سفرناما

ٻنون ٽو ٽوڪيو

”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
Title Cover of book ٻنون ٽو ٽوڪيو

مهاڳ

ڪو ڪتاب علم جي ٽجوڙي ته ٿي سگهي ٿو، پر علم ڌرتيءَ مان گاهه وانگر ڦٽي ٿو. ۽ آسمان تان مينهن وانگر وسي ٿو. ڪو ليکڪ فقط ايترو ڪري سگهي ٿو ته ڪنهن ڏوٿيءَ وانگر جھر جھنگ جا پنڌ ڪري ڪي علم ڪڻا ميڙي چونڊي قلم بند ڪري ڇڏي. عبدالحئي پليجي پڻ ائين ئي ڪيو آهي. هن جپان بابت جيڪي ڏٺو پڙهيو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. سو لکي ڇڏيو اٿس. هڪ ڀيري جو ڏٿ هميشه جي بک ڪونه لاهيندو آهي، هڪ ڪتاب پاڻ ۾ سمورا علم سموئي ڪونه سگهندو آهي. پليجو صاحب نه جپان تي تحقيق جي خيال سان اوڏانهن ويو هو ۽ نه وري هن ڪا اهڙي اعويٰ ڪئي آهي. هي ته سندس سئر ۽ سفر دوران جپان بابت مشاهدي جو هڪ دلچسپ باب آهي.
لکڻ جو هڪ انداز اهو آهي ته ايڏي تفصيلي تحقيق ڪجي جو پڙهندڙ ساڳئي موضوع تي ڪنهن ٻئي ڪتاب جي ضرور ت ئي محسوس نه ڪري، پر اهڙا ڪتاب خشڪ ثابت ٿيندا آهن، ضروري نه آهي ته هڪ عام پڙهندڙ اڪثر ايڏي تفصيل ۽ گهرائيءَ ۾ وڃڻ چاهي، جيترو ليکڪ وٺي وڃڻ چاهي ٿو. لکڻ جو ٻيو انداز پليجي صاحب وارو آهي. هو مٿاڇري تان اسم چونڊي ٿو ۽ انهن کي ڌيان سان ڏسي ۽ سمجھي پوءِ لکي ٿو ۽ ماڻهن جي ذهنن تائين جپان بابت هڪ خاڪو پهچي ٿو.
يقينن، پليجي صاحب پنهنجي پڙهندڙن لاءِ جپان مان هيءَ سٺي سوکڙي آندي آهي. سوال هي آهي ته ماڻهو سفرناما ڇو پڙهن؟ ماڻهو علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهي ۽اهو پرکڻ ٿو چاهي ته اکين کان پري دنيا ۽ ديسن ۾ زندگي ڪيئن آهي، اتي جو وهنوار ڇا آهي، ريتون ۽ رسمون ڪيئن آهن ۽ سوچ ڪهڙي آهي. اڳي سفرناما ڪونه هئا، ان ڪري ماڻهو بندرگاهن تي سياحن ۽ سوداگرن کان حيرت جهڙين دنيا جون عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌندا هئا. هاڻي، سفرناما پڙهن ٿا. پليجي صاحب جو سفرنامو جپان بابت اهڙو خاڪو ضرور پيش ڪري ٿو، جنهن سان جپان گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو پوي، منهنجي راءِ ۾ اهڙو اتساهه پيدا ڪرڻ ئي ڪنهن چڱي ڪتاب جو ڪم هوندو آهي. پڙهندڙ کوي ڪتاب پڙهڻ سان ئي اندازو ٿيو وڇي ته ”ايئر انڊيا“ جي سروس جو معيار ڇا آهي؟ جپان ۾ مسافرن جي پڙتال ڪيئن ٿئي ٿي، اتي ڪهڙن قسمن ۽ معيارن جون هوٽلون آهن، ريو ڪان ۽ منشو ڪار سراءِ گهر ڇا آهي؟ جپان ۾ سليقي جا معيار ڇا آهن، ٽرانسپورٽ جو سرشتو ڇا آهي؟ ترقيءَ جو گراف ڇا آهي ۽ وهم پرستيءَ جي حد ڪهڙي آهي. انهن موضوعن جي نشاندهي به وڏي ڳالهه آهي. هر ماڻهو سڀني موضوعن ۾ نه، ڪنهن خاص موضوع ۾ دلچسپي رکندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو فقط جاپاني سليقي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خيال دل ۾ رکي جپان ڏانهن هلي پوي يا ڪو ماڻهو ريو ڪان ۽ منشوڪار سراءِ گهر جي طرز تي سنڌ ۾ سياحت جي واڌاري لاءِ روايتي سنڌي جھوپڙيءَ ۾ جديد سهوليتون ڏيڻ جو تجربو ڪري.
”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
