باب ٻيو: اسلام جو مول ۽ مقصد
عرب خانه بدوشن جي هيڏي ساري جدوجهد منجهان اها مراد وٺڻ نه گهرجي ته اهو اسلام جي مخصوص سڃاڻپ جو هڪ حصوآهي. بهرحال هنن جو پورهيو ۽ جدوجهد، اسان جي سوچ کي انهن اسرارن جي ڄاڻ لاءِ زور بار وجهي، ڪشش پيدا ڪري ٿو ته انهن سببن جي ڳولا ڪيون، جنهنڪري تواريخ ۾ هيڏي آرماڙ ۽ ڦير ڦار آئي هئي. سچ پچ ”خدا جي فوج“ جو ڪرشماتي ڪارج، اسان جي مشاهدي واري حِس کي عبرت ۽ اچرج ۾ وجهي ڇڏي ٿو ۽ اڻ تڻ پيداڪري ٿو ته تواريخ جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اسلامي انقلاب جي شاندار حاصلات متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ محمد جي پوئلڳن سوڌو سڀني کي نينڍ ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ، نبي جي پوئلڳن جي اعليٰ فتوحات کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي، پر وڌيڪ ساراه ۽ واکاڻ لائق جدوجهد يا ابتدا پيغمبر اسلام جي پنهنجي محنت جو ثمر آهي جو هُن هڪ جماعت پيدا ڪري سماجي ۽ تمدني کيتر ۾ انساني تاريخ جون مثالي تبديليون آنديون. ان ۾ شڪ ناهي ته هُن سياسي ايڪتا لاءِ هڪ سازگار ماحول کي جوڙيو ۽ نتيجي ۾ معاشي اوسر ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ هڪ دور جو آغاز ٿيو. ائين عظيم الشان رومي ۽ ايراني سلطنتن جي پڄاڻيءَ سان هڪ نئين سماجي فرمان/ آرڊر (social order) لاءِ جديد آدرشن ۽ فڪرن سان راهه هموار ٿيڻ لڳي. آيل ردوبدل جو مکيه ڪارڻ هئو ته آتش پرستيءِ جي وهم ۽وسوسن ۽بدبودار يوناني چرچ، ايران توڙي باز نطيني شهنشاهيتن جي روحاني ۽ سماجي زندگيءَ کي اندران ئي اندران کاري خراب ۽ ڀتو ڪري ڇڏيو هئو، جنهن ڪري اخلاقي ۽ شعوري ترقيءِ ۾ جمود اچي ويو هو. انت ته محمد ﷺ جي سگهاري توحيد واري عقيدي جي طفيل، خانه بدوش عربن جي خوفناڪ شمشيرن نه رڳو عرب قبيلن جي بت پرستيءَ کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو ، پر ساڳئي وقت اها سموري هلچل تواريخ ۾ انسان ذات جي ڇوٽڪاري جو هڪ اهم حصو ثابت ٿي. ڇو ته زرتشتن ۾ بديءِ جي عنصر جي واڌ ۽ عيسائيت جي بگڙجندڙ عقيدن، ڪوڙ ۽ ڪپت جي اسرار فروشي، موتمار بيمارين، خانقاهي سوچ ۽ پوڄا پاٺ جي طريقن انساني ماحول کي نستو ڪري ڇڏيو هو. انهن بڇڙاين ۽ بدعتن جي خاتمي ۽ سر ڪوبيءَ لاءِ عرب خانه بدوشن جي تپرس ۾ وجهندڙ فوجي سرخرو ئي کين تواريخ ۾ انسانذات جي ترقي ۽ خدمت لاءِ اهل ۽ لائق ثابت ڪيو.
يونان جي شاندار تهذيب ۽ ورثو، رومي سلطنت جي ويران کنڊرن ۾ دفن ٿي ۽ عيسائيت جي اسرارن جي اونداهيءَ ۾ گم ۽ غائب ٿي وئي. نيٺ هڪ عظيم مول مقصد خاطر يورپ واسين وچين دور ۾ پنهنجي بيش بها اباڻي ورثي جي مالڪيءَ لاءِ ڪنڌ کڻڻ شروع ڪيو ۽ هڪ يادگار تهذيب جي نئين سراڏاوت ڪرڻ جي ابتدا ڪئي. انهيءَ جديد تهذيب جو به لڳ لاڳاپو عرب خانه بدوشن /بدوين جي فوجي رمزن، سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ ۽ اسلام جي وحداني اصولن سان هئو. اسلامي تلوار، جنهنجو ظاهري ڏيک ته ڌڻي سڳوري جي فرمانبرداري هئو ، ان جو اصل مقصد هڪ نئين سماجي سگهه (social force) لاءِ ميدان هموار ڪرڻ يا هڪ نئين شعور جي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ جي پکڙجڻ جو اعلان هو، جنهن تحقيق ٻين مذهبن ۽ عقيدن جي دفن ٿيڻ لاءِ کڏ کوٽي ڇڏي.
