رسمن جي پيڙا
سگريٽ جي دونهين جي آلاڻ ٿي محسوس ٿئي.
شايد ڳوڙهن ان کي گهِمائي ڇڏيو آهي، يا سگريٽ خود روئي ٿو ۽ دونهون سندس ڳوڙها آهن!!
آواز آهن چوڌاري پر ڪوبہ آواز سمجھہ ۾ نٿو اچي؛ شايد دٻا ٿا کڙڪن!! ها جڏهن انسانن جي اندر مان اهو ناهي نڪرندو جيڪي هو چوڻ چاهيندا آهن؛ پوءِ اهي آواز ناهن هوندا صرف دٻا هوندا آهن، ڇمڪڻا هوندا آهن ۽ انهن ڇمڪڻن تي اسان جون خواهشون ڊوڙنديون آهن!!
ڊوڙي ڊوڙي آخرڪار ڪِري پونديون آهن!!!
منزل تي پهچڻ کان اڳ۾ ئي !
”مونکي آواز ڇو نٿا اچن سمجهہ ۾!؟“
ڇا هڪ ڪمري ۾ رهي، رهي مان ٻڌڻ جي حس وڃائي ويٺو آهيان!؟
”نہ نہ ائين ناهي“!
”ها...! مان مري چڪو آهيان، ’هُن‘ سان ئي تہ منهنجي ذات هئي، هوءَ ناهي تہ مردہ آهيان. زندهہ لاش! پوءِ ڀلا مُردن کي بہ ڪجھہ ٻڌڻ يا سمجھڻ ۾ ايندو آهي ڇا؟؟
”نہ مان زندہ آهيان دنيا مري چڪي آهي، جو کيس خوابن جا سڏڪا ٻڌجن ئي نٿا..!“
”ٿيلھي ۾ پيل ڪتاب روئن ٿا! ڀلا ڇونہ روئن؟ هن کانپوءِ کين وساري جو ڇڏيو آهي!!
”سگريٽ.......! سگريٽ ڏاڍا خوش آهن، هر وقت جو چپن تي هوندا آهن!!
”هو ڪتاب ڇو ٿو روئي؟؟ ڇا ٿو چوي؟؟ مون کي آواز ڇو نہ ٿا سمجهہ ۾ اچن!؟؟ مون آخري آواز ڪڏهن ٻڌو هيو!! سمجھيو هيو!! ذهن تي زور.....” ها ياد اچي ويو!! آخري آواز هُن جو ئي تہ هيو. هوءَ، هوءَ جيڪا هوءَ نہ هئي ”مان“ هيم! سنڌو جل هئي.“
”تون منهنجي دنيا کي بي رنگ ڪري ويندين!؟ اڙي تون مون کي ائين ڇڏي ويندين؟ تون تہ چوندو آهين تہ منهنجي اک ۾ ڳوڙهو توکي پنهنجي دل جي دنيا ۾ ايٽم بم لڳندو آهي، پوءِ پوءِ هي هيترا ڳوڙها...؟ (سڏڪا....پويان ڪوئل جو آواز هوءَ بہ سڏڪن ۾ هن جيان)
”ها! تنهنجي اک ۾ ڳوڙهو منهنجي دل جي دنيا ۾ ائٽم بم هوندو آهي!! پر مون وٽ هاڻي دل جي دنيا رهي ئي ناهي!! (هاڻي تون چوندينءَ تہ دل جي دنيا رهي ئي ناهي تہ پوءِ مان توکي ڪٿ رهائيندس!؟ اڙي تون ”تون“ آهين ئي نہ ”مان“ آهيان) مان اهو انسان ٿي ويو آهيان جنهن جي ڪلهن تي خواهشن ۽ اميدن جا بار رکي پوءِ پير وڍي چيو ويندو آهي اڳتي وڌ ۽ اهو ڪجهہ حاصل ڪر جنهن سان دنيا خوش رهي سگھي!!!
”۽ منهنجون خواهشون؟؟ اهي ڪير کڻندو پنهنجي ڪلهن تي!؟“ ھن جو ڪٿان سڏڪو آيو ھو.
”تنهنجون خواهشون پوتر آهن تو جيان، مونکي دنيا جي رسمن جي گندگي پليت بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ مان پليت تنهنجي پوتر خواهشن کي ڪيئن ٿو کڻي سگھان!؟“
”اوئي! (ھوءَ جڏهن بہ غصي ۾ هوندي هئي تہ ائين ڳالهائيندي هئي) تون پاڪ آن پوتر آن، منهنجي خواهشن کان بہ وڌ! مقدس جڳھن کان بہ وڌ! مون سان ڊيگھہ نہ ڪر (سڏڪو الائي آسمان جو هيو الائي ھُن جو! آسمان جو نہ هوندو ڇو تہ اھو تہ تماشائي آ صرف ڏسندو آهي ۽ خاموش...)
”مان، مان وڏي ڏنگي آهيانءِ ۽ مان زوري ڳالهہ مڃرائيندي آهيان. منهنجون خواهشون توکي پوريون ڪرڻيون آهن؛ توکي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻيون آهن“
(ڪاش ھوءَ مونکان اهو ضد مڃائي سگھي ها!) ھن ٿڌو ساھہ کنيو ھو.
