سمجھي ٿو وڃي تہ ھي سڀ رشتا ناتا، دوستيون ياريون، اولاد ۽ مٽ مائٽ سڀ ڍونگ آھن. ھڪ ٻئي ۾ باھمي مفاد آھن؛ لوڀ لالچون آھن جيڪي انسانن کي انسانن سان سلھاڙي ٿيون رکن نہ تہ انسان ڪڏھن جو ھڪ ٻئي کي رڙڪي کائي وڃي ۽ وري اوڳرائي بہ نہ ڏي. جانورن ۾ اھا لوڀ لالچ ناھي تڏھن تہ گڏ ڪونہ ٿا رھن.
بيڊ تي منھنجو لاش پيو آھي. منھنجون اکيون ڇت ۾ آھن. منھنجي زال اٿي آھي ۽ واش روم ۾ ھلي وئي آھي. موٽي اچي مون کي اٿارڻ لڳي آھي پر مان تہ کانئس گهڻو پري ھليو ويو آھيان. مون کي ڌنڌوڙي ٿي، منھنجو اکيون ڇت ۾ لڳل آھن. مون کي سڏي ٿي پر مان کيس ڪا ورندي ڪونہ ٿو ڏيان. منھنجي نبض ڏسي پڪ ٿي ڪري تہ مان مري ويو آھيان. پڪ ٿيڻ کانپوءِ سندس چھري تي مان ڪو ڏک ڪونہ ٿو ڏسان تہ مون کي ڏک ٿو ٿئي. مون سمجھو تہ رڙيون ڪندي، سڄي گهر کي مٿي تي کڻندي، مون کي ڀاڪر ۾ ڀري وڏا وڏا سڏڪا ڀريندي تہ مان خوش ٿيندم تہ مون جنھن سان پنھنجو پورو جيون گذاريو، ڏک سک ۾ جنھن کي نہ ڇڏيو ، کوڙ موقعا ۽ متبادل ھجڻ جي باوجود مون ٻي شادي نہ ڪئي. اُھا منھنجي ايئن اچانڪ وڇڙڻ تي ٽٽي ڀور ڀور ٿيندي جيئن واريءَ جو ڪو دڙو ڊھي پيو ھجي. پر ھُن جي چھري تي تہ ڪو ڏک وارو تاثر ناھي. سندس چھري تي جيڪي پريشانيءَ جا تاثر آھن، مان اُھي پڙھڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان:
”الائي ڪٿي ڪٿي پلاٽ ورتل اٿس. ھاڻي مون کي ڪيئن خبر پوندي؟“
”الائي ڪنھن ڪنھن جي نالي سندس پلاٽ ھوندا آھن؟“
”سندس اي ٽي ايم ڪارڊز تہ کڻان. وري اچي ھن وارو ننڍو ڀاءُ انھن جو وارث ٿيندو. ھن وٽ بہ تہ پاس ورڊ ھوندو آھي انھن جو.“
”ائي ھاڻي ابي وارا ويچارا اھڙي گرمي ۾ ڳوٺان ڪيئن ايندا؟“
”سندس ايڏا مھنگا مھنگا ڪپڙا آھن. الڳ ڪري رکان. وري سندس ڀاءُ ايندو تہ سڀ کڻي ويندو. منھنجي ڀائرن کي بہ تہ ڪجھہ ڪم ايندا.“
ھي ڇا!!! ھن کي ڪو ڏک ڪو صدمو ئي ناھي رسيو تہ مان ايئن اچانڪ مري ويو آھيان.
رات ئي تہ ھڪ دوست وٽان ٿي آيم جتي ويھي چُڪي چاڙھي سي؛ ڪو گھڻو عرصو تہ پري نہ ھيم جو کانئس وسري وڃان يا ايئن سندس دل مان نڪري وڃان! پر ھن کي تہ منھنجي ملڪيت جي لڳل آھي. منھنجي ٻارن کي بہ نٿي ٻڌائي. نہ ڪنھن کي گهرائي ٿي.
