تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلام جو تواريخي ڪردار

”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book اسلام جو تواريخي ڪردار

باب ڇهون: اسلامي فلسفو

عربن جي سائنس ۽ آرٽ جي مد ۾ ڪيل جدوجهد جي ڄمار اٽڪل پنج سو ورهين تي محيط آهي ۽ اِهو دور يورپ جي اونداهيءَ وارو دور آهي. انهي دور ۾ هندوستان برهمڻ سماج آڏو گوڏا کوڙي رهيو هو، جيڪو ٻڌ ڌرم کي لتاڙي رهيو هو. انهيءَ سموري ڪار گذاري جي نتيجي ۾ جڏهن برهمڻ سماج ٻڌ انقلاب جي مٿان شرمناڪ نموني حاوي پئجي ويو ته اهوئي مکيه ڪارڻ هو جو برهمڻ سماج، مسلم حملي آورن جي سامهون سٽ جهلي نه سگهيو.
ائين بني اميه، بني عباس ۽ فاطمي گهراڻن جي روشن خيال دورن ۾ علم، تهذيب، تمدن جي زمري ۾ ايشيا، اتر آفريڪا ۽ اسپين ۾ خوشحالي ۽ ترقي آئي، جنهنڪري ثمرقند ۽ بخارا کان مراڪش ۽ قرطبه تائين کوڙ سارا عالم ۽ ودوان، علم فلڪيات، علم حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، طب ۽ موسيقي تي کوجنا ڪرڻ سان گڏوگڏ تدريس جو ڪم به ڪري رهيا هئا. جڏهن چرچ جي تعصبي ۽ جاهلانا سلوڪ جي ڪري يوناني فلسفي جا شاهوڪار ذخيرا زمين دوز ٿي رهيا هئا ته اهي عرب ئي هئا جن گم ٿيندڙ خزاني کي بچائي وَرتو، ۽ سچ پچ ته انهن علم جي ذخيرن جي دفن ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ جيڪو عالم انسانيت جو نقصان ٿئي ها، ان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي.
اهڙيءَ طرح ڪرستان اجايو سجايو دينداري، بهه روپي ۽ مقدس رياڪاريءَ جي ڪري سائنس جي قديم حيثيت کي ناپاڪ ۽ پليت ڄاڻائڻ جي خفت ۾ مبتلا ٿي ويا. يورپ جا ماڻهو اهڙي اڻ ڄاڻائي جي نتيجي ۾ اونداهي جي هڪ اهڙي دور ۾ ٻُڏي ويا جنهن کي يونان جي ڏاهن نئين سر جيئرو ڪري اجاڳر ڪيو هو، سو اڳتي هلي وهم، وسوسن، تنگ نظري ۽ اڻ سهپ جي اونداهي ۾ دٻجي ويو هو، ان کي نئين سر نروار ڪري، يورپ واسين کي مادي خوشحالي، ڏاهپ جي ترقي ۽ روحاني آزادي سان روشناس ڪرائڻ جا پڳ ڌڻي اهي عرب فيلسوف ۽ سائنسدان هئا جن جي مُهابي يونان جي علم ۽ ڄاڻ جو اباڻو ورثو، جديد علم ۽ منطق جي سرواڻڻ ۽ جديد سائنس جي بانيڪار راجر بيڪن جي هٿن تائين پهتو، جيڪو پڻ هڪ عرب جو شاگرد هئو. انهيءَ ڏس ۾ همبولٽ( HUMBOLOT ) جي راءِ مطابق ته عربن کي (جديد طبعي سائنس جو بڻياد رکندڙ چئي سگهجي ٿو ۽ جنهن جي حيثيت ۽ اهميت کان اڄ به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.) ائين تجربي ۽ ماپ جا ٻه اهم اوزار آهن، جنهن جي مدد سان هنن ترقيءَ جي رستي ڳولڻ سان گڏوگڏ يونان جي وڃايل ڪڙيءِ کي به جديد سائنس سان ڳنڍي ڇڏيو.
الڪندي، ابن الهيثم، فارابي، ابن سينا، غزالي، ابوبڪر رازي، ابن حزم (Avempace)، ابوالفرج (Alphetragius)، اهي نالا، انساني تهذيب ۾ لازوال حيثيت ماڻي اڻ وسرندڙ بڻجي ويا آهن، ۽ ابن رشد جو نالو ته هڪ اهڙي ابديت جو درجو حاصل ڪري ويو آهي، جنهن کي لاشڪ ته جديد تهذيب جو هڪ اهڙو قاصد سڏي سگهجي ٿو، جنهن جديد تهذيب جي منهندارن کي ارسطو جي ذهانت ۽ فڪر سان سڃاڻپ ڪرائي. ابنِ رشد ذريعي ته يورپ ۾ ماڻهپي ۽ ساڃاهه جي اهڙي بيش بها تحريڪ جي شروعات ٿي، جنهن جي ڪري مذهبي ڪٽر پڻ ۽ انڌي تقليد پرستيءَ جي سنڍ ٿيل سماج ۾ آزاديءَ جا ڪرڻا ڦٽي نڪتا. عرب ڏاهن جو تواريخي ڪردار جيڪو اندلس جي روشن خيال حڪمرانن جي سرپرستيءِ جو هڪ چٽو مثال آهي، ان جي واکاڻ ڪندي راجر بيڪن چوي ٿو: (فطرت جي تشريح ارسطو ڪئي پر ارسطو جي ڇنڊڇاڻ جي ذميواري ابن رشد جي هٿئون ٿي.)
ان حوالي سان چرچ جي بالادستي ۽ مذهبي تسلط جي خلاف فڪري انقلاب جو جهنڊو، تيرهين ۽ چوڏهين صدي ۾ اڀو ٿيو. ڇو ته انهيءِ دور جي باغي عقل پرستن، سائنسي سوچ ۽ فڪر جو دَرس ته يوناني دانائن جي لکڻين منجهان حاصل ڪيو پر بغاوت جي رهنمائي کين عرب دانشورن جي معرفت حاصل ٿي ۽ خاص ڪري ابن رشد جي مهابي.
