تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلام جو تواريخي ڪردار

”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book اسلام جو تواريخي ڪردار

باب ستون: اسلام ۽ هندوستان

جيتوڻيڪ هندوستان ۾ اسلام جي آمد ان زماني ۾ ٿي جڏهن هو پنهنجو ترقي پسندانه ڪردار ادا ڪري چڪو هو ۽ سندس سرواڻي ڪندڙ قوتون عرب جي تهذيب ۽ ڄاڻ جي سگهه حاصل ڪرڻ واري مرتبي کان محروم ٿي ويل هيون، پوءِ به انقلاب جا ڪجهه بنيادي اهڃاڻ سندن جهنڊن تي اڪريل هئا. تواريخ جو تنقيدي جائزو ٻُڌائي ٿو ته مسلمان فاتحن جي هندوستان ۾ آمد جا ڪارڻ به ساڳيا هئا جيڪي کين ايران ۽ ڪرستان (عيسائي) ملڪن تي چڙهائي وقت درپيش هئا. هونئن اهو سمجهڻ گهرجي ته انسان ۽ سندن قديم تهذيبون ۽ تواريخ تمام سولائيءِ سان نيست ۽ نابود ڪونه ٿينديون آهن، جيستائين پرڏيهي حملي آور، ڏيهي ماڻهن جو سهڪار ۽ پٺڀرائي حاصل ڪرڻ ۾ سڦلتا نه ٿا ماڻين. هندوستان ۾ برهمڻي ڪٽرپڻ ، ٻڌڌرم جي انقلاب مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ عوام جي اڪثريت کي برهمڻن جي ظلم هڻي هچُ ڪري وڌو ۽ نتيجي ۾ انهن وٽ اسلام جو آڌرڀاءُ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونه رهيو هو.
سنڌ تي محمد بن قاسم جي هٿان فتح تڏهن يقيني بڻي جڏهن سندس سهڪاري ڌرين ۾ جاٽ ۽ اهي زرعي جاتيون شامل ٿيون، جيڪي برهمڻ حاڪمن جي اره زور آورين جو نشانو بڻيا هئا. هن (ابن قاسم) به سنڌ ملڪ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا عرب فاتح ٻين ملڪن ۾ اختيار ڪندا پي آيا. (هن، برهمڻن کي پاڻ وٽ نوڪرين ۾ رکيو ته جيئن سندن اعتماد بحال ڪري سگهي. هن کين اجازت ڏني ته پنهنجن مندرن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم پاڻ ڪن، ۽ پنهنجي مذهبي رسم ۽ رواج جي پيروي به ساڳي نموني ڪن جيڪا اڳ ۾ ڪندا اچن پيا، ان کان سواءِ روينيو جي وصوليءَ لاءِ اعليٰ عهدن تي مقامي ماڻهن کي سندن قابليت مطابق مقرر ڪيو ويو ۽ مروج انتظامي امورن جي به واڳ سندن هٿن ۾ ڏني وئي. (هند جي تاريخ – ليٽ ۽ ڊائوسن) ان پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪيترائي برهمڻ پڻ مسلمان فاتحن سان ملي ويا. