ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

عشق جي ڏسي ذات

دھل کٽ تي رکي ان کي اُڀو بيھاري، تالي وارو پاسو مٿي ڪيائين. ڪَڇي ۾ لڳل ٽامي جي ڇلن کي ڇڪڻ لڳو تہ جيئن گهربل تال جڙي سگهي. ڪڇي کي ڇڪي دھل جي پِڙي کي وٽُن کان ٻِن آڱرين سان ڌڪ ھڻي وري دُھل کي ڦيرائڻ لڳو. تالي واري پِڙي ھيٺ ڪري وري بم واري پِڙي کي ٺاھڻ لڳو. دُھل جي ھڪ پڙي کي بم سڏيندا آھن جيڪو نر ھوندو آھي جنھن مان ٿلھو يا ڳورو آواز نڪرندو آھي ۽ ٻئي حصي کي وري تالي سڏن جيڪا مادي ھوندي آھي ۽ جنھن مان سنھو آواز نڪرندو آھي. ڏوڪي جي ضرب بم واري حصي تي لڳائي ويندي آھي جڏھن تہ سنھي ڪاٺي جنھن کي ڇينڀ چيو ويندو آھي اھا تالي واري پاسي لڳائي ويندي آھي. سندس ساٿي وري شرناءِ کي ٺاھڻ لڳو. سندس ٻيو ساٿي وري بين کي صاف ڪري رھيو ھيو. سرتاج، جسم ڀريل، ڊگهو قد، گلابي چپ، ڪڻڪائو چھرو، گهنڊيدار وار، ويڪري پيشاني ۽ وڏيون عقابي اکيون. ھو ڪيترين ئي الھڙ ڇوڪرين جي خوابن جي شھزادي جھڙو ھيو. پر سندس دل، فقط ھن ڳھيلي عجيبان جي عشق ۾ چري. عجيبان جيڪا سڄي ڳوٺ جي ڳالھين جو مرڪز ھوندي ھئي، جنھن جي ھڏ ڪاٺي تي ھر نوجوان ھرکجي پوندو ھيو. جنھن کي ڏسڻ کان پوءِ نوجوانن جي دل ۾ عشق جا جوالا ٻرندا هئا. پر ھوءَ فقط سرتاج جي ھئي. سرتاج جو سوچيندي ھئي، سرتاج لاءِ ھار سينگار ڪندي ھئي ۽ سرتاج لئہ جھمريون ھڻندي ھئي. 

 اڄ دھل کي تيار ڪندي سرتاج جي اکين ۾ ھڪ اھڙي چمڪ ھئي جنھن دھل جھڙا ڌڌڪا ٿي ڪيا. ” تِڪ- نڪ- گهنا- ڪِت- تن- ڌِن- ڌِن- ڌِن–ڌِن. “ دھل کي تيار ڪندي، مخصوص مڱڻھارن واري انداز ۾ سرتاج جهونگاري رھيو ھيو.

” تون مڃين مڃين نہ مھربان، مان تہ منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.“

ان ڏينھن سرتاج جي آواز ۾ سوز ۽ سرور سان گڏ انتھا جي خوشي ھئي ڇو تہ ٻن ڏينھن ۾ عجيبان جي گهر ۾ عجيبان جي سوٽ جي شادي ھئي. ٻئي ڏينھن سرتاج اوطاق ۾ دھل وڄائڻ سان گڏ سندن گھر وڃِي دھل وڄائي ھا، ميندي جي رسم تي ۽ نڪاح واري رات. عجيبان جي خاندان جي ھر شادي ۾ ايئن ئي ٿيندو ھيو. ھونءَ تہ اھي ڏاڍا پردي وارا ۽ سختي ڪرڻ وارا ھئا پر ٻہ راتيون دھل شرناءَ وارن کي گهر ۾ گُهرائيندا هئا، ڇو تہ شادي جي خوشيءَ ۾ گهر جو عورتون جهمريون ھڻنديون ھُيون.

