7
هندوئن ۾ روح يا آتما جي جسمن بدلائڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. قديم مصرين ۽ مرده جسم ۾ ڪنهن به وقت روح جي داخل ٿيڻ جو عقيدو هو. غالباً انهي ڪري ئي قديم مصري لاشن کي دوائن ۽ مصالحن وسيلي محفوظ رکندا هئا ۽ مرندڙن سان گڏ سندن ساز و سامان به دفن ڪندا هئا ته جڏهن مردو جيئرو ٿئي ته کيس استعمال جون سڀ شيون اڳواٽ ميسر هجن.
2. عيسائين، يهودين ۽ مسلمانن ۾ روحن جي عالم برزخ ۾ رهڻ جو عقيدو هلندڙ آهي. اهڙي ريت جپان جي ماڻهن ۾ جن جو تعلق ٻڌ مت ۽ شنتو مت سان آهي، به روحن جي موجود رهڻ ۽ سير و سفر جو عقيدو عام آهي. انهي سلسلي ۾ هو 13 جولاءِ کان 16 تاريخ تائين پاسو ڪوني جنجا (Yarru kuuni Jinja) ۾ رنگ ناچ وغيره جون تقريبون منعقد ڪندا آهن. اهي تقريبون گذريل جنگين دوران شهيد ٿيلن جي روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملهايون وينديون آهن. هنن جو عقيدو آهي ته مئلن جا روح پنهنجن دنياوي گهرن گهمڻ لاءِ 13 جولاءِ تي ايندا آهن ۽ 16 جولاءِ تي وري واپس ٻي جهان ڏانهن هليا ويندا آهن. شترائن ۾ هر شام 2,500,000 روحن لاءِ مذهبي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن ۽ امن لاءِ دعائون گهريون وينديون آهن. انهي تقريب کي چراغن جو تهوار به ڪري سڏبو آهي، هن تهوار ۾ هزارين ننڍا وڏا چراغ روشن رکيا ويندا آهن ته جيئن روح پنهنجن گهرن ڏانهن ايندي ۽ ٻي جهان ڏانهن موٽندي اونداهين ۾ نه ڀٽڪن، هن ڏيهاڙي جون رنگا رنگ تقريبون جن ۾ رقص وسرود، نمائشون، ڪرتب، لوڪ ناچ وغيره هوندا آهن ڪافي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ آهن.
3. موسم گرما جي دلچسپ رسمن مان هڪ رسم آهي تلاءُ يا ندي تي ڏيئا ٻارڻ. اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌوءَ تي هميشه ڏيئو ٻرندڙ رکندا هئا. انهن کي درپا پنٿي سڏيو ويندو آهي. ڀٽائي گھوٽ به انهي رسم جو ذڪر ڪيو آهي.
جپان ۾ پاڻيءَ تي ڏيئن تارڻ واري رسم کي تورو ناگاشي Toro Nagashi چئجي ٿو. رات جي ڪارائڻ ۾ جَرَ تي ترندڙ ۽ ٽمڪندڙ ڏيئن جي جوت جو ڏيک ڏور کان ڏاڍو رومانٽڪ لڳندو آهي. منگل جي سانجھيءَ مهل هزارين ٽمڪندڙ ڏيئا پاڻيءَ تي ترندا ۽ پاڻي ۾ اولڙا ٺاهيندا ڪنهن اڻ ڄاتي سفر تي ويندا نظر ايندا آهن. اِها تورو گاشي رسم ٻڌمت وسارن جي پراڻي رسم آهي ۽ بون ڏيهاڙي سان هن جو واسطو آهي. ٻڌمت وارن جي عقيدي موجب بون (Bon) سال جو اهو ڏيهاڙو آهي، جڏهن هنن جي ابن ڏاڏن ۽ عزيزن قريبن جا روح پنهنجن وارثن سان ملڻ لاءِ زمين تي ايندا آهن، اهو ستين مهيني جو تيرهون ڏينهن هوندو آهي. عبادتگاهن ۾ قربان جا خاص هنڌ جوڙيا ويندا آهن، جن تي آيل روحن لاءِ کاڌ خوراڪون، ميوا مٺايون ۽ شربت رکيا ويندا آهن. 16 تاريخ ارواح واپس وڃڻ شروع ڪندا آهن ۽ انهن جي راهه روشن رکڻ لاءِ پاڻي تي ڏيئا تاريا ويندا آهن. ڏيئا جن ٿالهين تي تاريا ويندا آهن انهن تي ڪجهه کاڌا ۽ ميوا به رکيا ويندا آهن ته جيئن ارواح واپسيءَ جي سفر دوران کائي سگهن. اهڙيءَ ريت اها رسم 16 تاريخ جي پڄاڻي سان انت تي ايندي آهي.