مون ھن لئہ ڪيڏا ڪشالا ڪيا هئا. معاشري، خاندان ۽ ايتري قدر جو ڪنھن حد تائين مذھب يا کڻي چئجي تہ فرقي سان بہ بغاوت ڪئي ھئي.
ھن جو تعلق جنھن فرقي سان ھو ، اھو فرقو منھنجي بابا جي نظر ۾ ڪافر ھيو. نہ رڳو اھو پر اسان جي خاندان کان سندن رتبو بہ ڪافي گهٽ ھيو. ھيٺين پيڙھيل طبقي سان سندس خاندان جو واسطو ھيو. ھُن جو پيءُ پرائمري جو استاد ھيو ۽ شعور پڻ رکندو ھيو. ان ڪري ھو پٽن سان گڏ ڌيئرن کي بہ پڙھائيندو ھيو. ھوءَ پھرين درجي کان اٺين تائين منھنجي ھم جماعت رھي ھئي. پوءِ مان خانگي اسڪول ۾ ھليو ويم ۽ ھوءَ سرڪاري ۾ ئي پڙھي. سندس پيءُ کيس يونيورسٽي موڪليو ھيو. ساڳي يونيورسٽي جتي مان پڙھندو ھيم. خبر نہ پئي اسان ڪيئن ويجھا ٿي ويا هئاسي. مون گهر وارن سان ھن سان شادي جي ڳالھہ ڪئي ھئي. سندس نالو ۽ خاندان جو ٻڌي سڀن کان ڇرڪ نڪري ويو ھيو. ”تون انھن ڪافرن مان شادي ڪندين؟ مٽائيندي ھوءَ پنھنجو فرقو؟“
” مون کي پرواھہ نہ آھي تہ سندس فرقو ڪھڙو آھي! ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي!“
”اھا ڪھڙي بڪواس ٿو ڪرين؟ تنھنجا ٻار ڪافر ھوندا؟“ بابو صفا ڏمرجي ويو ھيو. مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو ھئائين.
ھُن جو پيءُ بہ تہ راضي ڪونہ ھيو ، کيس چيو ھئائين، ”تون ان ڪٽر خاندان ۾ شادي ڪندينءَ؟ ھو تہ توکي فرقو مٽائڻ بنا قبول ئي ڪونہ ڪندا.“
ڪويتا کيس ٻڌايو ھيو تہ مون کي ڪو فرق نٿي پيو تہ ھوءَ ڪھڙي بہ فرقي ۾ رھي. پوءِ مون ساڻس شادي ڪئي ھئي. گهر کان آڪ ٿيل ھيم. ڪيڏي محنت ڪري پڙھي ۽ ڪميشن ڪري آفيسر ٿيو ھيم. کيس ھڪ ويلو بہ بک تي نہ رکيو ھيم.سندس ھر ڳالھہ پوري ڪندو ھيم. ڪيتريون تہ ٽوشنيون پڙھائيندو ھيم رڳو ان ڪري تہ ھُن جي ھر خواھش پوري ٿي. وري جو آفيسر ٿيو ھيم تہ کيس محلن ۾ رھايو ھيم. نہ رڳو اھو پر سندس سڄي گهر وارن کي بہ سيٽ ڪيو ھيم. سندس ڀائرن کي نوڪريون وٺي ڏنيون ھيم. سندس ڀيڻن جون شاديون ڪرايون ھيم. پر منھنجي مرڻ تي کيس ذرو بہ ڏک نہ آھي. منھنجو بٽون کڻي ان مان اي ٽي ايم ڪڍي پنھنجي پرس ۾ رکي ڇڏيا اٿائين. منھنجي وارڊ روب مان منھنجا مھنگا ڪپڙا ڪڍي پنھنجي وارڊ روب ۾ رکيا اٿائين. اڄ ھوءَ منھنجي آڏو ڪيڏي ننگي ٿي پئي آھي.!! منھنجا سڄا فائيل کولي ڇڏيا اٿائين. شايد منھنجي ملڪيت جا ڪاغذ ٿي ڳولھڻ چاھي. کيس ڪيئن ٻڌايان تہ سڀ ڪجھ اسان جي اولاد جي نالي ئي آھي. بس ھڪ فليٽ امان جي نالي ڪيو ھيو تہ جيئن کيس رھڻ لاءِ ھڪ مستقل اجھو ھجي ۽ ٻيو ھڪ دڪان ھڪ رنڙ زال لئہ ڪيو آھي تہ جيئن مون کان پوءِ بہ کيس ھڪ مستقل آمدني ايندي رھي. باقي منھنجي ڀاءُ کي نوڪري آھي ۽ ابي جون ٿوريون گهڻيون ٻنيون آھن مڙئي سندس گذر سفر ٿي ويندو.
