باب 6
“ آءٌ شهر تي ڪاهه لاء ايندڙ جنگجوئن جي اچڻ کان اڳ شهر ڇڏي وڃي ٿي سگھيس، ۽ جيڪڏهن آءٌ ائين ڪيان ها ته هن وقت مصر ۾ هجان ها، پر آءٌ هميشه کان ڪنهن به قسم جي تبديليءَ کا ڊنل رهي آهيان.”
قبطيءَ کيس وراڻيو:
اسين گھڻو ڪري تبديلين کان ڊنل رهون ٿا، ڇاڪاڻ جو اسانجو اهو خيال آهي ته ڪيترين ئي ڪوششن يا قربانين کان پوءِ به هن دنيا مان ڪجهه ناهي ورڻو. پر، اسين اهو به ڄاڻون ٿا ته هي دنيا ڀلي باقي دنيائن کان بهتر نه به هجي ۽ اسين ان مان ڀلي مطمئن نه به هجون، پر گھٽ ۾ گھٽ اها دنيا اسانکي ڪي اوچتا صدما نه رسائيندي. ۽ اهو ئي خيال اسانکي سنئين راھ ڏيکاري ٿو.
پنهنجي ضرورت مطابق اسين پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ڪجهه تبديليون ڪري زندگيءَ کي جيئن جو تيئن گذارڻ گھرون ٿا.
اسين جبلن کي هميشه پنهنجي ساڳي جاءِ تي موجود ڏسون ٿا. اسين وڻن جي پوري اوسر ٿيندي ڏسون ٿا، پر جڏهن انهن ئي وڻن کي پاڙا پٽي ٻي جاءِ تي رکجي ٿو ته سندن اوسر ئي ختم ٿيو وڃي.
پوء اسين اهو چوندا رهون ٿا ته؛ “ اسين جبلن ۽ وڻن وانگر مستقل مزاج ۽ مضبوط بڻجڻ چاهيون ٿا.” راتيون جاڳي اسين اهو سوچيندا رهون ٿا ته؛ “جيڪر! آءٌ پکي هجان ها ته، دمشق هجي يا بغداد جڏهن به دل چوي گھميو موٽي اچان ها.” يا وري ؛ “جيڪر! آءٌ هوا هجان هان، ڇاڪاڻ جو ڪنهن کي ان جي خبر ناهي ته اها ڪٿان آئي آهي ۽ ڪيڏانهن ويندي، ۽ اها بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جيڏانهن به چاهي پنهنجو رُخ موڙي سگھي ٿي.”
پر وقت سر ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان تي اها حقيقت وائکي ٿئي ٿي ته، پکي به هميشه شڪارين جي اک ۾ رهندا آهن؛ ۽ هوا به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تيز واچوڙي ۾ وچڙي پنهنجي چوڌاري هر شئي کي ناس ڪري ڇڏيندي آهي.
اهو خواب ڏسڻ پڻ هڪ سُٺي ڳالهه آهي ته، سڀاڻي سيلان لاءِ اسان وٽ ڳچ وقت موجود آهي ۽ اڳتي هلي هڪ نه هڪ ڏينهن اسين سيلان تي روانا ٿيندا سين، ۽ ان ڳالهه سان اسانکي خوشي ملي ٿي ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي وَسَ کان وڌيڪ ڪري ڏيکارڻ جي صلاحيت رکون ٿا. خواب ڏسڻ ڪو مسئلو ناهي. پر انهن خوابن کي ساڀيائون ڏيڻ وارو عمل ضرور خطرناڪ آهي.
پر هڪ نه هڪ ڏينهن قسمت اسانجو در ضرور کڙڪائي ٿي. پوءِ اهو کڙڪو ڪنهن ڀلائيء جي فرشتي جو به ٿي سگھي ٿو يا وري اڻ گھريي مهمان “موت” جو به ٿي سگھي ٿو. ٻئي هڪئي ڳالهه ڪن ٿا؛ “هي تبديليءَ جو پَل آهي،” نه مٿئين هفتي، نه مٿئين مهيني نه مٿئين سال. فرشتا چون ٿا؛ “هن وقت، هن ويلي، هاڻ جو هاڻ!”
