ڪھاڻيون

اکين جو آپگهات

دادن ثقلين لاشاري ھڪ سٺو تخليقڪار آھي. ھن شاعري ۽ نثر ۾ پاڻ وڻايو آھي. ھن ڪتاب ۾ سترنھن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھني

Title Cover of book AKHIAN JO AAPGHAT

مھاڳ : دادن؛ شاعر جي قالب ۾ ڪھاڻيڪار

سڀ کان پھرين دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ جي ھن مجموعي ۾ موجود ڪھاڻين منجهان چار خوبصورت جملا پيش ڪري، انھن منجهان حظ ماڻيون ٿا:

”وڏي عرصي بعد توکي ڏينھن جو ڏٺو ھيو، جيئن ڪال ڪوٺڙيءَ جو قيدي سالن کان پوءِ سج کي ڏسي.“

”سندس دل جي دھل تي سرتاج جي عشق جا ڏوڪا لڳي رھيا ھئا، دل زور زور سان عشق جو تال وڄائي رھي ھئي.“

”يا تہ غريب طبقا ۽ ھي ھيڏي غربت پيدا نہ ڪرين ھا يا اھڙا وحشي مرد پيدا نہ ڪرين ھا!!“

”سگريٽ جي دونهين جي آلاڻ ٿي محسوس ٿي، شايد ڳوڙهن ان کي گهِمائي ڇڏيو آهي، يا سگريٽ خود روئي ٿو ۽ دونھون سندس ڳوڙها آهن!!“

دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ جي شاعري ”مٽيءَ جو مڪتب“ تہ پڙھندڙن جي ذوق مطالعہ کي تسڪين پھچائي چڪي آھي.ھاڻي اسان جي ھٿن ۾ سندس ڪھاڻين جو ڳٽڪو موجود آھي. جيڪڏھن ادب جي افسانوي پاسي کي ڏسجي ٿو تہ نثر ھجي يا نظم ٻنھي جو مقصد حڪايت بيان ڪرڻ آھي. غالب سائينءَ جو ھڪ شعر آھي تہ:

لکھتے رہے جنوں کی حکایات خوں چکاں 

ہر چند اس میں ہاتھ ہمارے قلم ہوئے.

ترجمو: جنون جي رت ڳاڙيندڙ حڪايت لکندا رھياسين،

ڇا ٿي پيو جي ان جي نتيجي ۾ اسانجا ھٿ وڍجي ويا.

(ھٿ قلم ٿيا، ذو معنيٰ فقرو آھي، جنھن ۾ لکڻ واري قلم جي ڳالھ بہ آھي تہ وڍجڻ جو مفھوم بہ نڪري ٿو.)

اصنام ھجن يا امثال، نثر ھجي يا ابيات، ھر انساني اظھار، حڪايت ۽ روايت جو حامل ئي رھيو آھي. داستان رڳو پنڊ پھڻن (فاسلز) منجهان نروار ناهن ٿيا، سينہ در سينہ منتقل ٿيل ڏند ڪٿائون ۽ اساطير الاولين بيان ڪندڙ مخطوطا بہ قصا گوئيءَ جي طلسمي شھر سان آشنائي ڪرائيندا رھيا آھن. الواح طِين تي اُڪريل گِلگميش جي قصي کان وٺي، رشي ويد وياس جي ٻڌايل رزميہ ڪٿائن ۽ گُرو ديو يا آدي ڪوي والميڪيجي رامائڻ تائين، چاسر کان هومر تائين، سيفو کان زيب النساءِ مخفي تائين، رُوميءَ جي حڪايتن کان ڀٽائيءَ جي سورمين تائين، سمورو ادب (سڄو نظم ۽ ڪُل نثر) اول ۽ آخر ڪونہ ڪو داستان ئي آهي،ڪا ڪهاڻي آهي، حڪايت آهي، تمثيل آهي،ڪا ڪٿا آهي، ڪا آکاڻي آهي، ڪو افسانو آهي ۽ ڪا نصيحت، ڪو حقيقت ڏانھن اشارو يا ڪا مروج حقيقت آهي.

دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ بہ حقيقتون ڏٺيون آھن، انھن کي ڪھاڻين ۾ بيان ڪري ٿو. علم البيان يعني لفظن جي اندرين معنيٰ کولي سمجهائڻ يا بيان ڪرڻ ئي تہ ڪمال آھي.ڪيئن بيان ڪرڻو آھي؟ اھو ھڪ ڏانءُ ۽ فن آھي. ڇا بيان ڪرڻو آھي، سا ڳالھ فن سان نہ پر فڪِر سان پلئہ پوندي آھي. دادن وٽ فن سان گڏ فِڪر بہ نظر اچي ٿو.

