تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلام جو تواريخي ڪردار

”اسلام جو تواريخي ڪردار “ هندستان جي نامياري مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ايڊووڪيٽ امان الله شيخ آهي.
ڪامريڊ راءِ جو هيءُ ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس بيش بها لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ لاءِ عرق ريزي ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب انگريزيءَ ۾ Historical role of Islam جي عنوان سان سنڌ ساگر اڪادمي لاهور طرفان ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي. هيءُ ان جو سنڌي ترجمو آهي.
Title Cover of book اسلام جو تواريخي ڪردار

باب چوٿون: سوڀ جا سبب

اسلام، جنهن تواريخي پس منظر ۽ سماجي صورتحال ۾ اُڀري آيو، ان کيس سهپ ۽ رواداريءَ جي عنصرن سان ڳنڍي ڇڏيو جيڪو روايتي طور انتها پسندي ۽ ڪٽر پڻ جي سوچ ۽ اثر کان آجو هئو. ڇو ته منجهس اهڙن تضادن جي گنجائش موجود ڪانه هئي. ان جو مکيه سبب ته اسلام جو بنيادي عقيدو آهي (هڪ ئي رب ٻيو ڪوبه نه)جيڪو سهپ جي اصول جي اعليٰ سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن دنيا سموري عيبن ۽ بگاڙ جو هڪ ڳٽڪو آهي، انسان ذات پنهنجي ذات ۾ حماقتن ۽ هوڙاهپ جو مجموعو آهي سا ڪيئن به هجي پر هڪ خدا جي مخلوق آهي، جڏهن اهڙي صورتحال هڪ اهڙي ماڻهو جي اڳيان اچي ٿي جيڪو هڪ اعليٰ عقيدي ۾ ويساهه رکندڙ آهي سو اهڙي بگڙيل حالت تي افسوس جا ڳوڙها ڳاڙڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڇو ته اها سموري صورتحال سندس نظر ۾ هڪ گمراهي کان وڌيڪ ڪجهه ڪونهي. پر سندس فطري عقيدي جا اصول هن کي اجازت نه ٿا ڏين ته انهي وهنوار يا عبادتن کي شيطاني قوتن جو مجموعو سمجهندي، انهن پيروڪارن مٿان جنگ مسلط ڪرڻ جو اعلان ڪري. بلڪه هو ته اهو سوچيندو ته اصل ۾ اهي ماڻهو جيڪي جداگانه نموني عبادت ڪن ٿا سي بگڙيل ۽ غلط راهه تي ڀُلجي ويل ڀائر آهن. اهي ساڳي پيءُ جا ٻار آهن جن سڀني کي نئين راهه تي آڻڻ گهرجي يا رحم ۽ ماڻهپي جي وسيلي اوستائين کين برداشت ڪجي جيستائين هو پاڻ نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.
