ناول

عڪرا مان مليل مسودو

هن ڪتاب جو اصل جادو هي آهي ته، هر باب پڙهڻ دوران ائين لڳندو ته اها ڳالهه ته اسان بابت ٿي رهي آهي. ٽيويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ ٽيويهن مختلف سماجي مسئلن جهڙوڪ: هارَ، ويڳاڻپ، ڊپ، پاڻ ڀرائي، اَويساهي، پريت، ڌڪار، ڪلهه، اڄ، سڀاڻي، خواهشن، ايڪي، نزاڪت، ڀاڳ، معجزن ۽ ڳڻتين کي اهڙي دانائيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي جو عقل دنگ رهجيو وڃي. ڪتاب ۾ موجود قبطيءَ جي خطبي مان اها ڳالهه وائکي ٿئي ٿي ته، سندس مذهب ڪهڙو به هو، هو جنهن جي به عبادت ڪندو هو، پر سندس ڳالهين مان مذهب نه پر هڪ قديم يوناني سُگھڙَ جي ڏاهپ نظر اچي ٿي.
Title Cover of book عڪرا مان مليل مسودو

باب 7

ڪنهن پُڇيو ته:
“جڏهن آڏو ايندڙ هر شئي بڇڙي نظر اچڻ لڳي ته ان وقت پنهنجي سُرتِ سنڀالڻ جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري اسانکي سُونهن بابت ڪجھ ٻڌايو.”


