دنيا ۽ آخرت
ڀيڄ ڀنيءَ جو وقت ھيو ۽ ٿڌي ٿڌي ھوا گهُلي رھي ھئي. ھر پاسي خاموشي ڇانيل ھئي. سڄي ماحول تي سحر طاري ھيو. پري پري کان ڪوئل جي ڪوڪ ۽ گهُگهوءَ جو آواز ٿي آيو. مولوي صداقت پاسا ورائي رھيو ھيو ۽ خدا کي ياد ڪري رھيو ھيو. کيس ننڊ نہ ٿي آئي. ھُن ڀرسان پيل کٽن کي ڏٺو جتي سندس ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون سمھيون پيون ھيون ۽ سندن ماءُ يعني مولوي صداقت جي زال ستل ھئي. سندس نياڻيون وڏيون ھيون ۽ سندس ٽيئي پٽ انھن جي پويان پيدا ٿيا ھئا. سندس نياڻيون سامائجي ويون ھيون ۽ کين شينھن ڪلھي چاڙھڻ جي ڳڻتي مولوي صداقت جي من کي ھر وقت اڏوھيءَ جيئن کائيندي ھئي. کيس ھر وقت اھا مذھبي روايت پئي ياد ايندي ھئي تہ ”جوان ڌيءَ گهر ۾ ويھارڻ معني حرام کائڻ.“
اڄ بہ ڌيئرن جي باري ۾ سوچي ھُن جي ننڊ ڦٽي وئي ھئي. ھن پاسي ۾ پيل موبائيل کڻي وقت ڏٺو. آذان جو وقت ٿيڻ وارو ھيو. ھو الله جو نالو وٺي اٿيو؛ سڄي گهر کي اٿاريائين ۽ پٽن سميت مسجد طرف ھليو ويو. مسجد جو در کوليائين، سندس پٽ نويد بلب ٻاريا، اسلم نکون ٻاھر ڪڍي وڇايون ۽ سڀني کان ننڍو جاويد جيڪو چئن سالن جو ھيو، اھو ننڊاکين اکين سان ويھي رھيو. ھن آذان ڏيڻ شروع ڪئي:
” الله اڪبر ... الله اڪبر ... الله اڪبر... “ سڄي ماحول تي سندس سريلي ۽ پُر درد آواز جو ڳھر ڇانئجي ويو ھيو. پکي پکڻ بہ سرور ۾ جهومي رھيا هئا. ھو آذان ڏئي سنت ادا ڪري مصلي تي دؤر ڪرڻ لڳو. سندس پٽ نويد ۽ اسلم بہ دؤر ڪري رھيا ھئا جڏھن تہ جاويد قاعدو کوليون ان کي گهوري رھيو ھيو. آھستي آھستي ڪجهہ جماعتي آيا ۽ ھن فرض پڙھايو. فرض پڙھائڻ کانپوءِ ھو ٻارن کي پڙھائڻ لڳو. ٻارن کي پڙھائي ھو گهر آيو. سندس گهر واري کٽ تي ويٺي ھئي ۽ سندس وڏي ڌي خديجہ چانھہ ٺاھي رھي ھئي. سندس ٻيون ڌيئرون سڪينہ ۽ مريم ٽوپو ڏئي رھيون ھيون. کين ڏسي ھن وڏو ٿڌو ساھہ کنيو ۽ اچي زال جي ڀر ۾ ويٺو. سندس زال ڳالھائڻ شروع ڪيو، ” اڄ ھڪ فيملي ايندي رشتي لاءِ ؛ مريم کي ڏسڻ. رشتي واري مائي زليخا ٿي چيو تہ ڏاڍي ڀلي فيملي آھي. ڇوڪرو ھڪ ڪمپني ۾ اسٽنٽ مينيجر آھي.“
” پر اڳ ۾ حق تہ خديجہ جو آھي، مريم تہ سڀني کان ننڍي آھي.“ ھن ٿورو احتجاجن چيو. وري پاڻ ئي ڳالھائڻ لڳو، ”چلو جنھن جو نصيب اڳ ۾.“
” مولوي صاحب! اسان ايئن نخرا نٿا ڪري سگهون تہ اڳ ۾ ھن جو ٿِئي پوءِ ھُن جو ٿِئي. ھڪ تہ اسان جون ڇوڪريون پڙھيل ڪونھن؛ نہ ڪن ڪا نوڪري. مٿان تون مولوي...“ اھو چئي ھوءَ چپ ٿي وئي. ڄڻ کيس احساس ٿيو تہ ھن کي پنھنجي ورکي مولوي ھجڻ جو طعنو نہ ڏيڻ کپندو ھيو.
