4
ڀوري ڇوڪري هڪ ڪُنڊڙي وٺي ويهي رهي ۽ ڪَن لائي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. هڪ پيرسن شخص، جنهن کي ٻيا سڀ ڏاڍي عزت ڏيئي رهيا هئا، سو چئي رهيو هو:
”مون کي جنهن ڳالهه جو اوهان سان ذڪر ڪرڻو آهي، سا ’اُها راهه‘ آهي. ماڻهو پاڻ کي هي طرح جي خارجي سرگرمين سان ڳاري ڇڏين ٿا. ’اها راهه‘ کانئن ڪجهه نه ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿي. ”اها راهه“ اها به تقاضا ڪري ٿي ته توهان بڇڙائي جي بدلي ۾ چڱائي ڪريو.“
”منهنجا معزز دوست لائو-تِزي“، ڪجهه قدر ننڍيءَ عمر واري ماڻهو چيو ”ڇا چيوَ، ڀُرائيءَ جو بدلو چڱائي؟ برائي لاءِ سزا ضرور ڏيڻ گهرجي. انصاف، اي منهنجا معزز دوست، انصاف، ان کان علاوه، ڪجهه به نه ڪرڻ جي ڇا معنيٰ؟ توهان کي ته پاڻ کي ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي مدد ڪرڻ گهرجي. فقط ايترو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته جيڪي اوهان سان ٿيندي پسند نه ڪريو، سو ٻين لاءِ به ناپسند ڪريو.“
”اها صحيح ڳالهه آهي، منهنجا معزز استاد ڪنفيوشس،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو. ”پر ڇا، اسان کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي روحن جي خدمت ڪرڻ نه گهرجي، جهڙيءَ طرح اسان کان اڳ رهندڙن سڀني ڪيو هو؟“
”منهنجا نيڪ بخت“، ڪنفيوشس جواب ڏنو، ”جڏهن اسين پنهنجي خدمت ڪري نٿا سگهون، تڏهن روحن جي خدمت ڪهڙي طرح ڪري سگهون ٿا؟“
انهيءَ بحث مباحثي ۾ گهڻن ئي حصو ورتو، تان جو اهي پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪري نه سگهيا ۽ ائين ئي اُتي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
ڀوري ڇوڪري ”اها راهه“ جا فقط ٻڌي، جيڪي لائو-تزي نالي واري ماڻهوءَ چيا هئا، ڏاڍي متاثر ٿي، ڇاڪاڻ ته ان طرح هن جا خيال انهيءَ بزرگ ”راهنما“ ڏانهن ويا ۽ اوچتو هن جي اکين اڳيان هڪ خواب جهڙو منظر تري آيو. هن سڄي ملڪ ۾، انهيءَ راهنما جي اُڪريل مُجسمن جو سيلاب آيل ڏٺو ۽ هن کي هڪ ديوتا وانگر پوڄيو پئي ويو. اهو منظر جهڙي تيز رفتاري سان هن جي اکين اڳيان آيو هو، تهڙيءَ ئي تيزيءَ سان گم ٿي ويو. هوءَ مشڪي رهي هئي.
هن دل ئي دل ۾ چيو ته ”منهنجو تصور ڪم ڪري رهيو آهي. مون هڪ شهزادي جي هڪ ديوتا وانگر پوڄا ٿيندي ڏٺي آهي ۽ اهو خيال ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجي اکين اڳيان هي منظر آندو اٿائين.“
هوءَ پنهنجن انهن خيالن مان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي رحم جوڳين رڙين ٻڌڻ سان بيدار ٿي، جنهن کي سندس پيءُ هڪ وحشي جهڙي پوڙهي شخص جي هٿ ۾ وڪڻي رهيو هو ۽ اها ڇوڪري پنهنجي سڄي طاقت سان انهيءَ سودي جي مخالفت ڪري رهي هئي.
ڀوري ڇوڪريءَ کي اک چنڀ ۾ اهي سڀ ڏهڪائيندڙ نظارا ۽ واقعا ياد اچي ويا، جيڪي هن پنهنجي ٻانهپ واري زماني ۾ فرعون جي ملڪ اندر ٻانهين کي زنده دفن ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺا هئا. هڪ دفعو وري سندس اندر ۾ خطري جي گهنڊڻيءَ وڄڻ شروع ڪيو. ان هوندي به هن ۾ ٻيو ڀيرو جبلن جي پار وڃڻ جي همت ڪانه هئي، ان ڪري هن وري به رستو ورتو ۽ الهندي رخ ۾ هلڻ لڳي.
* * *
ٿورو ئي وقت گذريو ته هن پاڻي کي گوري رنگ جي ماڻهن جي هڪ مضبوطيءَ سان ٺهيل شهر ۾ ڏٺو، جيڪي ان وقت خوشيءَ جي ڪنهن تقريب ملهائڻ ۾ مصروف هئا.
”هيءَ خوشي ڪنهن جي اعزاز ۾ ملهائي پيئي وڃي؟“ هن هڪ راهيگر کان پڇيو.
”ڊيئونيسس، جي اعزاز ۾، جيڪو انگور ڏيندڙ ۽ شراب جو ديوتا آهي“، هن کي جواب مليو.
اهو جواب ٻڌي هن کي هڪدم هوما ۽ سوما ۽ ان سان گڏ شراب پيئڻ جي رواج ۽ رسم جي يادگيري پئجي ويئي، جيڪي کيس چڱيءَ طرح معلوم هئا.
” هن شهر ۾ ٻين ڪهڙن ڪهڙن ديوتائن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي؟“ هن پڇيو.
”ڊيميٽر، جيڪا ڌرتيءَ کي اوسر جي طاقت ڏيندڙ ديوي آهي، تنهن جي ۽ ان سان گڏوگڏ ائپولو ۽ اٿيني جي پوڄا ٿيندي آهي“، راهگير جواب ڏنو.
