پنج ھزار
پھرينَ تاريخن جي ڪري چيز اسٽور تي ڏاڍي رش ھئي. ايئن ٿي لڳو سڀ ڪراچي جا ماڻھو اڄ ئي سيڌو ( راشن ) وٺڻ نڪتا ھئا. مان گهر وارِي سان گڏ گڏ ھيم . ھوءَ پني تي لکيل سامان ٽرالي ۾ وجهندي ٿي وئي جيڪا مان ھلائي رھيو ھيم. اسانجي ننڍڙي سڀيتا ٽرالي جي بيبي سٽنگ واري جاءِ تي ويٺي ھئي ۽ پنھنجي ماءُ کي چئي رھي ھئي، ” امان مون کي چاڪليٽ کڻي ڏيو، آءِ ايم ھنگري“
” ھا بابا ڪائونٽر تي ھلون تہ توھان کي اُتان چاڪليٽ وٺي ٿي ڏيان.“
” نہ نہ مونکي ھاڻي کپي، ھاڻي“ سڀيتا اسرار ڪندي چيو.
” نہ بابا، ھتي ڪيئن کائيندا؟ ھٿ خراب ٿيندا ۽ سڀ ماڻھورڳو توھان ڏي ڏسندا ۽ ٽوڪ ڪندا. ڪائونٽر تان وٺون ٿا، ٺيڪ آ“
”ٺيڪ آ، “ سڀيتا منھن ٺاھيندي چيو. مان سندس ڳٽن تي پيار ڪرڻ لڳس.
اسان جي ٽرالي ڀرجي وئي. آخر ۾ گِيھہ کڻي ٽرالي جي ھيٺين حصي ۾ رکيم ۽ ڪائونٽر طرف ٽرالي کي ڌڪيم جتي اڳ ۾ ئي لائين لڳي پئي ھئي. ڪائونٽر جي ويجهو ٿيم تہ سڀيتا ٽرالي کان ھيٺ لاھڻ لئہ چيو ۽ فرج ۾ پيل چاڪليٽن تي وڃي ڪڙڪي. چار پنج ڊيري ملڪ جا چاڪليٽ کڻي ورتائين. سندس ماءُ ھُن جي ھٿن مان سڀ کسي واپس فرج ۾ رکيا ۽ کيس ھڪڙو پنجاھہ وارو چاڪليٽ ڏيندي چيائين، ” ھي وٺو بابا، ھي سڀني کان سٺو آھي؛ ۽ ھتي نہ کولجو، اڳ ۾ انڪل بل ڪندو، ان کي پئسا ڏينداسين پوءِ توھان گاڏِي ۾ ھلي کولجو. او ڪي؟“
” اوڪي امان!“ سڀيتا خوشي مان اوڪي اھڙي انداز ۾ چيو جو منھنجي چپن تي مرڪ اچي وئي ھئي.
ڪجھہ دير انتظار کانپوءِ اسانجي ٽرالي جو وارو اچي ويو. مون ٽرالي ۾ پيل سڄو سامان کڻي ڪائونٽر تي رکيو ۽ ڪيشيئر پوري سامان جو بار ڪوڊ ذريعي بل ڪيو، ” سر 55437پنجونجاھہ ھزار چار سوَ ستٽيھہ رپيا. “
مون بٽون مان پنجن ھزارن جا يارنھن نوٽ ۽ ھڪ پنجن سَوَن جو نوٽ کيس ڏنو. ھُن پنجن ھزارن جا نوٽ پئسن ڳڻڻ واري مشين ۾ وڌا. مشين پئسا ڳڻيا تہ ھڪ نوٽ تي ريڊ الرٽ ڪيائين. ھُن اھو نوٽ ڪڍي وري سڀ نوٽ مشين ۾ وڌا. مشين وري بہ ھڪ نوٽ تي ريڊ الرٽ ڪيو. مونکي ڪا ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي تہ آخر ڇا ماجرا ھئي. ھُن اھو نوٽ کنيو ۽ ان کي روشني تي مٿي ڪري چڪاسڻ لڳو. وري نوٽ جي پاسي کي آڱوٺي سان کَرڙي ڏسڻ لڳو. چھري تي ھلڪي مرڪ آڻيندي مونکي چوڻ لڳو، ”سر، اگر توھان مائنڊ نہ ڪيو تہ، مونکي ٻيو نوٽ ڏيندا؟“
” ڇو ڇا ٿيو؟ ھن نوٽ ۾ ڇا مسئلو آھي؟“ مون ٿوري ڪاوڙ ۽ حيرانيءَ مان کيس چيو.
