ناول

ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برنارڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحرير “Adventures of the black Girl in her Search for God” جي جواب ۾ لکيل [Adventures of the Brown Girl in Her Search for God] هڪ اهڙو وڻندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادارڪ ۽ بيمثال تدبر ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳُجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بنيو رهندو. ”شا“ پنهنجي ڪتاب جو بنيادي خيال ٻئي انگريزي ڏاهي چارلس ڊارون جي ”اوسر واري نظريي“ سان ڳنڍي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته فطرت ۾ مذهبن جي اهميت ڪنهن فيصلا ڪُن ۽ غير معمولي سطح جي هر گز به ناهي. زندگي ۽ اُن جي ارتقا ڪن آسماني احڪامات جي نه پر زميني قاعدن جي محتاج آهي.
Title Cover of book ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

6

جيئن هوءَ اڳتي هلندي رهي، تيئن سندس دل ۾ هڪ خيال آيو.
”عجيب ڳالهه آهي“، هن دل ئي دل ۾ چيو، ”هي ڪتاب اها تعليم ڏئي ٿو ته اسان کي خدا تعاليٰ ڏانهن ويندڙ رستو ڳولڻ گهرجي ۽ ان جي باوجود ائين به چوي ٿو ته خدا اسان کي ”شاهه رڳ“ کان به قريب آهي، هڪ اهڙي شيءِ ڏانهن، جيڪا اڳيئي مون کي ايتري قدر ويجهي آهي، آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنڌ ڪري وڃي سگهان ٿي؟“
انهيءَ سوال هن کي وري منجهائي وڌو ۽ کيس ان جو ڪوبه حل معلوم ٿي نه سگهيو. عين انهيءَ وقت جڏهن هوءَ ائين سمجهڻ لڳي هئي ته کيس سڀڪجهه معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن سندس مونجهارو اڳي کان به وڌيڪ هو. گهڻيءَ دير تائين پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، هوءَ پاڻ کي ڏاڍي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳي ۽ کجور جي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويهي رهي. هن اوڀر ڏانهن ڏٺو، ۽ وري اولهه طرف نهاريو، اتر ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن نظر ڪئي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هوءَ ڪا شيءِ ڳولي رهي هئي يا اها پڪ ڪري رهي هئي ته هوءَ ڪنهن خطري ۾ ناهي، هن پنهنجي اکين جي ڇپرن تي ڪجهه وزن محسوس ڪيو ۽ کيس ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪو سونهري ڌنڌ سندس اکين آڏو اڀري رهيو هو، جهڙو سج اڀرڻ مهل پيدا ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن کي ڌرتيءَ جي عين وچ مان جانبازن، شاعرن، واپارين، خلاصين ۽ مفڪرن جا بيشمار ڪٽڪ ائين ٻاهرنڪرندا زمين جي چوطرف ويندا معلوم ٿي رهيا هئا، جيئن سج مان روشنيءَ جا ڪرڻا نڪري ڌرتيءَ جي هر طرف ڏانهن ڦهلجندا آهن، اوڀر ۽ اولهه ۾ واقع هڪ جي پٺيان ٻيو ملڪ، کيس ائي چمڪندو نظر آيو، جيئن انهن کي ڪنهن باهه ڏني هجي. هن غلامن جي ڪٽڪن کي آزاد ٿيندي ۽ پنهنجي آزاديءَ تي خوشيون ملهائيندي ڏٺو. هن هڪ جي پٺيان ٻئي ملڪ کي ڀائپيءَ جي رشتي ۾ هڪٻئي سان متحد ٿيڻ کان انڪار ڪندي ڏٺو، تن کي به کليل ٻانهن سان دوستيءَ جي روشني ۾ قبول ڪيو ۽ نهايت فراخ دليءَ سان برداشت ڪيو پئي ويو. هڪ طرف کان چرپر، واپار ۽ سيرو سفر وقت جو دستور معلوم ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف شعر و شاعريءَ، فلسفي، سائنس ۽ تاريخ جي مطالعي کي رواج ڏنو ويو هو. ائين پئي لڳو ته ماڻهو هر شيءِ مان ماکيءَ جي مکين جي ولرن وانگر رس چوسي ۽ ان کي ماکيءَ جي شڪل ۾ ڏهوڻون وڌائي واپس ڪري رهيا هئا.