”ٻڌ“؟؟
”چئو“
”تون دعائون گھرندو آهين نہ؟ تون تہ سڀني کان وڌيڪ دعائون گھرندو آهين! مٿي ۾ سور پوڻ کان بخار تائين تون دوا ناهين وٺندو دعا گھرندو آهين“؟؟
”ها......پوءِ؟؟“
”مون کي هن کان گھريو ٿي!؟“
(آسمان نہ رنو ڇو نہ رنو.....؟؟)
”هو نہ ٿو ٻڌي ڙي.......!
”ڇو نہ ٿو ٻڌي!؟ هو تہ تنهنجي هر ڳالهہ ٻڌندو آ نہ!؟“
”هو رسمن آڏو ناهي ايندو!!!“
”ٻڌ“
”چئو؟“
”خبر ٿي نہ مونکي مينديءَ جو رنگ ڪيڏو وڻندو آ!! تون اها ضرور هڻجان ۽ پوءِ هٿن کي مون ڏانهن ڪجان، مان سمجھندم...مان سمجھندم (سڏڪن جي ڇُري ڳالهين جي ماس کي ڪوري وئي) مان سمجھندم تہ منهنجي ڪا تہ دعا ھُن ٻڌي (جيڪي تو لاءِ گھريون انهن مان)“
”هو ائين ڇو ٿو ڪري ڙي!؟ ڏاڍو آ تڏهن!؟“
”نہ اسان بي وس آهيون، اسان نہ مان بي وس آهيان، جو ٻين جي خواهشن جا بار ٻين جي ڪلهن تان نٿو لاهي سگھان!!“....خاموشي
”شعر ٻڌاءِ نہ ڙي!؟
”ڇو ٻڌايائين نہ ٻڌائيندي مانءِ!“
”مُڙدن کي دڙڪا ناهن ڏبا ڙي!!“
”مُڙدن کي مُڙدا تہ دڙڪا ڏيندا آهن نہ!!“ (هن ڀيري ڪنهن جو سڏڪو هيو، خبر ڪانہ هئي.)
”ڪنهنجو ٻڌايانءِ؟“
”بابا ڀٽائيءَ جو....“
”روئجانءِ نہ.....(ڪجھ ڪِرڻ جو آواز آيو هيو، شايد هن جو ڳوڙهو ڪِريو هيو ڌرتيءَ تي يا شايد ڌرتي جو سڏڪو هيو، ڌرتي ئي تہ آهي، جيڪا اسان لاءِ روئندي آهي لڇندي آهي....۽ هو آسمان.....!؟
”هاڻي ٻڌاءِ نہ!!
”ڪڏهن ڪڏهن هنئينڙا! نٿو وڻي مون،
تو جي سڄڻ ساريا، سي وس ناهن مون،
جڏهن ڪڏهن تون، ٿو اڻ ڏٺا آرا ڪرين!!“
”وڻيئي“
”ها“
”ڏس چيو هئو مانءِ تہ روئجانءِ نہ، روئڻا! چڱو ڀلا ٻڌ“
”جي“
”مان بابا ڀٽائي کي بہ دانهن ڏني هئي مانءِ (ڍُنڍڪر)
”ڇا چيو بابا؟؟“
”هو بہ روئي پيو، خبر ٿي نہ بابا محبت ڪندڙ وارن لاءِ ڪيڏو روئندو آهي چيائين، ”جيڪي گهاوَ پنهنجي ئي رت مان لڳن تن جو تہ ڪو دارون ئي ڪونهي“ بابا ڏاڍو اداس هيو صدين جي پيڙا ڄڻ تہ سندس منهن مبارڪ تي هئي . چوڻ لڳو ،
”منهنجي ٻَچن سان ائين ڇو ٿو ٿئي؟ کين ڄمڻ سان ئي ڪفن ٿو پارايو وڃي! ۽ پوءِ انهن کي چيو ٿو وڃي تہ اداس ڇو رهندا آهيو؟ ڀلا جنهن شخص کي ڄمڻ سان ئي ڪفن اوڍايو وڃي (هي اهو ڪفن ناهي جيڪي جوڌا پائيندا آهن، ۽ هر وقت ديش لاءِ سر سٽڻ لاءِ تيار هوندا آهن، هي تہ رسمن جو ڪفن آهي جيڪو منهنجي ٻچن کي ڄمڻ سان ئي اوڍايو ٿو وڃي) اهي ڪيئن نہ اداس ٿيندا؟؟ منهنجي سنڌ جي ٻچڙن سان وڏو ويل انهن جا والدين ئي ڪن ٿا، مون چيو هو نہ.