”سر! مشين ان کي ڊٽيڪٽ (سڃاڻي) نٿي ڪري“ ھن نرم لھجي سان مون کي چيو.
”اگر مشين ان کي نٿي ڳڻي تہ منھنجو ڏوھہ!“ مون ٿورو آواز تيز ڪيو. منھنجي مائي جيڪا سڀيتا سان بيٺي ھئي اھا بہ منھنجي ويجهو اچي معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ايتري ۾ منھنجي گوڙ تي فلور مئنيجر اچي ويو ، جنھن ڪئشيئرکان پڇو تہ ’ڇا معاملو آهي؟‘ جنھن تي ڪئشيئر کيس ڪن ۾ ڪجهہ ٻڌايو. مان ۽ منھنجي گهر واري حيرانيءَ مان کين ڏسندا رھياسي. مئنيجر مون کي سائيڊ تي وٺي ويو. سڀ ماڻھو اسان کي تڪي رھيا ھئا.
ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو، ” سر، اصل ۾ توھان جو اھو پنجن ھزارن وارو نوٽ نقلي آھي جنھن ڪري مشين ان کي نٿي ڳڻي.“
” پر مان تہ بئنڪ مان ڪڍرائي آيو آھيان.“ مون پنھنجي دفاع ۾ چيو.
” ھا سر ايئن ئي ھوندو. اُتي ڪنھن کي لڳي ويا ھوندا ۽ ھُن وري توھان کي ھڻي ڇڏيا.“ ھن منھنجو ڀرم رکندي چئي ڏنو.
مان ککو وکو ٿي ويم ۽ ڪئيشيئر وٽ اچي ان کي ڪريڊٽ ڪارڊ ڏيندي چيم، ” باقي پنج ھزار ھن ڪارڊ مان ڪٽيو.“
ھُن مشڪوڪ پنج ھزار مون کي موٽائي ڏنا.
منھنجي مائي اکين ئي اکين ۾ مون کان سوال پڇڻ لڳي تہ ڇا ماجرا ھئي. سامان کڻي گاڏي ۾ رکرائي جيئن ئي گاڏي ۾ ويٺاسي تہ مان اسٽيئرنگ کي زور سان پڪڙيندي پنھنجي مائي سان مخاطب ٿيم،” اسان جي پئسن ۾ پنج ھزار نقلي ھئا. ڪيڏي نہ انسلٽ ٿي پئي. ڇا چوندا ھوندا تہ اسان ڪوڙا پئسا ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي.“
” ھاڻي معني اھي پنج ھزار اسان کي لڳي ويا.“ مون واري مائي کي پنجن ھزارن جو افسوس ٿيڻ لڳو.
” پر اھي لڳا ڪٿان؟“ ھوءَ سوچڻ لڳي ۽ مونکي بہ سوچڻ تي مجبور ڪيائين.
” بئنڪ مان پگهار ڪڍرائي آيو ھيم انھن ھنيا ھوندا“، مئنيجر واري ڳالھہ دُھرايم.
” تو جيڪي دوست کان ٻہ لک اوڌارا آندا ھئا اھي بہ تہ سڀ پنجن ھزارن وارا نوٽ ھئا نہ..“ مون واري مائي مونکي ياد ڏياريو.
” پوءِ تو مون واري پگهار ۽ اھي پئسا گڏائي ڇڏيا ھئا معنيٰ؟ گنج ڪيُئي!“ مون کي اڃان ڪاوڙ اچي وئي. دُڪان واري باھہ مائي مان ڪڍي.