ڇهين صدي جي ابتدا ۾، جيسٽينن جي مذهبي تنگ دلي واري سلوڪ سبب ڪرستانن جي پاڪ ڌرتيءَ تان غيرڪرستانن جي نالي نشان ميسارڻ جي شروعات ڪئي وئي. آخرڪار يوناني ڏاهن کي زور زبردستي سان علم جي مسند تان لاٿو ويو. جنهنڪري هنن رومي سلطنت مان لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ ايران ۾ پناهه وَرتي، پر اتي به مذهبي مهندارن بغض ۽ ساڙ جي ڪري مَٿن ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون ڏئي سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. انت ته يوناني ڪلچر، بغداد جي عباسي خليفن جي مهمانداري ۾ داخل ٿيو.بغداد جا عباسي خليفا، انهن آيل ناستڪن جي ڏاهپ کان ايترو ته متاثر ٿيا جو انهن آڏو نه قرآن ۽ نه تلوار جو شرط رکيائون. ان ڪري جيڪي به عالم ۽ ڏاها ٻين عقيدن بابت تنقيدي راءِ رکندڙ هئا انهن سڀني کي عقيدت پرست خليفن جيءَ ۾ جايون ڏنيون.
انهن خليفن جلاوطن يوناني عالمن کي پناهه ڏني. ان سان گڏوگڏ کين سندن قابليت مطابق ذميواري سونپي ته رومن سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل يوناني فلسفي کي يڪجا ڪري برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي. ائين ارسطو، هيپوڪريٽس،گيلن ۽ ٻين سائنسدانن جي لکڻين کي عربي لباس ۾ آندو ويو ۽ خليفن انهن غير فرقيوارانه ۽ سيڪيولر علومن کي عرب دنيا ۾ ڦهلائڻ جي همت افزائي ڪئي. انهيءَ ڪارج واسطي سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سائنسي علم پکيڙڻ لاءِ اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو ته جيئن هزارين شاگردن کي سولائي سان تعليم ملي سگهي. اميرن ۽ غريبن جي ٻارن لاءِ بنان ڪنهن مت ڀيد جي تعليمي سلسلو شروع ڪيو ويو. غريب شاگردن کي مفت تعليم ۽ استادن کي سندن پورهئي خاطر لاتعداد سهوليتون ڏنيون ويون. عرب تواريخ دان ابو الفرج ابن الجوزي (Abul Fargius ) انهن عالمن بابت خليفي مامون جي راءِ لکندي چوي ٿو: اُهي ڏات ڌڻي خدا تعاليٰ طرفان ئي چونڊيل آهن، جيڪي لائق ۽ سيبائتا پيروڪار ثابت ٿيا. انهن پنهنجي سموري ڄمار منطق ۽ عقل منديءَ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهي علم ۽ عقل جا سونهان ۽ دنيا سازي بابت سنسار جا اُهي روشن مينار آهن جو انهن جي نه هئڻ ڪري دنيا ٻيهر اوندهه، اياڻپ ۽ وحشي دور ۾ غرق ٿي وڃي ها.“
موجوده دور ۾ اسلام جي حوالي سان جنهن تنگ دلي ۽ مذهبي ڪٽرپڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، ان اسلام جي سچائي ۽ معتبريءَ کي وڏو نقصان پهچايو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌايو وڃي ته نبيءَ جا وارث اهڙن دانائن جا قدردان هئا جيڪي ڪنهن به مذهبي فرقيواريت لاءِ سرگرم ڪونه هئا، انهن جي تعليم جو مکيه نظريو هئو ته(دليل) ئي انساني ساڃاهه جو سچائي سان واڳيل نقطو آهي. تواريخ ۾ اهڙو مثال نه هئڻ برابر آهي ته هڪ اهڙو فرد جيڪو مذهبي لحاظ کان به هڪ اهم عهدي تي فائز هجي ۽ تنقيد ۽ڇنڊڇاڻ جي همت افزائي ڪندو رهي ته جيئن ماڻهپي ۽ دليل جي فڪر ۽ ويچار کي مانائتي حيثيت ملي سگهي. اهڙو ڪارنامو مامون الرشيد ڪري ڏيکاريو. ڇو ته عقل منديءَ جي پوک پوکڻ جو مطلب ٿيو ته اکيون پُوري ويساهه نه ڪرڻ. انهيءَ ڏس ۾ مامون الرشيد، عباسي خليفن ۾ اهو ناليرو شخص ليکيو وڃي ٿو، جنهن نه رڳو سائنسي علم ۽ فڪر جي همت افزائي ڪئي پر ٻين خليفن پڻ وَس آهر هٿ ونڊايو. ائين به ڪونهي ته ڏاهپ جي پنڌ ۾ رڳو عباسي خليفن جي روشن خيال سوچ ۽ سلوڪ تائين پڄاڻي اچي وئي. انهي ساڳي زمري ۾ افريڪا جا فاطمي ۽ اسپين جا اموي به اچي وڃن ٿا، اهي سياسي اقتدار جي ويڙهاند ۾ هڪ ٻئي جا ڪٽر مخالف هوندي به مَادي خوشحالي، فڪر ۽ شعور جي سرپرستي ڪرڻ ۾ اڳ اڳرا هئا. قاهره جي ڪتب خاني ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ڪتابن جو ڳاڻيٽو موجود هئو ۽ قرطبه ۾ ته اهو انگ ڇهوڻ کان به ٽپيل هئو. اها ڪتابن جي سچائي ۽ علم پروري ان ڪوڙ کي به وائکو ڪري ڇڏي ٿي، جنهن ۾ چيو ويندو آهي ته اسلام جي اوسر سان مذهبي جنون ۽ وحشي دور جي ابتدا ٿي هئي ۽ ان لاءِ دليل طور اسڪندريه جي ڪتب خاني ساڙڻ جو مثال ڏنو ويندو آهي. انهيءَ مثال تي ڪو عقل جو سادو ۽ مت جو موڙهيل ئي اعتبار ڪندو ڇو ته اُهي ماڻهو جيڪي علم، ساڃاهه، فڪر ۽ فهم جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ راحت ۽ خوشي محسوس ڪندا هئا، سي اسڪندريه جي لئبرري کي ائين باهه جي حوالي ڪري سگهندا؟ اهي جيڪي پنهنجي دور ۾ انسانيت جي نجات ۾ اڳ اڳرا ۽ انسان ذات جي گڏيل ورثي کي محفوظ ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرا هئا، ڇا انهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهڙي املهه خزاني کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ سندن هٿ هو؟ جيڪڏهن ٿڌي سيني سان بنان ڪنهن رياڪاري جي تورتڪ ڪبي ته چٽي صورتحال سامهون اچي بيهندي ته ان طرز جا گمراهه ڪندڙ قصا ۽ ڪهاڻيون رڳو بدنيتي تي مبني آهن،۽ اسلام جي آمد پنهنجي جوهر ۾ هڪ عذاب يا قهر نه پرانسان ذات لاءِ رحمت ۽ نيڪيءَ جو پيغام هو.