ملڪ ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ باغن جو وڏو تعداد هو ۽ هر بادشاهي درٻار، ڳائيندڙ شاعرن جو آکيرو نظر اچي رهي هئي، ماڻهو دنيا کي اهو سڀڪجهه ڏيڻ ۾، جيڪي وٽن موجود هو، هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوششن ۾ مصروف معلوم ٿي رهيا هئا، هر هڪ ليکڪ پنهنجين تصنيفن کي سوين جلدن جي صورت ۾ شمار ڪري رهيا هئا. هن ماڻهن کي دنيا جي هڪ ڇيڙي کان وڻن جا ٻوٽا کڻي، ٻئي ڇيڙي تائين پهچائيندي ۽ انهن کي ٻيهر اُتي پوکيندي ڏٺو. انهن مان هر ماڻهو، انسان کي هر طريقي سان بلند ڪرڻ ۽ هن دنيا کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪمرڪشي بيٺو هو. هن ماڻهن کي هر هڪ قوم جي ڪتابن جو، جيڪڏهن ان وٽ ڪي ڪتاب موجود هئا، ترجمو ڪندي ۽ هر قابل قدر مذهب جو مطالعو ۽ ان تي بحث مباحثو ڪندي ڏٺو.
هن ڪتاب جي ڍيرن کي پهاڙن وانگر وڌندي ڏٺو ۽ انهن جي رکڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ٿيندي ڏٺيون. هن درويش عورتون، شاعر عورتون ۽ آزاد ۽ عزت واريون عورتون پڻ ڏٺيون، هن سندن قدمن جي هيٺان بهادري ۽ محبت جا گل ڦل ٽڙندا ڏٺا. هن هارين نارين ۽ پيشوَر ڪاريگرن کي ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي ۽ ساڳئي وقت تي شعر و شاعري ڪندي ۽ انهيءَ فن تي خيال آرائي ڪندي ڏٺو، هن انتهائي نيچ هٿ جي پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ جي عزت ٿيندي ڏٺي. عزت ۽ فخر جا وڏي کان وڏا جيڪي لقب هن کي ٻڌڻ ۾ آيا، سي هن طرح هئا: ”پورهيت، مشقتي، عارف، خادم ۽ بانيڪار.“
هن هڪ عرب کي هڪ اهڙي نفيس تارازي هٿ ۾ جهلي هيئن اعلان ڪندي ٻڌو: ”ڏسو! هن سان آءٌ هڪ مثقال جي ٽئين حصي جو وزن به ڪري سگهان ٿو.“ هن هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هڪ محدب آرسي (Convex Mirror) هئي، ۽ هو روشنيءَ جي انعڪاس ۽ انعطاف جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ دريافت، ڳولا ڦولا ۽ تحقيقات ٿيندي ڏٺي.
هن ڏٺو ته ساڳيو ئي ليکڪ، جيڪو فلسفي تي ڪتاب لکي رهيو هو، سو گهوڙن، قيمتي پٿرن، ٻوٽن، گلن ۽ ستارن بابت پڻ ڪتاب تصنيف ڪري رهيو هو. هن ماڻهن کي مشرق ۽ مغرب ۾ قومن جي اصلي ۽ صحيح تاريخ جي تحقيق ڪندي ڏٺو.
سنگ مرمر جا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز محلات، پرين جي رهائش لائق محلن وانگر ڌرتيءَ جي سيني تي کڙا ڪيا ويا ۽ بادشاهه فقط انهيءَ احساس کان پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري رهيا هئا، ته انهن پنهنجي گذر اوقات لاءِ گهربل پئسا ملڪي خزاني مان کڻڻ بدران، پنهنجي حق حلال جي پورهئي مان ڪمايا هئا. هن مشرق ۽ مغرب ۾ بتن کي ڊهندي ۽ ڪرندي، ۽ ساڳئي وقت تي مشرق توڙي مغرب ۾ ديني سڌارڪن ۽ مُصلحن کي ظهور ۾ ايندي ۽ پنهنجن پراڻن مذهبن کي سڌاريندي ۽ انهيءَ ڪتاب سان هم آهنگ بنائيندي ڏٺو، جيڪو انهيءَمهل سندس قبضي ۾ هو.
هن هڪ وِير اُٿندي ڏٺي، جيڪا پنهنجي زور سان مڙهين کي انهن جي سمورن ڄارن ۽ شراب جي جامن سميت وهائي کڻي ويئي ۽ ٻاوا ۽ تارڪ الدنيا راهب پنهنجي سموري ساک وڃائي ويٺا، در در پنڻ ۽ آواره گردي ڪرڻ واري نظام جي عزت نه رهي، جن جاين تان مڙهيون ۽ گرجائون غائب ٿي ويون هيون، اُتي تعليم گاهه ۽ شفاخانن جو ظهور ٿيو ۽ جتي جتي بيٺل پاڻيءَ جا دُٻا ۽ سم جي پاڻيءَ ۾ ڪانا ۽ ڪنڊا ڪرڙ هئا، اُتي هاڻي تازه بتازه، سرسبز چراگاهه، ڦوهارن ۽ چشمن وارا باغ باغيچا، ڦل ڦول ۽ ميوا اڀريا بيٺا هئا. هن مرده ٻولين جي جاين تي نيون زبانون ۽ ٻوليون استعمال ۾ اينديون ڏٺيون، جن جي ذريعي رومانوي نظام ۽ شعر جو اظهار ٿيڻ لڳو. پوءِ هن انهن جدت پيدا ڪندڙن جي هر هڪ تنظيم ۽ اداري جو، خصوصاََ مغرب طرفان نقل ۽ اختيار ٿيندي ڏٺو.