 ھن ڪتاب ۾ سترنهن ڪھاڻيون موجود آھن. سترنھن ئي ڪھاڻين جا موضوع ڌار ڌار آھن. انھن کي لکيو بہ ڌار ڌار انداز ۾ ويو آھي. انھن ڪھاڻين ۾ اٺ ڪھاڻيون شھري ماحول جون آھن يا ايئن چئجي تہ انھن ۾ شھري زندگيءَ کي ڏيکاريو ويو آھي، جڏھن تہ 9 ڪھاڻيون ڳوٺاڻي زندگيءَ کي درشائين ٿيون. پر سڀ جون سڀ ڪھاڻيون منفرد آھن.ڪنھن تحرير جي منفرد ھجڻ لاءِ ڪيترا ئي اشارا ھوندا آھن، انھن منجهان ھڪ اشارو ھيءُ بہ آھي ته اھي اوھانجي ماڻھن لاءِ ھجن، انھن ۾ ڪردار بہ اوهان مان ھجن ۽ اوھانجي رچنائن ۾ اوهان جي دنيا چٽي ٿي سامهون ايندي محسوس ٿئي. دادن جون ڪھاڻيون بہ پنھنجن ماڻھن جون ڪھاڻيون آھن. پورھيت ۽ عام ورڪر ڪلاس ماڻھن جون! يا اڃان بہ سادن لفظن ۾ چئجي تہ ھنن ڪھاڻين جا اڪثر پروٽاگنسٽ/هيروز پيڙھيل طبقي جا آھن ۽ اينٽاگنسٽ مٿئين طبقي يا سرڪاري مشينري سان تعلق رکن ٿا. دادن جي ڪھاڻين ۾ مذھبي تنگ نظري ۽ چَيرِي - پِڪ (مِٺو مِٺو: ھڙپ ھڙپ، کٽو ڪوڙو : ٿُو ٿُو) جھڙي ايمان تي بہ نشتر زني ٿيل آھي. ھنن ڪھاڻين ۾ ڳوٺن سان الفت ۽ ماحول ۽ فطرت سان پيار پڻ ڏيکاريل آھي، ھنن ڪھاڻين ۾ لوڪ ڏاھپ (فوڪ وزڊم) کي بہ ساراھيو ويو آھي تہ ذات پات جي ڀيد ڀاوَ جا گهاوَ بہ ظاھر ڪيا ويا آھن. رشتن ناتن جي بيقدري ۽ مايا جي موھہ کي بہ چِٽيو ويو آھي.جيڪڏھن انھن ڪھاڻين جو وڌيڪ جائزو وٺنداسين تہ اسان پڙھندڙن کي دادن جي سوچ، سمجهہ، فھم، ادراڪ ۽ تخليقي سگهہ جو پتو پوندو. 

ڪھاڻي ”گهوڙن ۽ گهوٽن“ ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ ٽيڪنالوجي جي ترقيءَ سبب سماجي- اقتصادي (سوشيو اڪانامڪ) اثر کي موضوع بڻايو ويوآھي. ھن ڪھاڻيءَ جو ٿيم انھيءَ ترقيءَ جو ھڪ غريب ٽانگي واري تي پيل ناڪاري اثر آھي، جنھن ۾ ھن جو روزگار بہ ويو تہ ھڪ طرفو ئي سهي پر پيار بہ ويو. هي ڪهاڻي پئراڊيم چئينج تي آڌاريل آهي. هيءَ ڪهاڻي صنعتي انقلاب کان پوءِ آيل انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ميڪينائزيشن جي ڪُک مان پيدا ٿيل اھي غير انساني لقاءَ ڏيکاري ٿي جو انسان جي دل نپوڙجيو ٿي وڃي. 1920ع کان شروع ٿيندڙ گريٽ ڊپريشن (سردبازاري) جنھن سموري دنيا جي اقتصادي حالت خراب ڪئي ۽ ٻن ڏھاڪن تائين يعني 1940ع تائين جاري رھي ۽ عام مزدور، محنت ڪش۽ پورھيت طبقي جي زندگي زھر ڪري وئي، جھڙين حالتن کي ادب ۾ ڏيکاريو ويو آھي، بلڪل ايئن جيئن ٽانگي جي جاءِ تي چنگچي اچي وئي، گهوٽ ۽ گهوڙو ٻئي بک مرڻ لڳا ۽ پيار کان بہ وانجهجي ويا. دادن جي ڪھاڻي ”گهوڙن ۽ گهوٽن“ ۾ جيڪا ميڪينائزيشن سان روايتي قدرن ۽ عام پورھيتن جي ابتري ۽ بدحالي ڏيکاري وئي آھي، اھا بيان ڪرڻ وڏن اديبن جي روايت ۽ ائپروچ آھي، جنھن کي دادن ’ثقلين‘ شعوري ۽ لاشعوري طور وراثت طور سنڀاليو آھي. ڪھاڻي ”گهوڙن ۽ گهوٽن“ جي پڄاڻيءَ کي ڏسون ٿا:

زيبل ھاڻي چنگچي تي اسڪول ويندي ھئي. ميوزڪ سينٽر جي جڳھہ تي جوتن جو دڪان کُلي ويو ھيو. سوجهرو جاڙل شاھہ جي مزار تي ھوندو ھيو. مست الست. بادشاھہ جون رينون سندس ڪلھن تي ھونديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن نعرو ھڻي ھڪ ڪلام جھونگاريندو ھيو،

” اھا آس اندر ۾ يار اٿم. تون ڀر ۾ ھجين توسان پيار ڪيان...“


حقيقت ۾ ھن ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پُر اثر ۽ روئاري وجهندڙ آھي ۽ حقيقت نگاريءَ جي تقاضائن تي پوري لھي ٿي. جنهن ۾ هڪ ڪرب آهي، تڪليف آهي، ۽ ڏُکندڙ ڏاکڙو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ موجود ھڪ ٻئي ڪردار؛ جيڪو آڊيو ڪيسٽن جو ڪاروبار ڪري ٿو؛ ان جو درد هن طرح پورٽري ٿيل آھي:


ھڪ ڏينھن ڪنول ميوزڪ سينٽر تان گذري رھيو ھيو تہ ماڻھن جو ھجوم ڏٺو ھئائين. ٽانگو بيھاري لھي ويو ھيو. ميوزڪ سينٽر وارو مالڪ ڪيسيٽ جي پنِي سان ويڙھيو پيو ھيو ۽ جُهمر ھڻي رھيو ھيو.ھڪ ماڻھو ڳالھائي رھيو ھيو، ” سيٺ چريو ٿي ويو آھي. ڪيسيٽون ڀڃي، پني پاڻ کي ويڙھي پيو نچندو آھي. يا وري ڪيسيٽون لاھي، ڪائونٽر تي رکي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو انھن سان ڳالھائيندو آھي ۽ پراڻا ڪلام چوندو آھي. يا بيٺو پاڻ ئي بنا ڪنھن جي آرڊر جي فرمائشي ڪيسيٽون ڀريندو رھندو آھي ۽ وري اُھي ڀڃي ڇڏيندو آھي.“


ڪهاڻي نه ڄڻ ته درد جو درياهه آهي؛ جنهن ۾ ڪردارن سان گڏ پڙهندڙ به ٻڏندي محسوس ڪري ٿو. 

دادن ’ثقلين‘ لاشاري جي مجموعي جي ٻِي ڪھاڻي آھي ”اکين جو آپگهات“ جيڪا پڻ خوبصورت ڪھاڻي آھي. ڪهاڻيءَ ۾ رشتن ناتن جي بي توقيري ۽ مال ملڪيت جو حرص ۽ انسان جي بيحسي بيان ٿيل آهي. اهي رشتا جيڪي ڪنھن وقت ماڻهوءَ کي بيحد پيارا ھوندا آھن، تن سان هو ڪنهن لالچ ۾ اچي دوکيبازي ۽ دغا ڪري ٿو. هي ڪهاڻي اهڙي احساس کي ”شارپ“ ڪري ٿي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار مري چڪو آھي. ھتي ڪھاڻيءَ جو شروعاتي ٽڪرو پيش ڪجي ٿو تہ جيئن ڪھاڻيءَ سمجهہ ۾ اچي سگهي: 


”مرڻ کانپوءِ چئن ڪلاڪن تائين اکيون جيئريون رھن ٿيون. راڻي ڪاڻي ننڊ جهڙيون اکيون سڀ ڪجھہ ڏسن ٿيون. ٻڌڻ ڪم ڪنن جو آھي، اکيون ٻڌن نٿيون پر چھرن تي اڀري آيل تاثرن مان ۽ لبن جي حرڪت مان سڀ ڪجھہ سمجھي ٿيون وڃن تہ گهر ڀاتين، دوستن ۽ رشتيدارن جي اندر ۾ ڇا ٿو ھلي. ھونءَ بہ جڏھن خدا ساھہ ڪڍي ٿو وٺي، ( ساھہ خدا ٿو ڪڍي يا عذرائيل يا ماڻھن جا رويا؟ اھا ڳالھہ اڃان مون کي سمجھہ ۾ ناھي آئي! ) تہ ان کانپوءِ انساني نفسيات ۽ روين کي سمجھڻ جي حس تيز ٿو ڪري ڇڏي، تڏھن ئي تہ ڪوئي مرندڙ واپس اچڻ نٿو چاھي ڇو تہ ھو سمجھي ٿو وڃي تہ ھي سڀ رشتا ناتا، دوستيون ، مٽ مائٽ سڀ ڍونگ آھن. ھڪ ٻئي ۾ باھمي مفاد آھن، لوڀ لالچون آھن جيڪي انسانن کي انسانن سان سلھاڙي ٿيون رکن نہ تہ انسان ڪڏھن جو ھڪ ٻئي کي رڙڪي کائي وڃي ۽ وري اوڳرائي بہ نہ ڏي. جانورن ۾ اھا لوڀ لالچ ناھي تڏھن تہ گڏ ڪونہ ٿا رھن.“