هونئن يارهين ۽ ٻارهين صَدي جي وچ وارين لکڻين ۾ اسڪندريه جي ڪتب خاني جي بربادي جو ذڪر سخت نفرت ۽ ڌڪار جي نوع ۾ڪيل آهي، ان جي برعڪس عربن جي آمد وقت ٻن مصر جي ڪرستان تواريخ نويسن (Estichicus Elnoacian ) انهيءَ هيڏي ساري دردناڪ حادثي متعلق هڪ اکر به نه ڳالهايو آهي. انهن ٻنهي ڄڻن مان پويون صاحب ته اسڪندريه جي چڱن مڙسن مان هڪ هو، جنهن لاءِ وَهم ۽ گمان به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪرستانن جي دشمنن جو ٻانهن ٻيلي هو. انهيءَ نقصان بابت گهڻي ڀاڱي خليفي عمر جي هڪ حڪم نامي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. ان کي ڪرستانن جي هٿ چراند به ليکي سگهجي ٿو. پر گبن پنهنجي تجزئي ۽ ملندڙ ثبوتن جي آڌار تي هن راءِ جو اظهار ڪري ٿو: (عمر جو اهڙن سخت جملن ۾ حڪم نامو اسلامي نقطه نگاهه جي ابتڙ ۽ اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿئي ٿو، ڇو ته هن پنهنجن حڪم نامن ۾ لکيو آهي ته يهودي ۽ ڪرستانن جي مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ مشرڪ/ ناستڪي ليکڪن، تواريخدانن ۽ شاعرن سان به قانون مطابق سلوڪ ڪيو وڃي.) (Rise and fall of the Roman Empire )
هونئن جڏهن کان وٺي تواريخ لکڻ جو غير جانبدارانه طريقو وجود ۾ آيو آهي ته اسڪندريه جي ڪتب خاني جو قصو پنهنجو قدر ۽ قيمت وڃائي ويٺو آهي ۽ شڪ شبهي جي ڍير ۾ دفن ٿي ويو آهي. بهرحال عربن جي آمد کان اڳ ئي اسڪندريه جي ڪتب خاني منجهان قيمتي يوناني ڪتابن جي منتقلي عمل ۾ اچي وئي هئي. ڇو ته عربن جي فتوحات کان اڳ اسڪندريه ۾ ڪرستاني مذهب جو ڪٽرپڻ پکڙجڻ سبب علم ۽ فڪر جو به زوال اچي ويو هو. ان ڪري ڪتبخاني جو ساڳيو مان ۽ مرتبو به ڪونه رَهيو هو. ڇو ته غير ڪرستان عالمن کي عيسائي مذهبي مهندارن جي تعصبي سلوڪ ۽ چُرچ تي مکيه عهدن تان برطرف ڪيو ويو هو ۽ لازمي طور اهي عالم سڳورا علم جو خزانو به پاڻ سان کڻي ويا هوندا. ان هوندي به جيڪڏهن مڃجي کڻي ته عمر جي حڪم نامي سان ڪتب خاني کي باهه ڏني وئي هئي ته اهڙي نڪتي کي هاڻي هروڀرو اڀارڻ ڄڻ ته ڇسائپ جو اظهار آهي، جنهن مان مذهبي اڻبڻت ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهڙو عمل انسان ذات کي لاڀ ڏيڻ جي برعڪس ڇيهو رَسائيندو. اسلام جي نالي ۾ڪا سَاڙ ٻار کڻي ٿي به هوندي پر ان ۾ڪنهن شاهوڪار علمي خزاني کي نقصان رسيل ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي ، ڇو ته خليفن جي علم سان اُنس ۽ اتساهه جي ڪيفيت جو ڪاٿو لڳائڻو آهي ته انهن لازمي طور بيش بها علم کي محفوظ رکڻ لاءِ پهريائين ڪجهه اُپاءِ ورتا هوندا ۽ باقي اجايو سجايو ۽ ڪِنُ ڪچرو ساڙڻ جو حڪم ڏنو هوندو.
بازنطين گهراڻي جي وحشين لاءِ هيڪاندا ثبوت موجود آهن ته انهن ڪيئن بطليموس جي شاندار پورهئي کي تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيو . اسڪندريه ۾ علم ۽ عرفان جي شمع کي وسائڻ ۾ وڏو هٿ سينٽ ڪارل جو چيو وڃي ٿو جنهن علم جي ديوي هيپريا جي ڀريل ميلي ۾ بيحرمتي ڪئي هئي. اهو سڀ ڪجهه پنجين صدي جي شروعات ۾ وهيو واپريو هو. ان حد تائين جو پادري سڳورا ڪنهن به حالت ۾ اسڪندريه جي اهڙن ليڪچرن ۽ خطابن کي برداشت ڪري نه سگهندا هئا جنهن ۾ فلسفي ۽ سائنس بابت بحث مباحثا ٿيندا هئا ۽ انهن گڏجاڻين جي سرپرستي هڪ يهودي عورت /غير ڪرستان ڪندڙ هئي . جنهن ۾ شهر جا ساڃاهه وند ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. جڏهن ته آرچ بشپ /وڏي پادريءَ جا ناقابل فهم خطبا فسادي فڪر ۽ سوچ جا ماڻهو ٻڌڻ ايندا هئا. ان جي خطابن ۾ عقل ۽ فهم جي ڳالهه ڪرڻ ته پري رهيو پر هو مورڳو پنهنجي مليل اڻکٽ اختيارن وسيلي محاذ آرائي ڪندڙن کي مليا ميٽ ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. انهيءَ آرچ بشپ جي هشيءِ تي فسادي (جن جي سرواڻي جنوني راهبن جو گروهه ڪري رهيو هو) مذهب جي نالي ۾ اسڪندريه جي علمي مرڪز تي ڪاهه ڪري هڪ اهڙي گناهه جا مرتڪب ٿيا، جنهن کي بيان ڪندي ڄڻ ته هڪ عذاب ۽ ياد ڪندي به شرم محسوس ٿئي ٿو.
