سفرناما

ٻنون ٽو ٽوڪيو

”ٻنون ٽو ٽوڪيو“ ۾ جپان جي سياسي تاريخ کي به نه وساريو ويو آهي ۽ ليکڪ بادشاهن ۽ سياسي نظام تي پڻ تبصرا ڪندو آيو آهي. اها حيرت جي ڳالهه بيان ڪئي وئي ته ايٽم بم واري واقعي کان جپاني نوجوان ڪنهن ٻئي زاوئيءَ کان ڏسن ٿا. هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي ڦِريل موت جي راڪاس تي سڄي دنيا سان گڏ خود جپان ۽ اسان سنڌين به ماتم ڪيو آهي، پر جپانين ان قيامت مان جيئڻ جو رستو ڳولي ڪڍيو ۽ ڏک ۽ صدمي کي حوصلي ۽ شڪتي ۾ بدلائي ڇڏيو. سچ پچ ته هنن ٽوڪيو کي ”مشرقي گادي“ ثابت به ڪري ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ڦٽن سان چور چور ڪا قوم ڪهڙي ريت دنيا جي ٽيون يا چوٿون نمبر شاهوڪار قوم ٿي سگهي ٿي.
Title Cover of book ٻنون ٽو ٽوڪيو

1

سير و تفريح جتي روح ريجھائيندڙ وندر آهي، اُتي ڄاڻ ۽ علم پائڻ جو به وڏو وسيلو آهي، هن دور ۾ ته هر ڪا شيءِ، موجود ملي ٿي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا احوال هڪيا حاضر مليو وڃن، ڪتاب، اخبارون، رسالا ۽ فلمون وغيره بنهه ڏورانهن ڏيهن جا احوال به ائين ٻڌائين، ڄڻ ته سڀ شيءِ اکين پئي ڏسجي، پر پراڻي دور ۾ ته ملڪن جا حال احوال ڇيڙڻ لاءِ تمام ڊگها ۽ اڙانگا سفر ڪرڻا پوندا هئا، ڪي مهم جو ماڻهو ئي، اهڙا ڪشالا ڪڍي دنيا جي گولي جا، چڪر ڪاٽيندا هئا.
هن دور جي مواصلاتي تيز رفتاريءَ سفر کي اهڙو سهنجو ڪيو آهي جو ملڪن جا ملڪ ڪجهه ڏينهن ۾ گهمي اچجن، گهمڻ ڦرڻ ۽ سير سفر ڪرڻ اهڙو دلچسو، ۽ ڪارگر مشغلو آهي، جو جنهن جي به پهچ هجي سو ضرور دنيا ڏسي، سير و سفر سان ملڪن جي جاگرافيائي بيهڪ، قومن جي عروج ۽ زوال، تهذيب ۽ ثقافت خوشحالي ۽ غربت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مختلف قومن جي سماجي سياسي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۾ به اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ عبرت به حاصل ڪري سگهجي ٿي، سير و سياحت جو شوق آهي ته واقعي مهانگو، پر ان مان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ جيڪا ڄاڻ پلئه پوي ٿي، سا خرچ کان وڌيڪ لاڀائتي آهي، اسان جي سرنديءَ وارن سنڌي ماڻهن کي رڇن، ڪتن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهين تي پئسن وڃائڻ کان سير و سياحت تي توجهه ڏيڻ گهرجي ته جيئن کين سڌ پوي ته ڌرتيءَ جي هن گولي تي ڇا ڇا پيو وهي واپري ۽ انسان جي ذهن ڪهڙا رنگ رچايا آهن. مون ته سير و سياحت کي وندر ۽ ورونهن کان وڌيڪَ ڄاڻ واپرائڻ جو وسيلو سمجھيو آهي ۽ سمجھان ٿو جيڪي خرچ ڪيو اٿم ان کان وڌيڪَ لاڀُ پرايو اٿم. سو قصو مختصر ته:
آئون ۽ عبدالحڪيم شاهه صبح سوير ٽئڪسي ۾ هانگ ڪانگ هوائي اڏي تي اچي سهڙياسين، جتان ايئر انڊيا جي اڏام ”316“ ۾ ٽوڪيو لاءِ روانا ٿي وياسين. جيئن ته صبح سوير اٿيا هئاسين ۽ تڪڙ به هئي، انهي ڪري ناشتو ته نه ڪري سگهياسين، جهاز ۾ ناشتي ملڻ جي اميد ته هئي، پر بک وڌندي پي وئي، هوائي اڏي تي چانهه پيتيسين پر بسڪوٽ يا سنيڪس انهي ڪري نه کاڌاسين ته متان بک مري وڃي ۽ جهاز وارو ناشتو کائي نه سگهون.