اسلام، بنيادي طور هڪ مذهبي قوت سان واڳيل فڪر کان وڌيڪ سياسي تحريڪ جو پڙلاءِ هو. ان لاءِ ابتدائي تواريخي دور ۾ لازمي هو ته عرب جي رڻ پٽ ۾رهندڙ رولاڪ قبيلن کي ايڪتا جي تسبيح ۾ پوئڻ خاطر مذهب جي وحداني فڪر کي استعمال ڪيو وڃي. ائين ڏسندي وائسندي اهو سياسي ۽ مذهبي وحدانيت پرست عقيدو پنهنجي پد جي مڃتا جو اعلان ڪندي اهڙو جهنڊو بڻجي ويو، جنهنجي ڇانوري هيٺ ، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ رومي سلطنت جا هڙئي پرڳڻا اچي ويا جيڪي قديم سماجي آرڊر /فرمان جي زوال منجهان بچي نڪتا هئا. اهي ماضيءِ جا انقلاب پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا ساڳيءِ ريت عيسائي عقيدو به پنهنجو انقلابي جوهر ۽ اتساهه وڃائي، آدرشي نقطه نگاه کان به سماجي زوال يعني رهبانيت اختيار ڪئي ۽ هڪ جهرندڙ سلطنت جو ٿنڀو ۽ ٿوڻي بڻجي پيو. ائين مسيحي مذهب جي مسخ ٿيڻ جي ڪري جيڪو سماجي گهوٽالو /بحران پيدا ٿيو هئو ته اهڙي صورتحال ۾ عرب واپاري اميد ۽ ڇوٽڪاري جو سنيهو کڻي آيا. انهن رومي دنيا جي ڊهندڙ ۽ بدبودار سلطنت جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا ۽ پوءِ نيڪ ناميءِ سان اڳتي وڌي آيا. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته (اسلامي انقلاب) انسان ذات کي بچائي ورتو.
هڪ جڳ مشهور اسلامي تواريخ نويس محمدؐ جي مشن بابت هيٺين ريت لکيو آهي:
”هن ڄاڻي وَرتو هو ته قوم هڪ وڏي لهر وانگر اصلاح جي اوسيئڙي ۾ ۽ ڄاڻ ۽ اقتدار جي خواهش ۾ سرگردان آهي. انهيءَ لڪل جوش ۽ جولان جنهن عرب عوام جي ذهن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو سو محمد جي مشن لاءِ لاڀائتو بڻيو. انهيءِ صورتحال ٻين نبوت جي دعويٰ ڪندڙن کي به اتساهه ڏنو جيڪي سندس دور ۾ ظاهر ٿيا“ (Okely:History of Sarcens)
اهي ماڻهو جن جي نظر ۾، اسلامي تواريخ مذهبي تنگي جي اظهار طور خانه بدوشن جي ٽولي پاران استحصال ۽ جبر جو هڪ طريقو آهي ، اهڙي سوچ رکندڙن لاءِ ايئن ئي چئي سگهجي ٿو ته اُهي يا ته اڻ ڄاڻ آهن يا وري ڏسي وائسي لنوائي رهيا آهن . ڇو ته محمدؐ جا وارث جن پاڻ کي مڪمل طور ديني ۽ دنيوي فتوحات سان وابسته ڪري ڇڏيو، سي انهن انسان دشمن وحشين جهڙوڪ : اٽيلا، چنگيز يا تيمورلنگ وارن کان ڪردار ۽ ماڻهپي جي لحاظ کان وڌيڪ سلڇڻا ۽ سيبائتا ڏسڻ ۾ اچن ٿا . ڇاڪاڻ ته هو انسانن کي هڪ الله سان وابسته ڪرڻ جي هڪ مقصد، مراد ۽ روحاني آجپي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. ايئن به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هنن جي دينداري ڪٿي ڪٿي وسوسي جي وَڪڙ ۾ اچي پئي وئي . ان هوندي به اُنهن تي منافقت ۽ عياري جا داغ لڳل ڪونه هئا. حضرت محمد پنهنجي سڀاءَ جي طريقن سان مذهبي شدت پرستيءَ کي به سخاوت، سوچ ۽ مشاهدي جي نرمائي ۽ نمرتا ڏانهن مائل ڪيو. هنن ۾ ذاتي خود غرضي جا جيوڙا ڪونه هئا ۽ نه وري هو خداترسيءَ جي پردي پويان لوڀي هئا.