” مولوي آھيان تہ پوءِ؟ بي دين ھجان ھا؟“ مولوي صداقت کي ڄڻ ڪنھن چڪ ھنيو ھجي.
” مولوي صاحب! ھتي ھر ڪوئي ڏسي ٿو تہ ڪنواريتن مان گهوٽيتن کي ڇا ورڻو آھي. ھر پڙھيل لکيل چاھي ٿو تہ سندس زال يا تہ نوڪري ڪندڙ ھجي يا گهٽ ۾ گهٽ انگريزي پڙھيل ھجي تہ جيئن ھن سماج جي حساب سان اٿي ويھي سگهي؛ يا ڇوڪريءَ جو پيءُ مڇي ماني لائق ھجي.“
سندس زال ھڪ اڪابر جيان کيس سمجهائيندي رھي.
”تون پاڻ ئي تہ چوندو آھين تہ ڪوئي پڙھيل لکيل ڇوڪرو ھجي يا گهٽ ۾ گهٽ پنھنجو ڪاروبار ھجيس يا ديندار ھجي. ھاڻي اھڙا ماڻھو ڪٿان اچن؟“ ھو ٿورو خاموش رھي وري ڳالھائڻ لڳي،
”تو مولوي صديق سان رشتي جي ڳالھہ ڪئي؛ ھن بہ ڪيئن توکي سڌو چئي ڏنو تہ ھن جو ڇوڪرو چوي ٿو تہ ڪنھن پڙھيل لکيل سان شادي ڪندو.“ ھن ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ زمين کي تڪڻ لڳو. ڄڻ تہ پٺتي ڇڏي آيل وقت کي ڳوليندو ھجي.
”مولي صديق وٽ پئسو تہ ڏس! ڪيڏو تہ ھن مسجد مان ٺاھيو آھي ۽ پنھنجن ٻارن کي انگريزي تعليم بہ ڏياري اٿئين.“
” تہ پوءِ مان ھن جهڙو مولوي ٿيان ۽ وتان اميرن جي درن تي کين منٿون ڪندو ۽ سندن ھر ڪم ۾ ساٿاري ٿيندو؟“ ھن چِڙندي چيو.
پريان سڪينہ ۽ مريم سندن بحث ٻڌي ۽ اکين ئي اکين ۾ ڄڻ ھڪ ٻئي کي چئي رھيون ھيون ،
” ابو آخرت ٺاھيندي اسان جي دنيا برباد ڪري ڇڏيندو.“
سندس زال ڳالھائڻ لڳي ،
” چڱو ھاڻي مھمانن لاءِ شام ڪجهہ وٺي اچجان تہ کين چانھہ سان گڏ ڏيون.“
ايتري ۾ خديجہ اچي کين چانھہ ڏني. ھو چانھہ پيئندي ڪجھہ سوچيندو رھيو. ڄڻ دين ۽ دنيا کي پاڻ ۾ ڀيٽي رھيو ھجي.
مولوي صديق شھر جي ھڪ مسجد ۾ پيش امام ھيو ۽ ان سان گڏ اتي ٻارن کي بہ پڙھائيندو ھيو. انھيءَ مان کيس ڪجھہ پئسا ملي ويندا ھئا جنھن تي سندس گذر سفر ھلندو ھو. ھو دال پاڻي تي خوش رھندو ھو پر جڏھن کان سندس گهر ۾ سندس نياڻيون جوان ٿيون ۽ کين شينھن ڪلھي چاڙھڻ جو وقت آيو ھو تہ ھن جي پريشانيءَ جو وقت اچي ڪڙڪيو ھو. کيس اڪثر احساس ٿيندو ھيو تہ ھن کي پنھنجي نِياڻين کي ديني تعيلم سان گڏ دنياوي تعليم بہ ڏيڻ کپندي ھئي تہ جيئن سندن رشتا ڪنھن چڱي خاندان ۾ ٿي سگهن ھا. اڪثر رشتا ان ڳالھ جي ڪري طئي نہ ٿي سگهندا ھئا تہ سندس ڌيئرن کي رڳو ديني تعليم ايندي ھئي. دنياوي تعليمي حساب سان جهڙوڪر ھو اڻ پڙھيل ھيون. باقي جيڪي ڪجھہ ماڻھو رشتي لاءِ راضي ٿيندا ھئا تہ ان تي وري مولوي صاحب جي دل نہ مڃيندي ھئي. ڪجھہ تہ انھن مان بلڪل ئي بدمعاش لڳندا ھئا ۽ ڪجهہ وري بلڪل ئي بيروزگار ۽ اڻ پڙھيل. ايئن ڏسندي ڏسندي سندس ڌيئرن جي عمر نڪري رھي ھئي.