” مون خواب لڌو ھو ڇا تہ انھن پئسن ۾ نقلي پنج ھزار ھوندا تہ گَڏائي نہ رکان؟ يا تو وارا پگهار جا پئسا الڳ ڪري رکان!“ ھُن ڪاوڙ ۽ دليل ٻنھي جوسھارو ورتو . ڳالھہ تہ ھن جي صحيح ھئي تنھن ڪري مون چپ کڻي ڪئي. سڄي واٽ سوچيندو رھيم تہ آخر اھي پنج ھزار ڪٿان لڳا؟ ھاڻي دوست کي ڪيئن چوان تہ ھُن جيڪي ٻہ لک اوڌارا ڏنا انھيءَ ۾ پنج ھزار نقلي ھئا. ھن کي بہ ڪنھن ھنيا ھوندا. پڪ سان سندس ’مٿين‘ ڪمائي ۾ ڪوئي لک ٻن جي دستي ۾ کيس ھڻي ويو ھوندو ڇو تہ اھڙن ڪمن ۾ ويھي ماڻھو ھڪ ھڪ نوٽ تہ نہ ڳڻيندو ھوندو. وري ذھن ۾ اھو خيال بہ ھلندو رھيو تہ ھاڻي اھي پنج ھزار تہ مونکي لڳا. اڳي ئي مھنگائي جي ڪري ۽ مائي جي آپريشن جي ڪري حالات ڏکيا ھئا مٿان وري ھي پنجن ھزارن جي ٽوٽ سا بہ نہ راھہِ رسول نہ راھہِ خدا.
انھن ئي سوچن ۾ گهر اچي وياسي. سامان سڙو سيٽ ڪري کائي پي رات جو سمھڻ مھل مائي ورِي پنجن ھزارن جي ڳالھہ ڪڍي جنھن کي مان وسارڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيم.
” ھاڻي انھن پنجن ھزارن جو ڇا ڪندين؟“
” ڇا وري ڇا ڪندم، مونکي تہ نقلي ڪونہ ٿا لڳن. ڪنھن دُڪان تي ھلائي ڏسندم، سڀني وٽ مشين تہ ناھي نہ چيڪ ڪرڻ واري.“
” ھا پر ڪٿي ڪو مسئلو نہ ٿي پوَئِي ؛ چون تہ نقلي نوٽ ھلائڻ آيو آھي“ ھن ڳڻتي ڏيکاريندي چيو.
ٻي ڏينھن تي مون پلان ٺاھيو تہ ھاڻي ھڪ تہ ڪنھن وڏي مال تي اھي پئسا نہ کڻي ويندم، ٻيو ان سان گڏ ٻيا پنج ھزار بہ بٽون ۾ رکندم تہ جيئن اھي نہ ھلن تہ ٻيا ڪڍي ان دڪاندار کي ڏيان. ايئن ارادا مضبوط ڪري ھڪ ميڊيڪل اسٽور تي ويم. ويندي اھو سوچي رھيو ھيم تہ اگر اھي پئسا واقعي جعلي آھن تہ پوءِ اگر ھلي بہ ويا تہ انھن پئسن مان ورتل دوا ۾ ڪھڙي شفا ھوندي؟
دڪاندار کان ڪجهہ دوائون وٺي ان طرف پنج ھزار وڌايم. دل جو ڌڌڪو تيز ٿيو. اڻ ڄاڻائي ڏيکارڻ لئہ مان دڪان جي ٻي حصي، جتي ٻيا گراھڪ بيٺا ھئا، طرف ڏسڻ لڳم. ھو نوٽ کي چڪاسي رھيو ھو. نوٽ سندس ھٿن ۾ ھيو تہ مون کانئس آواز ڳورو ڪري پڇيو،” ڀاءَ خير تہ آھي؟ “
” ھا ادا خير آھي پر مونکي ھي نوٽ نقلي ٿو لڳي.“ ھُن نوٽ ڏي ڏسندي چيو.
” پر ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مان تہ بئنڪ مان ڪڍرائي آيو آھيان“ مون پنھنجي دفاع ۾ کيس وضاحت ڏني.
