تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلام جو تواريخي ڪردار

”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book اسلام جو تواريخي ڪردار

باب پهريون: تعارف

اسلام /محمدن ازم جو اوچتو تحريڪي انداز ۾ اڀري ۽ پکڙي وڃڻ، لا شڪ ته انساني تواريخ جي من موهيندڙ حقيقت آهي. تواريخ جي اهڙي جرڪندڙ باب کي بنان ڪنهن رياڪاريءَ جي پڙهڻ ڄڻ ته موجوده هندستان جي تواريخ ۾ اهم درجو رکي ٿو. هونئن ڪنهن به اسم، مسئلي ۽ مونجهاري کي سائنسي نقطه نگاه کان پڙهڻ لازمي آهي، ڇوته انهيءِ وسيلي ڄاڻ ۽ سمجهه جي ڳولا ڦولا جو هڪ ڪارائتو طريقو ۽ لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري اڄوڪي هندوستان ۾ اسان ۽ خاص ڪري هندو جاتيءَ لاءِ ضروري آهي ته اسلام جي تواريخي ڪردار کي هينئين سان هنڊائڻ جي ڪوشش ڪيون ته جيئن هن انساني ڪلچر ۾ جيڪا مٿانهين سياسي حيثيت ماڻي آهي ان کان واقفيت حاصل ڪري سگهون.
هن ملڪ (هندستان) ۾ پيغمبر اسلام جي پوئلڳن جو ججهو تعداد رهي ٿو. جنهنڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ٻين اسلامي ملڪن جي ڀيٽ ۾ مسلمان انگن اکرن جي لحاظ کان هندوستان ۾ وڌيڪ رهن ٿا. ائين صدين کان هندوستان جي آباديءَ ۾ رهائش پذير هئڻ جي باوجود به کين اوپرو ۽ ڌاريو سمجهيو وڃي ٿو. هندوستان جي قومي ڪردار ۾ اهڙي عجيب وغريب خال جي پٺيان ڪيترائي تواريخي سبب /اسباب ليکي سگهجن ٿا. ان ۾ ڪو به وهم ۽ گمان ڪونهي ته مسلمان هندوستان ۾ حمله آور بڻجي آيا هئا. انهن ملڪ کي فتح ڪري صدين تائين راڄ ڪيو. ايئن حاڪم ۽ محڪوم جي حوالي سان تواريخ جا اهڙا ته اثر مرتب ٿيا، جنهن ڪري اڄ به ٻئي ڌريون هڪ ٻئي سان ٻکن / ويڙهاند ۾ ورتل آهن. انت ته ماضيءَ جي انهن اڻ وڻندڙ يادگيرين هوريان ڏاڍيان، خوف ۽ اوندهه جي اهڙي ڪيفيت کي اڳتي وڌايو جنهن جو نتيجو غلاميءِ جي شڪل ۾ نمودار ٿيو. جيئن ته برطانوي سامراج جو قبضو، هندو ڌرم جي پوئلڳن جي نسبت، مسلم آباديءَ جي هڪ وڏي تعداد لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو. ان لاءِ هڪ ڪارائتو دڳ آهي ته مسلمان هندوستاني قوم جو هڪ اڻ ٽٽ حصو بڻجي وڃن. پر ان لاءِ لازمي آهي ته مسلم حڪمرانن جي دور کي هندستاني اتهاس جو هڪ ڪارائتو حصو ڄاتو وڃي. اڄ قوم پرستيءَ جي لَهر يا اوسر ايترو ته اُڀري آئي آهي جو اها ماضيءَ جي سُورن ۽ عذابن کي ميسارڻ ۾ هٿي ڏئي سگهي ٿي.
پر ساڳئي وقت هن ملڪ ۾ هڪ شرمناڪ صورتحال به جنم ورتو آهي ته پاڻ کي دلجاءِ ڏيڻ خاطر ، سچ پچ يا نماءَ واسطي ماضيءَ جي ساراهه ۽ ثناءَ خوانيءِ ۾ مگن رَهندي، مسلمان حاڪمن جي سورهيائي ۽ دليريءَ کي هروڀرو مٿي چاڙهي سروپاءَ پهرايون ويون آهن.
ان هوندي به، هڪ هندو، جيڪو اڪبرِ اعظم جي دور تي فخر ڪري ٿو، يا وَري شاهجهان جي عمارت سازيءَ جي وصف ۽ ساراهه ڪندي ڍاپجي نه ٿو، پر انهن مسلم حڪمرانن جي هم-مذهبن کان نفرت ڪري ٿو. هوڏانهن ڪٽر هندو جيڪي هندوستاني آباديءَ جو هڪ چڱو چوکو ڀاڱو آهن، انهن لاءِ مسلمان، پوءِ اهي ڄائي ڄم کان سکيا ستابا، اعليٰ تعليم رکندڙ، دل موهيندڙ ڪلچر ۽ لياقت رکندڙ هجن، سي سڀ سندن نظر ۾ (مليڇ) ، ناپاڪ ۽ وحشي آهن. اهي مسلمان هندو سماج ۾ هيٺين طبقي جي هندو اڇوتن وانگر هندو اڪثريت جي رحم ۽ ڪرم تي آهن.