”پر تون ڪير آهين؟“ هن ڀوري ڇوڪريءَ کي شڪ جي نظرن سان تاڙيندي پڇيو. ”ڇا، تون وحشي آهين يا ڪا ٻانهي؟ ڇو ته تنهنجي عمر جي ڪا شريف عورت گهٽين ۾ گهمي نٿي سگهي.“ پوءِ ڄڻ ته اوچتو هن کي خوشيءَ جي تقريب جي يادگيري پئجي ويئي، جنهن تي هن وري چيو، ”خوشيءَ جي ڏينهن تي به نه، گهٽ ۾ گهٽ هيئن اڪيلي حالت ۾ نه، ۽ جيڪڏهن تون وحشين منجهان آهين، ته پوءِ ٻڌاءِ ته تنهنجو سرپرست ڪير آهي؟“
انهيءَ موقعي تي هڪ انتهائي بدصورت ننڍي قدر وارو شخص اتي اچي پهتو، جنهن کي ڏسندي ئي راهگير ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيو.
”ڀلي آيا، سقراط“. هن چيو ۽ اهڙيءَ طرح مخاطب ٿيل ماڻهوءَ جواب ۾ سلام ڪيو ۽ پوءِ مشڪندي پڇيو:
”ٻڌاءِ دوست، توکي اڃا ڪو اهڙو ماڻهو مليو، جيڪو پوريءَ طرح ديوتا سان پُر ٿيل نه هجي؟ ڇا، اهڙو ڪوئي ماڻهو بچيل آهي، جنهن سان ڪو عقل جي ڳالهه ڳالهائي سگهي؟“
”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو آهي“. انهيءَ ماڻهوءَ ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”پر آهي ڏاڍو متشبھ.“
”ڇا، تون هن شهر ۾ نئين نئين آئي آهين؟“ سقراط هن کي ڏسي پڇيو.
”هائو، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
”تنهنجا ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ سقراط پڇيو.
”سچ پڇين ته آءٌ خدا جي جستجو ۾ آهيان“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”مون گهڻن ئي ديوتائن جي پوڄا ڪئي آهي پر آءٌ جيئن پوءِ تيئن هن باري ۾ وڌيڪ شڪ ۾ پوندي رهي آهيان ته مون کي سچو خدا مليو آهي.“
سقراط هن جي ڳالهه ٻڌي کل ۾ ٻڏي ويو، ۽ خوب ٽهڪ ڏنائين.
”مون کي ڊپ آهي ته اسان منجهان به هتي گهڻائي ماڻهو انهيءَ مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن“، سقراط چيو، ”انسان لاءِ اهي ديوتائون، جيڪي ماڻهن کان به وڌيڪ خراب ڪم ڪن ٿا، گهڻي فائدي وارا ڪين ٿيندا. اهي جڏهن پنهنجي مدد نٿا ڪري سگهن، تڏهن ٻين جي مدد ڪيئن ڪري سگهندا؟ پر مون کي معلوم آهي“،هن چيو ته، ”ته ديوتائون غلطي نه ٿا ڪن. اهي فقط شاعر آهن، جيڪي اُهي ڪوڙ بدوڙ تخليق ڪن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي، حڪمت حاصل ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته نيڪي خود حڪمت آهي. پاڻ سان دليل بازي ڪريو ۽ ٻين سان به دليلبازي ڪريو. فقط دليلبازيءَ جي وسيلي ئي اسين سچ تائين پهچي سگهون ٿا. پر مهرباني ڪري انهن کي سکڻ لاءِ پئسا نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته هتي اهڙا ڪيئي موجود آهن، جيڪي توهان کي غلط ۽ ڪوڙا دليل سيکاري توهان جي دولت ڦري وٺندا.“
”ڇا، اهو شراب وارو ديوتا هن شهر جو سڀني کان وڏو ديوتا آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، جيڪا دليلبازي جي موضوع تي هن جي ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجهي سگهي هئي.
”هائو، خاص طور سياري جي مهينن ۾ هو ڊيلفيءَ جو عظيم ترين ديوتا هوندو آهي،“ هن کيس جواب ڏنو ۽ وري چيو، ”شراب سياري جي سرد موسم ۾ ڪارآمد هوندو آهي. اڄ، ماڻهو اناج جي ديوي، ڊيميٽر جيترو به زيوس جو خيال نه ٿا رکن. اٿينس ۾ به، ٻين سڀني هنڌن وانگر، ماڻهوءَ جو پيٽ سڀ کان اول اچي ٿو.“
”ڇا، توهان جو هنن ديوتائن ۾ يقين آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.
”ها ها، يقيناً، هن کي جواب مليو، ”آءٌ انهن جي پوڄا ڪندو آهيان ۽ کين قرباني به پيش ڪندو آهيان. پر مون کي اهو اقرار ڪرڻو پوي ٿو ته ڪو ”آواز“ مون کي چوي ٿو ته ڪا شيءِ هنن کان به وڌيڪ اوچي هوندي ۽ اها قديم النسل هوندي.
”سلام آقا! آءٌ توهان کي هر هنڌ ڳوليندو رهيو آهيان!“ وڌيڪ ننڍيءَ عمر جي هڪ نوجوان هاڻي هن جي پٺيان بيٺي چيو.