ڪھاڻي ”اکين جو آپگهات“ پوسچومس نئريشن ٽيڪنيڪ سان لکيل ڪھاڻي آھي.ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي ڪلائميڪس کي پھچي ٿي تہ ڇرڪائي ڇڏي ٿي ۽ ”اکين جو آپگهات“ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. ڪھاڻي ”اکين جو آپگهات‘‘ جو ھيءُ وائنڊ اپ وارو حصو پڙھي ڏسو:

منھنجو ويجھو جگري دوست جنھن وٽ رات چڪي چاڙھي، اھو بہ پھچي ويو آھي.اچي منھنجي زال جي سامھون ويٺو آھي منھنجي لاش جي ڀرسان. ھر ھر ان کي ٿو ڏسي. ھي ڇا؟! منھنجي زال کيس مرڪي ٿي ڏسي. 

اکين اکين ۾ ڳالھائن ٿا! 

رات جيڪو آخري پيگ پيتو ھيو، ان کان پوءِ منھنجي طبيعت ۾ مزو نہ ھيو. مون سمجھو تہ نشا ھوندا! 

ايئن ڪونھي تہ دادن ’ثقلين‘ فقط بِلئڪ پڪچر ڏيکاري ٿو، ھن جي ڪھاڻين ۾ روشني بہ آھي. ھُو ”يان اين يِن“ يعني رات ۽ ڏينھن، اسود ۽ ابيض، پازيٽو ۽ نيگيٽو بہ ڏيکاري ٿو. ڪھاڻيءَ جو ھيءُ ٽڪرو پڙھي ڏسو:

منھنجو پوٽو رڙ ڪري پنھنجي پيءُ يعني منھنجي پٽ کي چوي ٿو،

”بابا توھان ڏاڏي کي ڇڏي پراپرٽي ٿا ڊسڪس ڪيو. واٽ اي شيم!“

 منھنجو پٽ ٿورو لڄي ٿئي ٿو. منھنجي نُنھن پٽ کي دڙڪو ٿي ڏي،

”بِھيو يوئرسيلف شايان! توھان جو ابو ضروري شيون ٿو ڏسي رليٽڊ ٽو يوئر گرانڊ فادر“

 منھنجو پوٽو مسلسل روئندو ٿو رھي.


دادن ’ثقلين‘ جون اڪثر ڪھاڻيون دنيا ۾ نظر ايندڙ لقائن ۽ واقعن ڏانھن ڏسڻ جو جو نئون انداز سامهون آڻين ٿيون. سندس ڪھاڻيون اھو بہ محسوس ڪرائين ٿيون تہ وٽس مطالعي، مشاھدي، تخيلاتي پرواز ۽ بيان ڪرڻ جي سگهہ آھي ۽ اھي سڀ عنصر ھڪ تخليقيڪار جي ظھور کي ظاھر ڪن ٿا.

ڪھاڻي ”ڪفگيري ڌڪ“ ڳوٺ جي ھڪ غريب حجم جي ڪھاڻي آھي، جنھن سان وڏيرو بيواجبي ڪري ٿو ۽ سندس حق ڦٻائي ٿو. غريب حجم ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنھنجو حق وصول ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، پر ناڪام ٿئي ٿو. آخر ۾ کيس وڏيري سان حساب برابر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ڏاڍ مڙسي ھن ڪھاڻي جو سبجيڪٽ ۽ بي پھچ حجم جو انتقام ھن ڪھاڻيءَ جو ٿِيم آھي. دادن ’ثقلين‘ جي ھن ڪھاڻيءَ جو ”مختيار حجم“ اھڙو ڪردار آھي جيڪو جائز ۽ قانوني طريقي سان ويڙھہ ڪرڻ لاءِ ”ھڻڻ، ھڪلڻ ۽ ٻيلِي سارڻ“ واري ڪوشش ڪري ٿو، پر پنھنجي ڪميونٽيءَ کي موبيلائز نہ ٿو ڪري سگهي، بعد ۾ پنھنجي ليکي ھن کان جيڪو ٿي سگهيو، اھو ڪري گذري ٿو.