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جون سماجي حالتون تسلي جوڳيون ڪونه هيون. سنڌي سماج مڪمل طور ڀڃ ڊاهه جي هڪ اهڙي دکدائڪ دور مان لنگهي رهيو هو. اهو سڀ هڪ جوابي انقلاب جو رد عمل هو. لاشڪ ته دروازي تي دستڪ ڏيندڙ انقلاب کي مخالف قوتن معرفت شڪست ملي پي سگهي پر انهن قوتن جي وَس ۾ ڪونه هو ڇو ته سماج جنهن شڪست وريخت جي عمل مان گذري رهيو هئو ان جو تدارڪ ڪرڻ سندن وَس ۾ ڪونه هئو، جنهنڪري انقلاب اڻ ٽر بڻجي پيو هو. هندوستان ۾، ٻڌ انقلاب کي مات ڪانه آئي هئي پر اندروني خامين ۽ اوڻاين جي ڪري لاڀائتي موٽ ڪانه ملي سگهي . سماج ۾ ردوبدل آڻيندڙ ڌريون ايتريون سگهاريون ڪونه هيون جيڪي آيل انقلاب کي ڪاميابي۽ ڪامرانيءَ سان هم ڪنار ڪري سگهن. نتيجي ۾ ٻڌازم جي زوال کان پوءِ هندوستان بدترين اقتصادي ۽ سياسي تباهي جي طوفان ۾ گهيرجي ، فڪري بدنظمي ۽ روحاني ڇڙواڳي جي وَر چڙهي ويو. عملي طور سڄو سماج ڀڃ ڊاهه ۽ تباهيءَ جي بدبودار ۽ ڏکوئيندڙ گهيراءَ ۾ اچي ويو. اهڙي صورتحال ۾ پيڙجندڙ عوام هڪدم اسلام ڏانهن متوجه ٿيڻ لڳو ڇو ته اهو (ان وقت جو مسلمان قابض حڪمران طبقو) کين جيڪڏهن سياسي آزادي گَهٽ ڏئي رهيو هئو ته هوڏانهن سماجي مساوات جي آڇ ڪري رهيو هو. ان کان سواءِ مٿيان طبقا به پنهنجي مفادن خاطر پرڏيهي حمله آورن سان سهڪار جو هٿ وڌائي رهيا هئا. اهو سڀ ڪجهه اسان جي آڏو هڪ اهڙي صورتحال کي واضح ڪري بيهاري ٿو ته جڏهن عوام سماج مان بيزار ۽ لاتعلق بڻجي پوندو آهي ته مٿانهن طبقن جي مغزن ۽ ميڄالن مان به واءُ نڪري ويندو آهي.
جيستائين هندوستان ۾ اسلام پکڙجڻ جوسبب آهي ته ان بابت قديم هندو ڪلچر جي هڪ سخت گير ليکڪ هيول (Havell) جو ذڪر ڪرڻ مناسب لڳي ٿو. هي صاحب جيڪو ڪنهن به لحاظ کان مسلمانن لاءِ دل ۾ ڪوبه نرم گوشو نه ٿو رکي سو جيڪا به ٽيڪاٽپڻي ڪري ٿو سا دلچسپي کان خالي ڪونهي: ”انهن جڏهن اسلام قبوليو ته کين هڪ مسلمان شهريءَ برابر حَقَ حاصل ٿي ويا ۽ آريائي قانون جي برعڪس، قرآن مطابق سڀني مسئلن ۽ مونجهارن کي طئي ڪيو وڃڻ لڳو. اهو طريقو خاص ڪري پٺتي پيل جاتين ۾ مقبول ٿيو جيڪي برهماڻي قاعدي قانون ۾ (اڇوت) طبقو سڏجي رهيا هئا“
(Aryan Rule in India)
اهي مٿيان گفتا اهڙي ماڻهوءَ جي ز باني ڪنهن به لحاظ کان دلجمعي جوڳا چئي نه ٿا سگهجن، جيڪو شعوري طور برهمڻ قانون جي بالادستيءَ ۾ پڪو پختو ويساهه رکندڙ هجي. بهرحال، انهيءَ زماني جي حالت ٻڌائي ٿي ته مسلمانن جي آمد وقت، هندوستان ۾ اهڙن ماڻهن جو ڪثرت سان انگ موجود هئو جن لاءِ برهمڻ ڪٽرپڻ سان ناتونڀائڻ جي لاءِ نالي ماتر دليل موجود هو ۽ ائين کڻي چئجي ته اهي ماڻهو هڪيا تڪيا ويٺل هئا ته صدين جي (ڀڃ ڊاهه جو شڪار) آبائي ورثي کان آجو ٿي، اسلام جي مساوي اصولن جي پاڇي ۾ وڃڻ گهرجي. ڇوته اسلام کين هندوڌرم جي نالي ۾ قائم ڪيل ڏاڍ ۽ جبر کان بچائڻ جو ذريعو هو.