شام ٿي ھڪ فيملي سندن گهر ۾ داخل ٿي. انھن سان مائي زليخہ بہ گڏ ھئي.مردن کي اڇي رنگ جا وڳا؛ عورتن کي ڪاري رنگ جو شالون. ڏسڻ ۾ ڏاڍي سٺي فيملي ٿي لڳي. مردن کي گهر جي ھڪ ڪمري ۾ الڳ ويھاريو ويو ۽ عورتون اندر عورتن واري ڪمري ۾ ويٺيون. ڇوڪري جي عمر ڪا ٽيھہ پنجٽيھہ سال ھئي. نھايت ماٺيڻو ۽ سلڇڻو ٿي نظر آيو. مولوي صاحب سان نوڙي مليو. کيس ڏاڍو وڻيو. ھيٺ وڇايل چادر تي وڃي ھو سڀ ويٺا. مولوي چانھہ، بسڪيٽس ۽ سموسا آڻي رکيا. ڇوڪري جي پيءُ ڳلو صاف ڪندي ڳالھائڻ جي شروعات ڪئي ،
” مائي زليخا! توھان جي نياڻي جي ڏاڍي تعريف ڪئي ھئي. چوي پئي تہ ھوءَ حافظہ آھي ۽ نماز روزي جي پابند. منھنجي پٽ کي اھڙي ئي سدوري ۽ ديندار عورت ٿي کپي.“
” جي الله جا ڪرم آھن منھنجون ٽئي نياڻيون حافظِ قرآن آھن ۽ دين جون پابند. توھان جو نينگر ڇا ڪندو آھي.؟“
ڇوڪري جي والد ٿورو گهٻرايو ؛ ٿورو خاموش رھي ۽ ڳالھائڻ لڳو ، ”جي، منور مُلڪ جي ھڪ مشھور راڳي سان ھوندو آھي ۽ ڍولڪ وڄائيندو آھي“
مولوي جي پيرن ھيٺان ڄڻ تہ زمين نڪري وئي ھجي. ھو بلڪل خاموش ٿي ويو. ڪنھن گهري سوچ ۾ ھليو ويو. سندس زال تہ کيس ٻڌايو ھيو تہ ھو ڪنھن ڪمپني ۾ اسسٽنٽ مينيجر آھي ۽ ھي ڍولڪ نواز! کيس ياد ئي نہ رھيو تہ ھو مھمانن سان ويٺو ھيو. ڇوڪري جي پيءُ جي آواز تي ھو محرومين ۽ پريشانين جي عميق مان غوطو کائي ٻاھر نڪتو.
” مولوي صاحب! منھنجو ڇوڪرو آھي تہ ڍولڪ نواز پر پنج ئي وقت نماز پڙھندو آھي ۽ سڀ روزا رکندو آھي.“ ڄڻ تہ ھن مولوي جي ٻڏ تر واري حالت سمجهي ورتي ھئي.
مولي دل ۾ چيو ، ’’شراب خاني ۾ ڀلي ماڻھو تسبيح کڻي ويھي ۽ شراب جي ھر ڍڪ سان ھڪ تسبيح مڪمل پڙھي، ڇا اھا قبول ٿيندي ۽ ڇا ماڻھو ان کي ديندار شرابي ئي سمجهندا.“
ڇوڪري جي پيءُ ڳالھہ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي ،
” منور جي اھا دلي خواھش آھي تہ سندس زال ديندار ھجي تہ جيئن ٻارن کي دين جي تعليم ڏئي سگهي.“
”جي جي“، مولوي حضور شرمي ۾ منھن تي ڦڪي مرڪ سجايون ويٺو ھيو.