سقراط ڦيرو کائي هن کي ڏٺو ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو، ”ڀلي ڪري آئين، اي آرسٽن جا پٽ، تنهنجي ”ري پبلڪ“ جو ڪهڙو حال آهي؟ ڇا، توکي اڳيئي ڪمال حاصل ٿي ويو آهي؟“
”هن وقت تائين“، انهيءَ نوجوان جواب ڏنو، ”بهرحال، مون وٽ پنهنجي ”ري پبلڪ“ ۾ شاعرن لاءِ ڪو مقام ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي انسانن کي خراب ڪندڙ آهن ۽ هڪ دفعوجڏهن ماڻهوءَ جو روح خراب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ اهو فقط ڪنهن جانور يا ڪنهن عورت ۾ ئي ٻيهر ظاهر ٿي سگهي ٿو. فقط: هڪ ئي اهڙو طبقو آهي، جنهن کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي، سو آهي، ٻانهن جو طبقو. قدرتي طور، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ طبقو فقط. قدرتي طور، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ طبقو فقط فوجين جو طبقو آهي، اهو هڪ ئي طبقو تعليم ڏيڻ لائق آهي ۽ دراصل ان کي احتياط سان تعليم ڏيڻ گهرجي، خصوصاََ هن ڪري، جو منهنجو نوجوان شاگرد، ارسطو چوي ٿو ته اترين علائقن جا ماڻهو وحشي آهن ۽ انهن جو واحد ڪم وڙهڻ آهي. هو مون سان هن ڳالهه ۾ به يڪراءِ آهي ته واپاري، ڪاريگر ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو ڪڏهن به چڱين خوبين ۽ خصلتن وارا ٿي نه ٿا سگهن. آءٌ، بهرحال، هن نتيجي تي پهتو آهيان ته حقيقي دنيا، هيءَ مادي دنيا نه، بلڪه ”خيال ۽ نظريي“ جي دنيا آهي. ’خيالن جي دنيا‘ مادي شين جي دنيا کان اڳي موجود هوندي. خيال ۽ نظريا، انهن نمونن وانگر آهن، جن جي پٺيان دنيا جون مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن.“
”معاف ڪجو“، ڀوري ڇوڪريءَ هڪدم هوشيار ٿي چيو، ”آءٌ ڀانيان ٿي ته توهان کي پنهنجو اهو بيان دليلن جي ذريعي ثابت ڪرڻو پوندو. مون کي ته شڪ آهي ته توهان ڪنهن چيز کي سچ پچ ڏسڻ کان اڳ ۾، ان جي متعلق ڪو خيال يا تصور ڪري سگهندا. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪيئي شيون ڏٺيون آهن ۽ منهنجي وات مان جيڪي پهريان پهريان لفظ نڪتا آهن، سي هئا: ”اڙي، مون کي ته هن کان اڳي انهيءَ ڳالهه جو ڪو خيال ئي ڪو نه هو.“ تنهن ڪري مون کي هن لاءِ معاف ڪجو، جيڪڏهن اوهان جا اهي لفظ، جيڪي اوهان اجهو هاڻي ئي چيا آهن، سي مون کي اونڌا نظر اچن ٿا.“
”آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڇوڪري بلڪل صحيح چوي ٿي، اي آرسٽن جا پٽ!“ سقراط چيو، ”تو جيڪي ڪجهه هاڻي چيو، تنهنکي ثابت ڪرڻ لاءِ تو ڪي قابل فِهم دليل پيش نه ڪيا آهن، پر مون کي خوف آهي ته تون پاڻ به ڪجهه ڪجهه شاعر آهين.“ پوءِ هن ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن منهن ڦيرائي وڌيڪ چيو. ”ڇا، تو وٽ پنهنجي انهيءَ راءِ جي حمايت ۾ ڪي وڌيڪ دليل به آهن؟“
”آءٌ دليل بازي جي فن جي ڪا ماهر ڪانه آهيان،“ ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”پر منهنجو شخصي تجربو انهيءَ سچيءَ ڳالهه کان بلڪل برعڪس آهي. ٻاراڻي عمر ۾، مون سڀ شيون فقط ائين پئي ڏٺيون، جيئن اهي آهن ۽ انهن جي متعلق مون وٽ ڪي خيال يا نظريا ڪين هئا. مون کي هر هڪ شيءِ کي انهيءَ فيصلي ڪرڻ کان اڳي، هڪ کان وڌيڪ دفعا ڏسڻو پوندو هو، ته اها شيءِ فقط مختلف وقتن تي ڏٺل اها ساڳي ئي شيءِ آهي ۽ ان کان پوءِ ئي ڪنهن شيءِ جو خيال يا تصور منهنجي دل ۾ اُڀريو. آءٌ فقط پنهنجي شخصي تجربي جي متعلق ڳالهائي رهي آهيان.“
”آءٌ ڀانيان ٿو ته هوءَ سچي آهي،“ سقراط ٻئي ماڻهوءَ کي چيو. ”تنهنجا دليل اڃا ايتري قدر يقين ڏياريندڙ ناهن، جيستائين اسان جي سچي پڇي تجربي جو تعلق آهي، اثرات خيالن کان اڳ ۾ اچن ٿا.“
”مون کي اهو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته منهنجا دليل ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ کي مطمئن ڪرڻ جهڙا ڪينهن“، آرسٽن جي پٽ چيو، ”پر باوجود ان جي، آءٌ پاڻ شخصي طور پوري طرح مطمئن آهيان. پر آقا، آءٌ اوهان کي انهيءَ لاءِ ڳولي رهيو هوس ته اوهان کي ڊيلفيءَ ڏانهن وٺي هلان، ۽ منهنجو خيال آهي ته اسان کي هاڻي اوڏانهن هلڻ گهرجي.“
سقراط، ڀوري ڇوڪريءَ کان هن لاءِ معافي گهري، جو هو کيس پنهنجي ۽ ايڪسئنٿپ (Xanthippe) جي گهر نه پئي موڪلي سگهيو. پر هن کيس ائسپاسيا (Aspasia) جي گهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، جتي هن کيس ٻڌايو ته سندس هر طرح جي ٽهل ٽڪوڙ ڪئي ويندي ۽ جتي هو کيس وري اچي ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو.
