مهاڳ
هو بنگال جي ٻهراڙيءَ جي هڪ مندر جي پورهيت جو پٽ هو. سندس اصل نالو نريندر ناٿ ڀٽ آچاريه هو. سندس پيءُ ڪلڪتي جي ويجهو هڪ اسڪول ۾ سنسڪرت جو استاد هو، جنهن کان هن سنسڪرت جا سبق ورتا ۽ عام اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ نيشنل ڪاليج ڪلڪتي ۾ داخل ٿيو. هن جي تعليم ان مرحلي کان اڳتي ڪا نه وڌي سگهي.
کانئس عمر ۾ ڪجهه وڏي، سندس انهن ڏينهن جي هڪ انقلابي ساٿيءَ (اي ڪي هنديءَ پنهنجي ڪتاب (M.N: Roy, the Man who Looked Ahead) ”هڪ شخص- جنهن اڳتي ڏٺو ٿي،“ ۾ هن جي ننڍيءَ عمر جي اجهل قومي جذبي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي: ”نريندر- بنهه هڪ ڇوڪرو، مشڪل سان چوڏهن ورهين جو، پرچست ۽ سگهارو، انقلابي امنگ سان ٽمٽار- هڪ ننڍيءَ ڪوٺيءَ ۾ تکو تکو اسان وٽ لنگهي آيو، جتي اسين بنگال ۽ ملڪ جي ٻين حصن جي مسئلن تي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئاسين. اچڻ سان هن اسان سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ دشمن جي چنبي مان ملڪ کي آزاد ڪرڻ لاءِ هن پنهنجون ڪل وقتي خدمتون اسان کي آڇيون. هن قسم کڻي چيو ته ”جو ناممڪن هوندو، ان جي به ڪرڻ لاءِ آءٌ تيار هوندس.“ ڇو ته ”هڪ انقلابي لاءِ ڪجهه به ناممڪن نه هو“! پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو اسان سان اچي شامل ٿيو ۽ تحريڪ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين ۽ هن اسان وٽ پاڻ کي اهڙين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ ثابت ڪيو، جيڪي وڏن اڳواڻن ۾ هونديون آهن. (هيءُ ۽ ٻيا حوالا وي. بي ڪارنڪ جي ڪتاب "M.N Roy Political Biography" تان ورتل آهن.)
ايم اين راءِ ڇاهٺ ورهيه حياتيءَ جا (فيبروري 1887ع- جنوري 1954) ماڻيا، جن مان 16 ورهيه (آگسٽ 1915ع کان وٺي) هو وطن کان ٻاهر رهيو. ڪل وقتي طور عالمي انقلابي تحريڪن سان ڳنڍيل، پر هڪ ئي مقصد لاءِ ته هندستان آزاد ٿئي ۽ اُن جي صدين جي جمود ۾ هلچل ۽ انقلاب اچي، ۽ اُن جا ماڻهو پنهنجي وطن ۾ اُٿي بيهي، سڌا ٿين، ڪنڌ اوچا ڪري هلن ۽ پنهنجي حال جا ۽ پنهنجي مستقبل جا معمار ۽ مالڪ بڻجن.
ڊسمبر 1930ع ۾، لڪي لڪي، هو پنهنجي وطن موٽي آيو، پر ستن مهينن جي پرخطر روپوش زندگيءَ کان پوءِ جهلجي پيو ۽ 1915ع کان اڳ جي دهشت پسند ڪاررواين جي ڏوهه ۾ هن کي ٻارهن سالن جي جلاوطنيءَ جي سزا ملي، جا اپيل تي گهٽجي ڇهن سالن جي سخت پورهئي جي سزا ۾ تبديل ٿي.
ڪامريڊ راءِ اها سزا ڪاٽي، جڏهن ٻاهر نڪتو تڏهن جيل مان هن پاڻ سان رجسٽر سائيز جي هزار هزار صفحن جا نوَ نوٽبڪ، ڳتيل اکرن ۾ سڄا لکيل، ٻاهر آندا. (جيل ۾ هڪ مهل کين اهڙي قسم جو هڪ ئي نوٽبڪ ملندو هو، پر ان جو، هڪ ورق به ٻاهر موڪلڻ جي کين اجازت نه هوندي هئي. لکجي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٻئي خالي نوٽبڪ وٺڻ لاءِ، پهرين اڳيون نوٽبڪ کين جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ڊپازٽ ڪرائڻو پوندو هو.)