هن وراڻيو:
هميشه چيو ويندو آهي ته: “ٻاهرين سونهن کان اندرين سونهن وڌيڪ اهم آهي.”
پر ائين ناهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته، گُلَ ٻوٽا مَکين کي پاڻ ڏانهن ڇو ٿا ڇِڪين ها؟ ۽ مينهن جون ڪڻيون سج آڏو ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي انڊلـٺ ۾ ڇو ٿيون تبديل ڪن ها؟ قدرت جو دارومدار به سونهن تي آهي. ٻاهرين سونهن اندرين سونهن جو ڏيک آهي، ۽ اها سونهن اسانجي اکين مان نڪرندڙ چمڪ مان پنهنجو اولڙو پيش ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي تمام سادڙو لباس پهريل آهي ۽ هو اسانجي نزاڪت جي معيار تي پورو نه ٿو لهي، يا انکي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي ته، اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي. اکيون روح جو آئينو آهن ۽ هر ان شئي جو اولڙو ڏين ٿيون جيڪا اندر ۾ لڪل رهي ٿي؛ ۽، هڪ آئيني وانگي انهن منجهه جھاتي پائڻ واري کي پڻ سندس اولڙو ڏين ٿيون. تنهنڪري، جيڪڏهن ڪنهن جي اکين ۾ جھاتي پائڻ واري شخص پاڻ اندرَ ڪارو آهي، ته کيس پنهنجي غليظ وجود جو ئي اولڙو نظر ايندو.
ڪائنات جي هر تخليق ۾ سونهن موجود آهي، پر خطرناڪ حقيقت اها آهي ته، اسين انسانذات گھڻو ڪري روحانيت کان ڪٽجيو وڃون، ۽ پاڻ کي ٻين ماڻهن جي سوچ جي تابع ڪريو ڇڏيون. اسين پنهنجي اندرين سونهن جا انڪاري بڻجيو ٿا پئون، ڇاڪاڻ جو ٻيا ان سونهن جا نه ئي قائل بڻجي سگھندا آهن نه ئي بڻجڻ چاهيندا آهن. بجاءِ ان جي جو اسين پاڻ کي جيئن جو تيئن مڃي وٺون، اسين اهو سڀ ڪجهه اپنائڻ لڳندا آهيون جيڪو اسين پنهنجي چوڌاري ڏسي رهيا هوندا آهيون. اسين پاڻ کي ٻين ماڻهن جي سونهن بابت نظريي مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ۽ اهڙي نموني هوريان هوريان اسانجو روح لڙاٽجڻ لڳندو آهي ۽ اسانجا ارادا ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، ۽ اسانجي اها توانائي جيڪا دنيا کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي ڪم اچي ها، تنهن جو انت ٿيڻ لڳندو آهي.
اسين اهو وساري ويهون ٿا ته، هيءَ دنيا ائين ئي ٿي پوي جيئن اسان ان کي تصور ڪيون ٿا. چانڊوڪي بڻجڻ جي بجاءِ اسين پاڻ انکي اولڙو ڏيڻ وارو پاڻيءَ جو تلاءَ بڻجي پوندا آهيون. جنهن ۾ ٻئي ڏينهن سج جي تِک تي پاڻي سُڪيو وڃي. ۽ اهو سڀ ڪجهه صرف ان ڪري ٿيو جو ڪنهن اسانکي چيو ته: “تون بدصورت آهين.” يا “هوءَ خوبصورت آهي.” بس انهن ٽن لفظن سان هُنن توهانجو پاڻ تي ويساھ ختم ڪري ڇڏيو. ۽ اسين بدصورت ۽ سخت مزاج بڻجي وياسين.
اهڙي صرتحال ۾، اسين هٿ ٺوڪي ڏاهپ مان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. بجاءِ زندگيءِ جي ڳُجهن کي سمجھڻ جي، ماڻهو اها ئي هٿ ٺوڪي ڏاهپ جيڪا سندن ئي گھڙيل هوندي آهي دنيا کي سمجھڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. اها ڏاهپ مڙوئي ردي قائدن، قانونن ۽ پيمانن تي ٻڌل معياري رويا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. ان بناوتي ڏاهپَ جي مطابق اسانکي خوبصورتيءَ جو ايترو مائل نه هجڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو اها صرف هڪ پسجندڙ لقاءُ/ ڏيکاءُ ۽ گهڙي پل جي وٿ آهي. پر ائين نه آهي. دنيا جي هر شئي، پکين کان جبلن تائين، گُل ٻُوٽن کان ندين تائين، قدرت جي معجزن جو ڏيک ڏئي ٿي.
جيڪڏهن اسين ٻين کان پنهنجي واکاڻ ٻڌڻ واري اُنَ نفساني هٻڇ تي ضبط ڪيون ته هوريان هوريان اسان جو روح سج جيان روشن ٿي ويندو. تنهن کانپوءِ جيڪر محبت اسانجي ويجھو گذري به ته چوندي، “منهنجو ڌيان الائي ڇو اڳ ڪڏهن به تو ڏانهن نه ويو.”
روح وراڻيندو،”هوش کان ڪم وٺ آءٌ هت ئي آهيان. هاڻ جيڪڏهن هوا جي هڪ گھوگھٽ تنهنجي اکين تان ڌنڌ لاٿو آهي ۽ تو مونکي سڃاتو آهي ته هاڻ مونکي ائين هيکلو نه ڇڏجانءِ ڇاڪاڻ جو اسين سڀ خوبصورتيءَ جا خواهشمند آهيون.”
خوبصورتي هڪجهڙائيءَ ۾ نه پر مٽ سٽ ۾ آهي. ڪڏهن ڪنهن ڊگھي ڳچيءَ بنا زراف يا بنا ڪرنگھي جي ٿوهر جو تصور ڪيو آهي؟ اسانجي چئوڏس جبلن جي چوٽين جي هيٺائين ۽ مٿائين ئي انهن کي ڏسڻ وٽان بڻايو آهي. جيڪڏهن اهي هموار هجن ها ته شايد انهن کي ڪير به نه ڏسي ها. اهو “نُقص” ئي آهي جيڪو اچرج ۾ به وجھي ٿو ۽ پاڻ ڏانهن ڇِڪي به ٿو.
جڏهن اسين ديال جي وڻ کي ڏسندا آهيون ته اسين اهو نه سوچيندا آهيون ته، “ان جون ٽاريون هڪ ئي ماپ جون هجڻ گھرجن.” اسين اهو سوچيندا آهيون ته، “ هي وڻ ڪيڏو نه مضبوط آهي.”
جڏهن اسين نانگ ڏسندا آهيون ته، اسين اهو نه چوندا آهيون ته، “ هي نانگ ريڙهيون پائيندو رهي ٿو، جڏهن ته آءٌ پنهنجو ڪنڌ اوچو ڪيو هلندو وتندو آهيان.” پر اسين اهو سوچيندا آهيون ته،” هي نانگ ڀلي کڻي ننڍو آهي، پر ان جي چمڙي ڪيڏين نه رنگا رنگي آهي، ۽ ان جي چال به ڪيڏي نه موهيندڙ آهي، ۽ هي مون کان وڌيڪ طاقتور پڻ آهي.”
ريگستان لتاڙيندي جڏهن اُٺ اسانکي پنهنجي منزل تي پهچائيندو آهي ته اسين اهو ڪڏهن به نه چوندا آهيون ته، “ هي اُٺ ڪُٻو آهي ۽ کيس غليظ ڏند آهن.” پر اسين اهو سوچيندا آهيون ته، “ هي اُٺ وفاداريءَ ۽ سهڪار پٽاندڙ مون مان به اهو ئي ڪجهه لَهڻي. هن کان سواءِ آءٌ سير سفر ڪرڻ جهڙو ئي نه هئس.”
سج لٿي جو منظر هميشه تڏهن وڌيڪ من موهيندڙ لڳندو آهي جڏهن سج گهاٽن ڇڊن ڪَڪَرن سان ڍڪيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ان وقت ئي ان منظر مان ڪيترن ئي رنگن جا اولڙا اڀرندا آهن، جن مان خوابَ ۽ شاعري جنم وٺندا آهن.
ڪَهَلَ ايندي آهي انهن تي جيڪي اهو سوچيندا آهن ته، “ آءٌ خوبصورت ناهيان. اهو ئي سبب آهي جو محبت اڄ تائين منهنجو دروازو نه کڙڪايو آهي.” حقيقت ته اها آهي ته محبت انهن جو دروازو به کڙڪايو هوندو آهي، پر ان وقت محبت کي ڀليڪار ڪرڻ لاء هو تيار ئي نه هوندا آهن. هو پاڻ کي پهريائين خوبصورت بڻائڻ ۾ مصروف هوندا آهن، جڏهن ته، حقيقت ۾، هو پنهنجي اصل حالت ۾ ئي چڱا لڳندا آهن. جڏهن محبت ڪنهن فطري شئي جي ڳولا ۾ هوندي آهي تنهن وقت هو ٻين جهڙو بڻجڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هوندا آهن. هو هٿ ٺوڪي سونهن جو اولڙو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌَلَ هوندا آهن، ۽ کانئن اهو وسري ويندو آهي ته اها چمڪاٽ ڪندڙ روشني ته، اندر ۾ اڳ ئي موجود آهي.
***