ائسپاسيا جي گهر ڏانهن ويندي هوءَ رستي ۾ هڪ مندر جي پاسي کان اچي گذري، جتي ماڻهن جو هڪ وڏو انبوه اچي گڏ ٿيو هو ۽ جيئن ته هوءَ هن ملڪ ۾ هڪ مندر ڏسي حيران ٿي ويئي، ان ڪري هوءَ ان کي ڏسڻ لاءِ ويئي، اندر داخل ٿيندي ئي، هن هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي قربان گاهه تي قربان ٿيندي ڏٺو. هوءَ انهيءَ ڇوڪريءَ کي کسي وٺڻ لاءِ ڊوڙي اڳتي ويئي، پر پوڄاريءَ هن کي پڪڙي ورتو ۽ رڙ ڪري چيو، ”اي پاڳل عورت! خدا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي تون پليد ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي ڪرين؟“
اڙي، پر هوءَ ته اڃا تمام ننڍڙي آهي ۽ مرڻ لائق ڪانهي“. ڀوري ڇوڪريءَ منٿ ڪئي.
”ته پوءِ ڇا، هن ڇوڪريءَ کي بک ۽ سيءَ ۾ مرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر اڇلائڻ بهتر ٿيندو، جيئن سوين ٻين کي آباديءَ کي حد اندر رکڻ لاءِ اڇلائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، يا هن کي ديوتائن جي نالي ۾ قربان ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو؟“ پوڄاريءَ سختي سان چيو.
جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ ٻڌو ته هن ملڪ ۾ والدين طرفان سندن ٻارن کي قربان ڪرڻ ذريعي مارڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڪم جي ملڪ جي عالمن مان سڀني کان وڏي عالم جي طرفان سفارش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هن پنهنجي دل م زبردست خوف محسوس ڪيو.
بهرحال، هن کي خود پنهنجن خيالن ۽ احساسن تي حيرت لڳي ۽ هن پاڻ کان پڇيو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي ايڏو خوف ڇو ٿو محسوس ٿئي؟ ڇا، مون کي هن کان اڳي انساني قربانين جي نظاري ڏسڻ جي يادگيري نه ٿي پوي؟“
هڪ گهڙيءَ ۾ هن جي دل ۾ راهنما ۽ ڪينئين وارو واقعو تري آيو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”آءُ انهيءَ وقت کانپوءِ ڪيڏي بدلجي ويئي آهيان؟“
اوچتو هڪ سپاهيءَ اچي هن کي ٻانهن کان پڪڙيو.
”تون ڪير آهين؟“ سپاهيءَ رڙ ڪري پڇيو.”تنهنجو سرپرست ڪير آهي؟ هتي اچي ديوتا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي ناپاڪ ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي آهي؟“
هو کيس گهلي مندر کان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هڪ ٽربيونل ۾ آڻي پيش ڪيو. ”تنهنجي موزون سزا ته اها آهي ته توکي ڦٽڪا هڻي صليب تي چاڙهيو وڃي“، عدالت چيو، ”پر جيئن ته تون هن شهر ۾ بلڪل نئين ۽ هتان جي قاعدن کان بي خبر آهين، ان ڪري جيوريءَ جي سفارش آهي ته توتي رحم ڪيو وڃي، ان ڪري تنهنجي لاءِ فيصلو هي آهي ته توکي ڏنڀ ڏيئي، ٻانهيءَ طور فروخت ڪيو وڃي.“
انهيءَ فيصلي مطابق، هن جي ڏائي ڪلهي تي ڏنڀ جو نشان هنيو ويو ۽ پوءِ هن کي ٻانهن جي منڊيءَ ۾ نيلام ڪيو ويو. هڪ رومي سردار، جيڪو اتفاق سان اتي موجود هو، کيس خريد ڪيو.
”اي ڇوڪري، توکي روم جو شهر اهڙو خوبصورت نه لڳندو، جهڙو هي شهر آهي“، هن کيس چيو، ”اسان وٽ اهڙا خوبصورت ديوتائون ڪينهن، اتي ڪوبه اهڙا سهڻا بت ٺاهي نه ٿو سگهي، پر اسين اڄڪلهه هنن ديوتائن جي نالي ۾ هڪ مندر تعمير ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي اتان جي ماڻهن وٽ متعارف ڪنداسون.“
اهڙي خيال به هن کي ڪنبائي وڌو، ڇاڪاڻ ته هوءَ هنن خوبصورت نظر ايندڙ ديوتائن کي انساني قربانين کان ڪڏهن جدا ڪري نه سگهي هئي.
هن جي خريداري جي رويي ۾ هڪدم تبديلي آئي ۽ هن چيو، ”پر توکي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته تون مون کي ڪهڙو به ماٺيڻو ۽ غريب ڏسين ٿي، پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ اهڙي بي خياليءَ سان بيٺل نظر ايندينءَ ته هو توکي هڪدم قتل ڪري ڇڏيندو.“
ڀوري ڇوڪريءَ کي هن جي انهن لفظن جو پورو پورو احساس روم ۾ پهچندي ئي ٿي ويو، جيتوڻيڪ هن جو فرضي ڪم انهيءَ ماڻهوءَ جي زال جي خدمت ڪرڻ هو، جيڪو هن کي خريد ڪري وٺي آيو هو، پر سندس سانئڻ خود ئي پنهنجي سهري جي ڄڻ ته ٻانهي هئي، جيڪو سڄي خاندان جو وڏو، حڪمران ۽ مها- پوڄاري هو. هو انهن مان ڪنهن کي به بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي قتل به ڪري پئي سگهيو.
گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ انجير جو وڻ ۽ هڪ شاهه بلوط گهرڀاتين جي پوڄا ڪرڻ جون شيون هيون. گهر جي دروازي جي پوڄا گهر جا مرد ماڻهو ڏاڍي سنجيدگيءَ ۾ وڏن ساٺن سؤڻن سان ڪندا هئا ۽ ساڳيءَ طرح عورتون گهر واري چُلهه جي پوڄا ڪنديون هيون.