ڇو ته چار سو چوڏنهن عيسويءَ جي قريب ۾ فلسفو ۽ ڏاهپ محدود دائري ۾ قيد رَهيا ۽ نتيجي ۾ سائنس ۽ دليل لاءِ گمنامي جي غار ۾ الوپ ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه رهيو هو. عوام ۾ سندس مڃتا ۽ مهانتا جي ويل وهامي وئي هئي. ائين سمجهڻ گهرجي ته صديون اڳ ڄاڻ ۽ ڏاهپ جي ڏياٽي وسامي چُڪي هئي. ڇو ته مذهبي ڪٽر پڻ جي وزني عَصا جي ڌڪ يوناني فلسفي جي نازڪ ۽ نفيس خدوخال کي بگاڙي ڇڏيو هو. ڪارئل ائڪٽ کي به بغير ڪنهن سوال ۽ آڏي پڇا جي مسلط ڪيو ويو. اهڙي صورتحال ۾ رومي سلطنت ۾ ڪنهن به انهيءَ رمز کي جانچڻ جي تڪليف به ڪانه وَرتي ته فڪر ۽ فهم جي آزادي جو هئڻ ڇو ضروري آهي؟ ڇو ته اهڙي طرز جي ڳولا ڦولا فاتحن جي انهن ارادن کي وائکو ڪري بيهاري ها ته اسڪندريا ۾ پنهنجي اقتدار کي دائمي رکڻ لاءِ هو ڪهڙيون حرفتون ۽ حيلا ڪري رهيا هئا. اهڙيءَ ريت لڳاتار ٻه صديون وڌيڪ ويران، ڀڙڀانگ ۽ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيون. جنهن مان ڇوٽڪارو ٻاهرين حمله آورن جي مُهابي ٿيو. هونئن سموري دنيا کي سُڌَ آهي ته عرب فاتح دليلن جي سچائيءَ سان نمودار ٿيا هئا ۽ پوءِ به اها دعويٰ ڪونه ڪيائون ته عقل ۽ ڏاهپ جي زمري ۾ پاڻ اعليٰ ۽ اتم آهن. ڇاڪاڻ ته انهن ڄاڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ بابت پنهنجي روش کي مذهبي مت ڀيد کان مٿانهون رکيو. هو ان ڪري مصر کي دنيا جي قومن جي ڀيٽ ۾ ٻيهر ناماچار ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هو مصر کي هڪ ڀيانڪ شدت پرستي، اياڻپ ۽ جاهليت جي اونداهيءَ منجهان ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا.)
Draper: The History of the Intellectual Development of Europe vol: 1. p- 325
عربن نه رڳو يونان جي قديم ڏاهپ جي ڀنڊار کي بچائي ورتو پر ان کي سانڍيو ۽ سموهيو پڻ. ان سان گڏ علم جي خزاني تي پنهنجون عقل ڀريل تشريحون به لکيون. جنهنڪري جديد سائنس جي دانائن، افلاطون، ارسطو، اقليدس،هيپو ڪريٽس، گيلن ۽ بطيلموس جون عالمانه لکڻيون ۽ پورهيو، عربي ٻوليءَ جي معرفت پهتيون. جديد يورپ عربن کان علم، طب ۽ سائنس ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي . پر ساڳي وقت علم هيئت (Astronomy) جي سائنس جنهن انساني فڪر جي اڏام ۾ وسعت آندي ۽ فطرت جي ميڪانيڪي قانونن کي اجاڳر ڪيو، ان جي پوکي راهي ۾ به عربن جو رت ستُ شامل چئي سگهجي ٿو. انهي نئين تحقيق جي مدد سان عرب فيلسوفن زمين جو تُز گهيرو (Diameter) ۽ گرهن /سيارن جو تعداد به ڳولي لڌو. انهن جي هٿن ۾ علم هيئت پنهنجي قديم خدوخال جي خول مان ٻاهر نڪتي ۽ مشرقي ملڪن جي عالمن ۽ پنڊتن جي پوک ۽ پورهئي جي طفيل هڪ سائنسي علم جو درجو حاصل ڪيو. الجبرا جي ايجاد جو تاج اسڪندريه جي diophantus تي اچي ٿو. پر الجبرا علم جي ديوان خاني ۾ پنهنجي جاءِ والارڻ جي تڏهن قابل ٿي جڏهن عربن کيس سنواري پيش ڪيو. ائين مجموعي طور سائنس کي مڃتا ڏيارڻ ۾ عربن جو پورهئو ۽ پگهر شامل آهي. پر عرب پنهنجي سموري پورهئي جو ثمر يونان جي عالمن سان منسوب ڪن ٿا. هونئن علم نباتات (Botany) گهڻي ڀاڱي علم طب لاءِ پڙهائي ويندي هئي، پر ان ۾ هنن لڳ ڀڳ ٻه هزار ٻوٽن جون جنسون ڳولي لڌيون جنهن علم سائنس کي هڪ نئون جنم ڏ نو . علم ڪيميا کي به مصر جا ڪٽر ۽ تعصبي عالم سيني ۾ سانڀيندا آيا، جنهن جو عام استعمال بابل ۾ به هو. هندوستان جا حڪيم به انهيءَ علم جي بڻ بڻياد کان ڪجهه نه ڪجهه آگاهي رکندڙ هئا، پر علم ڪيميا کي ڪارائتا هٿ عربن جا نصيب ٿيا. جنهن ڪري هن علم تائين عام ماڻهن جي رَسائي آسان ٿي وئي. (هنن چڪائڻ (distillation ) جي طرز کي جديد نموني متعارف ڪرايو ۽ ان کان سواءِ فطرت جي ٽن مکيه شاخن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي، کار ۽ تيزابن جي عنصرن کي جداگانه ترتيب ڏني ۽ اڃان به قيمتي ۽ سخت ڌاتن کي ڦلدائڪ دوائن ۾ تبديل ڪيو. (گبن)
عربن علم طب جي سائنس ۾ چڱي چوکي ترقي آندي، انهيءَ ڏس ۾ موسيٰ ۽ جابر ته سنئون سڌو جالينوس(galen ) جا پيروڪار هئا ۽ جيڪو ڪجهه کين استادن کان حاصل ٿيو ان سان انسان ذات جي خزاني ۾ اضافو ڪيائون. ابن سينا، بخارا جي هڪ ڏورانهين علائقي ۾ ڏهين صدي ۾ ڄائو هو، جنهن کي يورپ ۾ سڄا سارا پنج سو ورهيه اٿارٽي سمجهيو ويندو هو. ان حوالي سان salermo جي درسگاهه کي سورهين صدي تائين به يورپ ۾ علم طب جو مکيه مرڪز سمجهيو ويندو هو. ائين يورپ پنهنجي ڄاڻ جو ڌاڳو عربن سان ڳنڍيندو آيو ۽ ابن سينا جون لکڻيون ته وڏي چاهه ۽ هاج سان پڙهايون وينديون هيون.