چڱو هاڻي موٽي اچون ٿا سفر جي باقي بچيل احوال ڏي. مندر جي باغ گهمائڻ کانپوءِ اسان کي جپان جي وڏي ۾ وڏي راندين جي اسٽيڊيم وٺي ويا، جيڪو راندين جي اسٽيڊيم کان علاوه هڪ بهترين فني تعمير جو شاهڪار پڻ آهي، هي اسٽيڊيم خاص طرح 1964ع جي اولمپڪ گيمز لاءِ تعمير ڪيو ويو هو. جپان سان گڏ پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن ايشيا جي ملڪ ۾ اولمپڪ گيمز ٿي رهيا هئا، ۽ اولمپڪ گيمز جي تاريخ ۾ هينلسڪي اولمپڪ کان پوءِ زياده ۾ زياده ماڻهو هن اولمپڪ ۾ شريڪ ٿيا.
جتي جپان جي سائنسي ترقي سڄي دنيا کي ڏندي آڱريون آڻي ڇڏيون آهن. اتي هن قوم پنهنجي تفريح لاءِ زبردست اُپاءَ ورتا آهن، جديد راندين سان گڏ قديم راندين جي پڻ گهڻي همت افزائي ڪئي اٿن. جپان ۾ راندين جا ڪيئي رسالا نڪرندا آهن. جپاني پنهنجي قومي راندين ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن، جپان جي پنهنجي قومي راندين ۾
سومو (Sumo)
جوڊو (Judo)
ڪينڊو (Kendo) ۽
ڪيوڊو (Kyudo)
جپان اندر گهڻو مشهور آهن، جن جون ڪامينٽريون ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي عام ڏيکاريندا آهن. سومو راند جي ٽورنامينٽ ملڪ ۾ ڪيترا دفعا ٿيندي آهي، پر خاص وڏي ٽورنامينٽ سال ۾ هڪ ڀيرو پورا پندرنهن ڏينهن هلندي آهي. ڏسڻ وارن کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ٻيا ماڻهو به ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي هن ٽورنامينٽ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن، جيئن ماڻهو پاڻ وٽ ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۾ وٺندا آهن. سومو کانپوءِ جپان ۾ ٻيو نمبر جوڊو (Judo) راند جپانين جي دلپسند راند آهي، جوڊو کي پهريائين جپان ۾ جوجو شو (Jajutso) سڏيو ويندو هو. پر هاڻي هي راند نه صرف جپان پر سڄي دنيا ۾ جوڊو جي نالي سان مشهور آهي، هاڻي جوڊو نه صرف جپان پر سڄي دنيا جي هڪ دلچسپ راند ٿي پيئي آهي، ڇو ته هيءَ راند کان وڌيڪ هڪ سيلف ڊفينس آرٽ پڻ آهي، جنهن ڪري هي ايترو جلد دنيا ۾ مشهور ٿي. هاڻ ته پاڻ وٽ پاڪستان ۾ پڻ وڏي چاهه سان کيڏي وڃي ٿي. پنهنجي ملڪ ۾ پڻ، سڀني وڏن سهرن ۾ هن جون ڪلبون آهن ۽ هر سال ڪراچي، لاهور ۾ هن راند جو باقاعده ٽورنامينٽونٿينديون آهن. سيلف ڊفينس آرٽ ڪري مردن سان گڏوگڏ عورتون به هن ۾ اوترو ئي دلچسپي وٺنديون آهن.
1964ع جي اولمپڪ گيمز ۾ هن راند کي پهريون دفعو عالمي مڃتا ملي ۽ هاڻ هي هر اولمپڪ گيمز ۾ کيڏيون وينديون آهن.