”ميل ورجنٽي“ دادن ’ثقلين‘ جي ھڪ اھڙي دلڪش ڪھاڻي آھي جنھن ‏۾ عورت کي مرد جي جسماني ڪنوارپ جي حوالي سان حساس ڏيکاريو ويو آھي. دادن ’ثقلين‘ جي ھيءَ ڪھاڻي کيس غير روايتي ليکڪ طور نمايان ڪري ٿي. ميل ڊامينٽيڊ سماجن ۾ مرد ليکڪ نہ چاھيندي بہ مرد بڻجي لکندو آھي ۽ ليکڪائون انتھائي فيمينسٽ ٿي وينديون آھن ايتري قدر جو باوجود ھنن جون لکڻيون شگر ڪوٽيڊ ھونديون آھن، پر سوچ مِسينڊرسٽ ھوندي آھي. ڪھاڻي ”ميل ورجنٽي“ ۾ عورت جي غيرت کي ڏيکاريو ويو آھي، جنھن کي مرداڻي حاڪميت واري سماج ۾ ”غيرت“ بدران ”رقابت“ جي لفظ ۾ ملحوف ڪيو ويندو آھي. مانُ، شانُ، سيلف اِسٽيم ۽ غيرت اھڙا ٻيا جذبا يا ڪيفيتون فقط مرد سان اٽريبيوٽ ڪيا وڃن ٿا. دادن ’ثقلين‘ ھن ڪھاڻيءَ ۾ رقابت جي لفظ کي لبادي مان ٻاھر ڪڍيو آھي ۽ اھو ٻڌايو آھي تہ جيڪڏھن مدي خارج زماني جو ويليو ”غيرت“ مرد جو خاصو ٿي سگهي ٿي تہ عورت بہ اھڙي ڀرم (اَن وارنٽيڊ ڪانفيڊنس يا الوزري سيلف اسٽيم) ۾ اچي سگهي ٿي. دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ جي ھيءَ ڪھاڻي پڙھي ڪو ماڻھو حيران ٿي سگهي ٿو ۽ سوچي سگهي ٿو تہ ڇا عورت بہ مرد وانگر غيرت ۾ اچي سگهي ٿي؟

دادن ’ثقلين‘ جي ھيءَ ڪھاڻي ھن وقت تائين جي لکيل سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ غير روايتي ڪھاڻي ان لحاظ کان بہ آھي تہ ھن کان اڳ سوين ھزارين ڪھاڻيون آھن جن ۾ عورت کي ”ڪارِي“ ڪري مارجي ويندي ڏيکاريو ويو آھي ۽ مرد سدائين ڳاڙھو ئي رھيو آھي، پر ھيءَ شايد پھرين ڪھاڻي آھي جنھن ۾ عورت ھڪ مرد کي ”ڪارو“ ڪري ماري ٿي. نہ رڳو ماري ٿي پر کيس حرامزادو (باسٽرڊ) بہ چئي ٿي. جڏھن دادن ’ثقلين‘ جي مجموعي ۾ موجود ھڪ ٻي ڪھاڻي ”سگنل“ پڙھجي ٿي تہ ڪھاڻيءَ جي اينٽاگنسٽ کي مليل سزا تي افسوس نہ ٿو ٿئي. ھُو ھڪ اھڙو شخص آھي جيڪو شھر جي روڊ تي سگنل وٽ بيٺل پورھيت ڇوڪريءَ کي جنسي تعلق لاءِ زور ڀريندو رھي ٿو، نازيبا اشارا ڪري ٿو، ڪنھن موقعي تي ھٿ چراند ڪري ٿو ۽ ڇوڪري جڏھن ڪا واھہ نہ ٿي ڏسي تہ ھن سان گڏ سندس ٺِڪاڻي تي وڃي ٿي ۽ اتي ساڻس ٿيل ھٿ چراند جو بدلو وٺي ٿي.


جيڪڏھن انھن ٻنھي ڪھاڻين ”ميل ورجنٽي“ ۽ ”سگنل“ کي گڏائي ڏسبو تہ خبر پوندي تہ دادن ’ثقلين‘ ڪمزور ۽ لتاڙجندڙ ماڻھن کي پاڻ وھيڻو بہ ڏسڻ چاھي ٿو. ھُو پنھنجي ڪردارن کان ايجيٽيشن ۽ مزاحمت پڻ چاھي ٿو. ساڳي ڳالھہ دادن جي ڪھاڻي ”سَري مست الست“ ۾ آھي. انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ سرتاج نالي مستاني ڇوڪري جيڪا گهٽين ۽ بازارين ۾ بي ڌڙڪ گهمندي آھي ۽ لوڪ کيس سري مست الست سڏي ٿو، ان سان ھڪ شخص دست درازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ شھر ۾ جيترا وات اوتريون ڳالھيون ٿين ٿيون. مستانيءَ جي ڀاءُ سلطان کي غيرت مٿي تي چڙھي وڃي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ان منظر کي ھن طريقي سان لکيو ويو آھي: 

سلطان پنھنجي ماءُ کي چيو ھو، 

” جي ھيءَ ٻاھر ويندي تہ مان ھن جو سر کڻندم يا پنھنجو سر کڻندم.“


ھڪ عرصي کانپوءِ ڀاءُ ڪجهہ ٿڌو ٿيو ۽ سَريءَ کي ٻاھر وڃڻ جي اجازت ملي.۽ ان کانپوءِ جي صورتحال دادن ’ثقلين‘ ھن ريت چِٽي ٿو: 