هڪ ٻئي هنڌ ساڳيو ليکڪ هيول پنهنجي لکڻين ۾ رسول ِ عربي جي روحاني قدرن ۽ تعليم کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو پر ساڳي وقت هندوستان ۾ انهيءَ تعليم ۽ قدرن جي ڦهلاءِ بابت راءِ زني ڪندي چوي ٿو : ”اهو اسلام جو فلسفو نه پر اسلام جو (Social Order)سماجي سٽاءُ هئو، جنهن هندوستانين جي دلين ۾ پنهنجو مذهب مٽائڻ ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي اڻ تڻ پيدا ڪئي.“ هونئن اهو سچ آهي ته عام ماڻهن لاءِ فلسفو ڪابه ڪشش ڪونه ٿو رکي پر سماجي سٽاءَ ئي اهميت رکي ٿو. ڇوته اهو پروگرام /سٽاءَ مروج اصولن هيٺ زندگي گهارڻ جي برعڪس وڌيڪ ڪارائتو رستو ٻُڌائي ٿو. انڪري غلط فلسفو جيڪو حياتيءَ جي ردوبدل ۾ رجعت پرستيءَ سان لاڳاپيل اصولن جي پوئواري ڪري ٿو، سو نه رڳوماڻهن جي سهائتا کان وانجهيل رَهي ٿو پر مصيبتن ماريلن جي ڳچي ۾ ڳٽ بڻجي پوي ٿو. ائين جيڪڏهن اسلام جي سماجي پروگرام هندوستاني ماڻهن ۾ جاءِ پيدا ڪري ورتي ته ان جو مکيه ڪارڻ اهو هئو ته ان جي پروگرام ۾ شامل فلسفو، هندو فلسفي جي ڀيٽ ۾وڌيڪ جاندار هو، جيڪو ماڻهن کي سماجي مصيبتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو نقيب بڻجي هندوستان ۾ نمودار ٿيو هو“ انهيءَ مٿين بيان معرفت هيول مڃي ٿو ته تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسوي ۾ جڏهن اسلام هندوستان ۾ ڪشش جو ڪارڻ بڻجي رهيو هئو ته ان زماني ۾سماجي انقلاب جو ڪردار هروڀرو به ادا ڪونه ڪري رهيو هو. پر اهو ڄڻ ته سماجي انقلاب جو هڪ اولڙو چئبو جيڪو هندوستانين جي اندر تي اثر انداز ٿي رهيو هو. تحقيق ته اهو اسلام جي زوال ۽ ڀڃ ڊاهه جوزمانو هو پر پوءِ به اسلام روحاني، نظرياتي ۽ سماجي ترقيءَ جو هندو رجعت پرستيءَ کان وڌيڪ حامي هو.
هيول کي هندوستاني ۽ يورپي ڪلچر جي ڏِسَ ۾ هڪ ذهين ۽ ناليرو شخص چئي سگهجي ٿو.پر ٻي پاسي مسلمانن متعلق پنهنجي دل ۾ لڪل ڪدورت کي لڪائي به ڪو نه ٿو، هن جي تحرير کي ائين چئي پٺيءَ ڀر اڇلائي نه ٿو سگهجي ته هندن ڏانهن سندس جهڪاءِ ڪجهه وڌيڪ آهي. اهو سچ آهي ته سندس لاڙو هندن ڏانهن سرس آهي، انڪري اهڙو تواريخ دان جيڪڏهن پنهنجي لکڻين وسيلي هندوستان جي ماضيءَ تي وڌيڪ بدمزگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته اهڙي سوچ رکندڙ تي افسوس ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي . هي لکي ٿو: (هندوستان ۾ مسلم فاتحن جي فتح اسلام جي آمد جا ڪي به ظاهري سبب ڪونه هئا. ان جو مکيه ڪارڻ آرياورت جي ڊاهه ڊُوهه جو عمل آهي. جيڪو هريش جي مرڻ کان پوءِ شروع ٿيوائين نبي ﷺ جي سماجي سٽاءَ ۽ سهڻي سلوڪ هرهڪ ديندار کي روحاني طور مساوي درجو ڏنو. اسلام حقيقت ۾ هن دنيا ۾ انسان ذات لاءِ معقول ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جومناسب طريقو هو. اسلام جي هندوستان ۾ آمد ان مهل شروع ٿي جڏهن ٻڌ ۽ برهمڻ فلسفن ۾ سياسي طور ڇڪتاڻ عروج تي پهتل هئي ۽ برهمڻ ڪٽر پڻ اتر هندوستان ۾ ورهاست جو ڪارڻ بڻجي رهيو هو.“ ( حوالو: ساڳيو)
هونئن بادشاهه هريش ورڌن ستين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري گذاري ويوهو. مطلب ته هندوستان ۾ سياسي ڀڃ ڊاهه جي ابتدا ان دور ۾ ٿي جڏهن اسلام جي عروج ٿي رهيو هو. ڪنهن به بادشاهه جوموت ڪيڏو به اهم ۽ ڏکوئيندڙهجي پر اُن ڪري تواريخ ۾ڪنهن خاص موڙ ۽ اهميت جي نشاندهي ڪونه ٿي ٿئي. ائين اهو سلسلو صدين کان جاري آهي. ٻڌ انقلاب وقتي طور رنڊڪ بڻجي آيو ۽ تمام تيزيءَ سان شڪست پذير ٿيو . جيترو ڪرستان خانقاهن سان ٿيو.