ھاڻي ھوءَ ڪمري مان نڪري وئي آھي. شايد منھنجي ٻارن کي وٺڻ وئي آھي. منھنجا ٻہ پٽ ۽ سندن زالون منھنجي ڪمري ۾ داخل ٿيا آھن؛ سندن چھري تي ڪا ڏک جي لڪير ئي ڪونھي. اچڻ سان ئي مون تي ھڪ نظر وجھي وري منھنجي ڪاغذن کي ڏسڻ ٿا لڳن. منھنجو وڏو پٽ منھنجي ننڍي پٽ کي چوي ٿو،
”ھتي تہ بس چئن بنگلن، ٻن فليٽن ۽ چئن دڪانن جا فائل پيا آھن جيڪي تنھنجي ۽ منھنجي نالي آھن. باقي ٻي ايتري ملڪيت ڪاڏي وئي؟“
”وري ھي ظلم ڏسو! ھو جوھر وارو فليٽ بابي ڏاڏِي جي نالي ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي ان پوڙِھي کي ڪھڙي ضرورت ھئي!“ منھنجو وڏو پٽ ڪاغذن کي پڙھندي مون تي ٻڙڪا ٿو کائي!
”وڏو سخي ھو تو وارو پيءُ بہ. پنھنجي اولاد ويٺي ٿس وري پنھنجي ماءُ سان پيار جو اظھار ڪري ويو جنھن جي ھڪ ڄنگھہ تہ قبر ۾ پئي آھي!“ منھنجي وڏي نُنھن پنھنجي مڙس کي طعنا ٿي ھڻي. منھنجو ننڍو پوٽو جيڪو سٽي اسڪول ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙھندو آھي، منھنجي پيرن تي پنھنجو منھن رکيون پيو آھي. ڪيڏو تہ مون سان پيار ڪندو آھي. ٻار فرشتن کان بہ اعليٰ ۽ نيڪ ھوندا آھن. ھو ڪنھن جو پاسو ناھن کڻندا. فرشتا تہ نيڪ بندن جو پاسو کڻندا آھن ۽ گنھگارن کان نفرت ڪندا آھن. پر ٻارن ۾ اھا خوبي يا خامي نہ آھي. منھنجو پوٽو رڙ ڪري پنھنجي پيءُ يعني منھنجي پٽ کي چوي ٿو،
”بابا توھان ڏاڏي کي ڇڏي پراپرٽي ٿا ڊسڪس ڪيو. واٽ اي شيم!“ منھنجو پٽ ٿورو لڄي ٿئي ٿو.
منھنجي نُنھن پٽ کي دڙڪو ٿي ڏي: ”بِھيو يوئرسيلف شايان! توھان جو ابو ضروري شيون ٿو ڏسي رليٽڊ تو يوئر گرانڊ فادر.“
منھنجو پوٽو مسلسل روئيندو ٿو رھي.