پر دنيا جي سامهون رسول عربي جي پوئلڳن لاءِ هن ڊيڄاريندڙ تصور کي فروغ ڏنو ويو ته هنن دنيا کي ” قرآن ياتلوار“ اهڙي دڙڪي اسلامي تواريخ جي اوسر مٿان هڪ اهڙو ڇانورو ڪري ڇڏيو جو ٽين متبادل ۽ آزادانه راءِ ڄڻ تي گم ۽ غائب ٿي وئي. اصل ۾ اها آڇ ئي اسلام جي فتح مندي جو مکيه وسيلو هئي. اها هئي، (اسلام کي مڃيو يا فاتح عربن کي جزيو ڏيو.) هوڏانهن ”خدا جي تلوار“ مياڻ منجهان تڏهن پئي ٻاهر آئي جڏهن انهن ٻنهي آڇن مان ڪنهن به هڪ کي مڃڻ کان نابري واري پئي .بنيادي طور اهو عرب واپارين جي اقتصادي مفادن جي به خلاف هئو ته هو رتوڇاڻ جي طريقي تي هلن. جنهن اسلام جي هيڪڙائي /وحدانيت جي تصور کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هنن ضروري ڄاتو ته هڙئي رستا جيڪي ڪاٿئون به پي گذريا انهن کي فتح ڪري هڪ وحداني رياست جي زمري ۾ آڻجي. ايئن هڪ مکيه مقصد اهو به ٿي پي سگهيو ته وڌ ۾ وڌ علائقن جا ماڻهو نئين دين کي قبول ڪن ته جيئن هڪ وحداني رياست جو سگهارو بڻ بنياد رکي سگهجي. واپار ۾ واڌاري لاءِ اپت ۽ کاپو ٻه اهم اسم آهن. ان ڪري اسلامي تواريخ جي حدبندي ۽ ڪردار ۾ اهڙو قدم به اڻ وڻندڙ ۽ غير فطري هئو ته هنر مند ۽ پورهيت طبقي جو قتلام ڪيو وڃي يا وري سکيا ستابا شهر ويران /ڀڙڀانگ ڪري ڇڏجن، ڇا ڪاڻ ته ڪجهه بي دين، قرآن کي مڃڻ کان انڪاري هئا، انهن لاءِ فرض پئي بڻيو ته هو نئين عقيدي ۾ ويساهه /ايمان رکندڙن جي تابعداري قبول ڪن. اهڙي طرح نبي جي پيروي ڪندڙن جي زيردستيءَ ۾ رهندڙ ناستڪ ماڻهن کي به موڪل هئي ته پنهنجي اڻ مڪمل عقيدي تي پَڪا پختا رهن ۽ گمراهه ڪندڙ عبادت به ڪندا رهن.
جڏهن بيت المقدس تي خليفي عمر رضي الله تعاليٰ عنه قبضو ڪيوته مفتوح شهر جي رهاڪن کي سندن مال متاع کان محروم ڪونه ڪيو ويو ۽ کين عبادت جي به کلم کُلا اجازت ڏني وئي. ان ڪري شهر جو هڪ پاسو عيسائي رعايا، معتبرن ۽ پادرين لاءِ مخصوص ڪيو ويو. عيسائين جي سموري برادريءَ کي تحفظ جي مڪمل خاطري ڏيڻ لاءِ نالي ماتر ٻه سونا سڪا ساليانو ٽئڪس طور وصول ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان کانسواءِ زيارتن لاءِ مقدس شهر ۾ ايندڙ ماڻهن جي دلشڪني ڪرڻ بدران مسلمان فاتحن همٿايو ته جيئن وڻج واپار کي وڌائڻ ۽ ترقي ۾ هٿي ملي سگهي. پر چار سو سٺ ورهين بعد ۾ جڏهن مقدس شهر وري عيسائي حاڪميت ۾ ۽ يورپ جي صليبي سردارن جي قبضي ۾ آيو ته ڏيهي عيسائي، عرب خليفن جي سهپ ۽ رواداري واري دور حڪمراني کي ياد ڪري پشيماني ۾ هٿ مهٽيندا رهيا“. ( گبن: رومي سلطنت جو زوال ۽ تباهي.)