انهيءِ خاص قسم جي صورتحال جو سبب ڳولا ڪرڻ سان سُڌ پوي ٿي ته تعصب ۽ بد گمانيءَ جون ڇاڙون هڪ ٻئي ۾ ڳتيل آهن، جنهن ڪري فطرتي طور تي مفتوح يا محڪوم ماڻهن ۾ ٻاهرين حملا آورن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار سانڀيل هوندي آهي. حالانڪه اهو ماضيءَ جو هڪ داستان آهي. پر تعصب ۽ بد گمانيءِ جي فضا اڃان به نه رڳو قومي ايڪتا جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي پر ان سان گڏ تواريخ جي غير جانبدارانه سوچ ۽فڪر آڏو به رنڊڪ بڻجي بيٺل آهي. تحقيق، روءِ زمين تي اهڙو مثال موجود ڪونهي ته ٻه جاتيون، صدين کان هڪ ڌرتيءِ تي رهندڙ هجن، پر اڃان تائين سندن هڪ ٻئي ڏانهن رَوشِ، قدر شناسي ۽ احترام کان ڪوهين ڏُور هجي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ مهذب ماڻهو، اسلامي تواريخ جي ڄاڻ سڃاڻ کان ايترو لاتعلق نظر ڪونه ايندا ۽ نه وَري محمدن مذهب کي ڌڪار ۽ نفرت سان ڏسن ٿا ، جيئن هندو ليکين ٿا. هونئن روحاني آمريت به اسان جي قومي آدرشن جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهي. ايئن کڻي چئجي ته اها غليظ طرز جي روحانيت (مذهبي طبقي جو تسلط) پڻ ظاهر ظهور محمدن ازم سان ناتن جي وچ ۾ رنڊڪ بڻجي بيٺل آهي. ان کان سواءِ پيغمبر اسلام ﷺ بابت جيڪا به تعليم ۽ ڄاڻ سڃاڻ ڏني وڃي ٿي سا مڪمل طور اڻ ڄاڻائي جو مجموعو آهي، جنهن ڪري سراسري طور عام پڙهيل هندوءَ کي اسلام بابت ڄاڻ /معلومات نه هئڻ برابر آهي ، ۽ نه وَري انهيءِ انقلاب جي مهابي آيل تهذيبي حاصلات جي آگاهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته مروج وَهم ، وسوسي ۽ بيهودگي جهڙي سوچ ۽ فڪر کي نندڻ گهرجي .
اهڙي طرز جي وهم، خيال ۽ گمان جي هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽي هندوستاني عوام جي قومي ايڪتا لاءِ سود مند هئڻ سان گڏو گڏ سائنس ۽ تواريخي سچائي لاءِ پڻ ڪارائتي آهي. ائين اسلام جي ثقافتي اهميت بابت تُز ۽ درست شناسائي حاصل ڪرڻ، هندوستاني تواريخ جي هن نازڪ دور ۾ اهم آهي.
عظيم تواريخدان گبن، اسلام جي اوسر ۽ ڦهلاءُ بابت لکي ٿو: (هڪ اڻ وسرندڙ ۽ يادگار انقلاب آهي جنهن دنيا جي قومن مٿان جديد نشان ۽ ڪردار چٽي ڇڏيا آهن.) هڪ عام ماڻهو تپرس ۽ تعجب ۾ پئجي وڃي ٿو ته ڪيئن ڇوهائيءَ سان، ٻن عظيم سلطنتن کي ڊانواڊول ڪندڙ، عرب جي رڻ پٽ مان خانه بدوشن جو هڪ ننڍڙو گروهه، جوش ۽ جولان وسيلي هڪ نئين عقيدي جو داعي بڻجي ڇانئجي ويو. محمدﷺ، وحدانيت جي ناتي سان امن جي جنهن پيغام کي پکيڙڻ جي جدوجهد ڪئي، ان کي سندس پوئلڳن پنجاهه وَرهين جي مختصر مدي ۾ اسلامي جهنڊي کي هڪ پاسي هندوستان جي ڪنڊ تائين ته ٻئي پاسي ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي کوڙي ڇڏيو. دمشق جي پهرين خليفي جي سلطنت جون حدون ايتريون ته وسيع ۽ عريض هيون جو اٺ جي سواريءِ تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين پهچڻ لاءِ پنج مهينن جو عرصو درڪار هو. مطلب ته پهرين صدي هجري جي پڄاڻيءَ تائين، انهيءِ عقيدي جي ڪمانڊرن کي طاقتور حڪمرانن جي حيثيت حاصل ٿي وئي .