اها ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڏورانهين ماضيءَ جون يادگيريون تازيون ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. ساڳئي وقت انهن ساٺن سؤڻن جي سختي، جيڪا انهن ماڻهن جي روزمره جي هر هڪ ڪم ڪرڻ سان ادا ٿيندي هئي، ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ انهن ٿڪائيندڙ ڏينهن جي ياد تازي ڪئي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ پنهنجي دل کي هن ڳالهه لاءِ ڪنهن به طرح آماده نه ڪري سگهي ته اهڙا ماڻهو، جيڪي گهڻين ڳالهين ۾ آسودا ۽ عقلمند معلوم ٿي رهيا هئا. اڃا تائين نه فقط وڻن ۽ چُلهه جي بلڪه گهر جي دروازي جي ٻن شڪلين واري ديوتا جي پڻ پوڄا ڪندا رهن. هن جڏهن انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪيو، تڏهن کل ۾ اچي ڇٽڪي ۽ ايڏو کلي، جو سندس پاسا سور ڪرڻ لڳا. هن خيال ڪيو ته ماڻهوءَ کي سيپٽڪ* بڻائڻ لاءِ هڪ يونان ڪافي هو، پر روم ۾ رهندي ماڻهو قنوطي بنجڻ کانسواءِ رهي نه پئي سگهيو.
هن کي سرڪاري مندر ڏسڻ جو موقعو گهڻي زماني کانپوءِ مليو. کيس سندس سانئڻ وٽان معلوم ٿيو ته اهو مندر ديوتائن جي پيءُ، آسمان جي ديوتا جي نالي ۾، جنهن جو نشان نيزو هو ۽ سرحدي پٿر جي ديوتا، ’ٽرمينس‘ جي نالي ۾، جيڪو پٿر جي صورت ۾ اتي رکيل هو، ارپڻ ڪيو ويو هو.
”ڇا، آءٌ به توهان سان گڏجي مندر ڏانهن هلي ۽ ديوتائون ڏسي سگهان ٿي؟“ هن ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي کل دٻائيندي پنهنجي سانئڻ کان پڇيو.
”اي احمق ڇوڪري،“ سندس مالڪياڻيءَ ڊڄندي چيو، ”بزرگ پوچارين کان علاوه ٻيو ڪوبه ديوتائن جي قريب وڃڻ جي همت به نٿو ڪري سگهي، تون ته هڪ ٻانهي آهين، پر آزاد شهرين مان به ڪو انهن جي ويجهو وڃڻ جي جسارت نه ڪندو آهي. سڀني معاملن ۾ ديوتائن جي رضامندي ضروري حاصل ڪرڻي هوندي آهي، پر فقط بزرگ پوڄاري ئي انهن سان مشورو ڪري سگهندا آهن.“
”ته پوءِ ڇا، هتي عوام طرفان عام قربانيون نه ڪيون وينديون آهن؟“
”هائو، هائو“، هن جي سانئڻ جواب ڏنو، ”تازو سبيلائين ڪتاب جي حڪم موجب، فورم ۾ يوناني ديوتائن کي هڪ انساني قرباني ڏني ويئي هئي.“
ڀوري ڇوڪري کي نااُميدي وڪوڙي ويئي ۽ هن وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. هاڻي ته ”خدا“ جي نالي مان ئي سندس نڪ جي ناسن کي بدبوءِ اچڻ لڳي. هن ائين محسوس ڪيو ته جيتوڻيڪ انهيءَ وقت کي هڪ صدي گذري ويئي هئي، جڏهن هن ڏٺو ته قيصر اعظم جي اعزاز ۾ هڪ وڏي مندر جي تعمير ٿي رهي هئي، جنهن کي ديوتا جو درجو عطا ڪيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ خود روسي شهنشاهن جي پوڄا ٿيڻي هئي.
”اڃا به وڌيڪ ديوتائون“، ڀوري ڇوڪريءَ دل ئي دل ۾ چيو، ”پر هن ديوتا بنجڻ ۾ گهڻي دير نه ورتي، اڃا ته ڪلهه ئي کيس هڪ ظالم هئڻ لاءِ کليل گاريون ملي رهيون هيون. معلوم ائين پيو ٿئي ته اڄڪلهه ديوتا بنجڻ جو وڌيڪ تڪڙو ۽ تيز رفتار سلسلو عمل ۾ آيو آهي.“
اهڙي ماحول ۾ هن کي زندگي ناقابلِ برداشت ۽ لعنت ڀري معلوم ٿي ۽ هن جي هڪ ئي دلي آرزو اتان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڀڄي وڃڻ هئي، اهڙو موقعو کيس جلد ئي ملي ويو.
بهار جي موسم وارن ڏڻِن مان هڪ تي، جڏهن گهر جو ذري گهٽ هر هڪ ڀاتي عملي طور شراب جي نشي ۾ مدهوش هو، هن جي سانئڻ فراخدليءَ جي حالت ۾ پنهنجو چوغو لاهي هن ڏانهن اڇلايو ۽ پنهنجن زيورن منجهان پڻ ڪجهه زيور ڀوري ڇوڪريءَ کي عطا ڪيا. ڀوري ڇوڪريءَ انهيءَ موقعي کي وڏي غنيمت سمجهيو. هڪڙي ڪلاڪ اندر هوءَ ڪپڙا لٽا پائي تيار ٿي ويئي ۽ تيز رفتاريءَ سان رومي سردار جو گهر گهڻو پٺتي ڇڏي هلي ويئي.