تواريخ ۾ ايمان وارن جي پهرين ڪمانڊر / خليفي ابوبڪر جهڙي مخلص ۽ سچار شخصيت شايد ئي ڪا ٻي هوندي؛ هو خدا جي فوج کي تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته انصاف ڪيو ، ظلم ڪندڙ ڪڏهن به خوش نه گذاريندو ، هڪ سورهيه وانگر مرڻ قبوليو پر آڻ نه مڃيو، ٻاجهارا بڻجو، پوڙهن ، عورتن ۽ ٻارن جي قتل کان پاسو ڪيو . ميويدار وڻن، کيتن ۽ ڍڳن ڍورن کي ناس ڪرڻ کان به پرهيز ڪيو. دشمن جي اڳيان زبان جا ڌڻي بڻجو. انهن ماڻهن کي ايذائڻ کان هٿ پري ڪيو جيڪي گوشه نشيني ۾ گذاري رهيا آهن.
هر جاءِ تي بدوي حمله آورن جي اُنهن ماڻهن آجيان پئي ڪئي جن کي هُنن بازنطين جي بد اخلاقي، ايرانين جي عذاب ۽ ڪرستانن جي ڪوڙ ۽ ڪپت کان آجو ڪرايو پئي. اهي ايمان وارا، نبي ﷺ جي انقلابي تعليم سان وفادار ۽ خليفي جي حڪمن جي پيروي به پابندي سان ڪري رهيا هئا. ان ڪري بدوي عرب، مفتوح لوڪن جي همدردي ۽ سهڪار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ويا. اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪو به حمله آور اوستائين مفتوح قوم ۾ پنهنجا پير پختا ڪري نه سگهندو جيستائين کيس اُنهن جي پٺڀرائي حاصل نه ٿيندي.
ٻئي خليفي عمر ؐ، جنهن جي شوخ شهسوارن هڪ پاسي ايراني سلطنت تي شاندار سوڀ ماڻيندي وڃي درياهه دجله تي جهنڊا کوڙيا ته ٻئي پاسي وري رومي سرڪار جي مکيه شهر اسڪندريه جي مالڪي هٿ ڪئي. پر جڏهن خليفو هڪ فاتح جي حيثيت ۾ بيت المقدس ۾ داخل ٿيو ته اٺ تي سوار ۽ سندس ڪُل مال ۾ هڪ ڏاس جوخيمو ، ٿيلهو اٽي جو، ٿيلهو کجور جو، ڪاٺ جو پيالو ۽ پاڻيءِ جي کَلي ساڻ هئا. گبن، پنهنجي لکڻين ۾ ايران ، عراق ، شام، فلسطين ۽ مصر جي فاتح جي سادگي، دينداري، مساوات ۽ سچائيءَ جي ساراهه ڪندي چوي ٿوته:
”هو جنهن به جاءِ تي ڊاٻو ڪندو هئو ته بنان ڪنهن فرق جي سڀني همسفرن کي پنهنجي سادي دسترخوان تي دعوت ڏئي گڏ ويهاريندو هو ۽اهو کاڌو هڪ گڏيل دعا سان نوش ڪيوويندو هو. پر لشڪر ڪشي ۽ سفر ۾ سندس انتظامي اختيارن جو نرالو انداز ۽ نياءُ انصاف جو هڪ نمونو هو. هن گهڻين زالن جي عياشي واري رواج ۾ سڌارا آندا، جيڪا بدعت عربن ۾ ڳپل وقت کان مروج هئي. ماڻهن کي خراج وصول ڪرڻ جي زور ۽ زبردستي واري ظالماڻي طريقي کان آزاد ڪيو ۽ بدوين کي عيش ۽ آرام واري گذر سفر کان پاسيرو رکڻ لاءِ سختي ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪانه ڇڏي ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جي عمل کي سادگي سان وابسته ڪيو.“
(گبن: رومي سلطنت جو زوال ۽ تباهي)