جهاز جي انتظار دوران ڊيوٽي فري شاپس تان مختصر نموني جي خريداري به ڪئي سين، ٻي سموري خريداري اسان سنگاپور مان ڪري ڇڏي هئي، اسان کي خبر هئي ته هانگ ڪانگ شاپنگ جي خيال کان ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هتي نقلي شيون جام هلندڙ آهن، جاپان مان خريداري جو خيال انهي ڪري لاهي ڇڏيو هوسين، جو جپاني شيون جپان جي ڀيٽ ۾سنگاپور ۾ وڌيڪَ سستيون ملن، انهي جو سبب اهو آهي ته جپان ۾ لوڪل ٽئڪس زياده آهن، انهي ڪري ئي جپاني شيون، جيڪي سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿيون، جاپان جي ڀيٽ ۾ فري پورٽس تي زياده سستيون ملن ٿيون، منهنجي خيال ۾ شاپنگ لاءِ سنگاپور کان وڌيڪَ مناسب جڳهه ٻي ڪا به نه آهي، يا وري دبئي جو چرچو آهي پر اوڏانهن منهنجو وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي.
جهاز پنهنجي صحيح وقت تي اسهيو، ٿوريءَ دير کانپوءِ ناشتو آندو ويو، جنهن کي ڏسي باهه وٺي ويئي، ناشتي ۾ هڪ ڊبل روٽي ۽ ڪافيءَ جو هڪ ڪوپ ۽ ٿورو مربو، چٽڻي ۽ مکڻ هئا، مون سمجھيو ته شايد هيءَ ويجيٽيرين بريڪفاسٽ آهي، جيڪي ڀل ۾ اسان کي ڏني اٿن. ڇاڪاڻ ته ويجيٽيرينس لاءِ الڳ کاڌو هوندو آهي ۽ اڳواٽ پڇندا به آهن ۽ اسنا کان به پڇيو هئائون، سو ايئر هوسٽيس کي سڏي ٻڌايم ته اسان ”ويشنو“ نه آهيو، پر هن مسڪرائيندي وراڻيو ته اهو کاڌو توهان جي لاءِ ئي آهي. بهرحال خار ته ڏاڍا لڳا، پر مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ. مون بئنڪاڪ کان سنگاپور ۽ سنگاپور کان هانگ ڪانگ ۽ هانگ ڪانگ کان ٽوڪيو تائين ايئر انڊيا ۾ سفر ڪيو، بنهه بيڪار ايئر لائين آهي، نه اٿس سروس سٺي ۽ نه کاڌو مزيدار، جهاز ۾ اندر هڪ قسم جي ڌپ پئي دماغ کي چٽيندي آهي. جميالتي ذوق جي تسڪين ته پري رهي الٽو مٽي پليت ٿيل هوندي آهي، ايئر هوسٽيس اڪثر ڪاريون ۽ بدصورت هوندي آهن، ويتر جو ايئر انڊيا جي چٽڪمري پوشاڪ پهريونديون آهن ته رهيل سهيل ڪسر به پوري ٿي ويندي آهي، خبر نه آهي ته ڇو انهيءَ هندستان، جنهن جي جمنا گھاٽ تي سونهن جا سوين سينگار هوندا آهن ۽ جنهن۾ ڪشمير جون پري چهره ناريون آهن، انهن جي ايئر لائين ۾ ههڙا بدصورت چهرا آندا ويا آهن. ايئر انڊيا جي سفر ۾ صرف هڪ شيءِ وڻندڙ هوندي آهي، سا هيءَ ته ساڳي سفر دوران ايئر فون تي بهترين نوان ۽ پراڻا گانا ٻڌي سگهجن ٿا، خاص طرح ڏينهن جي وقت سفر جون گهڙيون مڙيئي چڱيون گذريون وڃن، ملڪ کان ٻاهر پي آءِ اي جي سروس ايئر انڊيا جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ سٺي آهي ۽ کاڌو به سٺو اٿس.