ڪينڊو (Kendo) بيس بال (Base Ball) سان ملندڙ جلندڙ راند جو قسم آهي. هي راند جپان ۾ پهريائين گهٽ هئي، پر هن وقت جپاني هن راند ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڃي وڌيڪ عام ٿيندي. انهن راندين کانسواءِ ٻيوند نيا ۾ عام کيڏجندڙ رانديون به جپاني عام جام کيڏندا آهن، جن ۾ گاف جمناسٽڪ، بيس بال سافٽ بال، بيڊ منٽن، ٽيبل ٽينس، سائيڪلنگ، فيشبنگ، ٽينس ۽ والي بال عام آهن.
جپان جا 60 سالن کان وڏي عمر وارا ماڻهو جنهن راند ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي کيڏندا آهن. انهي راند کي جپاني ۾ چون گيٽ بال (Gate Ball). جپان ۾ سال جا پهريان ٽي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ٿيندي آهي جنهن ۾ سرڪاري ادارن کانسواءِ سڀني وڏن ۽ ننڍن خانگي ادارن ۾ پڻ عام موڪل هوندي آهي، اُهي ٽي ڏينهن ڄڻ ته عيد هوندي آهي. سڀ جپاني انهن ڏينهن لاءِ سڄو سال تياريون ۽ پروگرام ٺاهيندا رهندا آهن، پنهنجن گهرن کي بي انتها سينگاريندا آهن، هڪ خاص قسم جي ڊرنڪ چانورن مان انهي ڏينهن لاءِ ٺاهيندا آهن، جنهن کي چون ساڪا (Saka) هي هڪ سنوڻ هوندو آهي ته هن جي پيئڻ سان ڄمار وڏي ٿيندي. ڏکوئيندڙ يادون ختم ٿي وينديون ۽ خوشين جي زندگي جي شروعات ٿيندي. جپاني قوم ۾ صدين کان هي رسم پڻ هلي اچي ته هو ڪنهن باس باسيندڙ جي مراد پوري ٿيڻ تي هو بازارن ۾ وڪري لاءِ رکيل پڃرن ۾ بند پکي خريد ڪري يا گهرن ۾ پڃرن ۾ بند پکي آزاد ڪري ڇڏيندا آهن. سال جي ابتدا جي ڏينهڙي کي جپان ۾ چون، شوگاستو (Shogattsu). ٻين خوشين سان گڏ هن ٽن ڏينهن ۾ راندين جون تقريبون به جام ٿين، هاڻ سان جا سونهان اسان کي ٽن سؤ سال پراڻو هاريءَ جو گهر ڏيکارڻ وٺي ويا. هي گهر ٻه ماڙ هو ۽ هن ۾ هڪ ننڍڙو خوبصورت باغيچو به هو، اسان کي ٻڌايو ويو ته جپان جو هاري ٽي سؤ سال اڳ هن ريت رهندو هو. اسان وٽ اڄ به شآيد ڪنهن اپر، مڊل ڪلاس واري ماڻهوءَ جو گهر ههڙو هجي، هيءَ اسان جي اڄ جي ٽوئر جو آخري پروگرام هو، اڳي جيان اڄ به هنن اسان کي گنزا جي علائقي ۾ لاهي ڇڏڻو ه و، پر اسان کين چيو ته اسان کي هوٽل تي هلي ڇڏيو. هوٽل ڏانهن ويندي ويندي رستي تي اسان جي گائيڊ هڪ بنگلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها جڳهه وزير اعظم جي سرڪاري رهائش گاهه آهي.