” اسان توھان کي ڪجھہ ڏينھن ۾ جواب ڏينداسي.“ مولوي ڪجهہ سوچي ۽ چيو.
ڪجھہ دير کانپوءِ ھو موڪلائي ھليا ويا. مولوي اُتي ئي ويٺو رھيو، سوچ ۾ گم. سندس زال ڪمري ۾ داخل ٿي. ھن جي چھري تي اداسي ڏسي سمجھي وئي.
ھو ڪنڌ ھيٺ ڪيون ويٺو ھو. ھن ڳالھائڻ شروع ڪيو،
” ھاڻي مولوي صداقت جي ڌيءَ ھڪ طبلي وڄائڻ واري سان شادي ڪندي! توکي انھن ماڻھن کي گُهرائڻ کان اڳ منھنجي معاشري ۾ عزت جو خيال بہ نہ آيو مٿان وري مون سان ڪوڙ تہ ھو اسسٽنٽ مينيجر آھي؟“
ھو کيس گهوري رھي ھئي. ھن پنھنجي ٻچن جي خاطر ڏڪندڙ آواز ۾ ڳالھايو،
”ڪھڙو اسسٽنت مينيجر ھڪ اڻ پڙھيل مُلياڻي ۽ مولوي جي ڌيءَ سان شادي ڪندو جن جو گذارو خيرات تي ۽ ٽڪين وٺڻ تي آھي!! ۽ ھا ڪھڙي عزت مولوي صاحب!! ڪوئي عزت وارو، ڪوئي تنھنجو مولوي تہ اسان سان رشتو ڪري ڪونہ ٿو! باقي عزت ڪھڙي؟“
خبر ناھي ھن جي زال کي اڄ ايڏي ھمٿ ڪٿان آئي ھئي! شايد نياڻي جي ويندڙ جواني منجھس اھو سڄو زھرڪڍڻ لئہ ھن ۾ زھر ڀريو ھو.
” ٻار درن تان وڃي ٽڪيون وٺندا آھن اتي تہ تنھنجي عزت کي ڪجھہ ناھي ٿيندو؟ ڪوئي اسان کي پنھنجي شادي مرادي ۾ گهرائيندو ناھي ڇو تہ اسان غريب آھيون اتي تہ تنھنجي عزت کي ڪجهہ ناھي ٿيندو؟ ھي سڀ ماڻھو جيڪي ڪوڙي عزت ڏيندا آھن، اصل ۾ اھي رحم ۽ قياس ڪندا آھن اسان تي!‘‘
” ڇو عزت ناھي؟ سڀ نِوڙي ملندا آھن، سڀ مولوي صاحب ۽ سائين ڪري مخاطب ٿيندا آھن.“
” ڪنھن جي نوڙي ملڻ سان نہ تہ اسان جي نِياڻين جي شادي ٿيندي نہ ئي اسان جي پُٽن جو در در تي ٽڪين لاءِ وڃڻ بند ٿيندو. نياڻين جي وڃي ٿي عمر نڪرندي! اتي توکي شريعت ياد نہ ٿي اچي تہ جوان نياڻي گهر ۾ ھوندي آھي تہ ماني حرام ٿي ويندي آھي.“
مولوي جي زال کي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ھو ڍُنڍڪرن ۾ پئجي وئي.
”جيڪڏھن تو ھي رشتو بہ موٽايو تہ پوءِ تون منھنجو سر کڻندين.“
ھوءَ ساڻي ٿي ھيٺ ڪري پئي. سندس ڌيئرون، جيڪي ٻي در کان سڀ ٻڌي رھيو ھيون، سي ڀڄنديون آيون ۽ اچي ماءُ کي آٿت ڏيڻ لڳيون. سندن گونگن ڳوڙھن ۾ پنھنجي پيءُ سان الئہ پالڻھار سان انيڪ شڪايتون ھيون.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مريم جي ڍولڪ نواز سان شادي ھئي. بلڪل سادي نموني. خبر ناھي ڪھڙي ڳالھہ ؛ ڪھڙي سماجي دٻاءُ، الئہ زال جي دٻاءُ يا نياڻين جي ويندڙ عمر کي ڏسي مولوي شادي لاءِ راضپو ڏيکاريو ھيو. بس اھو شرط رکيو تہ شادي ۾ دھل شرناءَ نہ وڄندا. گهوٽائتن کي انھيءَ شرط تي ڪو بہ اعتراض نہ ھو. ھنن پنھنجي گهر وڃي خوب دھل شرناءَ وڄايا هئا.
