2
هن ملڪن جي گادي جو هنڌ ڪيوٽو (Kyota) کان واپس ايدو (Edo) آنندو، جيڪو ڪنهن وقت اڳ به ملڪ جي گادي جو هنڌ هو ۽ سندس نالو ايدو مان بدلائي ٽوڪيو، رکيو جنهن جي معنيٰ آهي ”مشرقي گادي“ هن ملڪ کي هڪ سڌريل دؤر جي حالتن پٽاندر آئين ڏنو، باقائده حڪومت هلائڻ جا کاتا قائم ڪيا ۽ انهن جا وزير مقرر ڪيا، جن کي ڪافي اختيار ڏنا ويا، وڏي ڳالهه ته ٻن ايوانن واري پارليامينٽ قائم ڪئي، جنهن ذريعي سڀ پراڻا مدي خارج قانون ختم ڪري جديد دؤر جي حلاتن مطابق قانون ٺاهيا ويا، جنهن جي ڪري ملڪ جي ماڻهن ۾ زبردست اعتماد پيدا ٿيو، سڄي قوم جپان کي صرف هڪ بادشاهه جي حڪومت نه پر سڀني ۽ سڄي قوم جي حڪومت سمجھڻ لڳي، جنهن ڪري ماڻهن ۾ هڪ سجاڳي جي لهر پيدا ٿي. ڏسندي ڏسندي جپان نه صرف انهي خطي جو پر دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
دنيا جي تاريخ ۾ واقعي ڪي هاڙا بادشاهه به ٿي گذريا آهن جن نه صرف پنهنجي قوم جو مان مرتبو وڌايو پر ڌرتي کي به ناچ نچائي ڇڏيو، نه ته تاريخ ۾ روم جي نيرو بادشاهه جي بادشاهن جي ڪمي ڪانه ٿي نظر اچي، مطلب ته (56)ڇاونجاهه سالن جي دؤر حڪومت ۾ جپان جي هن حڪمران جپان کي زمين تان آسمان تي پهچائي ڇڏيو. دنيا ۾، جپان دينا جو هڪ طاقتور ۽ سگهارو ملڪ ٿي نروار ٿيو ۽ دنيا جي چند پاورفل ملڪن ۾ شامل ٿيڻ لڳو. ميجي بادشاهه 1912ع ۾ وفات ڪئي، سندس جڳهه تي جپان جي تخت تي تئشيو (Taisho) بادشاهه ٿيو. جنهن پڻ چوڏهن سال جپان تي حڪومت ڪئي ۽ نيٺ 1926ع ۾ وفات ڪئي، وفات کانپوءِ هيرو هيٽو بادشاهه ٿيو، جنهن جپان جي سڄي بادشاهي تاريخ ۾ زياده ۾ زياده حڪومت ڪئي، يعني سڄا سارا 62 ٻاهٺ سال ۽ سڀني بادشاهن ۾ وڏي عمر پڻ ماڻي، يعني 87 ستاسي سال. هيرو هيٽو جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ اڪي هيٽو (Akihito) 7 جنوري 1989ع تي تخت نشين ٿيو. کيس ٻه پٽ هڪ ڌيءَ آهي. ڌيءَ جو نالو اٿس ”نوري“ (Noree).
جپان چئن وڏن ٻيٽن ۽ 3900 ننڍن ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آهي، وڏن ٻيٽن ۾.