هندستان ۾ ٻڌمتَ جي معرفت تياڳ حاصل ڪرڻ سبب ڀڃ ڊاهه ۽ سماج ۾ اٿل پٿل جو عمل مسلمان حمله آورن لاءِ اوتروئي سودمند ثابت ٿيو، محمود غزنوي جي حملي بابت هيول لکي ٿو: ”محمودي فوجن جو سوڀارو ٿيڻ جو گهڻي ڀاڱي ڪارڻ سندس دٻدٻو ۽ شهرت هئي پر ان سان گڏوگڏ اتر اولهه جي ويڙهاڪن لاءِ وڌيڪ ڪشش جو باعث پڻ. ڇو ته جنگ انهن لاءِ هڪ مذهبي فرض، فتحمندي ۽ اتساهه جو ذريعو هئي.“ محمود جي اها معرڪه آرائي گهڻي ڀاڱي مندرن ۽ زيارت گاهن جي مهنتن کان انهيءَ خزاني کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جيڪو صدين کان غريب هندوستاني ڀيٽاطور جمع ڪرائيندا پي آيا. انهيءَ نئين صورتحال کي جڏهن ماڻهن اکين سان ڏٺو جن جو مذهبي لحاظ کان پنهنجن ديوتائن ۾ حد درجي جو ويساهه هئو ته انهن جو اعتماد ئي لُڏي پيو. انهن حالتن (مذهبي جذبات ۽ روحاني جبلتن) متعلق عام ماڻهن ۾ رد عمل پيدا ڪيو ته ڪمزور ديو تائن جو پاسو وٺڻ جي بجاءِ وڌيڪ لازوال هستيءَ ڏانهن رجوع ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان جي عبادت ڪرڻ سان وڌيڪ ثواب حاصل ٿيندو. صدين کان لکين ماڻهو انهن مافوق الفطرت ديوتائن جي مشهور مندرن جهڙوڪ: ٿانيسور، مٿرا ۽ سومنات ۾ پوڄا پاٺ ڪندا آيا پي. انهن مندرن جي مهنتن لکين ماڻهن کان هيڪاندو مال متاع، ديوتائن جي خوشنوديءَ جي نالي ۾ جمع ڪيو هو. پر اوچتو ئي اوچتو اهو سمورو ٽڪساٽ، بي رحم ۽ ڪٺور حملي آورن جي حملي سبب ڊهي ڇيهون ڇيهون ٿي پيو. جڏهن محمود حملي آور ٿيو ته مهنتن ماڻهن کي چوڻ شروع ڪيو ته حمله آور ديوتائن جي غيض ۽ غضب جو شڪار ٿيڻ لاءِ پاڻ کي اچي ڦاسايو آهي. جنهنڪري عام ماڻهن کي يقين هئو ته ڪونه ڪو چمتڪار ضرور ٿيندو پر اهڙو ڪرشمو ”حمله آورن جي خدا“ ڪري ڏيکاريو . ڇو ته اهو طئه ٿيل اصول آهي ته ڪنهن به ڪرشمي يا چمتڪار تي ڀاڙي ويهڻ سان ويساهه ۽ اعتماد ڄڻ ته بي مقصد ۽ بي معنيٰ هوندو آهي. ان حوالي سان ٿورو مٿاڇري نظر وجهبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته جيڪي روايتي طور مذهبي ماڻهو هئا انهن سڀني اسلام قبول ڪيو.