منھنجا ٻار منھنجي ميڙِي ۾ پنھنجو حصو ڳولي رھيا آھن. نيٺ انھن کي ھڪ فائيل ملي ٿو وڃي جتي مڪمل ملڪيت جا تفصيل آھن جن مان گهڻو ڪجھہ منھنجي ٻنھي پٽن جي ۽ منھنجي زال جي نالي آھي باقي ڪجھہ ملڪيت منھنجي ٻن ڌيئرن جي نالي آھي. نہ ئي منھنجي پٽن نہ منھنجي زال اڃان تائين منھنجي ڌيئرن کي منھنجي مرڻ جو ٻڌايو آھي. بس رڳو ملڪيت جي پچار ۾ لڳا پيا آھن. چوندا آھن پئسي واري جو سڀ ڪوئي آھي پر ھتي تہ پئسي واري جو پنھنجي گهر مان ڪوئي روئڻ وارو بہ ناھي. ھاڻي منھنجي زال منھنجي ٻن ڌيئرن کي فون ڪري منھنجي مرڻ جو ٻڌايو آھي. منھنجا پٽ منھنجي دوستن کي ۽ مٽن مائٽن کي ٻڌائڻ لڳا آھن. ڪيئن سندن آواز مصنوعي طريقي سان نڪرن ٿا ايئن ٿو لڳي تہ ھو منھنجي غم ۾ چور چور ٿي ويندا.
منھنجي زال پنھنجي يعني منھنجي ننھن ۽ پٽن کي چوي ٿي،
”مھمانن جي اچڻ کان اڳ ۾ جلدي ۾ نوان ڪارا وڳا پائي ڇڏيو. الئہ ڪٿان ڪٿان ماڻھو ايندا“
منھنجي وڏي ننھن منھنجي ننڍي ننھن کي چوي ٿي،
”جلدي ڪري ڪٿان رودالين کي تہ گهرائي وٺ. اسان کان روئڻ ڪٿي پڄندو. ماڻھو ڇا چوندا ھنن جي اکين ۾ ڪو ڳوڙھو ئي ناھي.“ ھاڻي روئڻ پٽڻ وارا بہ پئسن تي ايندا! جذبات بہ پئسن تي وٺبا!
منھنجي مرڻ تي سندن اکين ۾ ھڪ ڳوڙھو بہ ناھي! مون کين ڪيڏو نہ پيار سان رکيو ھيو. کين ڪڏھن بہ محسوس ڪرڻ نہ ڏنو ھيم تہ اھي منھنجون ننھرون آھن. مون تہ کين ڌيئرن وانگي رکيو ھيو. ھر مھيني سندن لئہ ۽ سندن اولاد لئہ وڳا وٺي ايندو ھيم. ھر مھيني جي شروعات ۾ ئي کين خرچي الڳ ڏيندو ھيم. گهر ۾ ھنن کي ھر ڪم لئہ الڳ الڳ نوڪرياڻيون رکي ڏنيون ھيون.
ٻنھي پٽن، ڊرائيور ۽ چوڪيدار کي سڏي منھنجو لاش حال ۾ رکرايو آھي. ڊرائيور جي چھري تي پريشاني آھي تہ ھاڻي مون وارو پٽ کيس رکندو الائي نہ. باقي گارڊ جي چھري تي خوشي آھي ڇو تہ مان اڌ رات جو ٻاھر نڪري کيس ننڊ ۾ ڏسي دڙڪا ڏيندو ھيم. ھو سوچي ٿو،
”جان ڇٽي ھن مان. اڌ رات جو بيٺو دڙڪا ڏيندو ھيو. ڀلا انسان آھي، اک لڳي ويندي آھي.“
منھنجو لاش هال ۾ پيو آھي. سڀ تيار ٿيڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ ھليا ويا آھن. مان اڪيلو آھيان. ڪاش اڪيلو ئي ھجان ھا، ھي سڀ رشتا ناتا نہ ھجن ھا تہ مون کي ڪو ڏک نہ ٿئي ها. ھونءَ بہ سڀ سور رشتن ۽ ناتن سان ئي سلھاڙيل آھن. ننڌڻڪي ماڻھو کي ڪھڙو سور؟ ڪھڙو دوکو؟
منھنجو ڌيئرون پھچي ويون آھن. سندن ٻار ۽ مڙس بہ ھنن سان گڏ آھن. سڀني کي نوان ڪپڙا آھن. شايد منھنجي مرڻ کان پوءِ ڪا نئين رسم اچي وئي آھي تہ فوتگيءَ تي سينگارجي وڃڻو آھي. ھو هال ۾ گِهڙڻ سان گهر ۾ ھيڏي ھوڏي ڏسن ٿيون. سڀ تيار ٿيڻ ويا آھن. منھنجي زال آئي آھي. مون سمجھيو منھنجون ڌيئرون کيس ڀاڪرن ۾ ڀري سڏڪن ۾ پئجي وينديون. پر ھو بہ ساڻس رسمن مليون آھن.