هن عمارت جي وڏي دروازي تي ٽي چار پهريدار بيٺل هئا. بنگلي جي ٻاهرين ڀتين تي سيڪيورٽي جي خيال کان ڪئميرائون لڳل هيون. بنگلو ڪو خاص وڏو نه هو، شهر جي وچ ۾ هئڻ ڪري ٻنهين طرفن ٽرئفڪ بند نه هئي ۽ نه وري ڀتين ڀرسان پهريدار هئا. ڪو به لانگھائو وزير اعظم جي گهر ۾ ڪا به خطرناڪ شيءِ آساني سان اڇلائي سگهيو ٿي. انهي امڪان جي باوجود رستن جو ٽرئفڪ لاءِ کليو رهڻ، هن ڳالهه جو اهڃاڻ هو ته پبلڪ هروڀرو تشدد ڏانهن مائل نه هئي، جنهن ملڪ ۾ جمهوري آزاديون نالي ماتر هونديون آهن، انهن ملڪن جا سربراهه سخت سيڪيورٽي ٽي پهرن هيٺ گذاريندا آهن، بورجوا جمهوريت پنهنجين اوڻاين جي باوجود عوام کي حڪومتي سرشتي ۾ حصي وٺڻ ۽ حڪومت ڪارگذارين تي کلي تنقيد ڪرڻ جو حق ڏيئي جذبن جي اظهار جا موقعا مهيا ڪري ٿي، انهيءَ ڪري اندر ئي اندر سازشون جنم وٺي پڪيون پختيون نه ٿيون ٿين. ساڳي وقت عوام جي سياسي ساڃهه جي به اؤسر ٿئي ٿي.
ڪمري تي پهچي ڪجهه ٿڪ ڀڳوسين ۽ پوءِ وهنجي سهنجي چانهه جو هڪ گرما گرم ڪوپ ٻي ٻاهر نڪتاسين، ٻاهر جيئن ته ٿوري ٿوري بارش وسي رهي هئي، انهي ڪري هوٽل ۾ رکيل ڇٽي کنئي سين، جاپان جي وڏين هوٽلن ۾ ڇٽيون ڪافي تعداد ۾ رکيل هونديون آهن ته جيئن برسات جي حلات ۾ ٻاهر کڻي وڃجن ۽ واپسيءَ ۾ ساڳي جڳهه تي رکي ڇڏجن، جيستائين برسات هئي تيستائين ته ڇٽيون اسان لاءِ رحمت هيون، پر برسات ختم ٿيڻ کانپوءِ بار بنجي پيون. رات جي دستور مطابق اشوڪا هوٽل ۾ ماني کاڌيسين، ماني کائي ڦرندا گهرندا پنڌ ئي پنڌ اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. صبح جو ڪو به ٽوئر پروگرام ڪونه هو، انهي ڪري سوير اٿڻ جو اونو ۽ اُلڪو نه هيو، رات دير تائين پنجين چئينل تي انگريزي پروگرام ڏسندا رهياسين ۽ ڪافي دير سان ستاسين. ٻي ڏينهن ڏاڍيون ننڊون ڪري اٿياسين ۽ ٻاهر نڪرندي پهريائين پي، آءِ اي (PIA) جي آفيس وياسين، جتي اسان کي پنهنجي ٽڪيٽ جي باقي هڪڙي سرڪٽ يعني بئنڪاڪ ڪراچي کي O.K ڪرائڻو هو. عيد جو موقعو هو تنهن ڪري ٽڪيٽ O.K ٿيڻ ۾ ڪافي تڪليف پيش پئي آئي. اسان جي ٽڪيٽ هر شهر لاءِ اڳ ۾ ئي اوڪي ٿيل هئي، پر بئنڪاڪ ڪراچي لاءِ هر جڳهه تي انتظار ڪرڻ لاءِ پي چيائون. عيد جي ڪري اسان کي به تمام گهڻو خيال هو ته عيد وڃي ڳوٺ ڪريون. گهمندي ڦرندي پي آءِ اي جي آفيسن ۾ جھاتيون به پائيندا هئاسين، اسان آفيسن ۾ وياسين ۽ کين پنهنجي حال کان واقف ڪيو. آفيس وسارن اسان جا نالا نوٽ ڪري ڪمپيوٽر جي حوالي ڪيا، جتان جواب مليو ته توهان جون سيٽون O.K آهن، انهي کانپوءِ وڃي اطمينان ٿيو، هر ماڻهوءَ کي ٻاهرين ملڪن يعني ولايتن جي وڻن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو آهي، پر جڏهن ٻاهر ڳچ ڏينهن لڳي ويندا آهن ته اباڻا وڻ ياد ايندا اهن، دل چاهيندي آهي ته پَرَ ٿي پون ته ڪر اُڏري وڃي گهر ڀيڙو ٿجي، سو اسان کي به جڏهن اهو ٻڌايائون ته توهانجي ٽڪيٽ بئنڪاڪ کان ڪراچي لاءِ اوڪي آهي ته اسان کي دلي اطمينان ٿيو. اسان آفيس وارن جون مهربانيون مڃيندي ٻاهر نڪتاسين. شامَ تائين سڄو وقت پنڌ ئي پنڌ ٽوڪيو شهر جو سير ڪندا رهياسين. دراصل گهمڻ جو اصل مزو آهي به پنڌ ۾. ٽورسٽن (سياحن) کي گهرجي ته ٽيڪسين بجاءِ پنڌ گهمن ڦرن. جيڪا ڄاڻ ۽ معلومات پنڌ گهمڻ سان پلئه پوي ٿي سا ٽيڪسين ذّرعيي قطعي حاصل نٿي ٿئي.