اسان چئڪلاڪن جي لڳاتار سفر کانپوءِ جپان جي گاديءَ واري شهر ٽوڪيو جي ناريتا (Narita) هوائي اڏي تي پهتاسين، ٽوڪيو جو شهر دنيا ۾ آباديءَ جي لهاظ کان ميڪسيڪو سٽيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر آهي، هت ٽي هوائي اڏا آهن. جهاز هوائي اڏي جي عمارت سان گڏ لڳو. اسان هيٺ لهي هيلٿ ڪارد، هيلٿ کاتي وارن جي حوالي ڪري اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتاسين، مسافر اٽڪل هڪ سؤ کن هئا، هر فلائيٽ لاءِ الڳ ڪليئرنس سيل هو، جنهن ۾ ڪسٽم، هيلٿ ۽ اميگريشن اچي ويا ٿي، تنهن ڪري اچڻ يا وڃڻ وقت ڪنهن به وقت جي دير يا رش نه ٿيندي آهي، هر ملڪ ۾ پنهنجي قانون ۽ قاعدي پٽاندر ڪيترن ماڻهن جي اچڻ تي بندش هوندي آهي، جن ۾ سياسي ماڻهو، جاسوس، انٽرنيشنل سمگلر، سماج دشمن عناصر ۽ مشڪوڪ قسم جا ماڻهو چاي وڃن ٿا، انهي لاءِ اميگريشن وارن وٽ اهڙا رجسٽر به رکيل هوندا آهن، جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙا نالا لکيل هوندا آهن، انهي ڪري نالا چيڪ ڪري پوءِ اسٽئمپ هڻي ملڪ ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏيندا آهن، انهي ڪري رش نه هئڻ جي باوجود به ڪن هوائي اڏن تي دير ٿي ويندي آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ انهيءَ ڪم کي جلد اڪلائڻ لاءِ ڪمپيوٽر استعمال ڪيا ويندا آهن، نه رجسٽر جي پنن اٿلائڻ جي زحمت نه ڪا ڳولا ڦولا، صرف ڀريل ڪارڊ (Embarcation Card) چڪاس لاءِ ڪميپوٽر ۾ وڌو ويندو آهي ۽ سيڪنڊ ۾ جواب ملي ويندو آهي ته همراهه مشڪوڪ قسم جو ماڻهو آهي يا نه، انهيءَ ريت عام طرح مسافر کي به مهسوس ڪونه ٿيندو آهي ته هن جو نالو پيا چڪاسين، پر اڪثر جيٽ سيٽ (Jet Set) لائيف گذارڻ وارن کي يڪدم محسوس ٿي ويندو آهي ته همراهه ڇا پيا ڪن.