منھنجي وڏي ڌيءَ منھنجي ڀرسان ويٺي آھي. سندس چھري جا تاثر ٻڌائن ٿا:
”بابي جو اوچتو موت ٿيو. ڪجھہ ڳالھائي بہ نہ سگهياسي. اسان جو حصو ڪڍيو ھوندائين الائي نہ.ايئن نہ تہ سڀ ملڪيت ھجي ئي اسان وارن ڀائرن جي نالي پوءِ تہ اسان جو ڪليم بہ نہ ٺھندو! ايڏي ملڪيت رڳو ٻن ڀائرن کي ويندي!!“
ننڍي ڌيءَ بہ ساڳي ئي ڳالھہ ٿي سوچي! کين اھو تہ ياد ئي نٿو اچي تہ ڪيئن کين ملڪ جي اعليٰ ترين يونيورسٽين ۾ پڙھايم. وري سندن رشتا بہ ھيڏن وڏن خاندانن ۾ ڪرايا ۽ ڏاج ۾ بہ سندن گهر ڀري ڇڏڻ سان گڏ سندن ورن کي گاڏيون گفٽ ڪيون. ٻنھي جي نالي الڳ الڳ گهر بہ خريد ڪيو. پر اڃان بہ کين منھنجي مرڻ جو ڏک نہ آھي پر ملڪيت جي ڳڻتي اٿن.
ھاڻي مھمان اچڻ شروع ٿي ويا آھن. پاڙي وارا اچي ويا آھن. منھنجا دوست فيملين سان گڏ پھچي ويا آھن. شھر ۾ رھندڙ مائٽ بہ پھچي ويا آھن. ھڪ مائٽ جنھن کي مون نوڪري وٺي ڏني ھئي ۽ کيس ڪراچي ۾ جائتو بہ ڪيو ، ان جي چھري جا تاثر پڙھي مان تہ حيران ٿي ويو آھيان ڇو تہ جڏھن بہ ملندو ھيو پيرين پئي ملندو ھيو.
”ڪنھن نہ ڪم جو ھيو. کيس ھڪ سٺي سيڪشن ۾ ٽرانسفر لاءِ چيم پر ڪونہ ڪرايائين. ڪرائي ھا تہ ھن وقت تائين جام پئسو ڪمائي وڃان ھا. باقي رڳو نوڪري وٺي ڏنائين تہ ڪھڙو احسان ڪيائين. ابي تي ٿورو ڪيو ھئائين جيئن ڳوٺ اچي تہ عزت ڏيونس ٻيو وري ڇا.“
منهنجو ننڍو ڀاءُ ۽ امان بہ پهچي ويا آهن. امان سڏڪندي اچي منهنجي کٽ جي پائي سان ڀاڪر پائي روئي ٿي. ماءُ ماءُ هوندي آهي.
ماءُ جهڙو پيار اگر خدا بہ ڏي ها تي انسان ائين تڪليفن ۾ نہ هجي ها. منهنجو ڀاءُ بہ چُپ ڪري اچي ويهي رهيو آهي. هن جي چهري تي بہ ڪو ڏک ناهي. سندس چھري جا تاثر ڳالھائن ٿا:
”ادو وڏو سهارو هو. جڏهن بہ کُٽندو هيم تہ فون ڪندو هيومانس. سدائين مدد ڪيائين... منهنجي نالي ڪجهہ ملڪيت ۾ ڪري ويو الائي نہ .... امان جي نالي بہ ڪيائين الائي نہ. امان جي ٿي تہ ڄڻ منهنجي ٿي.“
امان روئي روئي ساڻي ٿي پئي آهي. منهنجي وڏي ڌيءَ اچي کيس ٽيڪ ٿي ڏي ۽ سنڀاري ٿي. هاڻي امان سامت ۾ آئي آهي. امان کي وري منهنجي ڀاءُ جي ڳڻتي آهي:
”الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏي. پنهنجي ڀاءُ جي سدائين سار لهندو هيو... الله ڪري هن جي نالي ڪجھ ڪري ويو هجي. کيس ننڍا ننڍا ٻچا آهن.“
مونکي امان جي سوچ تي ڏک ناهي.