سرتاج کي ياد آئي ھئي، اھا رات جنھن رات عجيبان جي ڀاءَ جي شادي ھئي. ڳاڙھي وڳي ۾، وار کليل، چپن تي سرخي لڳل، ٻانھن ۾ رنگ برنگي چوڙيون. ھُنن شم ڪڍيا ھئا ۽ ان تي سڀني ڇوڪرين جهمريون ھنيون ھيون. پر عجيبان جا تہ ڇال ئي الڳ هئا، جھڙِي ٿي ڊيل ڪُڏي. سرتاج جو سندس انگن کي ور وڪڙ ٿيندي ڏٺو ھيو تہ کيس ايئن لڳو ھيو ڄڻ زمين تي وڄ ٿي ڪري ؛ تيزچمڪاٽ. سرتاج جي دھل تي ڏوڪي جي ضرب تيز ٿي وئي ھئي، ڇينڀ کان ڇرڪ نڪري ويا ھئا. جنوري جو مھينو ھوندي سندس نرڙ تي پگهر ھيو؛ زور زور سان دھل وڄائڻ جي ڪري الئہ عجيبان جي جسم مان نڪرندڙ لاون جي چڻنگن جي ڪري. عجيبان بہ سندس نرڙ تي آيل پگهر تي نظر وڌي ھئي، جهڙوڪ صدين جي پياسي جي ڪنھن ٿڌي چشمي تي نظر پئي ھجي. سندس دل سندس قدمن جيئن تيز ٿي وئي ھئي، ھٿ ۾ جَھليل شمن جي روشني سندس اندر ۾ ڪي مشعلون ٻاري ڇڏيون ھيون. شم اڇلائي سرتاج جي دھل جي دف تي مستاني ٿي تيز تيز جهمريون ھڻڻ تي سندس دل ٿي چيو. اھڙي جُهمر جنھن سان سڄي ڪائنات رقص ۽ ريس ڪري. ٻنھي جون اکيون مليون ھيون، دھل جو ڌڌڪو تيز ٿيو ھيو، نظرن پاڻ ۾ ڪئين قِسمن جون وڄتون وڄايون ھيون. جھڙوڪ: شادمانو، سنجھو، لمدي تال، جمرتال، نوشاھي، ٽاھو، ھمبوشي، ھسواري، باٿي جھلڪو، ڪلواڙو، چالو، اڌايو، اولنگ ۽ چينو. 

ان رات ٿڪ ھجڻ جي باوجود ۽ شادي ۾ دير تائين دھل وڄائڻ کانپوءِ بہ سرتاج گهر اچي وري دھل کنيو ھيو ۽ زور زور سان وڄائڻ لڳو ھيو. ھُن سڀ وڄتون وڄايون ھيون. شايد ھو دھل جي ذريعي عجيبان کي جاڳائڻ ۽ پيغام پئي رسائڻ چاھيو جيئن رانجهو بانسري وسيلي ھير کي سڏ ڪندو ھيو، جيئن ڪرشنا راڌا کي سڏيندو ھيو. ھوڏانھن وري عجيبان جي اندر ۾ بہ عشق جو ڪانُ لڳي چڪو ھيو، سڄي رات سھرا چوڻ، جھمريون ھڻڻ ۽ مھمانن جي پر گهور ڪرڻ جي باوجود ننڊ سندس اکين کان ڪوھين ڏور ھئي.سندس دل جي دھل تي سرتاج جي عشق جا ڏوڪا لڳي رھيا هئا؛ دل زور زور سان عشق جي تال وڄائي رھي ھئس. 

قاصدن ھٿان سڳ سلام موڪليا ويا هئا، دليون مليون ھيون ۽ راتين جو ملاقاتون شروع ٿيون ھيون. ملاقاتون، کل ڀوڳ ۽ رُس رساما.

” چپ ڇو آھين سرتا؟“

” بس ايئن ئي“

” نہ نہ ڪجھہ تہ آھي!“

” ڪجھہ ناھي، توکي ڪھڙو فرق!“

” فرق نہ ھجي سر جو سانگو لاھي ھيئن ويٺي ھجان!“

” سر جو سانگو رڳو تو لاٿو آھي؟“ سرتاج معيار واري انداز ۾ کيس چيو ھيو.

” نہ، مرد آھين؛ پڪڙجڻ کانپوءِ بہ ڀڄي ۽ بچي سگھين ٿو.“

” توکي مارائي ۽ بچڻ چاھيندم!!؟ پاڻ کي پاڻ ئي ڳترا ڳترا ڪندم!“

” الا مان ٺران!“ عجيبان جي ڀاڪر ۾ ديو جھڙو زور اچي ويو ھو.