نوَن نوٽبڪن جو هيءُ سڄو مواد انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو ڪافي گهڻو حصو ”رنيزانس پبلشرس“ ۽ ”انڊين رنيزانس انسٽيٽيوٽ“ طرفان هيٺن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ٿيو. جيڪي ٻئي ادارا جيل مان ٻاهر ايندي ئي، ”فڪر و عمل جي تحريڪ جي مرڪز“ طور، قائم ڪيا هئائون:
(1) فسطائيت. ان جو فلسفو ۽ عمل.
(2) اسلام جو تاريخي ڪارنامو.
(3) عورتپڻي جو هندستاني آدرش.
(4) ماديت
(5) ويهين صديءَ جا پاکنڊ.
(6) علم ۽ اوهام.
(7) ٻليءَ جون يادگيريون.
(8) عقل، رومانويت ۽ انقلاب، وغيره
ڪامريڊ راءِ، نومبر 1936ع ۾ جيل کان ٻاهر ايندي ئي، انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾، ان ۾ سرگرم حصو وٺڻ لڳو. ”انهيءَ پراڻي جدوجهد ۾، جنهن جي پڄاڻي ڪانهي، تان جو ڪاميابيءَ ۾ ان جي پڄاڻي ٿئي!“
پريس وارن ڪامريڊ راءِ تي پريس ڪانفرنس لاءِ زور رکيو، پر ان لاءِ معذرت ظاهر ڪندي، پاڻ مختصر پريس بيان پڌرو ڪيائين: ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو ويهن سالن کان پوءِ قانوني طور هندستان ۾ هندستان جي ماڻهن سان مخاطب ٿي رهيو آهيان. ائين ڪندي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، اسين سڀ سامراج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار آهيون. منهنجو سڀني پنهنجي مظلوم ڀائرن لاءِ پيغام هيءُ آهي: لکن ۾، ڪروڙن ۾، وڌي اچي نيشنل ڪانگريس جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿيو، جمهوري آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ هڪ منظم ۽ مضبوط فوج وانگر، هن جدوجهد ۾ اسان لاءِ نه رڳو پنهنجي مقصد جي تيز سڃاڻپ آهي، پر ان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ اسان کي عمل جي صاف ۽ پختيءَ راهه جي به گهرج آهي. وڌيڪ آءٌ ائين به چوڻ مناسب ٿو سمجهان ته سوشلزم يا ڪميونزم- جيڪا هڪ ئي ڳالهه آهي. اسان جي اڄ جو مسئلو اهو نه آهي. سچا سوشلسٽ يا ڪميونسٽ ضرور اهو مڃيندا ته جيڪڏهن هندستان جي عوام جي نجات لاءِ جدوجهد ۾ هو ڪو حصو ادا ڪرڻ گهرن ٿا، ته ان لاءِ قومي نجات پهريون ۽ فوري ڏاڪو آهي، انهيءَ ڪري، سڀني سامراج مخالف قوتن کي جمهوري آزاديءَ جي نعري تي گڏ ٿيڻ گهرجي، جيڪا حاصل تڏهن ٿيندي جڏهن جمهور جي حڪومت جمهور جي هٿن ۾ ايندي، عوام جي حڪومت عوام جي هٿن ۾ ايندي.... نيشنل ڪانگريس اُن لاءِ اسان جو گڏيل پلئٽفارم آهي.
”آءٌ هي سمورا سال ڪانگريس جو دستوري طور ميمبر نه رهيو آهيان، پر مون هميشه ڪانگريس جي مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي. انهيءَ طرح، جو مون هر وقت ڪانگريس کي وڌيڪ عوامي بنائڻ ۽ وڌيڪ سرگرم بڻائڻ پئي گهريو آهي ۽ هاڻي پنهنجي ان دلي مقصد جي حاصلات جي آسانيءَ خاطر آءٌ دستوري طور به ڪانگريس جو ميمبر ٿيندس. مون کي هندستان جي ماڻهن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ جو پڪو ارادو آهي ته ڪميونسٽ هندستان جي سياسي جسم ۾ ڌاريان عنصر نه آهن، پر اهي هن ڌرتيءَ جا سپوت آهن، جيڪي انڊين نيشنل ڪانگريس جي جهنڊي هيٺ قومي آزاديءَ جي فوج جي هر اول دستي طور وڙهي رهيا آهن.