” سائين اڄ ڪلھہ سڄو ظلم ڪن ئي اھي بئنڪن وارا ٿا.“ ھن ھيٺين خاني ۾ رکيل نوٽ ڳڻڻ ۽ چڪاسڻ واري مشين ڪڍي. منھنجي دلجو ڌڌڪو تيز ٿي ويو. کيس آرام سان چيم، ” ڀاءَ! توھان کي ھي نقلي ٿو لڳي تہ مونکي ڏيو مان توھان کي ٻيو ٿو ڏيان“
” نہ نہ سائين، چيڪ ڪري وٺان“ ، ھن نوٽ مشين ۾ وڌو تہ ان جي ڳاڙھي بتي ٻري جنھن جو مطلب ھيو تہ نوٽ ڪوڙو ھيو. ھن نوٽ مون طرف وڌايو، مون کيس ٻيو پنجن ھزارن جو نوٽ ڪڍي ڏنو. دوا وٺي مان دڪان تان لھي آيم. مونکي سمجهہ ۾ نٿي آيو تہ آخر ڇا ڪجي. ھڪ تہ ان ۾ منھنجو ڪوئي قصور نہ ھيو تہ مونکي پنج ھزار ڪٿان لڳي ويا ھئا تنھن ڪري اھي مون ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان ھلائڻ ٿي چاھيا. ٻيو تہ اگر ھلائجن تہ ڪٿي ۽ ڪيئن. ٽيون، ذھن ۾ اھي خيال بہ ايندا رھيا تہ ايئن ڪنھن کي نقصان ۽ ڌوڪو ڏيڻ صحيح رھندو ؟ وري پاڻ ئي پاڻ کي مطمئن ٿي ڪيم تہ مونسان بہ تہ ٺڳي ٿي آھي، ٻيو اھي دڪاندار خود وڏا موذي آھن انھن مان ئي ڪنھن مونکي يا ٻي ڪنھن کي يا بئنڪ واري کي اھو نوٽ ھنيو ھوندو جيڪو ڦِري اچي منھنجي ڳچي ۾ پيو ھو.
ٻي ڏينھن تي ٻارن سان گڏ ڪي ايف سي تي وياسي. آرڊر ڏيڻ لاءِ قطار لڳي پئي ھئي. قطار ۾ بيھندي سوچڻ لڳُس، ”ھتي پنج ھزار آساني سان ھلي ويندا. ھو آرڊر وٺڻ وارو ڇوڪرو پئسن کي گهڻو جاچي بہ ڪونہ ٿو.“
وري ضمير ملامت ڪئي، ” اھو ويچارو مھيني تي ڪم ڪندڙ آھي، اھي نقلي پئسا ھلي بہ ويا تہ آخر ۾ ڪائونٽر بند ڪرڻ وقت مشين ۾ ڳڻڻ سان ظاھر ٿي پوندا ۽ ان کي ڀرڻا پوندا.“
ضمير کي دليل ڏيندي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيم،” ھڪ تہ ھي نقلي ناھن، مونکي اصلي ئي مليا آھن. ٻيو اگر نقلي آھن بہ تہ ان ۾ منھنجو ڪھڙو قصور. ٽيون، تہ ھي ڪي ايف سي وارا ارب پتي آھن انھن کي ڪھڙي پرواھہ“ ڄاڻي واڻي ڪائونٽر واري ڇوڪري جي ڳالھہ ڪڍيم ئي نہ.
نيٺ منھنجو وارو آيو، آرڊر ڏئي کيس اھو پنجن ھزارن وارو نوٽ ڏنو. ڇوڪري نوٽ تي ھٿ ڦيريو ؛ نوٽ ھڪ جڳھہ تان ٿورو ڦاٽل بہ ھيو. ھو نوٽ کي ڏسندي ئي مونکي چوڻ لڳو،” سر، ٻيو نوٽ آھي؟ ھن ۾ مسئلو آھي“
ساڻس وڌيڪ الجهڻ ۽ بحث مناسب نہ سمجهيم جو منھنجي پويان قطار لڳي پئي ھئي. کيس ٻيو نوٽ ڏئي آرڊر جو ٽوڪن وٺي وڃي ٻارن سان آرڊر جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس گڏوگڏ ذھن ۾ اھي خيال بہ ايندا رھيا تہ آخر ان پنجن ھزار واري نوٽ جو ڇا ڪجي. ماڻھو تہ جتي ڪٿي سڃاڻي ٿا وڃن تہ اھو نقلي آھي.