زڪوات آفيس جي ويجهو ئي ڪپڙي جي ۽ مڃارڪي بازار ۾ بہ گهُمندي وتندي ھئي. اُتي موجود حرامي حرامي دُڪاندارن کي بُجا ڏيندي ھئي جيڪي منھن خراب ڪري کيس ڇڙٻون ڏيندي ھئا. ھڪ ڀيري کيس ڪنھن ڀڄندي ڏٺو. ٿوري ئي دير ۾ ڪنھن شخص جي وارن ۾ سندس ھٿ ھئا ۽ ھوءَ کيس گھليندي ٿي وئي ۽ وڃي کيس نالي ۾ ڦٽو ڪيائين. ماڻھو اچي گڏ ٿيا ھئا. ھو نالي مان گپ ڪڍي ان شخص جي چھري تي ٿڦي رھي ھئي ۽ کيس چئي رھي ھئي، 

” منھنجو نالو سرتاج آھي! سرتاج! ۽ تون منھنجو تاج پيو لاھڻ چاھين، ھي ٿئي منھن ۾ “

 ھي اھو ئي شخص ھو جيڪو کيس پڪوڙا وٺي ڏيندو ھو. گهر ڏانھن ويندي ھوءَ پڪوڙن واري کي بہ بُجا ڏيندي وئي . 

مٿي ذڪر ڪيل ٽنھي ڪھاڻين ۾ دادن ’ثقلين‘ لاشاري ھر ھنڌ مظلوم، ستايل ۽ ڪمزور جي طرفداري ڪندي نظر اچي ٿو. باشعور ليکڪ جي نشاني اھا آھي تہ ھُو جتي بہ جنھن بہ سطح تي ظلم ڏسي، ان کي اھڙو پيش ڪري جو دلين ۾ ان قبيح عمل خلاف مذمت جو درياھہ موجزن ٿي وڃي. 

دادن ’ثقلين‘ جون ھن مجموعي ۾ ٽي ڪھاڻيون، ”اليڪشن“، ”ھاسٽلي رھزن“ ۽ ”ھيئرشپ سرٽيفيڪيٽ“ ڪرپٽ سسٽم تي لکيل اھڙيون ڪھاڻيون آھن؛ جن ۾ ڏيکاريو ويو آھي تہ اسان جو سماج اندران ڪيڏو نہ کوکلو ٿي ويو آھي. ظالم ايڏو تہ طاقتور ۽ خونخوار ٿي ويو آھي جو ڪير جيڪڏھن ڀلي ڪيڏو بہ باغي ۽ سگهارو ڇونہ ھجي، پر سسٽم سان ٽڪراءَ ۾ ايندو تہ پاڻ فنا ٿي ويندو. جيڪڏھن غور ڪجي تہ سسٽم (نظام)، ڪلٽ ۽ مافيا جي موڊس اپرينڊي ۾ ڪوبہ فرق ناھي ھوندو، بس رڳو فارميشن (جوڙجڪ) ۾ فرق ھوندو آھي.

ڪھاڻي ”اليڪشن“ چونڊن دوران پولنگ اسٽيشن تي سرڪاري ڪم ڪندڙ ايماندار ماڻھوءَ ڏاڍين ڏکين حالتن ۾ اليڪشن جي ڊيوٽي ڪئي. پولنگ جا نتيجا شفاف طريقي سان گڏ ڪري بالا عملدارن کي پھچايائين ۽ جڏھن بعد ۾ ميڊيا ذريعي نتيجا ٻڌائين تہ حيران ٿي ويو، ڇو تہ ھيءَ اهو نتيجو هو ئي ڪونہ جيڪو هن تيار ڪري جمع ڪرايو هو. ڪھاڻي ”ھاسٽلي رھزن“ پڙھڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو تہ اسان جي يونيورسٽين جي ھاسٽلن تي خودڪشيون ڇو ٿيون ٿين؟ بلڪہ ايئن چئجي تہ اھي مرڊر ڪيئن ٿا ٿين. بيشڪ تہ ڇوڪرين جي آپگهات يا مرڊر جي واقعن جا ڪيترا ئي ٻيا ڪارڻ آھن ۽ ڇوڪرن جي خودڪشيءَ يا مرڊر جا ڪارڻ گهٽ ۽ الڳ آھن پر ڇوڪرن جو آپگهات يا مرڊر الارمنگ انڪري آھي تہ جو ان سان عام ماڻھو بہ ھڪدم ريزننگ ڪرڻ شروع ڪري ٿو تہ جيڪڏھن نوجوان ڇوڪرا محفوظ ناھن تہ پوءِ نياڻين سان ڪھڙي عقوبت ھوندي؟! ڪھاڻي ”ھيئرشپ سرٽيفيڪيٽ“ پڙھندي محسوس ٿئي ٿو تہ ڄڻ دادن ’ثقلين‘ مختيارڪار آفيس ۾ ويھي ھيءُ سڀ ڪجهہ پنھنجي اکين سان ڏسي، اتي جو اتي قلمبند ڪري آيو آھي. دادن ’ثقلين‘ ھن ڪھاڻيءَ ۾ مڪافات عمل ڏيکاريو آھي. 