پورا ڇهه سال آءٌ جيل جي اندر تمام مشڪل حالتن ۾ رهيو آهيان، ۽ منهنجي صحت بنهه ڊانوان ڊول آهي. جيتري قدر ٿي سگهندو، ايتري قدر آءٌ پنهنجي صحت جي بحاليءَ ڏانهن ڌيان ڏيندس ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن تائين سياست ۾ ڪو سرگرم حصو وٺڻ مون لاءِ ممڪن نه ٿيندو. آءٌ هن موقعي مان فائدو وٺندي، سڄي هندستان جي سڀني ڪانگريس، ٽريڊ يونين ۽ هاري ورڪرن کي پنهنجا سلام موڪليان ٿو.“
ٿوري ئي وقت کان پوءِ، جو ڪن حلقن طرفان ائين هل اُٿاريو ويو ته ڪامريڊ راءِ جي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ سان ڪانگريس ”سرخ“ بڻجي ويئي آهي، ڪامريڊ راءِ کي ٻيو هڪ مختصر بيان ڪڍڻو پيو، جنهن ۾ چيائين: ”ڪانگريس ڪميونسٽ ڪا نه ٿي بڻجي، پر پاڻ ڪميونسٽ، هندستاني عوام جي آزاديءَ لاءِ اڻموٽ سپاهين طور، ڪانگريس ۾ شامل ٿي، ڪانگريسي بڻجي رهيا آهن. ذاتي طور آءٌ، ڪانگريس سان هر ڳالهه ۾ متفق نه رهندي به، سدائين ان جي حمايت ڪندو رهيو آهيان. البته، ملڪ کان ٻاهر رهڻ سب آءٌ هڪ دستوري ڪانگريسي ورڪر طور ڪم نه پئي ڪري سگهيس. هاڻي، جو آءٌ ائين ڪري پيو سگهان، مون پنهنجي سياسي پوزيشن ۾ انهيءَ هڪ نوع جي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وڌيڪ ڪانگريس کي، سواءِ جمهوري آزاديءَ جي، ٻئي ڪنهن به پروگرام جي قبولڻ يا پنهنجي ڪرڻ لاءِ چوڻ يا مڃائڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ڪونهي.“
انهيءَ ئي مهيني يعني نومبر 1936ع ۾، بريليءَ ۾ ڪانگريس جي سهاري هيٺ سڏايل سياسي ڪانفرنس جي موقعي تي، ڪامريڊ راءِ کي ڪانگريس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ يو پي صوبائي ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر به بڻايو ويو. ٻئي مهيني، هن ڪانگريس جي فيضپور سيشن ۾ حصو ورتو ۽ اتي مهاتما گانڌيءَ سان سندس پهرين منهان منهن ملاقات ٿي. مهاتما گانڌيءَ کيس صحت جي بحاليءَ، آرام ۽ ملڪ جي حالات جي چپ چاپ مطالعي جي صلاح ڏني. ڪامريڊ راءِ ساڻس ڪانگريس کي وڌيڪ سرگرم بنائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مهاتما گانڌيءَ ان لاءِ پنهنجي ”تعميري پروگرام“ (چرخي، اهنسا، عدم تعاون، وغيره) جو ذڪر ڪيو. مزدورن سان سندن فوري مطالبن جي جدوجهد ۾ رابطي لاءِ جڏهن ڪامريڊ راءِ چيو ته بنگال- ناگپور ريلوي مزدورن جي (اُن وقت) هلندڙ اسٽرائيڪ ۾ کين مدد ڏني وڃي، ته مهاتما گانڌيءَ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته مسئلي جي پهريائين ”پڇا ڳاڇا“ ضروري آهي! ۽ آخر ۾ جڏهن مهاتما گانڌيءَ اٿي پرارٿنا ۾ ساڻس شامل ٿيڻ لاءِ کيس چيو تڏهن ڪامريڊ راءِ پوري ادب ۽ فضيلت سان ان لاءِ ساڻس پنهنجي مجبوريءَ جو اظهار ڪيو. مهاتما سان هن پهرينءَ ئي گڏجاڻيءَ کان پوءِ ڪامريڊ راءِ جي دل تي سياسي طور جيڪا ڳالهه نقش ٿي، سا هيءَ هئي ته ڪانگريس ۾ هڪ نئين ۽ تازه دم اڳواڻپ جي اُڀارڻ جي تمام گهڻي ضرورت هئي.