ٻي ڏينھن تي آفيس ڏانھن ويندي صبح سان ئي پيٽرول پمپ تي ويم. گاڏي ۾ ستن ھزارن جو پيٽرل ڀرائي پيٽرول ڀرڻ واري کي اھو پنجن ھزارن جو نوٽ ۽ ٻہ ھزار ھزار جا نوٽ ڏنم. ضمير رڙيون ڪيون تہ اھو ويچارو غريب ڪٿان اھي پنج ھزار ڀري سگهندو جو سيٺ آخر ۾ کانئس ئي ڀرائيندو. پر مان بہ صفا ڪاوڙ ۾ ھيم تہ آخر ھن سسٽم جي ڪري مان ڇو ڀوڳيان؟ مونکي بہ تہ لڳي ويا ھئا. کيس پئسا ڏئي ٿورو انتظار ڪرڻ لڳم تہ ھو ڏسي ۽ ڳڻي وٺي، يا شايد مان چاھيان پيو تہ ھو مطمئن ٿي يا پڪڙي وٺي تہ اھو ڪوڙو نوٽ ھيو. ھو پئسن کي چيڪ ڪري منھنجي طرف آيو ۽ چوڻ لڳو،
” سر ھي پنج ھزار صحيح ناھن، مھرباني ڪري ٻيا ڏيو.“
” ڇا مطلب آ صحيح ناھن؟ ڪوڙا آھن؟ توکي مان ڪوڙا نوٽ ھلائڻ وارو ٿو لڳان؟“ مون مٿس چڙھائي ڪئي. ھن آرام سان ڳالھايو، ” سر، ھي ھتان ڦاٽل آھن، ھلڻ ۾ مسئلو ڪندا، سيٺ مونکان ڀرائيندو“ شايد ھو نوٽ جي ڪوڙي ھجڻ جي ڳالھہ نہ پيو ڪرڻ چاھي، شايد منھنجو ڀرم پيو رکي يا شايد ڊڄي پيو. مون کيس پنجن ھزارن جو ٻيو نوٽ ڏنو جنھن کي ھن جاچي مطمئن ٿيڻ کان پوءِ ٻين پئسن سان گڏائي ڇڏيو. مان کانئس ڪوڙا ( شايد سچا) پنج ھزار وٺي گاڏي کي گيئر ھڻي آفيس طرف ھلڻ لڳم.
آفيس ۾ مزو نہ ٿي آيو . بار بار ذھن ۾ اھا ڳالھہ ٿي آئي تہ اھي پنج ھزار مونکي ئي ڇو لڳا؟ دوست کان اوڌارا ورتل پئسا ڇو چيڪ نہ ڪيم. وري مائي تي ڪاوڙ اچڻ لڳي تہ ھو پئسا نہ رَلائي ھا تہ گهٽ ۾گهٽ خبر تہ پوي ھا تہ اھي نقلي پنج ھزار ڪٿان آيا. انھن ئي سوچُن ۾ ھيم تہ آفيس ۾ ڪجهہ دوست اچي ويا. ڪچھري ڪندي منجهند ٿي وئي. کانئن مانجهاندي جو پڇيم تہ انھن ھاڪار ڪئي. مان وري سوچڻ لڳس تہ کين انھن ڪوڙن پنجن ھزارن مان ماني کارايان. پھريان خيال آيو تہ کين ڀرسان واري سُٺي ريسٽورنٽ تي ماني کارايان ۽ اتي پنج ھزار بہ ھلايان. وري خيال آيو تہ اگر اُتي بہ اھي پئسا نہ ھليا تہ پوءِ تہ اھي مھانگي ماني وارا پئسا بہ لڳا. وري سوچيم تہ پٽيوالي کي اھي پنج ھزار ڏيان ۽ کيس چوان تہ ماني وٺي اچي . پر اھو خيال آيو تہ ايئن نہ ھُن کان ھوٽل تي پئسا نہ ھلن ۽ ھو موٽي اچي. دوستن آڏو بہ خواري ٿي ويندي. سوچن جي ٻَنَي تي ٿيڙ پئي کاڌم تہ ھڪ دوست چيو، ” ادا! ماني گهُراءِ.. بک لڳي آھي، يا وڃون؟“