”ٻڌاءِ چپ ڇو آھين؟“

” تون ھُن رات پاڻ واري ماروٽ سان جھُمر ڇو ھڻي رھي ھئين!؟“ سرتاج پيار جي دُھل تي شڪايت جو ڏوڪو ھنيو،

” مون کان وڄت ئي وسري وئي ھئي، وسري ويو ھيم تہ ڪھڙي وقت ڏوڪو ھڻان ڪھڙي وقت ڇينڀ.“

” اڙي منھجا سرتا! “ عجيبان سرتاج جي نڪ سان پنھنجو نڪ گسائيندي چيو ھيو، ” بس ايئن ئي خاندان ۾ ٿي ويو، تو نہ ڏٺو ھيو تہ مان پاڻ واري ڀاڄائي سان جوڙ ۾ ھُيم تہ ھو وچ ۾ ڪاھي پيو، ھاڻي سڀن سامُھہ ڇا چوانس ھا...!“

” جُھمر ھڻڻ بند ڪرين ھا، ڳالھہ ختم“ 

 ” مان تہ تنھنجي ڪري ٿي نچيس، ڀلا تون دُھل وڄائين ۽ مان چپ ويھان... اھو ڪئن ٿيندو!“

” اڳتي تو ڪڏھن ان سان گڏ جھمر ھنئي تہ پوءِ سمجھين ٿي!“

عجيبان شرارت مان سرتاج سان چھٽندي ڳالھائڻ لڳي ھئي ،

 ” اڙي منھنجا سرتا! توتان اھڙا لکين ڪروڙين ماڻھو قربان، جھمريون ناچ صدقي.“ 

سرتاج جي اکين ۾ خمارن کيرا ڪيا ھئا. پيار جي پيچرن تي پنڌ ھئا، ڊوڙون ھيون. 

سرتاج عجيبان جي گهر ۾ دھل وڄائي رھيو ھيو. رنگ برنگي لباسن ۾ نينگريون ڀنڀورين جيئن ناچ نچي رھيون ھيون. سرتاج شادمانو ٿي وڄايو. عجيبان ان واڄت تي وڄ جيئن ٿي ڪڙڪي. اھا عشق جي تال ھئي جنھن عجيبان کي ٿي نچايو. اکين اکين سان ٿي جھمريون ھنيون. ٻڪيءَ جون رسمون شروع ٿي ويون ھيون، کنڊ ورھائي وئي. گهوٽ کي ميندي لاتي وئي. لاڏا چيا ويا. گهوٽ جون ماسيون ۽ پڦيون خوشيءَ ۾ نہ ٿي ماپيون. وڏي عرصي کانپوءِ سرتاج عجيبان کي ڏينھن جو ڏٺو ھيو. بم تي ڏوڪي جي ضرب ھڻي ھن ٿڌو ساھہ کنيو ھيو. عجيبان سندس ٿڌي ساھہ جي سور کي سمجھي وئي ھئي.

ڪجھہ ڏينھن کانپوءِ رات جو ملاقات ٿي ھئي. عجيبان سندس اکين جي اونھائي ۾ ڪجھہ ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي.

” ڇا ٿي ڏسين؟“

” تون ان ڏينھن سوٽ واري شادي تي ميندي وقت ٿڌا ساھہ ڇو ڀري رھيو ھئين.“

” وڏي عرصي بعد توکي ڏينھن جو ڏٺو ھيو، جيئن ڪال ڪوٺڙي جو قيدي سالن کان پوءِ سج کي ڏسي.“ 

ستارن کي ڏسندي ڳالھائڻ لڳو ھيو.

 ” منھنجو سج مون وٽ ناھي، منھنجي جيون ۾ تہ ڪاري رات ئي رات آھي.“

” ڪاري رات اسان جي لئہ ڀلي ناھي؟ ان ۾ اسان ملي ٿا سگهون، کلي ٿا سگھون؛ ھڪ ٻي کي ماڻي ٿا سگهون.“

” ڪيستائين ايئن ھلندو؟ يا تہ ھڪ ڏينھن ڳترا ڳترا ٿي وينداسي يا تنھنجي ڪٿي شادي ٿي ويندي ۽ مان دھل جي اندر جيئن خالي رھجي ويندم، ٻاھران ڪوئي ڌڪ ھڻندو تہ وڄندو رھندم نہ تہ اندر اونداھہ.“

” مان ڪٿي بہ ھجان ھوندم تہ تنھنجي نہ.“

” منھنجي ھوندينءَ پر ھوندينءَ ٻي ڪنھن جي ٻانھن ۾..“ سرتاج منھن پرتي ورائي ڇڏيو ھيو.