”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سُونهان“
پر منهنجي ٻچي آڪاش ان جو بلڪل صحيح جواب ڏنو هو،
”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، تون سيڪيندي سُونهين،
پر تن کي ڪندين ڪئين، جي پنهنجي هنيا پٺ ۾“
اهي ڌڪ جيڪي پنهنجن هنيا پٺ ۾ انهن کي تہ ڏسي بہ ناهي سگھبو، پوءِ انهن جو دارون ڪئين ٿئي؟؟
”بابا توهان هاڻي تنبورو بہ ناهيو وڄائيندا ڇو بابا؟، مون بابا ڀٽائي کان پڇيو ھيو “ ھوءَ اکيون آسمان ۾ وجهي ڳالھائڻ لڳي ھئي.
” ڌيءَ! توهان ٻچن جا سور ڏسندو آهيان تہ هٿ دعا ۾ هوندا آهن، پوءِ اتان ڪڏهن واندو ئي نہ ٿو ٿيان تہ تنبورو ڪئين وڄايان؟؟“
”بابا پوءِ اسان ڇو نہ ٿا ملي سگھون! ڇا ڇا هو تنهنجي بہ نہ ٿو ٻڌي!؟؟
”ڌيءَ تون طعنو ٿي هڻين؟“
” نہ بابا (آواز ڳورو) مان دانهن ٿي ڏيان“ (ڳوڙها)
”................ڌيءَ هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو.......!!“
(ڍُنڍڪرون، الائي ڪنهنجون هيون، هن جون؟ يا ڀٽائي جون؟؟
”بابا به چيو تہ هو رسمن جو آڏو ناهي ايندو!!“
”پوءِ ڙي پنهنجو ڇا ٿيندو؟؟؟ ڇا منهنجي هٿن تي ميندي نہ لڳندي، خبر ٿئي نہ تہ مون کي مينديءَ جو رنگ وڻندو آهي!!؟؟
”مان.....مان ڇا ڪيان ڙي، چئو نہ هن کي. هو تہ تنهنجي ٻڌندو آهي نہ!؟“
.....خاموشي
”ڀلا ٻڌ“
”جيءُ“
”سچل کي دانهن ڏنئي“
”ها“
”ڇا چيُئيس؟؟“
”توهان جو بابا جي ديڳ جو ڍڪ لاٿو ان مان ڇا ورهايو؟؟“
”ڇا اسان لاءِ ڪجھ خوشيون بچايون؟ اسان ڪاڏي وڃون؟ اسان لاءِ هن کي چئو نہ!! توهان تہ هن کي نچي مڃائيندا آهيو، مڃايونس نہ..!“
”مُنهنجي گَھڻين منٿن ۽ سڏڪن کانپوءِ ڳالهايائين“ مان هاڻي نچندو ناهيان، نہ ئي راڳ ڳائيندو آهيان.“
”ڇو سائين!؟“
”هن رسمن منهنجي گھنگھرن کان ڇمڪارکسي ڇڏي آهي، مان نچندو هيم تہ انهن مان نوحا ايندا هيا، معصوم دلين جي ٽٽڻ جا، ان رسي جا سڏڪا ايندا هئا جنهن سان هڪ معصوم پاڻ کي ٽنگيو هيو، ان روڊ جا پڙاڏا، رت جي بوءِ سان ڀريل، جنهن تي هڪ معصوم پاڻ کي گاڏيءَ آڏو اڇلايو هيو“!!
”سائين توهان هن کي اسان لاءِ نہ چوندئو؟
”هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو!“، ”سچل چيو ھو.“
(هن واري سڏڪو نہ هيو، شايد ان ڪري جو سچل هاڻِ خاموش رهندو آهي تڏهن.)
”.....اڙي! پوءِ منهنجا هٿ خالي هوندا، (سڏڪا) بي رنگ هوندا، انهن تي ميندي نہ لڳندي؟“
.........خاموشي......نہ سڏڪا هيا!!
”ٻڌ“
”چئو“
”ڇوڪرا بولڊ ٿيندا آهن، اهي ناهن روئندا! ماڻهو ... ماڻهو ڇا چوندا ڙي“ (سڏڪو)
”تون......تون، ڇو ٿي روئين؟
”مان تہ ڇوڪري آهيان“
”پوءِ تون ۽ مان تہ ”هڪ“ آهيون نہ!! روئندم روئندم ڇا ڪندينءَ.“
”پوءِ تو هن کي پاڻ چيو؟
”ڇڏ ان ڳالهہ کي“
”نہ نہ ٻڌاءِ! (سڏڪو)
”اڙي دادا گيري آ ڇا...! نہ ٻڌائينديمانءِ.... چيم نہ ڇڏ هن ڳالهہ کي!!“
”نہ ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ!“
”ڏاڍو ڪنو آن ڙي!!“
”ڀلو بہ نہ ڪيئي نہ!!! هاڻي ٻڌاءِ!“
”هو.......هو خاموش هيو.......ڪجھ بہ نہ ڳالهايائين!!! ڇو تہ، ڇوتہ.... هو رسمن جي آڏو ناهي ايندو!!!“
هوا ۾ ماتم پئجي ويو، سج مان رت وهڻ لڳو، زمين سنڍ ٿي وئي آسمان.......آسمان خاموش!! بس هڪڙو ئي آواز! ”هو رسمن آڏو ناهي ايندو.“