” نہ نہ، ايئن ڪيئن ويندا.“ ڦِڪي کل کلندي پٽيوالي کي سڏ ڪيم، کيس ٽي ھزار ڏنم ۽ مختلف شيون وٺي اچڻ لئہ چيم. پٽيوالي کي پئسا ڏيندي ئي ذھن ۾ خيال آيو تہ ڇو نہ انھن دوستن سان ڪوڙي نوٽ واري ڳالھہ ڪجي متان ڪا صلاح ڏئي وجهن. بٽون مان پنج ھزار ڪڍي دوستن آڏو سڌا ڪيم جيڪي ان کي غور ۽ حيرت سان تڪڻ لڳا ۽ مون طرف سواليہ نظرن سان ڏسڻ لڳا. مون ڳالھائڻ شروع ڪيو،
” يار ھي پنج ھزار ڪٿان لڳي ويا آھن. دڪان وارا چون ٿا تہ نقلي آھن.“
ھڪ دوست ھٿ ۾ وٺي ان کي جاچڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو، ” مون کي تہ صحيح ٿا لڳن“
” لڳَئي ڪنھن کان ۽ ڪھڙي جاءِ تان“ ھڪڙي ٻي دوست وري اھو سوال اُٿاريو.
” سوالن کي ڇڏيو، مونکي اھو ٻڌايو تہ اھي ڪيئن ھلندا، مونکي تہ ٽوٽ لڳي وئي آھي نہ،ڪيئن جان ڇڏايان؟“ مون منٿ واري انداز ۾ آيل دوستن کي چيو. سڀني جي متفقہ راءِ اھا ھئي تہ مان اھي پئسا ڪنھن طريقي سان ھلائي ڇڏيان.
” الڳ نوٽ نہ ھلائي، ڪنھن وڏي بل ۾ ٻين پنجن ھزارن جي نوٽ ۾ گڏائي ڏئي ڇڏ. ۽ ھا ڪا لوڪل مارڪيٽ ھجي جتي پئسن ڳڻڻ واري مشين نہ ھجي.“
ھڪڙي دوست پنھنجي دانائي جا جوھر منھنجي جهول ۾ وڌا. مان سوچڻ لڳم تہ ھڪ ٻن ڏينھن کانپوءِ گهر جو بيڊ وٺڻو آھي جنھن ۾پنجاھہ سٺ ھزار لڳي ويندا ڇو نہ ان ۾ اھي پنج ھزار ھلائي ڇڏيان.
ٻِن ڏينھن کانپوءِ لياقت آباد ۾ موجود فرنيچر بازار ۾ بيڊ وٺڻ ويم. ھڪڙي دڪان تي چڙھي ھڪ ڪنگ سائز جو بيڊ ۽ ھڪ مولٽي فوم جو مئٽريس پسند ڪيم. ڪجھہ بارگيننگ کانپوءِ اھو سٺ ھزار ۾ ورتم. دڪاندار سٺو ماڻھو لڳي رھيو ھو. ڏاڍي ادب ۽ اخلاق سان ٿي پيش آيو. وري چانھہ پيئڻ جي بہ صلاح ڪيائين. ”سائين ڏينھن جا پھريان گراھڪ آھيو، چانھہ تہ پيئو.“ ھن ڏاڍي قرب سان چيو.