مسلمانن جي سهپ ۽ رواداري واري اصول جي ابتڙ، صليبي مجاهدن، يروشلم تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي ڪجهه ڪيو سو عالم آشڪار آهي. (خانگي يا سرڪاري مال ملڪيت جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ انهن مهم جوئن (جيڪي هٿ اچي ۽ قبضو ڪيو) جي اصولن کي جائز ڄاڻايو. انهن جي گمراهه عبادت گذارن، ڪرستاني خدا جي حضور ۾ رت جو نذرانو پيش ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪا نه ڪئي، ڪنهن به هلڪي سلڪي مزاحمت سندن سوچ جي مٿان ٻرندڙ تيل جو ڪم ڪيو ۽ هنن جي ڏاهپ ۽ عقلمندي به اندر ۾ ٻرندڙ مچ کي ٿڌو ڪري نه سگهي ۽ اهي وحشي ساندهه ٽي ڏهاڙا قتل عام ۾ محو رهيا. ائين اٽڪل ستر هزار مسلمانن کي تلوار جو بک بنائڻ سان گڏوگڏ، بيگناهه يهودين جي قتلام ۽ سندن عبادت گاهن کي ساڙڻ سان به سندن هينئون ڪونه ٺريو ۽ جيڪي ماڻهو قتل کان بچي ويا انهن کي گرفتار ڪري غلام بڻايو ويو. (حوالو: ساڳيو -گبن)
مستند تواريخي ليکڪ جن ۾ مسلمان ۽ ڪرستان اچي وڃن ٿا، انهن جا هم عصر توڙي جديد دور جا ليکڪ ۽ ويندي گبن جهڙو عظيم نقاد به سهمت آهي ته (محمد ﷺ پنهنجي ڪرستان رعايا کي تحفظ ڏنو، واپار جي آزادي، مال ملڪيت جي رکوالي ۽ عبادت لاءِ به سهپ ۽ برداشت وارو رستو اختيار ڪيو) . انهيءَ سهپ ۽ رواداري جهڙي ڪارائتي اصول جي پيروي نه رڳو نبيﷺ جي جانشينن ڪئي پر سموري عرب حاڪميت جي دور جو بنيادي اعليٰ اصول رهيو. پر اڳتي هلي، انهيءَ اعليٰ اصول جو انت اچي ويو ڇو ته اسلام پنهنجو تواريخي ڪردار پُورو ڪري چڪو،۽ ان جو ڪارڻ هئو ته سندس رهبري معزز بدوين جي هٿن مان نڪري بدنام وحشي تاتارين جي هٿ ۾ اچي وئي. ان هوندي به اسلام پهرين ترڪ خليفي جي ايامڪاري ۾ سهپ ۽ رواداري جي جوهر کان مڪمل طور وانجهيل ۽ خالي ڪونه هو.
اسلامي عروج واري دور ۾ سهپ /برداشت جي قوت سبب آزاد خيالي ۽ عقليت پرستي ۾ اضافو آيو، پر تقليد پرستي جي نقطه نگاه کي به سنڌائتو ڌڪ لڳو، ۽ مثبت طرز جي غير فرقيواريت ۽ متعصب مسلمانن جي خيال موجب ناستڪي عقيدن به زور ورتو. بغداد جي عباسي خلافت جي شروعات ۾ خليفا ناستڪي /ملحدانه سائنس جو مطالعو ڪندا هئا. سوچ ۽ فڪر کي آزاد خيالي سان منسلڪ ڪري ڇڏيو.
اهڙي طرح صدين تائين اسلامي سلطنتون مصيبتن جي ماريل يهودين ۽ آزاد خيال عيسائي فرقن لاءِ پناهه گاهه ۽ مهماننوازي جومرڪز هونديون هيون. جيئن ئي عربن جون بادشاهتون مضبوط ٿينديون ويون تيئن اسلام جو بنيادي عنصر يعني سهپ جو اثر رسوخ ڪئٿولڪ چرچ تي به اثرانداز ٿيڻ لڳو. اهڙي ڪار گذاري جا شاهد ڪليسائي تواريخ نويس پڻ آهن. اهڙوئي هڪ مثال تواريخ نويس رينوٽ( RENAUDOT) جو هتي ڏجي ٿو جيڪو لکي ٿو: ”بزرگن، پادري لوڪن جي حيثيت، مان ۽ مرتبي کي اسلامي عدالتن پاران تحفظ ڏنو ويو، ۽ ڪرستان لوڪن جي قابليت کان متاثر ٿيندي کين سيڪريٽري ۽طب جي اعليٰ عهدن تي به فائز ڪيو ويو. هو ساڳي وقت روينيو جي وصولي ۽ حساب ڪتاب رکڻ ۾ به ماهر ثابت ٿيا جو کين شهرن ۽ صوبن جي سربراهي به عطا ڪئي وئي. بغداد جي هڪ خليفي جو چوڻ هو ته عيسائي، ايران جي انتظام سنڀالڻ ۾ ڏاڍا سود مند ثابت ٿيا آهن. جڏهن پروٽيسٽنٽ فرقي لاءِ ڪئٿولڪ فرقي وارن باهه ٻاري ڏني ته انهن کي مسلمان بادشاهت ۾ آزاديءَ سان عبادت جي اجازت ڏني وئي ۽ ان سان گڏوگڏ خليفي هنن کي مڪمل سهڪار جو به يقين ڏياريو ته جيئن ڪئٿولڪ فرقي جي اره زوراين کي ختم ڪري عيسائيت کي پنهنجي حقيقي روپ ۾ قائم ڪجي.
