باب 17
“ اسانکي ڳَڻتيءَ بابت ڪجھ ٻُڌايو.”
قبطيءَ وراڻيو:
ڳَڻتي ڪرڻ غلط ناهي. جيتوڻيڪ، اسين اپائڻهار جي مُقرر ڪيل وقت ۾ هير ڦير نه ٿا ڪري سگھون. انساني فطرت آهي ته هو جنهن به شئي جي طَلبَ ڪري اها کيس سُتَت ئي ملي وڃي. يا وري ان شئي مان جند آجي ٿي وڃي جيڪا ان لاءِ خوف جو ڪارڻ آهي.
اهو عمل ننڍپڻ کان ئي جاري رهي ٿو، ايسيتائين جو اسين ان عمر ۾ پهچي وڃون ٿا جنهن ۾ اسين زندگيءَ کان لاپرواھ ٿيو پئون. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن اسين لڳاتار حالَ ۾ اٽڪيل رهنداسون ته اسانکي ڪنهن نه ڪنهن شخص يا ڪنهن نه ڪنهن شئي جو هميشھ انتظار رهندو.
هڪ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور دل ، بي اوني، بي ڊَپي ٿي سانت ئي سانت ۾ قدرت جي معجزن جو مُشاهدو ڪيئن ٿي ڪري سگھي؟
ڳَڻتي محبت جو حصو آهي. تنهنڪري ڳڻتيءَ جو ڪارڻ محبت کي نه سمجھڻ گھرجي.
هڪ اهڙي شخص کي آٿت ڪيئن ڏئي سگھجي ٿو جنهن پنهنجي ميڙي چونڊي ۽ پنهنجي زندگي پنهنجن خوابن جي ساڀيا ماڻڻ ۾سيڙائي ڇڏي، پر اڃا به کيس ڪو ڦَلُ نه مليو. هڪ هاري پوک جي پَچڻَ لاء مُندُن ۾ ڦير گھير ته نه ٿو ڪري سگھي، پر هو بي صبريءَ سان لاباري جي مُند جو انتظار ڪندو رهي ٿو.
هڪ ويڙهاڪ کي ويڙهه کان پهريان ڪيئن آٿت ڏجي؟ ان گھڙيءَ جي لاءِ ته هن جيءُ جھوريندڙ مَشقون ڪرڻ ۾ وسان نه گھٽايو آهي، پوءِ ايتري تياري هوندي به کيس سندس ڪوششن جي اَڪارت وڃڻ جو اُلڪو رهي ٿو.
ڳَڻتيءَ جو جنم به ان مَهَلَ ئي ٿيو هو جنهن مَهَلَ انسانذات جو جنم ٿيو هو. هاڻ ڇاڪاڻ جو اسين ڪڏهن به انکي وَسَ ۾ نه ٿا ڪري سگھون، تنهنڪري اسانکي ان سان گڏ رهڻ سکڻو پوندو بالڪل ائين جيئن اسان طوفانن سان گڏ رهڻ سکيو آهي. جيڪي اهو نه ٿا سکي سگھن، انهن لاءِ زندگي هڪ ڀوائتو خواب بڻجي وڃي ٿي ۽ ڏينهن جي هڪ هڪ گھڙي عذاب بڻجيو پوي جنهن لاءِ کين هر وقت شڪر گذار رهڻ گھرجي. هو اهو ئي چاهين ٿا ته وقت تيزيء سان گذرندو رهي، پر کين اهو به ڌيان نه ٿو رهي ته ان سان هو موت کي پڻ ويجھو ٿيندا وڃن ٿا.
اڃا به وڌيڪ خراب صورتحال تڏهن پيدا ٿيندي آهي جڏهن ڳَڻتين کان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هو ڪو نه ڪو اهڙو عمل ڪري ويهندا آهن جيڪو کين وڌيڪ ڳَڻتيءَ ۾ مبتلا ڪري وجھندو آهي.
پٽ جي گھر ورڻ جي اوسيئڙي ۾ هڪ ماءُ جي مَنَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن وَسوِسا پيدا ٿيندا آهن.