خالد، جنهن کي نبي (خدا جي تلوار) جو لقب عطا ڪيو هو، هن جي بهادرانه ڪارنامن جي ڪري عربستان، عراق ۽ شام جا ملڪ اسلامي جهنڊي هيٺ آيا. پر جڏهن فوت ٿيو ته سندس مال ملڪيت ۾ هڪ گهوڙو، هٿيار ۽ هڪ غلام هئا. پنهنجي جوانيءِ ۾ ناماچار ڪمائيندڙ خالد چيو (ايئن درست ڪونهي ته ملڪ شام جي خوشحالي يا دولت جي حرص ۽ هوس منهنجي اندر ۾ اتساهه پيدا ڪيو ته پنهنجي سڄي ڄمار مذهب جي عظمت لاءِ سونپي ڇڏيان. مان ته ڌڻي سڳوري ۽ نبيءَ جي رضا خاطر سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهيان. )
(رڪارڊ ڪيل : تواريخ نويس ابوالفدا)
مصر جو فاتح عمرو بن العاص، جيڪوپنهنجي شاعراڻي مزاج سان گڏوگڏ هڪ سورهيه سرواڻ جي به وصف رکندڙ هو. هن پنهنجي خاص رپورٽ خليفي عمر رضه ڏانهن اماڻيندي لکيو : ”ماڻهن جا هشام زمين جي مٿاڇري تي ائين ڇانيل آهن جو انهن کي ماڪوڙن جي فوج سان تشبيهه ڏجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ۽ انهن ۾ جيڪا سستي ۽ ڪاهلي گهر ڪري وئي آهي ان لاءِ سولو ۽ آسان طريقو ته چهبڪ جو استعمال آهي. پر هتان جو امير طبقو پنهنجو حصو انهن پورهيتن ۽ مالڪن يا ڌرين کان ڏاڍ مڙسي وسيلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه لڄ ۽ حجاب محسوس نه ٿو ڪري“. اهڙي صورتحال ۾ وقت جي تقاضا هئي ته وک اڳڀرو وڌائجي، ڇالاءِ ته انهيءَ قديم تهذيب جي طرز ۾ سماجي مساوات جي فڪر ۽ سوچ جي اڻ هوند عروج تي پهتل هئي، ان جي نتيجي ۾ پورهيت طبقو جيڪو غلامن يا شودرن جي شڪل ۾ موجود هو سو مٿئين طبقي لاءِ جبر ۽ استحصال ۾ ورتل هو. انهن کي مشڪل سان انسان سمجهيو پئي ويو. اقتصاديات جي پراڻي ۽ فرسوده سرشتي ۾ پهرين خليفي جي فرمان مطابق انقلابي تبديليون آنديون ويون، جنهن سان پورهئي جي اهميت اڀري آئي. ائين جڏهن پورهيت طبقي جي پورهئي سان ناڻي جي اپت ۾ واڌارو آيو ته اهو ناڻو خود بخود واپار لاءِ تحريڪ جو ڪارڻ بڻيو. مصر جي گورنر عمرو بن العاص پنهنجي انتظام ۽ اختيارن کي فرعونن ۽ بطليموسن جي ڌرتيءَ تي اصلاحات سڌارن کي اهڙو ته سيبائتي ڍنگ سان لاڳو ڪيو جو اقتصادي امتياز جي خاتمي سبب ان جي سوچ ۽ ساڃاهه تي از خود سرهائي محسوس ٿئي ٿي. ٿلهي ليکي ته مصر جيڪو صدين کان يونانين ۽ رومين جي ڦر لٽ جو نشانو بڻجندو پئي آيو. سو مسلمانن جي اقتدار اعليٰ سبب خوشحال بڻجي ويو. اهڙا کوڙ سارا ثبوت ملن ٿا، جنهن مان پتو پوي ٿو ته اهي ماڻهو (مسلمان) وحشين وانگر انساني قتل عام ، لٽ مار ڪرڻ ، ظلم ۽ جبر کي مذهب جي نالي ۾ استعمال ڪرڻ کان ڪوهين ڏور هئا. ان کانسواءِ سندن فتوحات جو مدو مختصر رهيو، پر علم، ڄاڻ ۽ ڪلچر جي اوسر جو سلسلو شروع ٿيو جنهن جي سرپرستي خليفن ۽ سندن آزاد توڙي ڏن ڀريندڙ بادشاهن ۾ ٿيڻ لڳي. انهيءِ آڌار سان ڏسبو ته جنگي دور جو خاتمو، نبيءِ جي آمد کان پوءِ هڪ سو ورهين جي ٿوري عرصي ۾ پڄاڻي تي رسي ويو، جڏهن عباسين، بغداد يعني (امن جو شهر ) ۾ خلافت جو پايو رکيو ته عربن جي فوجي حڪمت عملي ۽ چرپر قدرتي طور ڏورانهن علائقن کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ تائين محدود ٿي وئي.