آئون جڏهن قطار ۾ هلندو اميگريشن ڪائونٽر تي پهتس ته اميگريشن آفيسر سواءِ ڪنهن سوال پڇڻ جي مهيني جي لاءِ ويزا ڏيئي ڇڏي، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اسٽئمپ لڳڻ کانپوءِ ماڻهو پاسپورٽ کيسي ۾ وجھي اڳتي ڊوڙندا پنهنجي سامان، لاءِ ڊڪندا ويندا آهن، پر اهو طريقو غلط آهي، آفيسر جي اسٽئمپ کانپوءِ، پنهنجي پاسپورٽ جي چڪاس ڪرڻ گهرجي ته ويزا گهڻن ڏينهن جي ۽ ڪهڙي قسم جي ملي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اسٽئمپ لڳائڻ وسري ويندو آهي ۽ ايئن پاسپورٽ واپس ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ وڃڻ وقت يا شهر ۾ ڪنهن ڊيوٽي فري شاپ تي يا ٽريول ايجنٽ وٽ ٽڪيٽ وٺڻ وقت يا ڪنهن سفارتخاني ۾ ويزا وٺن وقت وڏي دشواري پيش ايندي آهي، از ان کانسواءِ اها ڳالهه قانوني طرح به ڏوهه آهي ته پاسپورٽ تي ارائيول اسٽئمپ نه هجي، ٿوري تڪڙ يا لاپرواهي سبب خوامخواه ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، انهيءَ ڪري هر ماڻهوءَ کي هن ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
هتي جڏهن مون پاسپورٽ تي نظر وڌي ته هڪ عجيب ڳالهه محسوس ٿي، عجب انهيءَ ڪري ٿيم جو دنيا جري هر ملڪ جي اميگريشن اسٽئمپ تي ان ملڪ جو نالو ضرور ڄاڻايل هوندو آهي، مثال طور توهان جڏهن لنڊن، پئرس، منيلا، ڪولالمپور، بئنڪاڪ ۽ ڪراچي هوائي اڏي تي پهچندا ته اميگريشن وسارا جيڪا اسٽئمپ هڻندا ان تي تاريخ سان گڏ هيءَ لکت به هوندي.
گريٽ برٽن لنڊن اميگريشن، فرانس پئرس اميگريشن، فلئاپن منيلا اميگريشن، ٿائيلينڊ بئنڪاڪ اميگريشن ۽ پاڪستان ڪراچي اميگريشن.
پر هيءَ نديا جي پهرين اميگريسن اسٽئمپ هئي جنهن تي نه جاپان لکيل هو ۽ نه ٽوڪيو، صرف هي لفظ لکيل هئا ”ناريتا اميگريشن آفيسر“ هي نئون انداز مونکي ڏاڍو وڻيو، هونئن به عربيءَ جي چوڻي آهي ته ”کل جديد لذيذ“ (يعني هر نئين شيءِ وڻندڙ ٿيندي آهي). سامان اسان کان اڳ پهچي چڪو هو، سو کڻي ڪسٽم ڪائونٽر تي آياسين، ڪسٽم وارا ڪي بنهه شريف ماڻهو هئا، تن سامان ۽ اسان جون صورتون ڏسي هٿ سان اشارو ڏنو ته گولي ٿي وڃو، اسان سامان سهيڙي سڌو ٽوئرسٽ انفرميشن ڪائونٽر تي آيسين، جتان شهر جو نقشو ۽ انڊر گرائونڊ ٽرين جو نقشو، جپان ۽ ٽوڪيو بابت معلوماتي ڪتابڙا وٺي وري سڌو هوٽل رزرويشن ڪائونٽر تي آياسين. ٽوڪيو ۾ ڪيتريون ئي عاليشان آرامده ۽ فرسٽ ڪلاس هوٽلون آهن، انهن هوٽلن ۾ گهڻو ڪري مغربي طرز جا ڪمررا آهن، جيڪڏهن ڪنهن مسافر کي روايتي جپاني طرز جي روم ۾ رهڻ جو شوق هجي ته اڳواٽ چوڻ سان هوٽل انتظاميه اهڙو بندوبست به ڪري ڏيندي آهي، جيڪڏهن گهـٽ خرچ وارين هوٽلن ۾ رهڻ چاهجي ته وري ”بزنيس“ هوٽلون به آهن، جن ۾ مناسب مسواڙ تي صاف سٿري ماحول وارا ڪمرا به ملن ٿا، اڃان به گهٽ خرچ تي گذارو ڪرڻو هجي ته خالص جپاني طرز جا سراءِ گهر به آهن، جن کي ريو ڪان ۽ منشو ڪار (Ryokans and Minshukar) ڪوٺجي ٿو.