* * *
هن جي اڳوڻين آواره گردين جي يادگيرين کيس هن دشوار ۽ ڏکئي سفر جي دوران کيس سهارو ڏنو، تان جو هوءَ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي اچي پهتي، جتي هن ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي کي گول دائري جي صورت ۾ ويٺل ڏٺو. هڪ ڇوڪرو هڪ طباق کڻي بيٺو هو، جنهن جي مٿان ڪجهه نان ۽ مڇيون رکيل هيون. هڪ ماڻهوءَ، جيڪو پاسي ۾ بيٺو هو ۽ جنهن کي اهي ماڻهو ”نزريني“* چئي رهيا هئا، ڇوڪري جي هٿن تي رکيل طباق جي مٿان پنهنجي ٻانهن جو ڊگهيڙي ته ان ۾ رکيل چنڊ نان ۽ مڇين جو تعداد ايڏو ته وڌي ويو، جو اتي موجود سڄيءَ جماعت جي ماڻهن پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ ان کانپوءِ به ڪيئي ڀريل ٽوڪرا بچي پيا.
ماڻهن جڏهن ماني ۽ مڇيءَ سان پيٽ ڀري پورو ڪيو، تڏهن هجوم منجهان ڪجهه ماڻهن هڪ انڌي معذور کي ”نزريني“ جي اڳيان پيش ڪيو، جنهن هن جي اکين کي هٿ لاتو ته هو هڪدم سڄو ٿي ڏسڻ لڳو. پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن کي هڪ قبر تي وٺي ويئي، جتي اها قبر کولي ويئي. هن انهيءَ مئل ماڻهوءَ جو نالو وٺي کيس پڪاريو ته هو هڪدم قبر مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪفن واري چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل حالت ۾ گهمڻ لڳو.
ڀوري ڇوڪري اهڙن غير معمولي واقعن کي ڏسي حيرت جو مسجمو بڻجي ويئي. هن دل ۾ سمجهيو ته اهو ماڻهو کيس يقيناَ، انهن ڳالهين بابت ٻڌائيندو، جن انهيءَ وقت تائين هن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هوءَ ڏاڍي عزت ۽ احترام سان هن جي قريب پهتي ۽ چيائين ته ”آقا، توهان حيرت جهڙا ڪم ڪيا آهن.“
”ڇا، واقعي؟“ هو ائين چئي کليو. ”انهن گمراهه ۽ ٻاراڻي فطرت رکندڙ ماڻهن کي غير معمولي واقعات، نيون ۽ اڻ ڏٺل ڳالهيون پاڻ ڏانهن ڪشش ڪنديون آهن ۽ ان کانسواءِ انهن کي مانيءَ ۽ مڇيءَ جي هٻڇ رهي ٿي ۽ اهي طبعي زندگي ۽ ”ماس“* جي زندگيءَ کي پسند ڪن ٿا. هاڻي تون ڏسندينءَ ته جيتوڻيڪ آءٌ هنن کان گوهي ڏيئي ترڪي نڪري آيو آهيان، ته به اهي منهنجي پٺيان ڊوڙندا ايندا. نه ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ، پر محض وڌيڪ مانين ۽ مڇين لاءِ.“ هن افسوس ناڪ لهجي ۾ وري چيو، ”افسوس، مون هنن کي سوين ڀيرا چيو آهي ته توهان جي ابن ڏاڏن اهائي ماني کاڌي ۽ اهي سڀ مري ويا آهن، ته ”ماس“ جي زندگيءَ جي معنيٰ آهي، دائمي موت، ته آءٌ کين زندگيءَ جي
ماني ۽ ابدي زندگي ڏيڻ چاهيان ٿو، پر انهن مان ڪنهن کي به ان جي لوڙ ڪانهي.“
”ڇا، ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ خوراڪ، ڪپڙو ۽ ڪم ڳولڻ نه گهرجي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”انهيءَ ڳالهه جو ڪو فڪر نه ڪر ته تون ڇا کائيندينءَ ۽ ڇا پيئندينءَ“. هن جواب ڏنو، ”هوا ۾ پرواز ڪندڙ پکين کي ڏس، اهي نه اَن پوکين ٿا، نه فصل لڻن ٿا، ۽ نه اناج گڏ ڪري، ديرن ۽ گدامن ۾ محفوظ ڪن ٿا، ان جي باوجود کين کارايو وڃي ٿو ۽ توکي پوشاڪ جو فڪر ڇو ٿيڻ گهرجي؟ ٻنين ۽ ميدانن ۾ ڄمندڙ گلن کي ڏسو، ذرا غور ڪريو ته اهي ڪيئي ٿا وڌن ويجهن. نه اهي پورهيو ڪن ٿا ۽ نه سُٽ اُڻن ٿا، پر ان جي باوجود، انهن مان ڪنهن به هڪ کي جهڙو شاندار لباس پهريل آهي، تهڙو خود حضرت سليمان کي به سندس پوري شان و شوڪ واري زماني ۾ نصيب ڪونه هو. تون سڀ کان اول خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ڪر.“
”پر آقا، خدا جي بادشاهي آهي ڪهڙي هنڌ؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”خدا جي بادشاهي تنهنجي اندر ۾ آهي“، هن جواب ڏنو، ”ان جو در بلڪل سڌو آهي ۽ ان جي اندر ويندڙ رستو سوڙهو آهي ۽ ڪي ٿورائي آهن، جيڪي اهو رستو ڳولي سگهندا.“
هن کي گذاري لاءِ ڪم نه ڪرڻ، ۽ ڏکئي رستي ۽ دل جي زندگيءَ جي اهميت ۽ خارجي شين ۽ دنيا کان بي نيازيءَ جي خيالن، انهيءَ ماڻهوءَ جي نرم سڀاءَ سان گڏجي، راهنما جي ياد تازي ڪرائي.