بهرحال عرب بدوين جي سخت مزاج ۽ سوچ ويچار ۾ وقت جي وٿيءَ ۽ خوشحالي جي ڪري ماٺار ايندي وئي. هنن جنگين وسيلي خوشحالي ماڻڻ واري ڪارج / سلسلي کي ترڪ ڪري وڻج واپار ۽ صنعت ڏانهن ڌيان ڏنو. ايئن نالي ڪمائڻ خاطر ڌرتيءِ تي جنگ وجدل کي بر پا ڪرڻ جي برعڪس سائنس ۽ ادب جي ڳولا ڦولا لاءِ پاڻ کي راغب ڪيو. هتي هڪ وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته خوشحالي آڻڻ منجهان اها مراد ڪانه هئي ته هڪ خدا۽ رسول جي نالي ۾ مذهبي فرقيواريت جا کوپا اکين تي چاڙهڻ ، پر سماج جي خوشحالي ۽ گهرو زندگيءَ جي سڌاري لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو، جنهن ڪري جنگ ۽ ويڙهاند عرب بدوين لاءِ مستقبل ۾ اتساهه، خوشحالي ۽ فخر جو وسيلو ڪانه رهي هئي. ڇو ته هنن کي سڌ پئجي وئي هئي ته سندن دائمي خوشحالي هن دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ٺاهڻ ۾ سندن جي وڏڙن جي جرئت ۽ مردانگي به شامل آهي. لا شڪ اهي سورهيه ۽ سورما جيڪي ابوبڪر ۽ عمر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي جنگ جي ميدان ۾ مذهبي سوچ سان وڙهيا هئا ۽ ان لاءِ ڌرتي تي رتوڇاڻ به ڪئي هئي، انهن جي پونئرن ڄاڻي ورتو هئو ته مانائتو پد واپار ۽ صنعت آهي پر اڃان به منافع بخش وهنوار سائنس ۽ فلسفو آهن.
نيٺ سانده ٽي سو ورهيه امن، خوشحالي ۽ ترقي جا جيئن ئي پورا ٿيا ته عرب بدوين جي شجاعت ۽ دليري وري ڀڙڪو کاڌو جڏهن عيسائي حملي آورن گمراهه ڪندڙ صليبي لڙايون مسلط ڪيون. اڳتي هلي مسلمان فاتح قرآن جي ٻڌايل ضابطن کان لنوائي پنهنجي سِرِ ڦر لٽ، ٺڳي ، جبر ۽ ڏاڍ جا ساٿاري بڻيا ته اقتدار جون واڳون کسجي وچ ايشيا منجهان آيل وحشي منگولن جي سپرد ٿيون. انهيءَ ردوبدل جو مکيه ڪارڻ اهو هئو ته عرب ڪلچر تي علم ۽ عقل جي فروغ کان وڌيڪ آسائشون ۽ عياشيون حاوي پئجي ويون، ۽ اهڙين روايتن کي فخريه نموني اسلامي ورثو ڄاڻايو ويو، جنهن ڪري هو انقلاب جي بنيادي آب و تاب ۽ جوهر کان محروم ٿيڻ لڳا ۽ ائين تاتارين ۽ ترڪن جي ظالمانه وهنوار ۽ ڪسب جو هڪ حصو بڻجي ويا .
اسلام بابت تواريخ جي حوالي سان اهڙا افواه پکيڙڻ متيون منجهائڻ برابر آهي ته هن جو واسطو جنگ وجدل سان آهي، ان لاءِ هتي اهو سمجهڻ ضروري آهي ته محمد رڳو بدوي بهادرن جو نبي نه پر عرب واپارين جو به نبي هو. ان ڪري هن جنهن مثالي ضابطن سان اسلام کي سنواري ۽ سينگاري پيش ڪيو تنهن کي اڄ جي رائج وهم ۽ وسوسن وسيلي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسلام جي لغوي معنيٰ آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ الله جي وحدانيت جو ويساهه ۽ وچن ڪرڻ ، ان لاءِ بت پرستي جي بدعتن کي رد ڪرڻ جيڪي هڪ انسان کي رب جي هيڪڙائي کان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان لاءِ ضروري ڄاتو ويو ته عرب قبيلن جي ٻڌيءَ وسيلي زمين تي امن امان قائم ڪجي. ڇو ته انسان ذات لاءِ امن هڪ ضرورت ۽ عظيم وکر پڻ هو. اها امن امان جي بنيادي خواهش عرب واپارين جي پڻ هئي ته جيئن امن جي وايو منڊل جي ڪري واپار ۾ واڌارو ٿي سگهي. دائمي امن لاءِ لازمي هئو ته زوال پذير رياستون ۽ اجهامندڙ مذهب جيڪي لڳا تار لڙاين ۽ لا حاصل انقلابن جي ڀنڊي ۽ باهه ٻاريو ويٺا هئا انهن جو انت ۽ پڄاڻي آڻڻ . ايئن محمد جنهن امن جي عقيدي / متي جو ڦهلاءَ پنهنجي رياست ۾ ڪيو ان کي بدوي خانه بدوشن پنهنجي بهادري ۽ شجاعت وسيلي ثمر قند ۽ اسپين جي پرانهن علائقي تائين پهچائي ڇڏيو.
اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته جيڪو به ملڪ عربن جي ماتحتي هيٺ پئي آيو ان جي اقتصادي حالتن يعني صنعت ۽ زراعت ۾ ڇوهائي ايندي پئي وئي. ائين عربن جي واپاري مزاج کي ڄڻ ته ڪنهن به اسلامي رياست جو جوهر سمجهيو ويو. ان جي ابتڙ رومي دنيا ۽ ٻين قديم تهذيبن جا حڪمران پيداوار جي بدلجندڙ ذريعن کي اجايو ۽ عبث سمجهڻ سان گڏوگڏ واپار ۽ صنعت جي طريقن کي ته ڌڪار ڀريل نظرن سان ڏسڻ جا عادي ٿي ويا هئا، جنهن ڪري جنگ ۽ جنگي حرفتن کي پنهنجي لاءِ عزت ۽ وڏائي جو باعث سمجهندا هئا. هوڏانهن وري عربن ۾ هڪ جداگانه جبلت سانڀيل هئي. اهو هيئن ته خانه بدوش رهڻي ڪهڻي جي ڪري محنت، مشقت ۽ پورهيو هنن لاءِ ڄڻ ته آجپي جو نمونو هو. ان ڪري چٽيءِ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته هڪ اسلامي رياست جا سماجي آدرش ٻين پراڻين رياستن کان جداگانه طرز جا هئا. ڇو ته اسلام، صنعت جي پٺڀرائي ڪئي ۽ فطرت جي مهربانين کي کولي نروار ڪيو. انهن واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ مانائتي پيشي جو پد ڏيڻ سان گڏوگڏ ادب ۽ سائنس جي کوجنا لاءِ به نت نوان تجربا ڪيا. بغداد جا خليفا ته پنهنجي سر به وڏن واپاري گهراڻن سان تعلق رکندڙ هئا. اهڙي ريت بخارا ۽ ثمر قند جي درٻارن جو مهذب ۽ شائسته نظارو، آفريڪا جي فاطمي حڪمرانن جي سخاوت، اسپين جي حاڪمن جو دٻدٻو ظالماڻي طرز سان اڳاڙيل ٽئڪس تي مداريل نه هو پر انهن جو وهنوار واپار کي همٿائڻ هو.
هونئن ڪجهه مخصوص حالتن هيٺ واپار، روحاني انقلاب لاءِ پڻ هڪ ذريعو هوندو آهي، ان جو چٽو مثال آهي ته عرب واپارين جي سهڪار سان وحدانيت يا محمدن ازم جو پايو پيو. سچ پچ ته رڻ پٽ جي رولاڪ خانه بدوشن ۾ ايڏو ته جذبو ۽ جولان اُڀريو جو تواريخ جي هڪ مختصر دور ۾ هڪ خوشحال ۽ عظيم الشان سلطنت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. قرآني قانون، سماجي تعلقاتن جي کيتر ۾ ڄڻ ته هڪ انقلابي روح ڦوڪي ڇڏيو. پيداوار جي ذريعي جيڪو به بي پناهه اضافو آيو سو انهيءَ انقلاب جو مرهون منت هو، ۽ اهو سمورو سٽاءَ /رٿابندي هڪ نئين ۽ آفاقي دور جي آمد جي اعلان سان گڏوگڏ روحاني آسودگي جو ثمر پڻ هو. اصل ۾ واپار انسان کي ڏورانهن ڏيهن جي مسافري سبب سوچ ۽ فڪر جي دائري کي وسيع ۽ ڪشادو بنائڻ جو ڪارڻ آهي. ڇو ته ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميل ميلاپ سبب محدود مڪاني حالتن ۽ ڪٽر پڻ جي حدبندين مان واپاري ذهن آجو ٿيندو آهي. هن ۾ سهپ جي مادي جو واڌارو ، من ۾ ٻين لاءِ محبت ۽ انهن جي فڪر کي سمجهڻ بابت اڻ تڻ ۽ آدرشن لاءِ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ائين هن ۾ ڪنهن به راز جي کوجنا جو تجسس ۽ نتيجو حاصل ڪرڻ جو حرص کين اڻ ڏٺل ڏيهه ڏانهن سفر لاءِ اتساهيندو رهندو آهي ۽ جڏهن هو زمين تي پير رکندو آهي ته پنهنجن نتيجن جي آڌار تي اکيون ٻوٽي ويساهه ڪرڻ جي ڪيفيت جو خاتمو اچي ويندو آهي ۽ منجهس عيب ۽ ثواب جي پرکڻ جي ذهني صلاحيت سبب ڏاهپ حاصل ڪرڻ جي چاهت وڌي ٿي. سوداگريءَ جو گورک ڌنڌو کيس منجهيل مامرن کي سُلجهائڻ لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو. ائين هن جي اندر ۾ هروڀرو اميري ۽ معتبريءَ لاءِ به دلچسپي پيدا ڪانه ٿي ٿئي. هن جي دماغ ۾ نفعي حاصل ڪرڻ جي چاهت رهي ٿي. ان ڪري هڪ موه رکي ٿو ته سندس اُٺ يا غوراب، اناج ۽ مصالحن سان سٿيل آهن. ائين منجهس منافع بخش حاصلات لاءِ ڪشش مستحڪم بڻجي ٿي ۽ هو سولي ۽ آسان طريقي سان پنهنجي ماڳ ۽ مڪان تي پهچڻ گهري ٿو. يعني منافعو حاصل ڪرڻ ۽ ان خفت تي جيڪو وٿ يا وکر خريد ياوڪرو ڪرڻ گهري ٿو ان مان هو سگهارا نتيجا هٿ ڪرڻ لاءِ وکر يا وٿ ۾ پنهنجي دل جي ڇڪ کي ثانوي درجو ڏئي ٿو. هن جي سوچ جي مرڪز ۾ ججهي منافعي ڪمائڻ جو جزو رهي ٿو.
ڌارين لاءِ سهپ جو مادو، انهن کي سمجهڻ لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ، ساڙ ۽ بغض کان آزاد رهڻ، لياقت يا ذهني صلاحيت جو ڀنڊار، ڪنهن به مونجهاري کي حَل ڪرڻ جي اهليت، مطلب ته انهن هڙنئي خوبين جو ڀنڊار هڪ واپاريءِ ۾ ٿي سگهي ٿو. سندس پيشي کي ٿورو عميق نظرن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته اهو ڄڻ ته ڏاهپ ۽ ڄاڻ جي حصول جو هڪ اهم ذريعو آهي . ڇو ته ڌار ڌار ماڻهن يا وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ وانگر عقيدا رکندڙ ماڻهن سان اٿ ويهه ڪرڻ سبب ڄڻ ته هڪ الهامي سياڻپ منجهس ديرو ڄمائي وڃي ٿي. اهو هيئن ته هڪ اک ۽ عقل جي سوچ، متروڪ ٿيل رسم رواجن يا زهد عبادت کي ڏسڻ ۽ پرکڻ، لازوال سچ جي حقيقت ۽ عظمت لاءِ راءِ قائم ڪرڻ انهن سڀني شين بابت سيلاني سوداگر جو ذهن سوچ ۽فڪر جي دائرن ۾ گردش ڪندو رهي ٿو. جنهنڪري عقيدن کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيندي روايتي مذهبيت ۽ سندن سنڍ ٿيل سوچ تي افسوس ڪندو رهي ٿو. هوڏانهن ٻئي پاسي روشن خياليءَ جي انهن سڀني عنصرن لاءِ عزت ۽ احترام جو اظهار ڪري ٿو، جيڪي هڙنئي عقيدن ۽ عبادتن جي گوناگون طريقن جي پويان فطري سچاين جي تلقين ڪن ٿا.