آڳاٽو زرتشتي ڌرم، جنهن ۾ ”نيڪي ۽ بدي“ جو هاڃيڪار نظريو موجود هو. اها دوئي اسلام جي وحداني اصول جي سخت مخالف هئي پوءِ به مجوسي عقيدو رکندڙ، عرب فاتحن جي سهپ ۽ رواداري جي وَرتاءَ کان محروم ڪونه ٿيا. ٽين هجري جي لڳ ڀڳ واري دور ۾ نظر ٿو اچي ته شاندار آتشڪدن جي پاسي ۾ مسجدون به اڏيل آهن. انهيءَ ڪري سمجهڻ گهرجي ته پراڻي عقيدي جون اهي شاندار يادگارون جيڪڏهن ڊهي ڌرتي داخل ٿي ويون ته ان جو ذميوار اسلامي تلوار جي جارحانه ۽ جنوني حملي کي چئي نه ٿو سگهجي پر انهن جي مقدر ۾ زوال ۽ تباهي اڻ ٽر بڻجي وئي ڇو ته سندن پيروڪارن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي ايندي پي وئي. هونئن به اهڙي قوم يا ماڻهن جي جياپي يا جالڻ جي شڪتي ختم ٿي ويندي آهي جيڪا ٿوري گهڻي بار پوڻ تي نالي ماتر مزاحمت ڪندي پنهنجي اباڻي عقيدي تان هٿ کڻي وڃي ۽ ڏسندي وائسندي فاتحن جي آڏو گوڏا وڃي کوڙي، جنهن جو اظهار ايرانين دجله کان فرات تائين وسيع علائقي ۾ ڪري ڏيکاريو. دراصل اهو پراڻو عقيدو جمود جو کاڄ بڻجي پنهنجون گُهربل ذميواريون نڀاهڻ جي حيثيت وڃائي ويٺو هو. جنهن ڪري نيڪيءَ جي آب وتاب (اسلام)، سج ۽ باهه جي روشني (زرتشت مذهب) کي وسائي ڇڏيو ۽ نئين پيغام، ايراني عوام کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو. ڇو ته اهو سنيهو ۽ پيغام، اونداهي جي جابرانه ۽ بديءِ جي قوتن کان ڇوٽڪارو بڻجي آيو هو.
ائين اتر آفريڪا، اسڪندريه کان وٺي ڪارٿيج تائين سڄي علائقي ۾ ڪرستاني عقيدو، اسلام جي اچڻ سان جهڪو ٿي ويو. نئين مذهب جي چوڏس چوڌاري پکڙجڻ جو ڪارڻ مسهائپ به ليکي سگهجي ٿي، پر اصل ۾ پراڻي عقيدي جي سُنڍ ٿيڻ جو مکيه سبب نراسائي ۽ نااميدي جي صورتحال هئي. هونئن مسيحي مذهب کي مضبوط ڪرڻ وارن جي زمري ۾ سورهيه ۽ خدا ترس ماڻهن ۾ سائپر ATHANASIUS ۽ آگسٽن جا نالا کڻي سگهجن ٿا. پر اڳتي هلي ان کي ڊانواڊول ڪرڻ جا ذميوار ARIAN ۽ DONTOISE جا طور طريقا ۽ ڪئٿولڪ جنون هئو، جنهنڪري انهن جنوني واعظن جي وڪڙ ۾ اچي عام ماڻهو مذهبي نعره بازي کان متاثر ٿي اٿيا ۽ انهن کي لتاڙيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال علائقا بربادي جي ڏاگهه چڙهي ويا. اڃان به وينڊل (VANDAL ) ۽ مُور (MOORISH ) حمله آورن انهن علائقن کي بي رحميءِ سان نيست ۽ نابود ڪيو ۽ عام ماڻهن کي مايوسي، سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ روحاني عذاب جي اهڙي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو جو هو سچائي کان فرار حاصل ڪري وَهمي،تصوراتي ۽ راهبانه زندگي گهارڻ ڏانهن موٽي ويا.