انهيءَ موقعي تي هڪ ماڻهو وٽن اچي پهتو ۽ هن نزريني جي پٺيان هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، پر هن کانئس پڇيو ته هو اڳ ۾ وڃي پنهنجي مئل پيءُ کي دفن ڪري اچي يا ڪيئن؟
”ڀلي ته مئل پنجنهن مئلن کي دفن ڪن“، نزريني چيو. ”جيڪڏهن ڪوئي مون وٽ اچي ٿو، جڏهن ته هن کي پنهنجو پيءُ، پنهنجي ماءُ، پنهنجي زال ۽ پنهنجا ٻار ۽ سندس ڀائر ۽ سندس ڀينرون ۽ خود سندس پنهنجي زندگي به پنهنجي ڪانهي، ته پوءِ هو منهنجو پوئلڳ ٿي نٿو سگهي. ڏسين نه ٿو ميان، ته لومڙن کي به سندن رهڻ لاءِ ٻر آهن، پر مون وٽ ڪو گهر گهاٽ ڪونهي؟“
ڀوري ڇوڪري انهن لفظن تي ڏاڍي سخت حيران ٿي، جيتوڻيڪ هن کي اهي ذرا سخت لڳا. راهنما هن کي اڳيئي ٻڌائي چڪو هو ته گهر گرهستي جي زندگي ”نروان“ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڪ ناهي ۽ ماڻهوءَ کي فقط انهيءَ خيرات تي گذارو ڪرڻ گهرجي، جيڪا هن جي ڪشڪول ۾ وڌي وڃي ۽ هن کي پنهنجو ڪڙم قبيلو، سندس مائٽ مٽ، سندس گهر گهاٽ ۽ سندس سموري ملڪيت ۽ جائداد ترڪ ڪرڻ گهرجي. ڇا، راهنما شهزادي خود اها ڳالهه نه ڪئي هئي؟ دراصل، نزريني جي لفظن انهيءَ حليم الطبع انسان ۽ ديوتائن جهڙي خصلت واري ماڻهوءَ جي وڌيڪ عزت ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ هن سندس قولن جي سچ ڳولڻ سنجيدگيءَ سان ڪوشش شروع ڪئي، حالانڪه هن لاءِ اهو سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هو ته هن جو اصل مقصد ڇا هو.
پر انهن ماڻهن جي زندگي ۽ قِسم ۾، جن کي هوءَ تازو ئي پٺتي ڇڏي آئي هئي ۽ هِنن ۾ ڪهڙو نه فرق ۽ اختلاف هو!
هوءَ سچ پڇ فرحت محسوس ڪري رهي هئي. هڪ دفعو وري ٻيهر هن جو ايمان بحال ٿيڻ لڳو ته شايد ڪو سچو خدا ڪٿي نه ڪٿي هيو ضرور ۽ هن کي ڳولڻ گهرجي. هن جي نزرينيءَ ۾ دلچسپي بيحد وڌي ويئي ۽ هن کانئس وڌيڪ معلوم ڪرڻ جو طئه ڪيو. چنانچه، هوءَ ساڻس گڏجي هڪ مسافرخاني ۾ آئي، جتي هو ٻين گهڻن ئي ماڻهن سان گڏ ماني کائڻ لاءِ ويهي رهيو.
هڪ اسرائيلي اتي آيو ۽ هنن کي هيئن چئي تڙيون ڏنائين ته (حضرت) موسيٰ عليھ السلام جي قانون مطابق، اڻ ڌوتل هٿن سان ماني کائڻ گناهه آهي.
”اڻ ڌوتل هٿ ماڻهوءَ کي پليد نٿا ڪن، اها ته اڻ ڌوتل دل آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پليد ڪري ٿي.“
اها ڳالهه ٻڌي اسرائيلي کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ پڇيائينس ته ڇا، هو بادشاهه هو، جو نئون قانون ڏيئي رهيو هو.
”منهنجي بادشاهي، هن دنيا جي بادشاهي ناهي“، هن جواب ڏنو. ”ساڳيءَ طرح توکي به جنت جي جستجو ڪرڻ گهرجي ۽ هن دنيا سان ڪو واسطو نه رکڻ گهرجي.“
پوءِ هن ٻارهن ماڻهن کي سڏ ڪيو ۽ کين چيو ته اهي اسرائيل جي خاندان جي گم ٿيل رڍن* ۾ خدائي بادشاهيءَ جي متعلق وڃي تبليغ ڪن.
ڀوري ڇوڪريءَ کي اسرائيل جا ماڻهو ۽ اهي ڏينهن، جڏهن اتي عبادتگاهه تعمير ٿي رهيو هو ۽ جنهن احتياط ۽ خبرداريءَ سان اهو تعمير ڪيو پئي ويو، سي سڀ ڳالهيون هن کي چڱيءَ طرح ياد هيون. انهيءَ سخت رسم جي يادگيريءَ ڀوري ڇوڪريءَ کي ماضي بعيد جي انهن ڏينهن جي ياد تازي ڪرائي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ دل ئي دل ۾ هن نزريني ڏانهن مائل ٿي رهي هئي، جيئن هن کان اڳ راهنما ڏانهن مائل ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ظاهرداري ۽ خارجي رسم و رواج ۽ تڪليف جي ضرورت کي ٺڪرائي رهيا هئا.
هڪ دفعو ٻيهر هوءَ نزريني جي قريب ويئي ۽ هن کان پڇيائين ته ”نيڪ آقا، دائمي زندگيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
نزريني هڪدم هن ڏانهن ڦري ڏٺو ۽ چيو، ”مهرباني ڪري مون کي نيڪ يا چڱو نه چئو. خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به چڱو ناهي.“ پوءِ هن وري چيو، ”آسماني بادشاهيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ توکي سڀ ڪجهه پٺتي ڇڏڻ گهرجي ۽ پاڻ سان ڪوبه سامان سڙو ساڻ نه آڻڻ گهرجي. توکي برائي ۽ بڇڙائي کي روڪڻ ۽ ان جو مقابلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ توکي پاڻ کي هر ڪنهن جي اڳيان هيٺ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن جي متعلق به فتويٰ ڏيڻ نه گهرجي.“
”پر، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ حيران ٿي پڇيو، ”حڪمرانن کي ڇا ڪرڻ کپي؟“
”منهنجو هن دنيا جي حڪمرانيءَ ۽ ان جي حڪمرانن سان ڪو واسطو ڪونهي“، هن جواب ڏنو.