جيڪڏهن تنقيدي نقطه نگاهه کان مسلمانن جي هندوستان تي فتح جي ظاهري ۽ اندروني سببن جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته هڪ عنصر نظر اچي ٿو يعني عملي طور وک وڌائڻ. ڇو ته انهيءَ عمل جي عنصر سبب ئي اندر مان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪيفيت کي ڪوري ڦٽو ڪري سگهجي ٿو، جنهن ڪري هڪ هندو پنهنجي پاڙيسري مسلمان کي گهٽ درجي جو شهري سمجهي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن هندو جاتيءَ وارا قياس آرائي ۽ ڪٽر پڻ جي قيد مان پاڻ کي آجو ڪري وٺن ته انهن کي مسلمان فاتحن جا ڪيترائي تعميري ڪارناما به نظر ايندا. ائين هنن جي اندر منجهان حمله آورن ۽ مفتوحن جي حوالي سان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو پارو به هيٺ لهي ايندو. ان لاءِ لازمي آهي ته هڪ سيبائتي ۽ انقلابي ڦير ڦار تواريخ جي حوالي سان اچڻ گهرجي، ٻي حالت ۾ فرقيواريت جو زهر ختم ٿي نه سگهندو. ڇو ته جيستائين هندو ذهني طور مسلمانن کي هندوستاني قوم جو هڪ اڻ ٽٽ حصو نه مڃيندو ۽ سندن ڪيل پورهئي ۽ محنت جي ساراهه نه ڪندو، جنهن جي مهابي ئي هندوستاني سماج هڪ مسمار ٿيندڙ تهذيب ۽ مايوس صورتحال منجهان ٻاهر نڪري آيو هو. ان کان سواءِ اسان مٿان فرض آهي ته تواريخ کي به منطق ۽ روشن خيال نقطه نگاهه کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن وڌيڪ ڄاڻ ملي ته مسلمانن جي فتح کان پوءِ ۽ هاڻوڪي دور ۾ پنهنجن بدبختين ۽ محرومين کي سمجهڻ ۽ سوڌڻ ۾ ڪامياب ٿيون.
هوڏانهن ٻي پاسي اڄوڪي دور ۾ اسان جا ڪجهه مسلمان ته شاندار ماضيءِ جي ڪردار کي چنبڙيا بيٺا آهن. انهن منجهان ڪجهه صاحب ته سهپ ۽ رواداريءَ جا سڀئي ليڪا لتاڙي ويا آهن، جنهن جي قرآن وَرجاءُ ڪري تلقين ڪري ٿو . ان ڪري ئي ته اسلام تواريخ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري آهي. ڇو ته بنيادي طور ڪٽر پڻ ۽ فرقيواريت جي عنصرن کي عرب فيلسوفن رد ڪيو آهي. پر ان کان پوءِ جيڪا رجعت پرست مُلائيت جي شڪل يا وَري تاتارين جي وحشي جبلت اسلام ۾ شامل ٿي ان سندس اصليت کي مسخ ڪري ڇڏيو. هونئن اسلام، هندوستان ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجو ترقي پسند دور پورو ڪري چڪو هو. ان جا جهنڊا سنڌو ۽ گنگا جي ڪُنٺن تي عرب انقلابي سُورمن ڪونه کوڙيا هئا، پر شڪست خورده ايرانين ۽ وچ ايشيا جي ويڙهاڪن جڏهن اسلام قبول ڪيو ته انهن اڳتي هلي محمد ؐ جي نالي ۾ هڪ شاندار سلطنت جو پايو وِڌو . ان هوندي به اسلام جي ان لحاظ کان آجيان ڪئي وئي ڇو ته اهو اميد ۽ آزاديءَ جو سنيهو انهن پيڙهيل طبقن لاءِ کڻي آيو هئو جيڪي برهمڻ مت جي ان جبر ۾ پيڙهجي رهيا هئا، جنهن ٻڌ انقلاب جون پاڙون پٽي ڇڏيون ۽ نتيجي ۾ سمورو هندوستان زوال جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو. پر پوءِ به ايراني توڙي مغل، عربن جي روايتي ماڻهپي، سهپ ۽ لبرل ازم جي اصولن کان وانجهيل ڪونه هئا. اهو ئي مکيه سبب هئو ته مختصر گروهن جي شڪل ۾ ڏورانهن ڏيهن کان لٽ ڦر جي نيت سان آيل ٽولا پاڻ کي هڪ وسيع ملڪ جا ڊگهي مدي لاءِ جائز، حقيقي ۽ معتبر حڪمران ثابت ڪري سگهيا، ۽ سندن اوپري عقيدي کي به لکين ماڻهن قبول ڪيو. ڇاڪاڻ ته انهن سماج جي ڪجهه بنيادي ۽ جموديت ۾ وَرتل مسئلن ۽ مونجهارن کي ڌيان طلب ڄاتو. ايستائين اسلام جو انقلابي جوهر ڪنهن حد تائين ماٺيڻو پئجي ويو هو. پوءِ به هندو سماج جي مٿان پنهنجو اثر رسوخ چٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انڪري ائين چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته هندوستان ۾ اسلام جي مضبوط ٿيڻ ۾ هٿيارن پنهوارن جي شهه زوريءَ کان وڌيڪ اسلامي تبليغ، ترقي پسند فڪر ۽ سوچ جو وڏو هٿ آهي.