ائين ته هر هڪ نبي عام ماڻهن کي رغبت ڏيڻ خاطر پنهنجي دعويٰ بابت معجزن کان به ڪم وٺندو رهيو آهي. ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي محمد عربي ڏانهن ڏسجي ٿوته سڀئي نبي جيڪي کائنس اڳ آيا، انهن ۾ سڀني کان نرالو ۽ منفرد لڳي ٿو . جو هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي ڪرشمي سان ڪاميابيون حاصل ڪري ڏيکاريون. ان ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو به هرجُ ڪونهي ته اسلام جو معجزو ٻين سڀني معجزن کان وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو. آگسٽس جي رومي سلطنت جنهن کي سندس پونئر بهادر ٽريجن(Trajan) وسيع ڪيو، ان کي به پنهنجي عروج ماڻڻ لاءِ ڀريا ست سو وَرهيه لڳي ويا. ان هوندي به رومي سلطنت انهيءَ مهانتا ۽ عظمت کي ڇهي نه سگهي جيڪا عربي شهنشاهيت هڪ صديءِ جي مختصر مُدي ۾ حاصل ڪئي. سڪندر اعظم جي شهنشاهيت کي هڪ صديءَ جي مختصر عرصي ۾ (خدا جي تلوار) آڏو جهڪڻو پيو. اچو ته ڏسون ته جديد تورايخ نويس، اسلام جي اوسر کي ڪهڙن اسرارن سان تعبير ڪن ٿا:­
”اهڙو علائقو جتي ڪنهن به عربي رياست جو نانءُ نشان نه هئو، نه ڪنهن منظم فوج جو پتو کُرو ۽ نه وري گڏيل سياسي مفادن جي ڪشش موجود هئي. ڇو ته عرب گهڻي ڀاڱي شاعر، خواب خيال جا دلداده، ويڙهاڪ ۽ واپاري ته هئا پر سياست جي داءَ پيچ کان اڻ واقف هئا. عربن وٽ ڪو اهڙو مذهب به ڪونه هئو جيڪو کين مضبوط ۽ مستحڪم بڻائي سگهي. ۽ ڪنهن مضبوط مرڪز جي به اڻ هوند هئي. هنن وٽ بت پرستيءِ جو به طريقو رائج هو. پر هڪ سو وَرهين کان پوءِ اهي گمنام وحشي دنيا ۾ سپر پاور طور جاءِ والارڻ ۾ سوڀارا ٿي ويا. انهن شام فتح ڪيو، ايران تي قبضو ڪري ڦير ڦار آڻي ڇڏي ۽ ان کان سواءِ الهندي ترڪستان ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱن تي پڻ مالڪي حاصل ڪئي اهي بازنطين ۽ بربرن کي وراڪو ڏيندي آفريڪا کي وَرائي ويا ۽ اسپين حاصل ڪيائون. اولهه ۾ فرانس کي دڙڪا ڏيڻ لڳا ته اوڀر ۾ قسطنطنيه کي تَڪڻ لڳا. هنن جا جنگي جهاز اسڪندريه ۽ شام جي گودين ۾ ٺهڻ لڳا، جيڪي ڀونوچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾رستو چيرڻ، يونان جي ٻيٽن تي ناڪابندي ڪرڻ ۽ بازنطين سلطنت جي سگهه کي چئلينج ڪندا رهيا. ايئن سندن فتوحات جو دائرو ايڏو ته سولائيِءَ سان پکڙجڻ لڳو جو رڳو ايرانين ۽ بربرن مزاحمت ڪئي. اٺين صدي جي اڳياڙي ۾ ته ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪا به اهڙي سگهاري قوت نه هئي جيڪا هنن جي فتوحات جي آڏو سينو ساهي بيهي. ڀونوچ سمنڊ جو علائقو رڳو وڃي رومي ڍنڍ تائين محدود ٿي ويو. اهڙيءَ ريت يورپ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جيڪي به عيسائي رياستون هيون انهن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته هڪ نئين نڪور تهذيب سان سندن ٽڪراءَ آهي.“
(ايڇ ­ اي ­ ايل­ فشر ، ”تواريخ يورپ“ صفحو 137-138)
سوال آهي ته اهو حيرت انگيز معجزو ڪيئن رونما ٿيو؟ انهيءِ سوال کوڙ سارن تواريخدانن جون متيون منجهائي ڇڏيون. ڇو ته اڄ جي تعليم يافته دور انهيءِ دليل کي به رد ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جي اشاعت ۽ ڦهلاءُ سڌريل ۽ سهپ وارن قومن تي تعصب جي ڪري ٿيو. دراصل اسلام جي فتح مندي سندس انقلابي اهميت ۽ اهليت سان لاڳاپيل هئي. جنهن عام لوڪن ۽ سماجي توڙي اقتصادي طور پيڙهيل طبقن لاءِ نااميدي ۽ نراسائيءِ جي تهذيبي وايومنڊل ۾ رهنمائيءَ جوڪردار ادا ڪيو. ڇو ته پراڻيون تهذيبون جن ۾ يونان، روم ، ايران ، چين ۽ هندوستان اچي وڃن ٿا، سي طبقاتي فرق جي بنياد تي زوال ۽ جمود جي زمري ۾ اچي ويون هيون.