”ڀلا، اسان کي بادشاهه جو حڪم مڃڻ گهرجي؟“ هن پڇيو.
”هائو، بادشاهه کي اهو ڪجهه ڏيو، جيڪو هن جو حصو ۽ ملڪيت آهي“، هن جواب ڏنو.
”توهان مون کي ڪيترين ئي ڳالهين نه ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”پر جنت ڳولڻ لاءِ مون کي درحقيقت ڇا ڪرڻ کپي؟“
”خدا سان محبت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ائين محبت ڪر، جيئن پاڻ سان ڪرين ٿي،“ نزريني چيو.
”آءٌ اهڙي شيءِ سان محبت ڪيئن ٿي ڪري سگهان، جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺوئي ڪونهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، ”آءٌ خدا کي انهيءَ ڪري ئي ڳولي رهي آهيان ته ڏسان ته آءٌ هن سان محبت ڪري سگهان ٿي يا نه.“
”جاچيندي ۽ عبادت ڪندي رهه“، هن نرميءَ سان چيو، ”انهن محتاط ڪنوارين وانگر ٿيءُ، جن پنهنجون بتيون ٻاري رکيون هيون ۽ جنهن مهل گهوٽ آيو ته انهن سمورين کي پنهنجون ونيون بنائي اندر وٺي ويو ۽ جيڪي ننڊ ۾ سمهي رهيون هيون، سي ٻاهر ئي رهجي ويون.“
”آءٌ ڪهڙيءَ طرح عبادت ڪريان؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”پاڻ کي هڪ ڪوٺيءَ اندر بند ڪر“، هن جواب ڏنو ۽ چئو، ”اي اسان جا پيءُ، تون جيڪو آسمان ۾ آهين، تنهنجي نالي جي سموري تعريف آهي، تنهنجي بادشاهي برقرار رهندي، هن زمين تي به تنهنجي مرضي پوري ٿيندي رهندي، جيئن آسمانن ۾ ٿي رهي آهي، اسان کي اڄوڪي ڏينهن جو رزق ڏي ۽ اسان کي پنهنجا سڀ قرض معاف ڪر، جيئن اسان پنهنجن قرضين کي معاف ڪريون ٿا، اسان کي لالچ ۽ هوسَ ڏانهن نه وٺي وڃ، پر اسان کي برائيءَ کان بچاءِ“.
ڀوري ڇوڪري غور سان ٻڌندي رهي. هڪ دفعو وري هوءَ منجهي پيئي. ”اسان کي اڄوڪي ڏينهن لاءِ روزي ڏي“ جا لفظ، انهيءَ ساڳي ماڻهوءَ جي وات مان هن کي عجيب لڳا، جيڪو مسلسل چئي رهيو هو ته اسان کي کاڌي ۽ ڪپڙي تي ڪو خيال نه ڏيڻ گهرجي، نه وري هن کي اهي لفظ پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي نه سگهيا ته ”اسان کي پنهنجا قرض معاف ڪر، جهڙيءَ طرح اسين پنهنجن قرضين کي معاف ڪندا آهيون“. هن خيال ڪيو، ته ڀلا اسين خدا جي لاءِ مثال ڪيئن ٿا بڻجي سگهون؟ ان کانسواءِ، اهو ”ڏي ۽ وٺ“ وارو خيال هن جي دل کي نه آئڙيو.
ان کانپوءِ جيڪي وحشتناڪ واقعا پيش آيا، انهن ۽ هن جي محبوب رهبر جي ختم ٿي وڃڻ هن کي ڏاڍو ڏک رسايو. هوءَ وري وري انهن ڳالهين تي غور ڪندي رهي، جيڪي هن ڀيري سکيون هئائين ۽ جيئن وڌيڪ غور ڪيائين تيئن وڌيڪ شدت سان احساس ٿيس ته ڪن ٿورين ننڍين وڏين ڳالهين کان سواءِ، جهڙوڪ آسمان جي بادشاهي ڳولڻ، ۽ خدا جي بادشاهي، جڏهن راهنما نروان جون ڳالهيون ڪيون هيون، تڏهن انهن ٻنهي عظيم رهبرن جون ڳالهيون ذري گهٽ سڀني تفصيلن ۾ هڪٻئي سان ٺهڪي پئي آيون. هن زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻو هو. هن دنيا کي ٺڪرائڻو هو. مال- ملڪيت، مٽيون- مائٽيون، گهر-تڙ سڀ پٺتي رهڻا هئا ۽ روزي ڪمائڻ ۽ شادي ڪرڻ جو خيال ٻنهي جي تعليم جي خلاف هو، جيئن انهن ٻنهي پنهنجي پنهنجي شخصي هلت سان ڪري ڏيکاريو.
هن خيال ڪيو ته انهيءَ قسم جا ٻه عظيم رهبر، جڏهن سندن تعليم، ذري گهٽ هر هڪ تفصيل ۾ هڪٻئي سان يڪراءِ ٿيڻ آهي، تڏهن اهي ٻيئي غلط ٿي نٿا سگهن. فقط هڪ ئي ڪم، جيڪو باقي ڪرڻو هو، سو انهن جي تعليمات کي عمل ۾ آڻڻ هو.
* * *
_______
* Sceptic منڪر-
* حضرت عيسيٰ
* ماس جي زندگي يعني کاڌي جي هٻڇ ۽ عيش جي زندگي.
* اڻ ڄاڻ ۽ ناواقف لوڪ =اٻوجهه.