هڪ عاشق سوچيندو آهي ته، “منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ ان جو آهيان. پر جڏهن مون کيس گھريو ته هو مونکي حاصل ٿي نه سگھيو. هر ماڻهو منهنجن سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ويو، تڏهن منهنجي ڳَڻتي آنڌ مانڌ ۾ تبديل ٿي وئي.”
هڪ مزدور جڏهن مزدوري ملڻ جي اوسيئڙي ۾پاڻ کي ٻين ڪمن ۾ مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿوته اها ڳالهه هن لاءِ وڌيڪ اوسيئڙي جو باعث بڻجيو پوي. هڪ ننڍڙي ڳَڻتي پالڻ هن لاءِ سولو هو، پر جڏهن هو پاڻ لاءِ وڌيڪ ڳڻتيون پالڻ شروع ڪري ٿو ته هو اگهاڙي آسمان هيٺان تارن ۽ پنهنجن ٻچڙن کي کيڏندي ڏسڻ کان به محروم ٿيو پوي. پوءِ اها ماءُ، اهو عاشق، ۽ مزدور، نا اُميدين سبب زندگي گھارڻ جو حوصلو ئي وڃايو ويهن؛ هو صرف افواهُن تي پنهنجي اوسيئڙن جون شڪايتون ڪندا رهن ٿا. دوستن، گھر وارن ۽ گڏ ڪم ڪندڙن سان سندن رويو به رُکو ٿيو پوي. سندن کائڻ پيئڻ جون عادتون پڻ مَٽجيو وڃن، پوءِ يا ته هو ضرورت کان وڌيڪ کائڻ لڳن ٿا يا وري کين ڪجهه به نه ٿو وڻي. سندن راتين جون ننڊون ڦِٽيو پون. هي اهو ئي وقت آهي جڏهن ڳڻتيون هڪ اهڙو نقاب اُڻن ٿيون جنهن مان صرف روح جون اکيون ئي پَسي سگھن ٿيون. ۽ ان وقت روح جو اکيون ٿڪاوٽ سبب لُڙاٽجيو پون. ان موقعي تي انسانذات جو ازلي دشمن “سوداءُ” نازل ٿئي ٿي. چوي ٿو ته، “هاڻ اوهانجي قسمت منهنجي هٿ ۾ آهي. آءٌ اوهانکي اهڙيون شيون ڏيکاريندس جن جو وجود ئي ناهي. اوهانجون خوشيون به هاڻ منهنجي هٿ ۾ آهن. هاڻ کان اوهانجي دل بي سُڪون رهڻ لڳندي، ڇاڪاڻ جو ان مان اُتساھ کي ڪڍي آءٌ انجي جاءِ وٺندُس. آءٌ پوري دنيا ۾ ڊپ ۽ هراس پکيڙي ڇڏيندُس پوءِ اوهان هر وقت بنا ڪنهن سبب جي ڊِنَل رهندئو. اوهانکي ان ڊپ جو سبب ڄاڻڻ جي به ضرورت ناهي، اوهانکي بس ڊنل رهي پنهنجي ڊپ کي اڃا وڌائڻو آهي. اوهانجي ڪِرتِ جيڪا اڳ ۾ ٻليدان هئي، تنهن کي پڻ مون پنهنجي وَسَ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو اوهانجي جَفاڪَشي ڏسي اوهانجا مثال ڏيندا، ۽ اوهان وري مُرڪندي سندن شڪريو ادا ڪندا رهندئو. پر اوهانجي دل ۾، آءٌ اهو چوندو رهندس ته اوهانجي ڪِرتِ هاڻي منهنجي وَسَ ۾ آهي، ۽ آءٌ ان کي استعمال ڪندي اوهانکي هر شئي ۽ هر ماڻهوءَ، دوستن توڙي اولاد کان ايتري تائين جو اوهانکي پنهنجي پاڻ کان به پري ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهانکي پنهنجي وَسَ کان وڌيڪ جفاڪَشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندس ته جيئن اوهانکي ٻيو ڪجهه سوچڻ جو موقعو نه ملي، ۽ اوهان ملي جُلي رهڻ ئي ڇڏي ڏيو.