اسان شامَ ڌاري موٽي هوٽل تي آياسين، جتي ٿورو آرام ڪري پوءِ هوٽل وارن سان ڳالهايو سين ته اسان صبح جو منيلا وينداسين جنهنڪري اسان جو بل صبح جو ڏجو ۽ گاڏي به ڏجو ته جيئن اسان سٽي ايئر ٽرمينل تي پهچي سگهون ۽ پوءِ اتان ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿي وڃون، تنهن تي چيائون ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته اسان جو ڪوچ به توهان کي ملي سگهي ٿو ۽ ڀاڙو به ساڳيو ئي آهي ۽ اهو سڌو ايئرپورٽ تي ڇڏيندو، اهڙي ريت توهان ٻن ٻن سوارين بدلائڻ جي زحمت کان به بچي پوندا ۽ ڀاڙي جي به بچت ٿي پوندي. اسان توهان کي سڌو ناريتا انٽرنيشنل هوائي اڏي تي ٿا پهچايون. اسان به هائوڪار ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته اسان جي فلائيٽ صبح جو اٽڪل يارهين وڳي ڌاري رواني ٿيندي، انهي ڪري اسانکي ڪم از ڪم ٻه ڪلاڪ اڳواٽ اڏي تي پهچائجو. جنهن تي رسيپشن وارن جواب ۾ چيو، ”توهان فڪر نه ڪريو اسان توهان کي ڇهين وڳي ڌاري ايئرپورٽ لاءِ کڻي هلنداسين. توهان بلڪل تيار ٿي هيٺ پهچي وڃجو“.
اسان سامان وعيره درست ڪري جلد سهمي رهياسين ته جيئن صبح سوير اٿي سگهون، پر انتظار ۾ ننڊ ئي نه پئي آئي، سڄي رات جا چار پهر الله الله ڪري پورا ڪياسين ۽ صبح سوير اٿي تيار ٿي سامان کني هيٺ رسيپشن تي پهتاسين. هوٽل جو بل ڏنائون، ادائگي ڪري اچي بس ڀيڙا ٿياسين. برسات گهڻي پئجي رهي هئي ان ڪري ڊوڙي اچي بس ۾ ويٺاسين بس ۾ پهريائين ٽي وي تي ميوزڪ پروگرام ڏيکاريائون ۽ پوءِ انگريزي ۾. واپسي لاءِ ايئرپورٽ فارمليٽيز سمجھايائون. هر ڳالهه اهڙي سٺي نموني سمجھايائون جو واپسي ۾ تر جيتري به تڪليف يا پڇ پڇان ڪانه ٿي اسان تمام گهڻي برسات هئڻ جي باوجود ايئرپورٽ تي پوري وقت تي پهتاسين. جتي اسانجي فلائيٽ لاءِ بورڊنگ شروع ٿي چڪي هئي. اسان پنهنجو سامان ڏيئي ٽئگ وٺي اچي لائونج ۾ ويٺاسين ٿوري دير کانپوءِ اعلان ٿيو ته توهان جي اڏام منيلا لاءِ تيار آهي، اسان سڌا اچي جهاز ۾ پهتاسين جتي ايئر هوسٽس اسان کي اسانجون سيٽون ڏيکاريون. اسان پنهنجين سيٽن تي ويٺاسين. ٻن منٽن کانپوءِ جهاز پنهنجي صحيح وقت تي منيلا لاءِ اڏاڻو اهڙي طرح اسان جپان جي هن سهڻي سرزمين تان کڄي هوائن جي دنيا ۾ هليا وياسين.
جهان جهڙو ٻڌوسين تهڙو ڏٺوسين.
* * *