جپان جو ملڪ جتي 90 سيڪڙو گل سائي رنگ جا ٿين ٿا، جپاني اک لاءِ رواجي ٿي سگهي ٿو. پر اسان سنڌي ماڻهو حيران ٿيڻ جو حق رکون ٿا ته آخر جپان ۾ ائين ڇو آهي ۽ قدرت جپان لاءِ ساوڪ جو ايترو گهڻو مقدار ڇو مقرر ڪيو آهي؟ هي نباتيات ۽ مٽيءَ جي ڪيمسٽري جو سوال ته آهي، پر اکيون ساون گلن سان جھنجيل ٽارين جي سونهن به ڏسڻ چاهين ٿيون.
عبدالحئي پليجي جي لکڻ ۾ حساسيت جو پهلو به نمايان آهي. هو لکي ٿو، ”مون کي جڏهن ورت وارو ٻڌ ڏسڻ ۾ آيو ته مون ائين ڀانيو ته ٻڌ جي هن پڃري ۾ مسڪين جي جھوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ جيان اندر ۾ ڪا جوت جرڪي رهي آهي“. ڇا گوتم ٻڌ جو اهو مجسمو ايتري نفاست سان گهڙيل هو، جو پليجي صاحب کي گوتم ٻڌ جي پڃري ۾ اندر جي جوت نظر آئي؟ منهنجي خيال ۾ مجسمي ۾ نفاست کان وڌيڪَ اها خود گوتم جي ڪردار ۽ فلسفي جي سگهه هئي جنهن پليجي صاحب جي نظر ۾ اندر جي جوت کي پرکڻ ۾ مدد ڏني هئي، ڪنهن فلسفي جي سگهه پنهنجي جاءِ تي، اهو به اهم آهي ته ڪنهن ماڻهو جو من اهو فلسفو قبول ڪرڻ لاءِ آماده به هجي. سچائي ٻڌڻ لاءِ من جي نرمي بنيادي شرط آهي.
ڳالهه، گوتم ٻڌ جي نڪتي آهي ته ٻه اکر گوتم ٻڌ بابت به ٿي وڃن. جڏهن مهاتما گوتم ٻڌ نرواڻ جي منزل حاصل ڪري پنهجي اباڻي محل ۾ موٽيو، ان وقت سندس پٽ. جوان ٿي چڪو هو. تڏهن گوتم ٻڌ کان سندس زال ٽي سوال ڪيا. ”تون جنهن سچ جي تلاش ۾ پنهنجو گهر ڇڏي هليو ويو هئين، ڇا اهو هِتي ڪونه هو؟“..... ”تو هڪ مڙس جي حيثيت ۾ پنهنجا ڪهڙا فرض نڀايا؟“..... ”۽ هاڻي جڏهن تون پنهنجي پَرَ ۾ ڪامياب ٿي موٽيو آهين ته تو وٽ پنهنجي پٽ کي ورثي ۾ ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟“
مهاتما گوتم ٻڌ جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو، هو ڪجهه به نه ڪڇيو ۽ گهڙي سوا ترسي پنهنجي ڳچيءَ مان ڪشڪول لاهي پٽ جي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين.
ڇا گوتم ٻڌ جو ڪشڪول خالي هو؟ ڇا اهو ڪشڪول بي معنيٰ هو؟ سچ پچ ته مساڻهوءَ وٽ ورثي ۾ ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ ماڻهو ته بس اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته هن سڄي حياتيءَ ۾ جيڪي ڪ جهه حاصل ڪيو، سو ورهائي ڇڏي، چاهي اها دولت هجي، گيان هجي يا مشاهدو هجي. پليجي صاحب به ائين ئي ڪيو آهي. هن جپان ۾ جيڪي ڏٺو سو ڏيئي رهيو آهي. ڪشڪول خالي آهي، يا ڀريل؟ اهو فيصلو ليکڪ نه پڙهندڙ ڪندو.
عبدالحئي پليجي جي لکڻ ۾ رومانوي حساسيت واري عنصر جي هڪ جھلڪ سندس ئي هڪ سٽ مان ظاهر آهي. جپان جو هي سهڻو شهر ٽوڪيو بهار جي موسم ۾ گلن ۽ گلن جي سرهاڻ سان واسيو پيو هوندو آهي ۽ پيار ڪندڙ عورت جي بدن جي خوشبوءِ وانگر لڳندي آهي ۽ اهڙي بدن کان ڇڄي ڌار ٿيڻ تي دل نه چوندي آهي.“ اها هڪ حساس ليکڪ جي سحري ڪيفيت آهي. حسن مجتبيٰ ٿائلينڊ جي سفر کانپوءِ هڪ هنڌ لکيو هو: ”ٿائلينڊ ۾ سج ڀڪشوئن جي قطارن سان اُڀرندو آهي ۽ رات وئشائن سان شروع ٿيندي آهي“. اهو سڌو، بنا ڪنهن رک رکاءُ جي ۽ بي رحم سچائي ٻڌائڻ جو انداز آهي. جنهن ۾ داخليت گهٽ آهي.