’’حاجي صاحب! رعايت تہ ڪَيئي ڪونہ باقي چانھہ جي مھرباني ڪھڙي ڪم جي.“ مون کيس گهڻي رعايت نہ ڪرڻ جو طعنو ڏنو. ھو مونکي ڏسي چوڻ لڳو، ” سائين توھان سڄي مارڪيٽ ڏسي اچو، جي ڪو بہ دڪان وارو ان کان گهٽ قيمت ۾ ڏي تہ پوءِ جيتري رعايت چوندا مان ڪندم. مون تہ توھان کي مُورن ۾ مال ڏنو آھي مونکي بس ڏينھن جي شروعات ڪرڻي ھئي.“
دل ۾ سوچيم،”واپاري ماڻھو سو بہ ڪاٺياواڙي ميمڻ ڪا شيءِ نفعي کان بنا ڏئي؛ اھو ٿي ئي نٿو سگهي.‘‘ کيس ائڊريس وارو پنو ڏيندي چوڻ لڳم، ”مھرباني سيٺ، ھي وٺو پئسا ۽ سامان سوزوڪي تي رکرايو، ھي آھي منھنجي ائڊريس.“ مان پنجن ھزارن وارو ڪوڙو نوٽ اڳ ۾ انھن پئسن ۾ ھڻي آيو ھيم. تڪڙ ۾ پئسا ڳڻي کيس سٺ ھزار ڏنا. سيٺ پئسا ڳڻڻ لڳو تہ مان کيس ڏسڻ لڳم. ھن پئسا ڳڻي پنجن ھزارن جا ٻہ نوٽ مونکي واپس ڪندي چيو، ”سائين توھان ڏھہ ھزار وڌيڪ ڏنا آھن.“ مان حيران ٿي ويم تہ مون کان ڀل ڪيئن ٿي، شايد ڪوڙا پنج ھزار ھلائڻ جي چڪر ۾ تڪڙ ۾ پئسا صحيح نہ ڳڻيم.
کيس چيم: ” توھان پئسا وري ڳڻيو ايئن نہ ھوندو.“ ھو پئسا ڳڻڻ لڳو تہ مان دل ئي دل ۾ شرمسار ٿيڻ لڳم تہ مان جنھن کي ڪوڙا پنج ھزار ٿو ھڻان ان مونکي ڏھہ ھزار واپس ڪيا آھن حالانڪہ چپ ڪري پئسا ڳڻي ۽ ٻڌائڻ بنا خاني ۾ رکي ڇڏي ھا تہ مونکي خبر ئي نہ پوي ھا. ھاڻي مان ٻڏتر ۾ ھيم تہ کيس ڪيئن ٻڌايان تہ انھن پئسن ۾ پنج ھزار نقلي آھن يا ڪيئن اُھي پنج ھزار واپس وٺان. ھُن پئسا ڳڻي پورا ڪيا ۽ مونکي چيو،
” ڏٺوَ سائين، پورا سٺ ھزار آھن. “ مان اندر ئي اندر ۾ شرم وچان ٻڏڻ لڳم. ان کان اڳ جو ھو پئسا خاني ۾ رکي مون کيس چيو ،
” حاجي صاحب اھي پئسا مونکي ڏيو. “ ھُن حيران ٿي پئسا مون ڏانھن وڌايا. مون بٽون مان ٻيا ھزار ھزار جا نوٽ ڪڍي انھن پئسن سان گڏايا ۽ سٺ ھزار پورا ڪري بقايا پئسا انھن پئسن مان ڪڍي پنھنجي بٽون ۾ وڌا ،” ھي ڳڻي وٺو، اصل ۾ مونکي ياد آيو تہ مونکي پنجن ھزارن وارا نوٽ پئي کپيا، تنھن ڪري اھي واپس ڪيا ۽ توھان کي کي ڪجهہ ھزار وارا نوٽ ڏنا. ھُن پئسا وٺي، ڳڻي ۽ پنھنجي خاني ۾ رکيا.
مان بيڊ کڻائي گهر آيم ۽ گهر اچي ڊرائنگ روم ۾ سگريٽ دکائي ھڪ صفا وڏو ڪش ھنيو. ان ئي سگريٽ سان اھي پنج ھزاربہ ساڙي ڇڏيم.