عرب عالمن جي علم لاءِ چاهنا جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندن سموري تحقيق مشاهدي ۽ تجربي سان لاڳاپيل هئي. عربن فرضي قياس آرائيءَ جي طور طريقن کي رد ڪندي سدائين جٽاءِ دار اصولن جي پٺڀرائي ڪئي . عربن جي قابليت ۽ اهليت جو اندازو عزت ماب ابن رشد جي خيال آرائيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو: (مذهب، فيلسوفن ۽ڏاهن جي نظر ۾، ڌڻي سڳوري جي عبادت ۽ سندس جاه وجلال جي مڃتا، اصل ۾ علم ۽ڄاڻ حاصل ڪرڻ ئي آهي، جيڪو سچائي ۽ حقيقت ڏانهن رجوع ڪري ٿو. اهڙو ڪارج رب جي نظر ۾ اعليٰ ۽ اتم آهي. جڏهن ته انهن ماڻهن جي اها سوچ شرمناڪ آهي جيڪي پنهنجي مذهب کي نج ۽خالص سمجهڻ جي خفت ۾ مبتلا آهن، ان ڪري اهڙو مذهب جيڪو مفروضي جي پروپئگنڊا ۽ پٺڀرائي ڪري ته ان کي اڻ ڄاڻائي /لامذهبيت جو وسيلو چئي سگهجي ٿو. پوءِ اهڙو مذهب ڀلي اسلوب جي لحاظ کان ڀلائي جو ڀنڊار هجي پر پنهنجي جوهر ۾ سهپ ۽ رواداري کان ڪوهين ڏُور هوندو آهي. اهڙي آزاد خيالي /لبرل ازم جي ڪري ابنِ رشد، مذهبي مهندارن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو نشانو بڻيو. خاص ڪري عيسائين کان وڌيڪ مسلمانن جو حدف بڻيو.
بهرحال، ابن رشد ڪجهه وقت جلاوطن رهيو پر پوءِ اسپين جي سلطان کيس قاضي جي ساڳئي عُهدي تي بحال ڪيو ۽ سندس ڪتاب به ڪجهه قدر ضبط هئڻ کان بچي ويا. پر سندس لاطيني ترجمي مان مٿيان حصا ۽ مواد اعتراض جوڳا ڄاڻائي خارج ڪيا ويا. ان هوندي به يورپ ۾ ٻارهين، تيرهين ۽ چوڏهين صدي جي سيڪيولر تحريڪن سنئون سڌو اثر عرب فيلسوفن جي سانڀيل لکڻين کان حاصل ڪيو ۽ بيشڪ ته اهي سيڪيولر نموني جون هيون جن ڪئٿولڪ چرچ جي بڻ بڻيادن کي لوڏي ڇڏيو. اهڙي ريت ٻارهين صدي عيسوي يا ان کان اڳتي جيستائين جديديت جو ظهور ٿيو اوستائين ابن رشد جون تحريرون ڪليسائي اڳواڻن جي نظرن ۾ ڪفر ۽ بدعت لائق سمجهندي مٿن زوريءَ فتوائون مڙهيون ويون، ڇوته جيڪو ٽڪرو اسان مٿي پڙهي آيا آهيون ان جي معنيٰ ۽ مفهوم هئين بڻجي ٿو ته مثبت ساڃاهه جي کوجنا ڪرڻ ته جيئن جهالت ، عقيدت پرستي جي انهيءَ ڍير جي صفائي ڪجي جيڪي دين ڌرم جي نالي ۾ صدين کان قائم دائم آهن.
ابن رشد پنهنجي هڪ اقتباس ۾ ڄاڻائي ٿو ته استقرائي (inductive ) اصولن جو مکيه مقصد آهي سچائي جي حاصلات . جڏهن خالق جو اڳوڻو تصور پاسيرو رکي انڌي تقليد بدران ان جي ذات کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ تجرباتي عملن جي ذريعي ان جي صحيح حقيقت ان جي ئي تخليق ڪيل شين يعني ڪائنات وغيره مان معلوم ڪئي ويندي آهي ته خدا جو روحاني تصور پسمنظر م هليو ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سندس موجودگيءِ جو احساس رڳو مذهب آهي جنهن وسيلي خدا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ مذهبي لباس ۾ انساني فڪر جي ترقيءِ بابت سُڌ ملي ٿي. انهي حوالي سان دنيا ۾ جيڪي به مذهب آهن انهن ۾ اسلام کي مٿانهون ۽ منفرد سمجهندي ٻين مذهبن کي منسوخ ليکي سگهجي ٿو. اهو ئي سندس تواريخي اهميت جو جوهر آهي.
اسلام ۽ عربي ٻولي جو مرڪز اهي تواريخي علائقا آهن جتي پراڻيون تهذيبون جهڙوڪ: مصر، آسيريائي، عبراني، ايراني ۽ يوناني تهذيبون پنهنجي حشمت ۽ ڏيا سان نمودار ٿيون، انهن ۾ ٽڪراءِ ٿيو ۽ ختم ٿي ويون. پر انهن اوائلي تهذيبن جي گود منجهان هڪ مثبت ڪارج حاصل ٿيو: عرب ڪلچر جي اڏاوت ۽ محمد ﷺ جي غير معمولي وحداني اصولن جي اوسر. اها سڀ نيڪ نامي ۽ ساک انهن عرب فيلسوفن جي کاتي ۾ اچي ٿي، جن پهريون ڀيرو ان نڪتي کي آب وتاب سان پيش ڪيو ته سڀني مذهبن جي اصليت هڪ ئي آهي. انهن نه رڳو انهي راءِ کي سگهارو ڪيو ته جيڪي به پنهنجي دور جا مذهب هئا سي ذهن تي ايترو ته اثر انداز ٿيا جو زندگي جي پر اسراريت ۽ فطرت کي سمجهڻ لاءِ پيش قدمي ممڪن ٿي سگهي، پر اڃان به ڏس ڏنو ته دليل جي روشنيءِ ۾ ئي وڌيڪ سچيتائي ۽ ساڃاهه ماڻي سگهجي ٿي. مذهب جي اهڙي عاقلانه تشريح، ابن رشد کي وڌيڪ ناليرو بڻايو.
ان کان سواءِ علم ما بعد الطبيعات (Metaphysics) ۽ سائنس جا بي بها علوم جيڪي اٿينس ۽ اسڪندريه جي ڏاهپ مرڪزن جو نچوڙ هئا، انهن ۾ عربن ايترو پورهيو ۽ پگهر شامل ڪيو جيڪي اڳتي هلي جديد تهذيب لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيا. اهو (شڪ) جو عنصر ئي هئوجيڪو سڀني عقيدن ۽ ويساهن جي شهه رڳ بڻيو. اڳتي هلي جيئن ئي تنقيد جي وسيلي ويساهه جي حيثيت کي چئلينج ڪيو ويو ته اهڙو قدم ڄڻ ته انساني ترقي جي آسمان تي باک اڀرڻ جو اعلان هو.