پنجن مهينن کان پوءِ 4 اپريل 1937ع تي، ڪامريڊ راءِ پنهنجي هفتيوار انگريزي اخبار "Independent India" (خودمختار هندستان) جي نالي سان شروع ڪئي. ان لاءِ ڪامريڊ راءِ ڏانهن پنڊت جواهر لعل نهروءَ، سباش چندر بوس ۽ ٻين پنهنجا پيغام ۽ پنهنجون نيڪ تمنائون موڪليون. مهاتما گانڌيءَ ان لاءِ ڏانهس پوسٽ ڪارڊ تي پنهنجو پيغام لکي موڪليو، جنهن ۾ کيس ”خاموش خدمت“ جي صلاح ڏنائون. ڪامريڊ راءِ اخبار جي پهرينءَ اشاعت جي ادارتي نوٽ ۾ لکيو:”سياسي خودمختياري (Political Independence) مقصد نه پر مقصد جو ذريعو آهي ۽ مقصد آهي ته هندستاني سماج ۾ بنيادي اُٿل پٿل آندي وڃي، جنهن کي جمهوري اُٿل پٿل يا جمهوري ”انقلاب“ چئجي ٿو.... اُن انقلاب جي سياسي صورت هيءَ آهي ته ماڻهو رياست جي اقتدار تي قبضو ڪن، ڌارين توڙي ملڪين جي حڪومت جي جاءِ تي نمائنده حڪومت، يعني جمهوري حڪومت جمهور جي هٿن ۾، ماڻهن جي حڪومت ماڻهن جي هٿن ۾، قائم ڪئي وڃي. هندستان اڄ اهڙي ”انقلاب“ جو منتظر آهي....“
1938ع ۾ سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1939ع لاءِ ٻيهر هو اُميدوار بيٺو، جنهن ۾ به هو ڪامياب ٿيو. پر مهاتما گانڌيءَ جي ”دعائن“ حاصل نه هئڻ ۽ خود پنهنجي به ڪجهه هڪ طرفيءَ انتها ڏانهن مائل رخ سبب، ڪانگريس جي قابض جهونيءَ اڳواڻپ جو کيس تعاون حاصل ٿي نه سگهيو ۽ کيس ڪانگريس جي صدارت تان دستبردار ٿيڻو پيو، جنهن کان پوءِ (جون 1939ع ۾) هن ڪانگريس جي اندر پنهنجي ساٿين جو هڪ جدا گروپ ”فارورڊ بلاڪ“ جي نالي سان قائم ڪيو. ساڳين ئي ڏينهن (مئي 1939ع) ۾ ڪانگريس جي اُن ئي قدامت پسند هڪ هٽيءَ واري سياسي ماحول ڏانهن رد عمل طور، ڪامريڊ ايم اين راءِ پڻ، ان ۾ ڪجهه تازه دم فڪر ۽ عوام پسند نئينءَ اڳواڻپ لاءِ موقعي پيدا ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي هم خيال ڪارڪن جو هڪ گروپ قائم ڪيو، جنهن کي هن ”ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين“ سڏيو. ترت ئي، ٽن مهينن کان پوءِ (پهرين ڊسمبر 1939ع ) يورپ ۾ ٻيءَ خونخوار عالمي جنگ جو آغاز ٿيو، ۽ وقت جي ان ڌماڪيدار للڪار تي، پنهنجي پنهنجي نظرياتي بنياد تان، ڪانگريس جي اندر هنن ٽن ڌرين يا گروهن، جنگ ڏانهن پنهنجا پنهنجا رخ اختيار ڪيا. سڀاش بوس ان کي سامراجي جنگ چيو، راءِ ان کي فسطائيت خلاف عالمي جمهوريت جي (۽ انهيءَ ڪري هندستان لاءِ به جمهوريت جي) جنگ سڏيو ۽ ڪانگريس هندستان جي اُڀرندڙ حڪمران طبقي جي طاقتور ترجمان (طبقاتي مفادن پسند هڪ تنظيم) طور، ان ڏانهن ٻه رخو رويو