 ايئن ھو راتين جو ملندا رھندا ھئا. عجيبان کي نياپي ڏيڻ جو سرتاج وٽ طريقو اھو ھيو تہ ھو سومھڻي يعني عشاءَ جي آذان کانپوءِ ٽي ڀيرا مختلف وقفن سان دھل وڄائيندو ھيو. اھو پيغام ھوندو ھيو تہ اڄ رات ھو مقرر ڪيل جڳھہ تي ملندا جيڪا عجيبان واري گهر جو ڪوٽ پويان وارو ويران ڪمرو ھيو ، جتي ڪٻاڙ جو پراڻو سامان رکيل ھيو.

سرتاج کي ڪٿان خبر پئي ھئي تہ عجيبان جو ڪٿ رشتو ٿو ٿئي. ھن ڳوٺ ۾ ھڪ دڪان تي اھا ڳالھہ ٻڌي ھئي. سڄو ڏينھن ھو قبرستان ۾ موجود درگاھہ تي وڃي ڌمال وڄائيندو رھيو ھيو. ڀنگ بہ پيتي ھئائين تہ چرس جا سوٽا بہ ھنيا ھئائين. ھُن کي شدت سان انتظار ھيو تہ رات ٿي ؛ سومھڻي جي آذان اچي تہ ھو دھل وڄائي عجيبان کي ملڻ جو پيغام ڏي. سومھڻي جي آذان آئي؛ ھُن ٽي ڀيرا وقفي سان دھل وڄايو. ھائو مائو ٽريو تہ ھو مقرر ڪيل جڳھہ تي پھچي ويو. اڄ ھو مقرر وقت کان اڳ ۾ آيو ھيو. عجيبان لاءِ اڄ جو انتظار کيس انتھائي طويل لڳو ھيو. مٿان سڄي ڏينھن جو ٿڪ ۽ نشا. سندس حالت ڪنھن شڪست کاڌل سپاھي جھڙي ھئي جنھن جي لشڪر جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ھار مڃي ھجي. عجيبان جي پيرن جو کڙڪو ٿيو، ھن ۾ ساھہ پئجي ويو. ڀڄي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ھئائين. ھوءَ ھڪي ٻڪي سندس وارن ۾ ھٿ ڦيريندي رھي ھئي. ڳپل دير کانپوءِ ڳالھائڻ شروع ڪيو ھئائين.

” شادي ٿي ڪرين؟“ سندس ڪلھن تي ڪنڌ رکي ڇڏيو ھئائين،

” مان ٿي ڪيان؟ ڪرائن ٿا، ھتي اسان وٽ عورتن جي ھلندي آھي ڇا!؟“

” مان مري ويندو مانءِ...“ ڳوڙھا عجيبان جي ڪلھي کي آلو ڪري رھيا ھئا.

” ڏس ھڪ ڏينھن اسان کي ڌار تہ ٿيڻو آھي نہ... “ عجيبان دماغ جي دانائي مان ڳالھايو ھيو.

” ڇو ڌار ٿيڻو آھي!! ھل ڀڄي ٿا ھلون.“ سرتاج دل جي ديوانگي مان ڳالھايو ھيو. 

” ڀڄڻ مذاق آھي؟ ڇا چوندا تہ فلاڻي خان جي ڌيءَ مڱڻھار سان ڀڄي وئي...“

سرتاج جي ڪنن ۾ ڪنھن ٽچڪندڙ پاڻي وڌو ھيو. کيس يقين نہ ٿي آيو تہ عجيبان اھي لفظ چيا ھئا. وٺي ڀڳو ھيو. عجيبان ٿورو سڏڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي پر ڪنھن جي جاڳڻ جي خوف کان چپ ٿي وئي ھئي. 

ٻي ڏينھن تي ڳوٺ ۾ ڳالھہ ھُلي تہ سرتاج پنھنجو دُھل رات باھہ ۾ ساڙي ڇڏيو ھو.