اسين هميشه اڻ گھريي مهمان “موت” جي ڳالهه ٻڌندا آهيون. ۽ سندس ڊپ کان اسين هر شئي کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهيون؛ جيئن پنهنجو ڳوٺ، عادتون، کاڌو پيتو، رَوَيا، پر پوء به اسين ان اڻ گھريي مهمان کان مهلت وٺڻ ۾ ناڪام ٿيو وڃون. ڇاڪاڻ جو انجي ۽ اسانجي وچ ۾ بحث مُباحثي جو ڪو امڪان ڪا اميد ئي ناهي.
اسين ڀلائيءَ جي فرشتي جي به ڳالهه ٻڌندا آهيون، ۽ کانئس اهو سوال ڪندا آهيون ته؛ “ ان ڀلائيءَ جي پُڄاڻي آخر ڪاٿي ٿيڻي آهي؟” جواب اچي ٿو ته؛ “ نئين زندگيءَ تي.”
پوءِ اسين اهو سوچيندا آهيون ته؛ “ زندگيءَ ۾ ڪجهه اوکايون ۽ ڳاراڻا آهن، پر اهڙو ڪو مسئلو ناهي جنهنجو وقت سِر ڪو حل نه ملي سگھي. سنئين راهه تي هلندي اسانکي پنهنجي مِٽن مائٽن، پنهنجي اُستادن، پنهنجي اولاد لاءِ هڪ مثال بڻجڻ گھرجي. اسانجي چوڌاري موجود هر شخص اسان مان اها اميد رکي ٿو ته اسين مشڪلاتن ۾ ثابت قدم رهڻ جو درس ڏيندا رهون.”
پوء اسين پاڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا. پنهنجي ان ويساهه کي ساراهيون ٿا، ۽ بجاءِ ان جي جو اسان ان ڏسا ۾ هلون جيڪو ڀاڳ اسان لاءِ چونڊيو آهي اسين ان پراڻي دَڳَ تي اڳتي وڌن ٿا. جيڪو غلط آهي. قدرت جو گس صحيح گس آهي، جيڪو ريگستان ۾ واريءَ جي دڙن جيان لڳاتار مٽجندو رهي ٿو.
جيڪي اهو سمجھن ٿا ته جَبَلَن ۾ مت سٽ نه ٿي ٿئي، اهي غلط آهن. جبل زلزلن جي نتيجي ۾ پڌرا ٿين ٿا، هوا ۽ پاڻيءَ ڪري اهي هوريان هوريان گاٺ کائيندا رهن ٿا، ۽ هر روز انهن ۾ ڪا نه ڪا تبديلي ايندي رهي ٿي جيڪا اسين محسوس نه ڪري سگهون.
جبل به ان مٽ سٽ تي ٻلهار ٿين ٿا، ۽ هڪٻئي کي اهو چوندا رهن ٿا ته؛ “ تبديلي سُٺو سنوڻ آهي.”
جيڪي اهو سمجھن ٿا ته وڻن ۾ ته ڪا تبديلي ئي نه ٿي اچي، ته اهي پڻ غلط آهن. کين سياري جي مند ۾ بنا پنن جي ۽ آرهڙ ۾ پنن سان رهڻ واري عمل کي قبول ڪرڻو پوي ٿو. پکي ۽ هوا سندن ٻج پنهنجي اصلوڪي پوک واري جاءِ کان پري ڪنهن ٻئي هنڌ تي پهچائن ٿا ۽ ان ريت وڻ به پنهنجي اصلوڪي جاءِ مٽائيندا رهن ٿا، ۽ خوشيءَ وچان وڻ به اهو چون ٿا ته؛ “ مون سوچيو ته آءٌ بس اڪيلو آهيان، پر هاڻ مون مان ٻيا به ڪيترائي وڻ ڦُٽي چڪا آهن.”