هوءَ پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. ظاهر آهي هاڻي منهنجو ڀاءُ ئي سندس سهارو آهي. پر ڇا منهنجي پورجڻ تائين انتظار نہ پيا ڪري سگهن؟ ڇو ڪير اهو نٿو سوچي تہ مان ائين اوچتو مري ڇو ويم؟ ڪوئي ڀلا منهنجي آخرت لاءِ بہ نٿو سوچي! سڀ کي منهنجي ملڪيت جي ۽ پنهنجي لڳل آهي!
هي جيڪا مون سڄي زندگي محنت ڪري سڀني کي سکيو رکيو ڪنهن کي اُهو ياد ئي نٿو اچي! ڇو ڪنهن کي ياد نٿو اچي تہ ڪنهن بہ ننڍي وڏي ڏينھن تي مون ڪنهن کي نہ وساريو هيو.؟
ڀَلا منهنجي ڪا سٺي ڳالهہ ئي ياد ڪن تہ بہ مونکي سڪون اچي وڃي. پر سڀن کي رڳو منهنجي ملڪيت ياد آهي!
ڀلا منھنجي سٺي ڳالھہ بہ ڪھڙي ياد ڪن!! مان بہ رڳو نوڪري ۾؛ پئسي ڪمائڻ ۽ واسطا ٺاھڻ ۾ مصروف رھيم. ڪنھن ٻار کي صحيح طرح سان وقت ئي نہ ڏئي سگهيو ھيم. وزيرن مشيرن سان واسطا ٺاھڻ جي ڪڍ لڳو رھيم. سمجھيو ھيم تہ واسطا ٺھندا تہ طاقت ۽ پئسو جام ٿي پوندو. پئسو ۽ طاقت تہ جام ٿيا پر رشتن، رشتن ۾ موجود جذبات، شدت ۽ محبت سڀ ايئن گم ٿي ويا جيئن وڏي انڌار اچڻ کانپوءِ رستن تان ڪک پن اڏامي گم ٿي ويندا آھن.
ڪڏھن ڪنھن ٻار سان ويھي ڏک سک نہ ونڊيم. ويھي ڪڏھن سندن دل جون ڳالھيون نہ ٻڌم. سمجھيم تہ پئسو ڏيان ٿو، سندن ھر ڳالھہ پوري ڪيان ٿو ، اھو ئي سڀ ڪجھہ آھي. پر اڄ خبر پئي آھي تہ اھو ڪجھہ بہ نہ ھيو!
منھنجو ويجھو جگري دوست جنھن وٽ رات چڪي چاڙھي، اھو بہ پھچي ويو آھي. اچي منھنجي زال جي سامھون ويٺو آھي ؛ منھنجي لاش جي ڀرسان. ھر ھر ان کي ٿو ڏسي.
ھي ڇا! منھنجي زال کيس مرڪي ٿي ڏسي.
اکين اکين ۾ ڳالھائن ٿا!
رات جيڪو آخري پيگ پيتو ھيو، ان کان پوءِ منھنجي طبيعت ۾ مزو نہ ھيو. مون سمجھو تہ نشا ھوندا!
پر ھيءُ منھنجو دوست....!!
اڃان ٽي ڪلاڪ ٿيا آھن. اڃان ھڪ ڪلاڪ وڌيڪ منھنجون اکيون زندہ رھنديون! پر مان رشتن جي سفاڪي ۽ دوست جي بيغيرتائي کانپوءِ ڪجھہ ڏسڻ نٿو چاھيان.
مان پنھنجو اکيون ماري ٿو ڇڏيان! ڪيئن؟ اھو مان تڏھن ٻڌائيندم جڏھن ڪو انسانن کي وري پٿرن جي زماني ۾ وٺي ويندو جتي نہ رشتا ھجن، نہ ناتا، نہ پئسو!