اهڙي صورتحال ۾ هيول جهڙو ڪٽر مسلم مخالف به مڃي ٿو: (مسلم سياست جا هندو سماج تي ٻه طرفا اثر پيا. هن هڪ ته ذات پات جي سخت گير طور طريقي جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهنڪري اهڙو عمل هندو سماج ۾ رَهندڙ هيٺين طبقن لاءِ ڄڻ ته عرب بدوين جي معرفت اميد جو ڪرڻو بڻجي آيو ان شودر کي هڪ آزاد انسان جو درجو ڏيندي ڄڻ ته برهمڻ جي مٿان به کيس بالادستي بخشي ڇڏي . جيئن يورپ ۾ سجاڳيءَ جي لهر ڄڻ سوچ ۽ فڪر جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ نتيجي ۾ اهڙا لائق انسان پيدا ڪيا جن ۾ ڪجهه ماڻهو ته بي پناهه ذهانت جا مالڪ هئا. انهيءَ سجاڳيءَ جي طفيل هڪ سول سوسائٽيءَ جو اڀرڻ اڻ ٽر بڻجي پيو. ڇوته ان صورتحال رولاڪن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ ساڳي ريت شودرن کي به پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ جو سڏ ڏنو. اها ڄڻ ته انسان ذات جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ نئين دڳ جي پيشقدمي هئي.
(Aryan Rule in India)
ائين مٿي ڄاڻايل روشن خيال بيان مان ثبوت ملي ٿو ته ڪبير، نانڪ، ٽڪارام ۽ چيتنيه جهڙن سماج سڌارڪن جو اچڻ جن پنهنجي پَرِ ۾ برهمڻي ڪٽر پڻ خلاف مزاحمت ڪئي سي گهڻي ڀاڱي اسلام جي سماجي خدوخال کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا.
تواريخ جي اهڙي سچي حقيقت يا معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ هندن جي مسلمانن ڏانهن هٺ ۽ وڏائي واري روش اجايو ۽ عبث آهي. اهڙي روش بنهه تواريخ جي بيحرمتي ڪرڻ جي برابر آهي، پر ان سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جي سياسي سٽاءِ کي پڻ سنڌائتو ڌڪ هڻي زخمي ڪري وجهندي. يورپ، مسلمانن کان تعليم ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي ته اڄ جي جديد تهذيب جو سرواڻ بڻجي ويو آهي. اڄ تائين يورپ جا لائق فرزند ماضيءِ جي انهيءَ احسان مڃڻ ۾ ڪوبه شرم يا عيب محسوس ڪونه ٿا ڪنِ. اسان جو هندوستان بدقسمتيءَ سان اسلامي ڪلچر جي انهيءَ شاندار وَرثي منجهان لاڀ حاصل ڪري نه سگهيو آهي، ڇو ته اسان ان پَد تائين رَسائي حاصل ڪري نه سگهيا آهيون. ان ڪري سجاڳي جي دور اچڻ جي اوسيئڙي ۾ پير پساري ويهڻ بدران هندو ۽ مسلم جاتيون انساني تواريخ جي اهڙي اڻ وسرندڙ باب منجهان اتساهه حاصل ڪري سگهن ٿيون . ڇوته اسلام جو انسان ذات جي ڪلچر جي واڌاري ۾ حصو پتي ادا ڪرڻ ۽ ان جي دل جي سچائيءَ سان ساراه ۽ ثنا ڪرڻ سان هندن جي هٺ ۽ وڏائي واري سوچ کي وائکو ڪرڻ سان گڏوگڏ کين آجپي ڏانهن وٺي ويندي ته ساڳي وقت اڄوڪي دور جي تنگ دل مسلمانن کي به هڪ ٻاٽ اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ جُهد ڪرڻ برابر آهي ته کين سچائي جي روح ۽ جوهر سان وڌيڪ ڏيٺ ويٺ ڪرائي سگهجي.