”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ پليجي صاحب هڪ سٺي روايت اڳتي وڌائي آهي. هو جپان جي معيشيت ۽ ترقي بابت انگ اکر به پيش ڪندو ويو آهي. جنهن ڪري جپان بابت ٺوس راءِ ٺاهڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن صاحب جپاني سياست ۾ سرگرم ڌرين جو به ذڪر ڪيو آهي ته تعليم ۽ اخبارن ڇپجڻ جو تعداد پڻ ٻڌايو آهي. ان هوندي به جپان بابت هڪ پهلو بالڪل گم آهي. ڪتاب ان سوال جو ڪو به جواب نٿو ڏي ته جپان ۾ ڏوهن جي صورتحال ڇا آهي؟ ڇا هتي ڪي سياسي اخلاقي سماجي ۽ روحاني ڏوهه ڪونه آهن؟ ڦڏي فساد ۽ ملڪيت جي تڪرار جي صورتحال ڇا ٿي چوي؟ پڙهندڙن کي اهڙي تصوير ملي ها ته اڃا به بهتر هو.
جپان تي هن ڪتاب ۾ مون کي سڀ کان دلچسپ حصو ڌرمي ريتن، رسمن ۽ قصن وارو لڳو. شايد ان ڪري جو ڏند ڪٿائون منهنجو پنهنجو موضوع آهن. بي حد ترقي ڪيل جپان۾ جڏهن قديم رسمن جو تسلسل نظر اچي ٿو، تڏهن يقين ٿي وڃي ٿو ته انسان بنيادي طور ڪيڏو نه سادو ۽ وسوسن ۾ ورتل آهي!
جپان ۾ ازدهن جا ناچ مينهن بند ڪرڻ جا ساٺ آهن. ازدها ديوتا جو نالو ”ريوجن“ آهي. برسات ۽ ازدها (نانگ) جو پاڻ ۾ سڌو تعلق فقط جپاني ڏند ڪٿائن ۾ ئي نه پر هندو ڏند ڪٿائن ۾ به آهي. هندستان ۾ ناگا پنچمي تهوار به ساڳي نوعيت جو آهي، شري گورڳناٿ ۽ رامچندر ناٿ بابت به لڳ ڀڳ ساڳيون ڪهاڻيون آهن ته ڪيئن انهن نانگن کي قيد رکڻ ۽ آزاد ڪرڻ سان مينهن وسايا يا ڏڪر آندو. نيپال ۾ انهن مها جوڳين کي ديوتائن جو درجو ملي ويو آهي. اهو ئي ازدها چين کان ٿائيلينڊ تائين ”مقدس“ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر هنڌ ان جا جدا نالا ۽ قصا آهن. ان ڪري اهو چوڻ ۾ هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته نانگ ۽ برسات جي باهمي تعلق جو تصور محض هندي، چيني، جپاني وغيره نه پر هڪ وسيع علائقي يعني سڄي اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جو آهي ۽ اهو هڪ ڌرمي نه پر گهڻ ڌرمي تصور آهي. اهو به ممڪن آهي ته اهو تصور تاريخ کان آڳاٽو هجي.
اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته سرت ڀريا جپاني به قديم سنڌين وانگر ڏيئا موهڻ ۾ يقين رکن ٿا. سنڌي لوڪ ته ان ريت سکائون باسيندا آهن پر پليجو صاحب ٻڌائي ٿو ته جپانين جو عقيدو آهي ته مئل ماڻهن جا روح پنهنجن گهرن ڏانهن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي واپس موٽي ايندا آهن. ان ڪري جيئرا جپاني هن موقعي تي تهوار م هزارين ننڍا وڏا ڏيئا ٻاريندا آهن ته جيئن روشني رهي ۽ روح واپسي مهل هيڏانهن هوڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي نه وڃن. جپاني روحن جي آڌر ڀاءَ مهل به ڏيئا موهين ٿا. روحن جي کاڌ خوراڪ لاءِ مانيون ۽ ميوات به رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ کي سمجھدار سمجھڻ وارا ماڻهو جپاني ۽ باقي ايشيائين کي بي وقوف سمجھن، پر حقيقت اها آهي ته انسان جي اٻوجھائپ ته کِل نه پيار اچي ٿو. اهي سڀ پاڻ کي پر چڀائڻ جون ڳالهيون آهن. ڪاش پليجو صاحب جپاني ريتن رسمن ۽ ڏند ڪٿائن تي اڃا وڌيڪ لکي ها. مون کي هن ڪتاب ڪافي نيون ۽ دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ڏنيون آهن.

[b]بدر ابڙو
[/b]
06 نومبر 1997ع