هونئن، آڳاٽو تيرهين صدي ۾ به (شڪ) جو فلسفو موجود هو. پر بداعتمادي موجود ڪانه هئي. مختلف نظريا بحث جو مرڪز بڻيا رهيا ۽ ڪن کي تڪراري بڻائي رد به ڪيو ويندو هو پرڪرستان عقيدي ۽ اصول جي قلعي تي ڪڏهن به حملو نه ڪيو ويو. مٿس حملو تڏهن ڪيو ويو جڏهن هڪ نئين فڪر جي اڏاوت جي ابتدا ٿي ته ذهن ۾ هڪ نئون نڪور فڪر ترڻ ۽ اُسرڻ لڳو ته سڀني مذهبن جو پاڙون هڪ ئي آهن ته پوءِ اهڙا اصول ۽ عقيدا ويتر نقصان رسائيندڙ ۽ خرابي پيدا ڪندڙ آهن پوءِ انهن کي منسوخ /رد ڪرڻ ضروري آهي. ان لاءِ اهي عنصر انسان ذات جي روحاني ايڪتا آڏو ڄڻ ته رنڊڪ بڻجي بيٺل آهن. ۽ ظاهر آهي ته جيڪڏهن عقيدي ۽ ويساهه جي صفتن کان نجات ملي ٿي ته پوءِ مذهب جو پنهجن پيرن تي بيهڻ جو مقصد به هڪ سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو . ڇوته سچائي کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ ڪچائيءِ جي بربادي شروع ٿيندي آهي. ائين مذهبن جي وحدانيت سان ڀرپور انقلابي تصور جي تشريح پهريون ڀيرو عرب عالمن ڪئي.
اها حقيقت پڌري پٽ آهي ته عرب عالمن جي جدوجهد جو عروج ابن رشد تائين ڇيهه ڪري ٿو. ڇو ته هي اعليٰ انسان انهن هستين منجهان هڪ آهي جيڪي نائين صدي کان تيرهين صدي تائين پنهنجي ڏاهپ جي پورهئي جي آڌار تي ان کان اڳ جي ڏاهن ۽ فيلسوفن جي سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي. انهن مڙنئي لکڻين يا تعليمي سلسلي کي ڏسبو ته ان ۾ انقلابي جوهر جو ڳانڍاپو اسلام جي مکيه اصولن سان نظر ايندو ۽ ان ۾ واڌارو يا حاصلات جو ذريعو (خدا جي تلوار ) بڻي .
عربن دنيوي وهنوار ۽ روحاني وحدانيت کي سگهارن بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ اقتصادي خوشحالي خاطر هڪ نئين ڪلچر معرفت پنهنجي فڪر کي واڳي ڇڏيو، ائين مسلمان صدين تائين ٻين کان پرائيندا رهيا ۽ خاص ڪري يونان وارن کان. جنهن ڪري، هوُ علم جي هر هڪ شاخ ۾ آزاد خيالي جي آبياري ڪندا رهيا .
الڪندي عرب فيلسوفن ۾ سڀ کان آڳاٽو ليکي سگهجي ٿو. هو آزاد خيال عباسي حڪمرانن جي دارالحڪومت ۾ رهندو هو ۽ سندس شهرت نائين صدي جي اڳياڙي ۾ ٿي. سندس فلاسافي پڙهائڻ جو دارومدار علم حساب جي منطق سان ڳنڍيل هو. ڇا ڪاڻ ته علم حساب جي معرفت ئي بيڪار قياس آرائي ۽ منجهيل سوچ کي (دليل) جهڙي مضبوط ڪارج سان رد ڪندي سچائي جي اصولن پٽاندر مثبت ۽ منطقي نتيجا حاصل ڪرڻ سان هو. جنهنڪري انهن اصولن جي پيش بندي ڪندڙ استاد عزت ۽ احترام لائق چئي سگهجن ٿا، جن جي مهابي فرانسز بيڪن ۽ ڊيڪارٽ گذريل ست سو ورهين کان (جديد فلسفي) جي رهبرن طور سڃاتا وڃن ٿا. پر اڄ به عالم ۽ داناءَ جيڪڏهن ڪٿان به لاڀ حاصل ڪن ٿا ته وري به ڏاهپ جو ساڳيو ڀنڊار آهي جيڪو عربن هڪ هزار ورهيه اڳ گڏ ڪيو هو.
انهيءَ ساڳئي سلسلي جي نشاندهي ڪندڙن ۾ الفارابي جيڪو پويان ايندڙ صدي جو رهواسي ۽ دمشق ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو هو. هن جي ارسطو تي لکيل شرح صدين تائين سند طور پڙهائي ويندي هئي. الفارابي ميڊيڪل سائنس ۾ چڱي خاصي سرسي حاصل ڪئي . راجر بيڪن به علم حساب جي سکيا کائنس وَرتي.
ڏهين صدي جي پوئين اڌ ۾ ابن سينا جي آمد ٿي. هن جو واسطو بخارا جي هڪ سکئي ۽ شاهوڪار گهراڻي سان هو جيڪو واپار جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور ٿيو.ابن سينا علم حساب ۽ علم طبيعات تي گهڻو ڪجهه لکيو پر کيس شهرت علم طب /ميڊيڪل سائنس جي ڪري ملي. جڳ مشهور ميڊيڪل اسڪول سيلرمو (Salermo ) به سندس يادگار شاهڪار هو ۽ علم طب تي لکيل ڪتاب به يورپ ۾ سورهين صدي تائين درس طور ڪتب آندا ويندا هئا. ان عظيم انسان جون فيلسوفيانه لکڻيون ايتريون ته روشن خيال هيون جو بخارا جو آزاد خيال امير به تقليد پرست عالمن جو دٻاءِ برداشت ڪري نه سگهيو.جيڪي ابن سينا جي سيڪيولر لکڻين کي بدناموسي طور استعمال ڪري رهيا هئا. آخر لاچار ٿي ابن سينا پنهنجي سرپرست جي درٻار منجهان روانگي اختيار ڪئي ۽ عرب بادشاهتن ۾ مسافري ڪندي به علم طب جي تعليم سان گڏوگڏ فلسفو پاڙهيندو رهيو.
يارهين صدي ۾ ابن الهيثم آهي جيڪو اڄ تائين به سائنس جي ميدان ۾ اهم جاءِ والاريندو اچي ٿو. ڇو ته علم نظر بابت کوجنا ڪرڻ ۾ سندس خاص مقام آهي. هن علم نظر بابت، ڄاڻ يونانين کان حاصل ڪئي جن جو خيال هئو ته روشني جا ڪرڻا ڪنهن به وِٿُ کي ڏسڻ لاءِ اک منجهان نڪرن ٿا. پر هن جاميٽري جي وسيلي ثابت ڪيو ته جسم مان روشني جا ڪرڻا نڪري اک جي ماڻڪي تي اثرانداز ٿين ٿا، ان ڪري سائنسي تواريخدانن جي اهڙي راءِ کي به چڱو چوکو وزن ملي ٿو ته ڪيپلر جيڪا علم نظر بابت شاندار کوجنا ڪئي ان جو سلسلو ساڳئي عرب سائنسدانن سان ڳنڍجي ٿو.