1. هوڪئيدو (Hokkaido)
2. هونشو (Honshu)
3. شڪوڪو (Shikoku)
4. ڪئيشو (Kyushu)
شامل آهن، جپان جي ايراضي انگلينڊ کان ٿوري وڌيڪ آهي، ملڪ جي 71 سيڪڙو زمين جابلو علائقي تي مشتمل آهي، جپاني سرڪاري ٻولي آهي، جيڪا تائيوان ۽ ڪوريا ۾ پڻ سيڪنڊ لئنگويج طور استعمال ٿيندي آهي. جپان هڪ سيڪيولر ملڪ آهي. آئين ۾ انهي ڳالهه جي ضمانت ڏنل آهي ته ڪنهن به مذهب تي حڪومت پاران هڪ پيسو به خرچ نه ڪيو ويندو. اڄ جو جپان جنهن جي آدم شماري تقريبن ٻارنهن ڪروڙ آهي، جيڪو دنيا ۾ ڇهون نمبر وڏو آدمشماري وارو ملڪ آهي يعني: چين، هندستان، آمريڪا، انڊونيشيا ۽ برازيل کانپوءِ ۽ جپان جو نمبر آهي، هڪ اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ 321 ماڻهو رهن ٿا، جپنا جي ماڻهن جي شرح پيداوار دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ آهي يعني 1.8 سال ۽ مردن جي75 سال، ايڏي وڏر عمر ماڻڻ جو سبب صرف صحت ۽ صفائي کي زياده اهميت ڏيڻ ڪري ٿئي ٿو، اتي جتي ماڻهو پنهنجي ذميواري نڀائي ٿو اتي حڪومت کي به تمام وڏي ذميواري سان هر ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو پوي ٿو، تڏهن اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿئي ٿو، انهي جو وڏو سبب اهو آهي ته اڄ جي امير جپان سان گڏ جپان جو ماڻهو پڻ دنيا جو امير ترين ماڻهو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هو زندگي جي سڀني ضرورتن سان گڏ خواهش مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي، اقوام متحده جي 1985ع واري چارٽ ۾ جپان جي (Average) آمدني هڪ فرد جي ستون نمبر آهي پر 1986ع ۾ اها چوٿين نمبر تي آهي يعني:
ملڪ: Percapita G.N.P 1986
سئيٽزرلينڊ 20440
آمريڪا 17180
ناروي 16440
جپان 16269
سئيڊن 15700
آئيلينڊ 14880
جرمني 14650
فنلينڊ 14350
ڪئناڊا 14040
لگسمبرگ 13320
فرانس 12840
آسٽريا 12470
نيدر لئينڊس 11930
بيلجيم 11400
اٽلي 10500
آسٽريليا 10420
انگلينڊ 9640
نيوزيلينڊ 7900
آئرلينڊ 6930
اسپين 5930
يونان 3990
پورچوگال 2840
ترڪي 1130
هن چارٽ مان توهان جپاني ماڻهن جو اسٽينڊرڊ ۽ دولت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا، دنيا جي 176 ملڪن مان اهي ئي امير ترين ملڪ آهن، اسان جي پنهنجي ملڪ جو نمبر دنيا جي آخري ڇهن ملڪن ۾ اچي ٿو، قرض جا ڪوٽ انهي کان عليحده. جڏهن ته آمريڪا، اسرائيل مصر کانپوءِ زياده ۾ زياده قرض ۽ امداد به پڪاستان کي ڏي ٿو، پر گوربا چوف جي پرسٽروئيڪا ۽ گلاسنسٽ پڌر نامن ۽ پاليسن جي ڪري ۽ پڻ افغانستان مان روسي فوجن جي واپس وڃڻ ڪري، جيڪي روس اندر ۽ دنيا ۾ تبديليون ٿيون آهن. تنهن ڪري اسان جي پوزيشن به آمريڪا وٽ تبديل ٿي وئي آهي يا ائين کڻي چئجي ته هاڻ آمريڪا کي اسان جي ضرورت ئي نه رهي آهي، تنهن ڪري اها امداد جنهن ڪري اسين جي رهيا هئاسين سا به بلڪل ختم ڪئي ويئي آهي ۽ انهي جا نتيجا به اسان جي اڳيان آهن، ملڪ جو بئنڪون، وڏا ۽ ننڍا صنعتي يونٽ حڪومت ڌڙا ڌڙ وڪڻي رهي آهي، ملڪ جي ترقي جي شرح ڏينهون ڏينهن ڪري رهي آهي، وڏا وڏا ترقياتي پروجيڪٽ اڌ ۾ رڪجي ويا آهن ۽ سڄي ساري هڪ سال لاءِ سڄي ملڪ ۾ نوڪرين تي پابندي وڌي ويئي آهي، جنهن ڪري بيروزگاري چوٽ ٿي ويئي، اڳتي جي ڪا به خبر نه آهي ته، ڇا ٿيندو، هاڻ اسان کي امداد جي ڪا اميد آهي ته اها صرف هڪ ٻه عرب ملڪن ۽ خود جپان ۾ آهي، ڇو ته جپان جي سيڙپ هينئر پاڪستان ۾ فوجي نوعيت کانسواءِ پهرئين نمبر تي آهي، ٻين مغربي ملڪن جي ڀيٽ .