قرون وسطيٰ جي زماني ۾ وڻج واپار جا بين الاقوامي گذرگاهه /لنگهه اهڙن ملڪن منجهان هئا جيڪي اسلام جي دائري ۽ عرب جي حڪمرانيءِ ۾ اچي ويا هئا. ان کان سواءِ اتر وارو چين جو واپاري رستو جيڪو قسطنطنيه مان لنگهندو ۽ اٽليءِ کان ٿيندو يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن ويندو هئو سو گهڻي ڀاڱي جوکائتو، سٿين جي عذاب ۽ بازنطيني حاڪمن جي جبر کان محفوظ ڪونه هو. اڳتي هلي اڃان به جڏهن عربن، شام، عراق، ايران ۽ دجله جي آسپاس جا علائقا فتح ڪيا ته انهن چين ڏانهن ويندڙ واپاري رستي کي به اتر آفريڪا ۽ اسپين جي مفتوح علائقن ڏانهن لاڙي ڇڏيو ۽ جنهن جو انت رسائي الهندي يورپ جي مارڪيٽن تائين هڪ طرف هندوستان ۽ چين جي واپار سان ته ٻئي طرف يورپ جي واڳ به عربن جي هٿ ۾ اچي وئي. هزارين واپارين جا قافلا جيڪي بيش بها مال سان سٿيل هوندا هئا سي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي هندوستان کان ٿيندا، چين اُڪري، موراڪو ۽ اسپين تائين ڏينهن رات سفر ڪندا هئا. انهن واپارين کي ڪنهن به علائقي ۾ آزارڻ ۽ ايذائڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته جن به ملڪن منجهان سفر ڪندا هئا سي مهذب ۽ سڌريل هئا. ٿورن لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته بدوين جي شهنشاهيت ۾ تاجر طبقو ڄڻ حڪمران طبقو هو. علم ۽ تهذيب جي سگهه، بدوين جي سلطنت کي وڌيڪ سکيو ستابو بڻائيندي انهن جي وسعت خيالي /آزادانه فڪر ۽ سوچ کي سموري جهان ۾ پکيڙي ڇڏيو. هتي هڪ ڳالهه هيئين سان هنڊائڻ گهرجي ته جنگجو سربراهن ۽ جنوني مذهبي مهندران جو اتحاد هڪ اهڙي خوفائتي عقيدي جي صورت اختيار ڪندو آهي جيڪي مدي خارج ۽ منجهيل تصوف کي جنم ڏيندا آهن. ان جي ابتڙ فلسفي ڏانهن رغبت ٿيڻ منجهان مراد آهي ته ڏاهپ ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي سنسار جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارو حڪمران طبقو جيڪو سماج ۾ واپارين جي نمائندگي پڻ ڪري رهيو هو انهيءَ سبب ماضيءَ ۾ يونان جون شهري رياستون فلسفي جون جنم ڀوميون ليکيون وڃن ٿيون.
اسلام پنهنجي جوهر جي ليکي چوکي ۽ تواريخ جي اوسر ۾ هڪ عنصر طور ڄڻ ته انساني خوشحاليءَ جو سنيهو بڻجي آيو ۽ پنهنجي اثر سان انساني سوچ ۽ ساڃاهه ۾ هڪ انقلابي تبديلي آڻي ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو جو اسلام مُدي خارج تهذيبن کي ميساري اڳتي وڌي آيو هئو. پر جڏهن وقت جي وٿي ۽ سماج ۾ اٿل پٿل جي طلب به اثرانداز ٿيڻ لڳي ته نئين صورتحال ۾اسلام جي روحاني علمبرداريءَ جي سربراهي ٻين جي سپرد ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو. لاشڪ، اسلام هڪ جديد آدرش معرفت سماجي انقلاب جي پيش قدميءَ لاءِ راهه هموار ڪئي. اهو آدرش هو سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ. اڄ جي نئين سماجي انقلاب جي آدرش ۽ ترقيءَ جو ثمر پڻ اسلامي ڪلچر جي معرفت ممڪن ٿيو.
سرمايه دارانه طرز زندگي، جنهن يورپ کي وحشي دور کان نجات ڏياري ڇڏي، ان به سائنس ۽ فلسفي جي هٿيار سان مذهبي بالادستي ۽ ڪليسا جي روحاني هڪ هٽي ۽ قبضي کي ڊگهي ويڙهاند وسيلي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو. اهو فلسفي جو هٿيار، قديم دور جي يوناني ڏاهن جي ايجاد چئي سگهجي ٿو. پر اهو ڪارائتو هٿيار ڦرندو گهرندو جديد تهذيب جي پيڙهه پٿر رکندڙن وٽ عرب عالمن جي معرفت پهتو. انهن لائق انسانن، انهيءَ علم ۽ عرفان کي پنهنجو قيمتي اباڻو ورثو سمجهي سيني سان لاتو پر ان ۾ چڱو موچارو واڌارو به ڪيو. اها تواريخي ويڙهه جيڪا عرب خانه بدوشن اسلام جي جهنڊي هيٺ هڪ هزار ورهين ۾ ٽن کنڊن تائين ڦهلائي ڇڏي هئي، تنهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فتح منديءَ جي نئين منزل سان هم ڪنار ڪرڻ جا موڙ ارڙهين صديءَ جي باغي يورپ جي مٿي تي ٻَڌل آهن ۽ اهو آهي روشن خيالي وسيلي وچولي طبقي جو انقلاب آڻڻ.