اهڙي زوال پذير سماج ۽ روحاني لحاظ کان تباهه يا ٻاٽ اونداهي ۾، نبيءَ طرفان هڪ سگهارو ۽ اتساه ڀريو سنيهو ڏيڻ ڄڻ ته اميدن جو شعاع هو. ڇو ته نئون مذهب هڪ ئي وقت انسان ذات لاءِ دين ۽ دنيا جي ڀلائي ۽ ڪشش جو ڪَارڻ بڻجي آيو هو. ائين اسلام جي فتح جا نغارا انهن مايوس دلين لاءِ سجاڳي جو سنيهو هئا، جن کي هن ڌرتي تي جيئڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو هئو، جيڪي وهم ۽ وسوسي جي خطرناڪ کاهين ۽خندقن ۾ باندي بڻجي ويل هيون. نئون آيل عقيدو جيڪو فطرت جي سڀا ويڪ اصولن سان ٺهڪندڙ هئو سو، ڏسندي وائسندي تمام تيزيءِ سان رهبانيت جي گمراه ڪندڙ خيالن تي ڇانئجي ويو، جنهن کي مسيح جي نالي ۾ بگاڙيو ۽ مسخ ڪيو ويو هو. اهڙي وايومنڊل ۾ اسلام اميد ۽ آسري جو نئون پيغام انهن ماڻهن لاءِ بڻجي آيو جيڪي محرومي ۽ مايوسي جي گهري کاهيءَ ۾ اچي ڪريا هئا، لاشڪ ته انهيءَ آيل للڪار هڪ زلزلي جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي. ڇو ته نئين سماج جو فرمان هئو ته هر فرد کي سندس اهليت ۽ حيثيت مطابق فطري طور ترقي ڪرڻ جو حق آهي. ائين اسلام جو حرارت بخشيندڙ جذبو ۽ عرب فاتحن جي فياضي ڀريل روش سبب ستت ئي اتر آفريڪا جي سرزمين ۽ ان جا جفاڪش ماڻهو خوشحال ۽ سُکيا ستابا ٿي ويا.
گهڻي وقت کان هڪ وڏي غلط فهمي هلندي پئي اچي ته عربن جي ترقيءِ جو گهڻي ڀاڱي راز تلوار آهي. تلوار جي ٻل تي ڪنهن به قوم جي عقيدي کي ڦيرائي سگهجي ٿو پر سندس شعور تي اثرانداز ٿيڻ محال آهي . انهيءَ هيڏي ساري ڳالهه کي وزنائتو ثابت ڪرڻ لاءِ باريڪ بيني سان دليل ۽ جامع ثبوت جي ضرورت آهي، ان لاءِ اهو سمجهڻ لازمي آهي ته اسلام جي آمد کان اڳ ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي اندروني حالت ڪهڙي هئي. مفتوح ملڪن جي سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ بابت ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ضرورت آهي. دراصل انهن علائقن ۾ مذهب پنهنجي حيثيت گهڻي وقت کان وڃائي ويٺو هئو ۽ ان جي جاءِ تقليد پرستي والاري ڇڏي هئي . ڇا اهو ممڪن آهي ته گهڻي ڀاڱي اڻ پڙهيل ماڻهو جيڪي وڏي مشڪل سان عام شين جي واهپي بابت ڄاڻ رکندڙ هئا سي اهڙي پر اسراريت کي به سمجهڻ جي اهليت رکي سگهيا پئي ؟ پوءِ، انهن ئي منجهيل عقيدن بابت کين سمجهايو ويندو هئو ته ڇوٽڪاري جو وسيلو آهن. پر انهن ڏسي ورتو سندن ڇوٽڪارو عمل جي ڪسوٽيءَ تي نه پر رڳو عقيدتمنديءَ ۽ غير حقيقت پسنديءَ تي پئي رکيو ويو. انهيءَ صورتحال تي ڪهڙي ٽيڪاٽپڻي جي گنجائش آهي. جڏهن هنن جا لاٽ پادري قتل، زهر ڏيڻ، زناڪاري، انڌو ڪرڻ، فسادن، غداري، گهرو ويڙهاند ۾ ملوث هجن، جڏهن ته چڱا مڙس ۽ مذهبي مهندار هڪ ٻئي کي ڀت ڀائپيءِ مان ڪڍڻ ۽ لعنت ملامت جي ڪرت ۾ محو هجن ۽ دشمنيءَ ۾ هڙئي ليڪا لتاڙي اقتدار جي حرص ۽ هوس خاطر، خواجه سرائن کي رشوتون ڏيڻ ۽ ڪڃرين کان ويندي شاهي گهراڻي جي عورتن کي فيض ۽ برڪتن جا اختيار ڏئي انهن کي مجبور ڪن ته اهڙن فتنه انگيز ۽ سازشي ماڻهن جو آواز ڄڻ خدائي فرمان ڄاڻائڻ، جنهن جي آڏو سڀني کي ڪنڌ جهڪائڻ لازمي هو. انهن ئي راهبن جا ٽولا هئا، جيڪي شاهي فوجن ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ ۽ شهرن ۾ جهيڙا فسادڪرائڻ ۽ مذهبي شدت پرستي لاءِ ڀيانڪ طرز جا گوڙگهمسان ڪرائڻ ۾ رُڌل هوندا هئا.پر انهن ڪڏهن به شعور جي آزادي يا انسان ذات جي مٿان ٿيندڙ جبر ۽ ڏاڍ خلاف نه آواز اُٿاريو. هاڻي اهو سمجهڻ سولو آهي ته اهڙي نفرت انگيز ۽ عدم مساوات جي وايومنڊل ۾ ڪهڙو نتيجو حاصل ٿيندو؟ لاشڪ ته عام لوڪ ڪڏهن به نه گُهرندو ته اهڙي سرشتي کي بچائڻ لاءِ هڙئون ۽ وڙئون مدد ڪري جيڪو ذهن جي ڦرهيءِ تان ميسارجي چڪو هو.
”جڏهن دنيا فرقيواريت جي ٻائيتال ۾ گهيريل ۽ ڇڙواڳي جي اڻ کُٽ تڪرارن ۾ ورتل هئي ته اوچتو لااله الا الله جو ڪفر ٽوڙ ۽ فلڪ شگاف نعرو بلند ٿيو. ڇا اهو تعجب ۽ تپرس ۾ وجهندڙ آواز نه هئو، جنهن جي آمد سان گوڙ ۽ گهمسان ۾ ماٺار ايندي وئي؟ ڇا اها عجب ۾ وجهندڙ سچائي ناهي جنهن کي ايشيا ۽ آفريڪا محسوس ڪري ورتو. ايئن حب الوطني کي به ڪنهن حد تائين مذهب جي زير اثر ڄاتو ويو، جيڪا مجموعي طور ان زماني ۾ مري کپي وئي هئي.....“
(J.W.. DRAPER. HISTORY OF INTELLECTUAL DEVELOPMENT OF EUROPE VOL . 1 P.P 332-3)
مساوي اصول، جنهن جي تبليغ محمدﷺ جا پوئلڳ ڪري رهيا هئا، ان جو بنيادي واسطو خانه بدوش عرب قبيلن جي روايتي آزادانه ماحول سان هئو. انهيءَ نقطه نگاه کان ڏسبو ته پنهنجي قومي ڪاروبار يعني ڦرلٽ کي شهه زوري جو عنصر ڪري ليکيندا هئا. جيتوڻيڪ انهن سڀني روايتن اڳتي هلي سندن جاه وجلال سان ڀريل فتحن جي شڪل اختيار ڪئي ته به پنهنجي قومي روايتن کي هڪ عرب جي حيثيت ۾ وساري ڪونه ويٺا، ڇو ته هڪ عرب جو گهوڙو جيترو تيز رفتار هوندو آهي اوتروئي سندس شمشير تکي هوندي آهي. ان ڪري هو سدائين پنهنجي رڻ پٽ واري ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ فاتح لشڪرن جهڙوڪ: سائرس، سڪندراعظم، دارا، پومپاءِ نوشeروان، بطليموس ۽ ٽروجن جي سامهون مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو. هنن ماضي