ان ساڳي صديءَ جو الغزالي به رهواسي آهي جيڪو اندلس جي هڪ واپاريءَ جو پٽ هو. هي صاحب انهن پيش بندي ڪندڙن مان صف اول جو ماڻهو آهي، جن ڊيڪارٽ جي خالص (سچ) تي ڀاڙڻ جي بنسبت خود شعوري (self consiousness ) کي وڌيڪ ترجيح ڏني. الغزالي انهن ڏاهن منجهان هڪ آهي. جيڪو قديم ۽ جديد سيڪيولر خيالن ۽ ويچارن ۾ پُل جو ڪم ڏئي ٿو. فلسفي جي ميدان ۾ اڻ وسرندڙ پورهئي بابت اچو ته سندس زباني ٻُڌون: (جڏهن مذهب منجهان دلجمعي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيس ته ڪنهن به اعليٰ هستيءَ جي اقتدار جي سوچ کي ذهن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪوري ڪپي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيم ۽ انهن سڀني قياس آراين کي به پٺي ڀر اڇلائي ڇڏيم جيڪي ٻالجتيءَ کان وٺي ذهن ۾ ڀريل هيون. ان ڪري منهنجي سامهون هڪ سنئون سڌو مقصد ۽ مراد آهي ته وٿ جي سچائي سمجهڻ: هاڻي مون کي سُڌ پئي آهي ته اهڙي علم يا ڄاڻ جو هئڻ ضروري آهي جنهن وسيلي ڪنهن به وٿ يا مقصد جي تشريح ڪري سگهجي ، جيئن آئنده مستقبل لاءِ ڪنهن به شڪ شبهي جي گنجائش نه هئڻ جي برابر هجي . جڏهن، هڪ ڀيرو منهنجي ذهن قبول ڪري ڇڏيو ته ڏهن جو انگ ٽن کان مٿي آهي، جيڪڏهن ڪو به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته ٽن جو انگ ڏهن کان مٿي آهي ۽ ان لاءِ هو نانگ منجهان نوڙي بڻائڻ جهڙو معجزو به سر انجام ڏئي ته به سندس غلطيءَ بابت منهنجو ويساهه پڪو پختو رهندو . ها هن جي حرفت ۽ ڪاريگري گهڙي کن لاءِ منهنجي ذهن تي پنهنجي قابليت جو ڌاڪو ويهاري سگهي ٿي پر ان هوندي به منهنجي ڄاڻ ۾ ڪو به تر برابر شڪ پيدا ٿي نه سگهندو .)
ائين علم جي تيز ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا اصول جيڪي لڳ ڀڳ هڪ هزار ورهيه کن اڳ مسلمان عالمن ٻڌايا هئا، اهي اڄ به ايتري ئي حيثيت ۽ درجو رکن ٿا، جو سائنسي منطق کي جنهن ريت انهن سينگاري سنواري نشانبر ڪري بيهاريو سو اڄ جي ويهين صدي جي هندوستانين ۾ به ڇڊو نظر اچي ٿو جن پنهنجي مٿان (روحانيت) جي جادو جنتر، ٺڳي ۽ فريب کي مڙهي ڇڏيو آهي ۽ لاشڪ ته اهي عنصر سائنس جي سچائي آڏو رنڊڪ بڻجي بيٺل آهن.
الغزالي ته ڄاڻ بابت ، اڃان به وضاحت ڪندي چوي ٿو ته اها علم حساب وانگر تُز پد تڏهن حاصل ڪري ٿو جڏهن مشاهدي جي بٺيءَ مان سندس گذر ٿئي ٿو ۽ ان کي قطعي ۽ لاجواب اصولن جي پٺڀرائي ملي ٿي.هو، ان راءِ جو هو ته اڻ تڪراري اسم جهڙوڪ ايمان ۽ يقين فقط حواسن وسيلي محسوس ڪري سگهجي ٿو ۽ رڳو سچائي جي چاهت به مصيبت جو باعث بڻجي سگهي ٿي. الغزالي دليل جي روشنيءَ ۾ يقين ۽ ويساهه کي ڳولي لڌو. الغزالي جي اهڙي سوچ بابت هر هڪ تپرس ۽ عجب ۾ پئجي وڃي ٿو سندس دور ۾ جڏهن ته مذهبي ماحول مڪمل طور اڻ سهپ ۽ جنون جي گرفت ۾ وَرتل هو، تنهن هوندي به الغزالي جي (شڪ ) وارن راين کي سموري مسلم دنيا ۾ پڙهايو ويندو هو.
تواريخ ۾ هن فيلسوف جي مان ۽ مرتبي بابت نامياري فرينچ مشرق دان رينان جي وزندار راءِ آهي ته جديد (تشڪيڪ) جي فلسفي جي مهندار هيوم ان ۾ ايترو گهڻو اضافو ڪونه ڪيو آهي جيڪو الغزالي سوڌو ٻيا عرب فلاسافر ست سو ورهيه کائنس اڳ درج ڪري ويا آهن. اسان کي ويتر الغزالي جي سوچ ۽ فڪر، تورايخ جي روشني ۾ وڌيڪ اهميت ماڻيندي نظر اچي ٿي. ڇو ته هيوم جي (تشڪيڪ) واري عنصر ڪانٽ جي تنقيدي فلسفي (Critical Philosophy ) لاءِ ميدان هموار ڪيو، جنهن قياس آرائي ۽ عقيدن جي پاڙن تي ڪهاڙي جو ڪم ڪيو. پر الغزالي جي سوچ ۽ فڪر پنهنجي دور کان اڳ جا هئا. تجرباتي سائنس ( Science Practical ) جنهن جو ذڪر ڪيو اٿس، اها اڃان تائين ممڪن ڪانه بڻي هئي. انڪري ٽيڪنالاجي جي اڻ هوند يا بانبڙا پائڻ جي ڄمار ۾ فطرت جي شين جو علم حساب جي ڪسوٽي تي پرک ڪرڻ فلاسافرن لاءِ ڏکيو وهنوار هو. الغزالي، پڇاڙي ۾ تصوف کان متاثر ٿيو پر هن جو زوال ڪانٽ جهڙو نه ٿيو. ان لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ظاهري خامين ۽ دٻاءَ، عرب فيلسوف جي اڀ ڏانهن اڏام کي جهيڻو ڪري ڇڏيو ۽ ان جي برعڪس ڪانٽ جي اندر ۾ ويٺل طبقاتي مفاد جي رغبت، سندس ذهانت جي مٿان ڇانئجي وئي .