مريم پنھنجي گهر ۾ ڏاڍي خوش ھئي. ھن کي منور جي گهر وارا راڻي وانگر رکندا هئا، سندس چھرو خوشيءَ ۾ پيو بکندو ھيو. ھو جڏھن گهر ويندي ھئي تہ سندس ماءُ پئي ٺرندي ھئي. مولوي صاحب ڏاڍو خوش ھوندو ھيو. سندس ڄاٽو مولوي صاحب سان ھميشہ پيرين پئي ملندو ھيو. نہ رڳو ايترو پر ھو مولوي صاحب لئہ نوان نوان وڳا بہ وٺي ايندو ھيو جيڪي شروع ۾ تہ مولوي صاحب وٺڻ کان انڪار ڪيو پر جڏھن ھن پيرين پئي کيس منٿ ڪندي چيو ھو.
” بابا! ڄاٽو سمجِهي نہ پٽ سمجِهي وٺو.“ تہ ھن کانئس وڳا وٺڻ شروع ڪيا ھئا.
ھوڏانھن وري مولوي صديق کي سندس ايئن نوان ڪپڙا پائڻ نہ وڻندا ھئا. ھڪ ڏينھن مٿس طنز ڪندي چيائين:
” مولوي صاحب! تو تہ پنھنجي ۽ پنھنجي قيامت ڪاري ڪئي. ھڪ طبلي واري کي پنھنجي نِياڻي ڏنئي!“
مولوي صداقت کي ڄڻ ڏينڀوئن ڏنگ ھنيا ھئا.
” ڍولڪ ٿو وڄائي ڪنھن جي پلاٽن تي قبضو تہ نٿو ڪري! حاڪمِ وقت جي چمچاگيري تہ نٿو ڪري.“ مولوي صديق کي ڄڻ منھن تي وھائي ڪڍي ھئائين.
ھاڻي مولوي جي سوچ ۾ تبديلي اچي رھي ھئي. ھو سمجهي رھيو ھيو تہ فقط دين سان گهر نٿا ھلن نہ ئي نياڻين کي سٺا رشتا ٿا ملي سگهن. ھن ٻي ڌيءَ جي شادي بہ منور جي ڀاءُ سان ڪرائي ھئي جيڪو ھن سان گڏ باجو وڄائيندو ھيو. نہ رڳو ايترو پر ھڪ ڏينھن تہ سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون. خديجہ ۽ مريم عيد تي پيڪين گهمڻ آيون ھيون. کين نوان نوان مھنگا وڳا پھريل هئا. مولوي صاحب کين ڏسندي اندر ئي اندر ۾ ٻھڪيو ٿي. سڀ گهر ڀاتي رات جو گڏ ويٺا ھئا تہ مولوي صداقت ڌيئرن سان مخاطب ٿيندي چيو،
” مون کي افسوس آھي تہ مان نہ توھان کي نہ پنھنجي پٽن کي دنياوي تعليم ڏئي سگهيم. نہ ئي کين ڪو ھنر سيکاريو. بس ٽڪين تي گذارو ڪرڻ سيکاريو. سندن خودداري ماري! مان نٿو چاھيان تہ ھو اڃا بہ اھا زندگي گذارن !“
ھن ٿورو ساھہ کنيو ھيو ۽ وري ڳالھائڻ شروع ٿيو.
” منور کي چئو تہ نويد ۽ اسلم کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي پيو وڃي. ڍولڪ، باجو، بئنسري، طبلو ڪجهہ نہ ڪجهہ سکي پوندا ۽ اڄوڪي ميڊيا جي دؤر ۾ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪمائي وٺندا! دنيا ٺھي ويَن تہ پاڻ ئي آخرت بہ ٺاھي ويندا.“