او مڌ _ ماتا، ھوريان ھَلُ
منزل آھي ھر ھڪ پَلُ.
منھنجي مُنھن تي تنھنجا ھَٿ،
ٽِڙندو آ جئن نيل _ ڪَمل.
تياڳَ ويا، ويراڳ ويا،
ھئہ ھئہ ڇورِي تنھنجو ڇلُ،!
جنھن جيونَ ۾ مومل ناھ،
تنھن جو ڪھڙو ڪاڪ محل.!
سانجھيءَ ٽاڻي پيءُ سَرو،
تنھنجو ويرِي ٿئي وياڪَل.
ڪنھن جي ناھي ھيءَ سراءِ،
رات گذاريئہ، ھاڻي ھَل.!
اُن تي مڌ جو مينھن وساءِ،
ٽڙندو ٽانگڙ جئن پَل پَل.
اڏري ڪائي لات ڪيان،
ڪيسين روڪيندو اَن_ جَل.
تاڙِي مار نہ، جي آيو،
تنھنجي ماڙيءَ تي طوطَل.
تنھن جيونَ کي آگ لڳاءِ،
جنھن جو ناھ ڪرم جو ڦل.
ڪيچ ھجي ڪيڏو بہ پري،
آريءَ پُٺتان آءُ اَٽل.!
ٿر ۾ ٿانئيڪو نہ ٿيو،
ڪوئي ڪوئي ڪارايل.
آخر ڪارونڀار ڪري،
برسي ٿو بُٺ تي بادل.
ھي واريءَ تي وڏ _ ڦڙو،
ھي سانوڻ جو سُرمنڊل.
اي ڪوئل،! ھي ننڊ _ ڦِٽو،
تو جھڙو ڪو ڪوڪ ڪُٺل.
ٻھڳڻ ٻولي تنھنجي لاءِ،
منھنجي ڪوتا آھ ڪجل.
سنڌڙيءَ کي سيباءِ، ´اياز،`!
پنھنجو گيڙو ويس غزل.