قدرت اسانکي مٽ سٽ جو سنيهو ڏيندي رهي ٿي. جيڪي ڀاڳ تي ويساهه رکن ٿا، اهي پنهنجي ڊپ، اَويساهي، بهتان بازين ۽ ڌمڪين جي باوجود اڳتي وڌندا رهن ٿا. هو پنهنجي ذاتي تقاضائن ۽ فيصلن مان رَسڻ واري هاڃي کي به منهن ڏين ٿا. پنهنجي پيارن جون صلاحون به ٻڌن ٿا، جيڪي کين چون ٿا ته؛ “ ائين ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجي ضرورت جي هرشئي تو وٽ موجود آهي، مٽن مائٽن جو پيار، زال، اولاد ۽ اهو هنر جيڪو سکڻ ۾ توکي ورهيه لڳي ويا. اوپرن جي ديس ۾ اوپرو بڻجڻ جو جوکم نه کڻ.”
ان هوندي به، هو يا ته ذاتي چاهه منجھان يا پڪي پهه منجھان پهريون ڏاڪو چڙهڻ جو جوکم کڻن ٿا، پر ان جو ڪارڻ گھڻو ڪري اهو بي لغام مهم جوئي وارو جذبو ئي ٿئي ٿو. پنهنجي رستي جي هر موڙ تي هو سراپجن به ٿين ٿا پر، ان هوندي به هو پاڻ کي ان لاءِ راضي ڪندا رهن ٿا ته هو مضبوط ۽ سَرَها آهن.
سَرهائي مڙني نعمتن مان هڪ اهم نعمت آهي. جيڪڏهن اسين سَرَها آهيون، ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسين سنئين راهه تي آهيون. ڊپ به هوريان هوريان گھٽجندو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڊپ جو سبب ايترو اهم نه هو جيترو اسان انکي محسوس ڪيو ٿي.
پنهنجي منزل ڏانهن پهرين وِکَ وڌائڻ وقت هڪ سوال جنم وٺي ٿو ته؛ “ ڇا منهنجو اهو تبديليءَ وارو فيصلو ڪنهن جي لاءِ ڏک ۽ تڪليف جو ڪارڻ بڻبو؟”
پر جڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪريو ٿا، ته توهان محبوب کي خوش ڏسڻ چاهيو ٿا. شروع ۾ توهان کانئس وڇوڙي کان ڊنل رهندئو، پر پوء، جلد توهانکي اهو ڏسي خوشيءَ جو احساس ٿيندو ته توهانجو محبوب اهو ئي گھري ٿو جيڪو اوهان ڪرڻ گھرو ٿا، ۽ هو اوهانکي پنهنجي خواب پويان ويندو ڏسڻ چاهي ٿو. ڪجهه وقت کانپوءِ اسان ۾ وڇوڙي ۽ درماندو ٿيڻ جو احساس پيدا ٿئي ٿو. پر سيلاني رستي ۾ ماڻهو ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان ملي ٿو جيڪي پڻ هن وانگي محسوس ڪن ٿا. پر جيئن ئي هو هڪٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا ته کين احساس ٿئي ٿو ته هو اڪيلا ناهن؛ هو هڪٻئي جا سونهان بڻجيو پون ۽ سفر ۾ ايندڙ اوکاين جا حل هڪٻئي سان ونڊي وٺن ٿا. اهڙي نموني هو پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ سياڻو ۽ زندگيءَ سان ڀرپور سمجھڻ لڳن ٿا.
ڏک ۽ پشيمانيءَ ڪري هُو پنهنجي خيمن ۾ سک سان سُمهي به نه سگھندا آهن. ۽ هو پاڻ سان ئي ڳالهائيندا رهندا آهن ته؛ “سڀاڻي آءٌ پنهنجي سفر جي ٻي وِکَ کڻندس. آءٌ پوئتي به هٽي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ جو مونکي رستو به معلوم آهي، پر هڪ ٻي وِکَ اڳتي وڌائڻ سان ڪو خاص فرق به نه پوندو.”
پوءِ آخر هڪ ڏينهن، بنا ڪنهن چتاءَ جي، اهو رستو سيلانيءَ جو امتحان وٺڻ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ مٿس آسانيون پيدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو، ۽ سيلانيءَ جو مُنڌل روح رستي ۾ ايندڙ خوبصورت منظرن ۽ اوکاين مان مزو ماڻڻ لڳي ٿو. ۽ ان وقت هر وِکَ جيڪا اڳ ۾ لاشعوري هئي، هاڻ شعوري بڻجيو پوي. ۽ پوءِ اها ئي ڳالهه ڏڍ ڏيڻ جي بجاءِ کيس نون اهنجن کي منهن ڏيڻ سيکاري ٿي.