ٽوڪيو جهڙي طرح دنيا جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، اهڙيءَ طرح دنيا جو مهانگي ۾ مهانگو شهر به آهي، هتي آءٌ صرف ٻه ٽي مثال ٻڌايان ٿو جنهن مان، توهان بخوبي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته مهانگائي جي صورتحال ڇا آهي.
اسان پهرين رات هڪ هندستاني مدراسي هوٽل ۾ ماني کائڻ وياسين. هوٽل جونالو ”تاج“ هو، اسان يعني مون ۽ عبدالحڪيم شاهه مانيءَ ۾ هڪ مغز مصالحو، هڪ چڪن مصالحو، چار نان ۽ ٻه سيون اپ بوتلون گهرايون، جن جو بل اٽڪل ساڍا ڇهه سو روپيا ڏنوسين. هتي چانهه جي هڪ ڪوپ جي قومي هئي 35 روپيا. اسان هڪ ڀيرو هوٽل گنزا ۾ رکيل آٽو ميٽڪ مشين ذريعي جوتو پالش ڪيو. جنهن ۾ اسان پهريائين 30 روپيا وڌا. تڏهن مشين هلڻ شروع ڪيو. اسان پهرين هڪ پير جو جوتو پالش لاءِ مشين ۾ رکيو، جڏهن اهو پالش ٿي ويو ته پوءِ ٻيو جوتو رکيوسين، جپان ۾ اهڙي مهانگائي آهي، جو جيڪو ماڻهو جپان گهمي وري ٻئي ملڪ ويو هوندو ته اتي کيس پئسا خرچ ڪندي مهانگائي محسوس نه ٿيندي. اسان ايئر ٽرمينل بلڊنگس کان ٻاهر نڪتاسين ته سٽي ايئر ٽرمينل لاءِ ڪيتريون ئي بسون بيڍل هيون، اسان پهرين نمبر بس ۾ ڪوپن ڏيکاري ويٺاسين، ٽوڪيو شهر ”ناريتا انٽرنيشنل“ هوائي اڏي کان تمام گهڻو پري آهي. شايد، ئي دنيا ۾ ڪو هوائي اڏو شهر کان ايڏو پري هجي. هوائي اڏي کان سٽي ٽرمينل (City Terminal) تائين پهچندي اٽڪل 70-80 منٽ لڳي ويندا آهن، جڏهن ته رستا به تمام سٺا ۽ ويڪرا آهن ۽ ٽريفڪ تي به سٺي نموني ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. اسان شهر ۾ پهريائين سٽي ٽرمينل تي پهتاسين، جتان سامان کڻي ٽيڪسي ڪري پنهنجي ه وٽل تي آياسين ٿوري دير آرام ڪري ٿڪ هيٺ لٿاسين ۽ هوٽل جي ڪائونٽر تان هندستاني هوٽل جي پڇا ڪري ٻاهر نڪتاسين جپان دنيا جي امير ترين ملڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. اها ڳالهه اسان هتي پهچندي ئي چٽيءَ طرح محسوس ڪئي، امير ملڪ جا اهڃاڻ ج يڪي سمجھي سگهن ٿا سي سڀ هتي هيڪاندا ڏٺاسين. رستن جي صفائي ۽ ويڪرائي، ماڻهن جا سٺا ۽ سهڻا گهر، جيڪي اندران به سٺي نموني سينگاري، هوٽلن جو اعليٰ معيار، عام تفريح جون جڳهيون، سپر مارڪيٽون، بسون، ڪارون، شهر جي اڏاوت، ماڻهن جون پوشاڪون، وغيره سندن خوشحاليءَ جو ثبوت هيون، ماڻهن جي چهرن جي مهڪ ۽ چهڪ مان سندن اميري ۽ خوشحالي بکي رهي هئي. جپان جون موٽر سائيڪلون جيڪي سٺي دنيا ۾ ڊوڙنديون وتن، سي هتي رستن تي ڪي ورلي سي نظر آيون. هفتي کن ۾ ٽوڪيو ۾ مون کي ڇهه يا ست موٽر سائيڪلون ڏسڻ ۾ آيون، جي نه ته رڳيون ڪارون ئي ڪارون. جپاني ماڻهو گهڻو ڪري فل سوٽ پائين. اسان جنهن موسم ۾ وياسين ان ۾ اسان کي شرٽ پينٽ ۾ به گرمي محسوس ٿي رهي هئي. پر هتي تقريباً هر ماڻهو ئي ٽائي سوڌو فل سوٽ پيل هو.