انهن ٻنهي ۾ في ماڻهو جي حساب سان مسواڙ وصول ڪئي ويندي آهي، انهيءَ مسواڙ ۾ گهڻو ڪري نيرن ۽ رات جي مانيءَ جا پئسا به شامل هوندا آهن، کاڌو ڪمرن ۾ ئي ڏنو ويندو آهي، انهن سرائن جي ڪمرن ۾ سمهڻ لاءِ جيڪو وڇاڻ هوندو آهي، تنهن کي تاتامي مئٽ فلورس (Tatami Mart Floors) چوندا آهن اهڙي سراءِ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنهنجا بوٽ لاهي چمپل پائبا آهن، جيڪي اتي رکيل هوندا آهن، تاتامي تڏن (فرشن) تي پير رکڻ کان اڳ اهي چمپل به لاهڻا پوندا آهن، جيڪڏهن غسلخاني ۾ وڃنو هجي ته پوءِ غسلخاني جي دروازي وٽ رکيل غسلخاني وارا چمپل پائڻا پوندا آهن، غسلخاني مان نڪرڻ کانپوءِ اهي چمپل اتي ئي لاهي ڇڏبا. انهن ڳالهين مان جپاني قوم جي صفائي ۽ سليقي ڏانهن ڌيان جو پتو پوي ٿو، هونئن به جپان قوم مهذب ۽ شائسته هجڻ سنا گڏ ضابطي جي بنهه پاند قوم آهي.
اسان هوٽل گنزاڊائچي (Ginza Daichi) جيڪا فور اسٽار آهي ۽ گنزا جي علائقي ۾ آهي، جيڪو ٽوڪيو جو سٺي ۾ سٺو علائقو آهي، تنهن لاءِ ڪوپن ورتو، هن هوٽل جي ڊبل ڪمري جي مسواڙ ٽئڪس سميت اٽڪل 1800 سؤ روپيا هئي، هوائي اڏي تان ٿوري ڪرنسي ورتيسين، وڌيڪَ وٺڻ انهي ڪري مناسب نه سمجھي سين جو ٻين شهرن ۾ اهو تجربو ٿيو ته هوائي اڏي جي ڀيت ۾ شهر ۾ مٽاسٽا ۾ وڌيڪَ پئسا ملن ٿا، شهر وڃڻ لاءِ زمين دوز ريلوي آهي، جنهن کي جپان ۾ سب وي (Subway) سڏين. هتي بسون ۽ ٽيڪسيون هر گهڙي ۽ موجود ملن ٿيون، اسان بس لاءِ اڳ ۾ ڪوپن وٺي ڇڏيو هو، جنهن جو ڀاڙو ٿيو 2400 ين (جپاني سڪو) انهي بس اسان کي آڻي ٽوڪيو سٽي ايئر ٽرمينل تي ڇڏيو. جتان اسان ٻي سواري ۾ هوٽل پهتاسني، اسان جيڪڏهن هوائي اڏي کان سڌا هوٽل تائين ٽئڪسي ۾ اچون ها ته گهٽ ۾ گهٽ 800 سؤ روپيا ڀاڙو ڀرڻو پوي ها، انهي کان اڳ جو جپان جو سير ڪريون، بهتر ائين سمجھان ٿو ته جپاني بابت وتهان کي ڪجهه ٻڌايان.
*