اختيار ڪيو. سڀاش چندر بوس جي رخ جي فڪر ۽ عمل جي ڪامل ناڪاميءَ کي ترت ئي دنيا ڏسي ورتو، ڪانگريس پنهنجي طاقتور حڪمران طبقاتي تنظيم جي زور تي، ۽ زوال پذير برطانوي سامراج جي عين مرضيءَ سان، جنگ جي پڪل ميوي طور، هڪ طرح جي ڪاميابي ته حاصل ڪئي، پر ڪانگريس جي اُن مصلحت باز عملي ”ڪاميابيءَ“ جا نتيجا سڄو برصغير هندستان پنهنجي پوءِ جي وجود ۾ آيل حالات جي صورت ۾ اڄ به ڀوڳي رهيو آهي، ۽ ڪامريڊ راءِ جو فڪري سڏ ته ”قومي آزاديءَ کي مقصد نه پر مقصد جو هڪ لازمي وسيلو سمجهي، اصل مقصد جي حاصلات طور، هندستاني سماج ۾ بنيادي اٿل پٿل آندي وڃي. جنهن کي جمهوري اٿل پٿل يا جمهوري انقلاب چئجي ٿو.... جنهن جي سياسي صورت هيءَ آهي ته ماڻهو رياست جي اقتدار جا مالڪ بڻجن، ڌارين توڙي ملڪين جي حڪومت جي جاءِ تي نمائنده حڪومت يعني جمهور جي حڪومت جمهور جي هٿن ۾ (عوام جي حڪومت عوام جي هٿن ۾) قائم ٿئي!“ سڄي برصغير لاءِ اهو انقلابي سڏ اڃا هڪ ڏورانهون سڏ ئي آهي. هندستان ان ”جمهوري انقلاب“ جو اڄ به اهڙو ئي منتظر آهي جهڙو تڏهن هو. ڇو ته هندستان جي جمهور جو سياسي شعور، هندستان جي جمهور جي تنظيم، ۽ هندستان جي جمهور جي ڪامياب جدوجهد لاءِ عمل جي راهه اڃا ايتري قدر تيز، پائدار ۽ وسيع ۽ مستقيم ۽ صاف نه آهي، جيئن ڪامريڊ راءِ جي نظر ۾ انهن جو هئڻ ضروري هو ۽ اڄ به آهي.
جمهوري آزاديءَ جي مقصد جي اُن تيز سڃاڻپ ۽ ان جي حاصلات لاءِ، عمل جي اُن صاف ۽ پختيءَ راهه جي ڳولا واسطي، جيڪي ئي ڪامريڊ راءِ جي سڄيءَ زندگيءَ جي عمل جا محبوب عنوان رهيا. مئي 1940ع ۾ ڪامريڊ راءِ پنهنجي ساٿين، ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين، جي هڪ سئو مکيه ڪارڪنن کي دهرادون ۾ ٻن هفتن جي ”تعليمي ڪئمپ“ ۾ گڏ ڪيو، ۽ اُتي سڀني گڏجي تاريخ ۽ زندگيءَ، آزاديءَ ۽ انقلاب، جي هر مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان ڪئمپ ۾ ڪامريڊ راءِ جيڪي مضمون پڙهيا ۽ ليڪچر ڏنا، سي هيٺين عنوان سان پوءِ 1942ع ۾ پهريون ڀيرو Scientific Politics (سائنسي سياسيات) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.
(1) انقلابيءَ جو آدرش.
(2) سائنس، فلسفو ۽ سياست.
(3) ڪي بنيادي اصول، تنظيمي ۽ نظرياتي.
(4) ويهين صديءَ جو انقلابي ذهن
(5) هندستان جي انقلاب جو مسئلو.
(6) انقلابن جي تاريخ History of Reveolutions
(7) ان کانسواءِ ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي. اميد ته لائق پڙهندڙ ان مان جوڳو فائدو وٺندا.
محمد ابراهيم جويو
حيدرآباد سنڌ