جي ڪٺورتا ڀريل حالتن کي ڦيرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پير پوئتي نه ڪيو. پر اسلام جيڪو مساوات جو نقيب بڻجي آيو سو سورهيه عرب جي فتح منديءَ ۾ سندس شمشير جيتروئي طاقتور ثابت ٿيو. ڇو ته اهو پيغام ، انهن سڀني جابرانه قانونن لاءِ چئلينج بڻجي آيو، جيڪي ذات پات ۽ طبقاتي عذاب هيٺ بازنطيني، ايراني ۽ هندوستاني سلطنتن جي چڪين ۾ پيسجي رهيا هئا. ان جي جاءِ تي اسلام آزادي ۽ مساوات جو علمبردار بڻجي آيو. انهيءَ علمبرداري جي ڪيفيت کي گهڻي وقت کان پراڻي تهذيب يافته معاشري وساري ڇڏيو هئو ۽ اندروني طور زوال پذير هئو.
ائين آڳاٽين تهذيبن جو جوهر ڄڻ ته عربن حاصل ڪري ورتو. هاڻي ڄڻ ته اهو سندن مشن ۽ مقصد بڻجي پيو ته هو انهن مصيبتن جي ماريلن جا مددگار بڻجن جيڪي جهرندڙ تهذيبن جي بار هيٺ ڪنجهي ۽ڪرڪي رهياهئا. ان کان سواءِ آسپاس جو ماحول به اسلام جي ڦهلاءِ لاءِ سازگار بڻجڻ لڳو . ائين کڻي چئجي ته اسلام اهڙي دور ۾ پاڻ نروار ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن پراڻين تهذيبن جي سڄي دنيا۾ طبقاتي ، فڪري ۽ روحاني زوال جي ابتدا ٿي چڪي هئي. ان جي نتيجي ۾ عام ماڻهو جيڪي جهرندڙ ۽ جابرانه سماج جي وايومنڊل ۾ لاتعلق ۽ اياڻا بڻجي ويا هئا انهن جي اندر ۾ هڪ نئين سماج جي اڏاوت لاءِ تمنا رکندڙ ٻالڪ چئي سگهجي ٿو. بدقسمتي سان اهو ٻالڪ پنهنجي عروج کي رسڻ کان اڳ ۾ ئي حڪمران طبقي جي ور چڙهي ويو، جنهن ڪري عيسائيت حاڪمانه سماج جي آڏو وڃي گوڏا کوڙيا. ڇو ته گرجائن جي مهندارن پنهنجي مفادن خاطر پنهنجي ئي نبي جي پيغام کي وساري ڇڏيو. جنهنجو مکيه مقصد رومي غلاميءَ جي خلاف هلچل هلائڻ هو. پر انهيءَ سموري جدوجهد تي پوچي ڦيرائي رنگ ڏئي اهڙو عڪس چٽيو ويو، جيئن ڪا نماڻي رڍ ڏاڍن ۽ جابرن جي اڳيان ٻاڪاري دان گهرندي هجي ۽ اهو سڀ عبراني تواريخ جي انهن شاندار روايتن جو به انحراف هئو، جنهن جي پس منظر ۾ عيسائيت جي اوسر ٿي. اهڙي ريت عيسائيت جو حڪمران طبقي سان ٺاهه ڪرڻ انهي عقيدي سان ويساهه گهاتي ڪرڻ برابر هئو. جنهن جو بنيادي مقصد هڪ نئين سماجي آرڊر لاءِ ڪوشش ڪرڻ هئو. انهن ماڻهن جي ذميواري هئي ته پيڙيل ۽ محروم طبقن کي اتساهه ڏين پر انهن دغا ڪندي کين هڪ اهڙي پُر فريب دنيا جو ڏس پنڌ ڏنو جنهن ۾ کير ۽ ماکيءِ جون نديون وَهي رهيون هيون. انهن غريبن کي ذهن نشين ڪرايو ويو ته خدائي نعمتن جي هنن مٿان تڏهن ورکا ٿيندي جڏهن غربت ۽ نماڻائي اختيار ڪندؤ، مطلب ته سندن ڇوٽڪارو تڏهن ٿيندو جڏهن هو هن جهان ۾ ظالم ۽ جابر آڏو ڪنڌ جهڪائيندا.