اوهانجي محبت، جيڪا اڳ ۾ روحاني قوت جو ڏيک هئي، سا به هاڻ منهنجي وَسَ ۾ آهي. هاڻ اوهانجي محبوب لاءِ هڪ لمحو به پري رهڻ ناممڪن ٿي پوندو، ڇاڪاڻ جو آءٌ اوهانکي سندس بابت سوداءَ ڏئي ڇڏيندس. اوهانجو پُٽ، پنهنجي مرضيءَ واري زندگي گھاري رهيو هو، سو به هاڻ منهنجي وَسَ ۾ آهي. آءٌ اوهانجي دل ۾ سندس لاءِ اجايو وَهَم ڀري ڇڏيندس ته جيئن اوهان کيس پنهنجي ويجھو رکو، جنهن سان هن جي دل مهم جوئين ۽ جوکم جا ڪم ڪرڻ تان کڄي ويندي. جڏهن هو اوهانکي ناخوش ڪندو تڏهن هو اوهانجي اميدن تي پورو نه لهڻ جي ڪري پاڻ کي ڏوهي سمجھندو رهندو.
تنهنڪري، ڀلي کڻي ڳڻتي زندگيءَ جو حصو ڇو نه هجي، پر ان کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏيو.
جڏهن ڳَڻتي اوهانجي ويجھو اچي ته کيس چئو ته،” آءٌ سُڀاڻ لاءِ فڪرمند ناهيان، ڇاڪاڻ جو خدا پاڪ منهنجي مدد ڪندو.”
جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي ان ڳالهه تي آمادھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته هڪ کان وڌيڪ نوڪريو ڪرڻ سان زندگي خوشگوار گُذرندي، ته کيس چئو، “آءٌ تارن کي تَڪي سُڪون وٺڻ چاهيان ٿو ته جيئن پنهنجي نوڪري صحيح نموني ڪري سگھان.”
جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي بُکُن جي ديوَ کان ڊيڄارڻ لڳي، ته کيس چئو، “زندگي گذارڻ لاءِ صرف ڳڀي جي ضرورت ناهي، پر هر ان حڪم جو آڌر ڪرڻ جي ضرورت پڻ آهي جيڪو اپائڻهار اسان لاءِ فرمايو آهي.”
جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي چئي ته اوهانجو محبوب واپس نه ايندو، ته کيس چئو، “منهنجو محبوب منهنجو آهي ۽ آءٌ هن جو آهيان. هوءَ نديءَ ڀر پنهنجو ڌَڻُ چاري رهي آهي، ۽ آءٌ پري کان به سندس گيت ٻُڌي رهيو آهيان. جڏهن هوءَ گھر موٽندي ته ٿَڪَلَ ۽ خوش هوندي، ۽ آءٌ هن جي لاءِ ماني ٺاهيندُس ۽ کيس سُمهندي ڏسندس.
جيڪڏهن ڳَڻتي اوهانکي چئي ته اوهانجي پُٽ کي اوهان جي محبت جي بدلي ۾ اوهان لاءِ ڪو مانُ ناهي ته کيس چئو، “حد کان وڌيڪ سنڀار روح ۽ دل کي تباھ ڪريو ڇڏي، ڇاڪاڻ جو زندگي گھارڻ هڪ جُرائت وارو ڪم آهي، ۽ جرائت وارو ڪم هميشھ محبت سان سرانجام ڏئي سگھجي ٿو.”
اهڙي طريقي سان اوهان ڳڻتين کي پاسيرو ڪري سگھو ٿا. اهي ڪڏهن ختم ته نه ٿينديون پر، زندگيءَ ۾ وڏي کان وڏي دانائي ان ڳالهه کي سمجھڻ ۾ آهي ته اسين انهن شين کي وَسَ ۾ ڪري سگھون ٿا جيڪي اسانکي وَسَ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
***