دادن ’ثقلين‘ جون ٻہ ڪھاڻيون ”ورھايل ماڻھو“ ۽ ”لوڙھو ۽ ڪوٽ“ ٻہ انتھائي موھيندڙ ڪھاڻيون آھن جيڪي اسان کي اسانجي اصل سان ڳنڍجڻ جي ترغيب ڏين ٿيون. ”ورھايل ماڻھو“ جو مرڪزي ڪردار پنھنجي ڳوٺ سان بيحد محبت ڪري ٿو ۽ ڳوٺ کان پري رھڻ سبب ناسٽيلجيا جو شڪار آھي. ھُو جسماني طور شھر ۾ رھي ٿو، پر سندس رُوح ڳوٺ جي ڳلين ۾ ئي ڀٽڪندو رھي ٿو. ڳوٺ سان سندس ناتو تڏھن ٽُٽي پئي ٿو جڏھن بدامنيءَ جي ھڪ واقعي سبب سندس زال مٿس ڳوٺ وڃڻ تي پابندي وجهي ڇڏي ٿي ۽ ڪھاڻيءَ جي لفظن مطابق:

”سندس پٽ ھاڻي ڏھن سالن جا ٿي ويا آھن. ھو ھاڻي چپ ھوندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڳوٺ ڳالھائي ڳوٺ جا حال احوال وٺندو آھي. باقي اڪثر ڊرائنگ روم ۾ ويٺو ڳوٺ جون تصويرون ڏسندو آھي.“ 

ھيءَ ڪھاڻي ڄڻ تہ سنڌ ۽ سنڌين جي ڪھاڻي آھي. اسين پنھنجا پڊ ڇڏيندا ٿا وڃون، اھي وستيون ۽ واھڻ ويران ٿيندا ٿا وڃن. جنھن کي ٿوري استطاعت آھي، اھو ڳوٺ ڇڏي ڀرواري شھر لڏي ٿو وڃي، جنھن کي ڪجهہ وڌيڪ وصيعت آھي اھو وڏي شھر ٿو وڃي، جنھن وٽ اڃان بہ گهڻي ڌراوت آھي تہ اھو ديس ڇڏي ٿو وڃي، ياد ڪرڻ لاءِ ڊرائنگ رومز ۾ موھن جي دڙي، مڪلي، ڪوٽ ڏجي، ڪينجهر، رني ڪوٽ، ڪارونجهر جون تصويرون لڳائي ٿو ڇڏي.ڪھاڻي ”لوڙھو ۽ ڪوٽ“ بہ ڄڻ ميٽافوريڪل يا فگيُوريٽو انداز ۾ اھو ٿي سمجهائي تہ اوھان خبردار ۽ ھوشيار آھيو تہ ڪنھن ڌارئي کي اوھان جي لوڙھي ٽپڻ جي جرئت بہ نہ ٿيندي پر جيڪڏھن وڏا قلعا ٺاھي اوھان پاڻ کي محفوظ سمجهي بي اُونا ٿي ويھي رھيا تہ بہ غير محفوظ ئي رھندا. 

دادن ’ثقلين‘ جون ٻہ ڪھاڻيون ، ”اُڃايل ڪافر“ ۽ ”دنيا ۽ آخرت“ مذھبي تنگ نظري جي خلاف ھڪ زبردست پيغام آھن. ڪھاڻي ”اُڃايل ڪافر“ ۾ رويت حلال (چنڊ ڏِسڻي) ڪميٽي طرفان عيد جي چنڊ جي دير سان بشارت ڏيڻ کانپوءِ ”اچانڪ“ ٿيل روزي جي ڪري عام ماڻھن کي آيل تڪليف جي روئداد بہ آھي ۽ ان سان گڏ اسانجي ديس ۾ ٽن چئن ڏھاڪن ۾ وڌي ويل مذھبي ڪٽرپڻي جو بہ ھڪ پھلو نروار ٿيل آھي. رمضان شريف ۾ الائي ڪيترا ماڻھو يورپ ۽ آمريڪا وڃن ٿا، ڪي اتان جا رھواسي بہ آھن، اتي ڪنھن کي بہ کليل ھوٽل، بار، پب يا ريسٽارينٽ تي ڪا چِڙ ڪانہ ٿي اچي، جو انھن ملڪن ۾ قانون جي عملداري آھي، پر پنھنجي ملڪ ۾ اھي ساڳيا ماڻھو رمضان شريف ۾ ڪٿي ڪنھن کي کائيندي پيئندي ڏسي وٺندا تہ سندن ايمان جوش ۾ اچي ويندو آھي. دادن جي ھن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار بنا کائڻ پيئڻ جي روزو رکي تہ ويٺو پر سڄي ڏينھن جي ڪمن ڪارين، گرمي، حبس، ھڻ ھڻان، ڀڄ ڊُڪ ۽ مسافريءَ ڪري سندس حالت خراب ٿي وڃي ٿي. اڃ جي شدت کان ھو پاڻي ٿو پيئي تہ ماڻھو سندس ڪڍ ٿا پئجي وڃن.