اهڙي ريت عيسائيت جو عملي دنيا جي وَهنوار مان ڀاڄ کائڻ سبب تواريخي طور هڪ اهڙي مذهب جي آمد لازمي بڻجي پئي هئي، جيڪووڌيڪ سگهارو ۽ صحتمند هجي. انهي نقطه نگاهه کان ڏسبو ته اسلام پنهنجن پوئلڳن سان ڇوٽڪاري ۽ بهشت جي وَاعدي ڪرڻ سان گڏوگڏ هن جهان ۾ به پنهنجي مڃتا حاصل ڪرڻ جو جذبو ڦوڪيو. ائين چوڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي ته نبي عربيءَ جو بهشت هن دنيا ۾ خوشحال ۽ سکن ڀريل حياتي گذارڻ جو نسخو هو. محمد، پنهنجي ماڻهن کي اتحاد جو هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ عرب قوم کي اهڙو آواز به عطا ڪيو جنهن جي لبيڪ آسپاس جي ملڪن مان پيڙيل ۽ محروم طبقن ڪئي.
ائين اسلام جي شاندار فتح منديءَ جا ڪارڻ روحاني ۽ ساڳي وقت سياسي ۽ سماجي عنصر پڻ هئا. انهيءَ اهم نڪتي تي گبن ( Gibbon) ٽيڪا ٽپڻي ڪندي چوي ٿو : (زرتشت جي نظام کان وڌيڪ نِجُ، موسيٰ جي قانونن کان وڌيڪ آزاد، محمد جو مذهب، ستين صدي جي رائج ڪوڙن، وهمن ۽ وسوسن جو رد بڻجي آيو هو.)
(The Decline and Fall of The Roman Empire)
اڃا به هڪ ٻيو تواريخ نويس، انهيءَ نڪتي جي پٺڀرائي ڪندي چوي ٿو ته (اسلام جي فتح ۽ ڪامراني جو مکيه ڪارڻ فوجي ڪارروائيون گهٽ پر آزادانه ۽ مساويانه اصولن سان وابستگي هئي.) هونئن جيڪي به لڙايون جن ۾ عربن ، عيسائين تي سرسي حاصل ڪئي، انهن بابت تواريخ ٻُڌائي ٿي ته انهن سوڀن ماڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ انهن علائقن جا پيڙيل رهواسي هئا. انهن محڪومن جو عيسائي حڪمرانن کان نفرت جو اهم سبب اهو هئو ته اهي عرب فاتحن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جابرانه ۽ ظالمانه نظام جا رکوالا هئا. شام جي رهاڪن، محمد جي پيروڪارن کي ڀليڪار ڪيو، مصر جي به مظلوم طبقن ئي فتح ۾ مدد ڪئي ۽ عيسائي بربرن به آفريڪا جي فتح ۾ هٿ ونڊايو. ڇو ته انهن سڀني جي اندر ۾ قسطنطنيه جي حڪمرانن لاءِ نفرت جا کورا ٻري رهيا هئا، ان ڪري هنن اسلام جي بيعت ڪرڻ مناسب سمجهيو. ساڳيءِ ريت معتبرن ۽ اميرن جي دغاباز وَرتاءَ سبب عام ماڻهن ۾ وڌندڙ وڇوٽي به هڻي وڃي هنڌ ڪيو، جنهنڪري ڏکڻ فرانس ۽ اسپين به سولائيءِ سان عربن جو شڪار ٿي ويا.
(Finlay:- History of Byzantine Empire.)