ابوبڪر رازي جيڪو پڻ ٻارهين صدي جو رهندڙ آهي. اهو پهريون هيئت دان (Astronomer ) آهي جنهن بطليموسي قياس آرائي کي رد ڪيو. رازيءَ راءِ مطابق گرهن /سيارن جو سرشتو آسمان ۾ گردش جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. رازيءَ جي کوجنائن تي برونو، گيليلو ۽ ڪوپر نيڪس وڌيڪ تحقيق ڪئي. ابوبڪر جي کوجنا موجب سرشتن جي اندر چر پر جو عمل ايڏو ته مڪمل ۽ جامع آهي جو غلطيءَ جي گنجائش جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. پر ابوبڪر پنهنجن کوجنائن کي ڪنهن لکڻيءَ جي شڪل ڏيڻ کان اڳ گذاري ويو. هن جي شاگرد (Albertusmagnus ) سندس تعليم کي عام جام ڪيو ته جيڪي گره /سيارا آهن سي باقاعدگيءَ سان گردش ۾ رهن ٿا. ائين مجموعي طور وچولي دور ۾ انهيءَ قياس آرائي کي هيئت داني جي حوالي سان قيمتي سرمايو سمجهيو ويو. اهڙي ريت مسلم فيلسوفن جي تعليم نه رڳو مقدس ڪتابن ۾ ڪائنات جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ جي ذڪر کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو پر خانقاهن تي به سنئون سڌو اثر پيو. ائين راجر بيڪن ۽ سندس مخالف (Albertusmagnus) پڻ هيئت داني جي زمري ۾ الپطرس جا ٿورا مڃيا. اصل ۾ مجموعي طور فلسفي متعلق ابن رشد جي جاکوڙ کي بنان ڪنهن وڌاءَ جي اعليٰ ۽ اتم چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس ڪانه ٿئي ٿي جنهن بابت اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون. هي صاحب ان دور جو رهاڪو آهي جڏهن تواريخي نقطه نگاهه کان اسلامي ڪلچر ۾ هڪ موڙ اچي رهيو هو. انت ته ٻارهين صدي ۾ اهڙيون قوتون سگهاريون بڻجي رهيون هيون جيڪي سوچ ۽ ترقيءَ جي مٿان حاوي پئجي رهيون هيون، اسلامي ڪلچر اڳواٽ ئي زوال پذير ٿي رهيو هو.
ائين سوچ ۽ فڪر جي آزادي جيڪا انهن خانه بدوش ٽولن جي وسيلي پنهنجي عروج جي آسمان تي پهتي ته اُن جو ٽڪراءِ وري به دنيوي دلچسپي رکندڙ مذهبي مُهندارن سان ٿيو. ڇوته اسلام جي مثبت ۽ انسان دوست شاندار جدوجهد جنهن پنج سو ورهين جي عرصي ۾ هڪ ڦلدار درخت جي شڪل اختيار ڪئي، جنهن کي ابن رشد پنهنجي قابليت سان مختصر لفظن ۾ سموهي پيش ڪيو ته: ”دليل جي معرفت ئي (سچائي) جي حقيقت ملي سگهي ٿي.“ نتيجي ۾ قرطبه جي سلطان المنصور درٻاري عالمن جي زور بار پوڻ تي انهن لکڻين کي ناستڪي ڄاڻائي ساڙڻ جو فرمان جاري ڪيو. ائين اسلام جي شاهڪار علمي سلسلي کي لعنت ۽ ملامت جي نشاني بنائڻ سان بگاڙڻ ۽ مسخ ڪرڻ جو دروازو کلي پيو. جنهنڪري اسلام جو انسان ذات جي ترقي بابت ڪردار جهڪو ٿيڻ لڳو ۽ اڻ سهپ، ڇسائپ ۽ ڪٽر پڻ جو هٿيار بڻجي ويو. اسلام پنهنجي تواريخي ڪردار مطابق پاڻ کي ماضي جي ٻن قيمتي ۽ شاهڪار پر زوال پذير شهنشاهيتن جي تباهه حال آثار ۽ اونداهي جي غفائن ۾ لڪل مذهبي گرفتن کان ته آجو ڪرائي ڇڏيو، پر پنهنجن جي ويساهه گهاتي واري جبلت کان بچي نه سگهيو ۽ نه اڳتي هلي ترڪيءَ جي وحشي حمله آورن ۽ منگولن جي ڦرلٽ ۽ هٿ چراند کان بچي سگهيو.
ائين اسلام پنهنجي تواريخي ذميواري تان ئي هٿ کڻي ويو. ابن رشد کي قرطبه جي ڪورٽ منجهان نيڪالي ڏني وئي. جيڪا صدين کان آزاد خيالي جو اهم مرڪز هئي. هن جي لکڻين کي باهه جي سپرد ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪجهه تحريرون ساڙڻ کان بچي ويون ته بي رحم عالمن جي فتوائن ۽ رد عمل جو نشانو بڻيون. مطلب ته عقل ۽ علم جي مٿان ڪفر ۽ بدعت جا تالا هنيا ويا. ان ڪري ابن رشد ۽ سندس استاد ارسطو جي نالن کي لعنتي ۽ ملامتي ڄاڻايو ويو. وقت جي وهڪري هڪ اهڙي صورتحال کي اُڀاري مٿي آندو جو رجعت پرست مسلمانن جي نظر ۾ فلسفو، ڪفر ۽ بي ديني هو. جنهنڪري کوکلي روحانيت جي غوغاءَ ۾ اضافو ايندو رهيو. پوءِ به پنج سو ورهين جي عرصي ۾ مذهبي سهپ ۽ رواداري جو ايترو زوال ڪونه آيو جيڪو هن کان اڳ عيسائي مذهب جي نالي ۾ آيو هو. بهرحال ابن رشد کي پنهنجن ئي ماڻهن مڃتا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ائين چئجي ته جيڪي مستقبل جا امين ۽ مُهندار هئا، انهن کي برطرف ڪيو ويو. ائين يورپ ۾ ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ عقيدي ۽ عقل، جهالت ۽ فڪر جي آزاديءَ وچ ۾ هلندڙ جنگ يورپ کي ته روشن ڪيو پر چرچ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه عرب فيلسوفن مان اتساهه جي ڪري عمل پذير ٿيو . جنهنڪري ابن رشد ۽ سندس سائنسي نظريا يورپ جي مٿان سڄا سارا چَار سَو وَرهيه ڇانيل رهيا.