سچي ڳالھہ اھا آھي تہ ايڏي سنگين صورتحال اسان جي ديس ۾ اڳ ۾ نہ رھي ھئي. پر 1977ع جي مارشل لا کانپوءِ مذھبي شدت پسنديءَ کي باقاعدي ھٿ وٺي پيدا ڪري، پالي، تاتي، نپائي، وڏو ڪري، وھانءَ ڪرائي، ان جي ٻچن جي نرسري تيار ڪئي وئي، جنھن جي آبياري اڄ تائين جاري آھي. جتي عقيدن جي حڪومت ھجي اتي حڪمت ۽ بصيرت باقي ناھن رھندا. پندرھين صديءَ ۾ جڏھن پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي تہ بائبل ڇپجڻ ۽ عام ماڻھن ۾ پڙھجڻ لڳو. مسيحي دنيا ۾ سجاڳي پيدا ٿي، ھنن ڪليسا مان جان ڇڏائي. پر ٻين مذھبن جي معبدن ۽ مبلغن تي اھو وقت شايد ايڪيھين صديءَ ۾ اچڻو ھئو. ايڪيھين صدي ھڪ مختلف صدي آھي، جنھن ۾ انٽرنيٽ ۽ انٽرنيٽ ذريعي حاصل ٿيندڙ سوشل ميڊيا جا پليٽ فارم ماڻھن کي گهر ويٺي سڀ معلومات ڏئي رھيا آھن، ڪي اسانجا ڪوڙھہ مغز ماڻھو اڃان بہ پراڻن خيالن ۽ وھم پرستي ۾ مبتلا رھيا تہ رھندا، پر تشڪيڪ جي مُشڪ حواسن تائين پھچڻ لڳي آھي، نئين پيڙھي گمانن ۽ وھمن مان جند ڇڏائي رھي آھي، اھو عين ممڪن آھي تہ پنجاھہ سالن کان پوءِ ھيءَ ڪھاڻي پڙھي اسان جا پونئير بہ حيران ٿيندا تہ: مار! اسانجي دادن ’ثقلين‘ لاشاري صاحب پنھنجي دؤر ۾ ھھڙي ظلمات بہ ڏٺي ھئي! 

ڪھاڻي ”دنيا ۽ آخرت“ ۽ ”عشق جَي ڏسي ذات“ بابت ڪو بہ تبصرو نہ ڪبو. پڙھندڙن لاءِ بس ھڪڙو اشارو ڇڏبو تہ اھي ٻئي ڪھاڻيون دادن ’ثقلين‘ لاشاري صاحب جي من ڀاوڪ ڪھاڻين منجهان اھي ڪھاڻيون آھن جن کي ماسٽر پِيس چئي سگهجي ٿو. ھتي آئون برسبيل چوندس تہ اسان وٽ اڪثر ليکڪ اھي آھن جيڪي پڙھندا ناھن. پڙھندڙن ۾ وڏي اڪثريت عام نوجوان نياڻين ۽ ڇوڪرن جي آھي، ھيءُ ڪتاب انھن لاءِ ئي آھي. سو انھن لاءِ اھو ھوم ورڪ پيش ڪيو اٿم تہ جن ٻِن ڪھاڻين کي مجموعي جي سمورين سونين روپين ڪھاڻين منجهان ”جواھر“ ڄاڻايو اٿم، انھن کي پڙھن ۽ انھن منجهہ جيڪو فن ۽ فڪر آھي انھيءَ جي ڪسوٽيءَ تي باقي دستياب ھمعصر ادب کي رکي ڏسن. مونکي يقين آھي تہ جيڪڏھن ھنن کي شاھڪار ڪھاڻي ۽ ھڪ عام ڪھاڻيءَ جي فرق جو اندازو ڪرڻ اچي ويو تہ اھي نہ رڳو سنڌيءَ جي بلڪہ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ موجود دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب جي ڪلاسيفيڪيشن (طبقا بندي) ڪرڻ سکي وٺندا. مونکي دادن ’ثقلين‘ لاشاريءَ جي ڪھاڻين تي ھيءُ تبصرو لکندي ايترو حظ حاصل ناھي ٿيو جيترو سندس ڪھاڻيون پڙھندي محظوظ ٿيو آھيان. سندس نثر شاعراڻو آھي ۽ شاعريءَ ۾ حڪايتون آھن. اڳ ۾ مٿس نظماڻو مصحف وارد ٿيو ۽ ڪٿائون بعد ۾، سو چئي سگهجي ٿو تہ ھُو شاعر جي قالب ۾ ڪھاڻيڪار آھي. مونکي سَرھائي ٿي رھي آھي تہ سندس ڪھاڻين ۾ پاڻ وڻائڻ جي وڏي سگهہ آھي.

طارق قريشي