سيلاني پنهنجو سفر جاري رکي ٿو. ۽ هاڻ هو چڙ جي دانهن ڪرڻ جي بجاءِ ٿڪاوٽ جي دانهن ڪري ٿو. پر ان وقت هو ڪجهه ساهي کڻي، پنهنجي چئوڦيرجي نظارن مان مزو ماڻي وري اڳتي وڌي ٿو. بجاءِ انجي جو هو پنهنجي سڄي زندگي سندي ماڳ ڏانهن ويندڙ رستي کي تباهه ڪري، جنهن رستي تي هلڻ کان هو ڊنو ٿي، هاڻ هو ان رستي تي هلڻ ۾ سرهائي محسوس ڪري ٿو.
جيتوڻيڪ، سندس منزل جو کيس ڪو پتو ئي ناهي، ۽ ڪنهن وقت کانئس غلطيون به ٿين ٿيون، پر، خدا سندس همت ڏسي کيس صحيح ڏسا ڏانهن وڌائي ڇڏي ٿو.
هو رستي ۾ ايندڙ اوکاين کان منجهي نه ٿو، کيس صرف هڪئي ڳالهه سفر ۾ منجهائي ٿي ته انهن اوکاين کي ڪهڙي ريت منهن ڏجي. هڪ ڀيرو جڏهن هو پنهنجي چونڊيل رستي تي هلڻ شروع ڪري ٿو ۽ ان رستي تي هلڻ کانسواءِکيس ٻيو ڪو گَسُ نظر ئي نه ٿو اچي ته ان صورت ۾ هو پنهنجي ارادي جي سگهه کان واقف ٿي وڃي ٿو ۽ آڏو ايندڙ هر رڪاوٽ سندس فيصلي جي آڏو تڇ ٿي وڃي ٿي.
“اوکائي” هڪ قديم اوزار جو نالو آهي جيڪو خاص اسانکي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
مذهبَ به اهو سيکارن ٿا ته، عقيدي ۽ تبديليءَ جو عمل، اپائڻهار جي ويجھو آڻين ٿا.
عقيدو اسانکي اهو سيکاري ٿو ته اسين اڪيلا ناهيون.
تبديليءَ جو عمل ڳُجھن کي سمجھڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
جڏهن هر شئي اَڻ چٽي نظر اچي ٿي، ۽ اسين پاڻ کي دَرمَاندو محسوس ڪيون ٿا، تڏهن اسانکي پوئتي مُڙي پنهنجي روح ۾ ٿيندڙ مٽ سٽ کي ڏسڻ جي بجاءِ اسانکي اڳتي ڏسڻ گھرجي. سڀاڻي جيڪي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ان کان اسانکي سراپجڻ نه گھرجي، ڇاڪاڻ جو ڪالهه اسانکي ڪير ڏسي رهيو هو. ۽ سڀاڻي به انجي نظر اسان تي رهندي. ۽ اهو ئي اسانکي مونجهارن ۽ پيڙائن ۾ سهارو ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سگهه ڏيندو. اسين پنهنجي سوچ کان به اڳتي وڃي سگھون ٿا. اسين اها جاءِ به ڳولي سگھون ٿا جتان صبح جو پهريون تارو اُڀري ٿو. اتي پهچڻ کانپوءِ اسين ان اچرج ۾ پئجي وينداسين ته اتي پهچڻ ڪيڏو نه آسان هو.
اڻ گھريو مهمان “موت” ته انهن وٽ به پهچندو جيڪي پاڻ کي تبديل نه ٿا ڪرڻ چاهن ۽ انهن وٽ به جن پنهنجي زندگي تبديل ڪري ڇڏي. پر، اهي جن پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آندي، ان وقت هو چئي سگھندا ته؛ “ منهنجي زندگي دلچسپ هئي. ۽ مون نعمتن کي اجايو وڃڻ نه ڏنو.”
۽ اهي جيڪي چون ٿا ته مهم جويون ۽ تبديليون خطرناڪ آهن، ته هو پنهنجي معمول سان هلندا رهن؛ اهوئي سندن ترت موت جو ڪارڻ بڻبو.
***