انهيءَ وچ ۾ هن مشرق طرف ماڻهن جا وڏا ڪٽڪ اُڀرندي ڏٺا، جن سڀ ڪتاب ساڙي رک ڪري ڇڏيا، ۽ انهيءَ منزل تي هن هڪ عظيم جُسي واري جاندار جي جسم کي، جيڪو زندگيءَ جي توانائي سان پُر هو، اُڀرندي ۽ تقدس حاصل ڪندي ڏٺو، جنهن جي حفاظت لاءِ ان کي هڪ پنڃري اندر رکيو ويو، تان جو هن اهو به ڏٺو ته اهو جاندار آهستي آهستي پنهنجن عضون جي استعمال جي قوت ۽ ڪم جي صلاحيت وڃائي ويٺو ۽ هڪ اهڙو مردو بڻجي ويو، جيڪو پاڻ کي هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي حملي کان بچائڻ ۽ ڪنهن به واڌاري ڪرڻ جهڙو باقي نه رهيو.
هن ڏٺو ته هر هڪ اداري کي، جيڪو قائم ۽ شروع ڪيو ويو هو، اڃا به وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو پئي ويو. هن ڏٺو ته مغرب جا ماڻهو واپار ۽ سير و سفر ڪرڻ ۾ مصروف آهن، وڏيون وڏيون مشينون هزارين ڪتاب شايع ڪري رهيون آهن ۽ لتاڙيل ۽ ظلم جا ستايل غلام جيئن پوءِ تيئن آزاد ٿي رهيا آهن، ۽ مرڪزي ماڻهن طرفان شروع ڪيل هر هڪ شعبي ۾ جيڪا تفتيش شروع ڪئي ويئي هئي، سا مغربي ملڪن جي ماڻهن طرفان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جوش و خروش ۽ جذبي سان اڳتي وڌائي پئي ويئي.
هن ڏٺو ته مغرب ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ تعليم لازمي بنائي ويئي هئي ۽ ساڳئي وقت هن ”مساوات“ ۽ ”اخوت“ جو نعرو بلند ٿيندو ٻڌو، جنهن جو پڙاڏو اُتي ٻڌجڻ ۾ پئي آيو.
هن ڏٺو ته علم ۽ جھاڻ لاءِ جيڪا تلاش ٿي رهي هئي، تنهن جي جواب ۾ انسان کي قدرت جي قوت ۽ طاقت جي ذريعن جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پوشيده رازن ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انعامات ملي رهيا هئا، ۽ هن ائنگلوسئڪسن نالي هڪ اهڙي قوم ڏٺي، جيڪا قديم جي خلاف احتجاج ڪندڙن جي پهرين صف جي منڍ ۾ هئي ۽ جديد کي قبول ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آماده هئي، هن انهيءَ قوم کي غلاميءَ جي رواج کي ختم ڪندي ۽ عورت جي انفراديت کي تسليم ڪندي ۽ کيس پنهنجي علحده ملڪيت ۽ جائداد رکڻ جا حق ڏيندي ڏٺو. پر پوءِ هن اوچتو انهيءَ نظاري ۾ تبديلي ايندي ڏٺي، هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اهو اعلان ڪري رهيو هو ته اسين سڀ باندر جو اولاد آهيون.جيتوڻيڪ انهيءَ نظريي ۾ ڀوري ڇوڪريءَ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پر ان جي باوجود انهيءَ خيال سڄي مغرب جو توازن بگاڙي ڇڏيو، ۽ اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ اهو خيال گهر ڪرڻ لڳو ته اهي سڀ ڀولڙا آهن، ۽ جيئن ته ڀولڙن کي خدا جو ڪو خيال ڪونه هو، ۽ ان هوندي به اهي زنده هئا، ۽ گذارو ڪري رهيا هئا، ان ڪري سندن لاءِ به خدا جي وجود ۾ عقيدو رکڻ ڪا ضروري ڳالهه ڪانه هئي.
اُهي ائين چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن اهي ڀولڙن ۽ باندرن وانگر کائي پي، وڙهي جوڙي ۽ نسل پيدا ڪري رهيا هئا، ته هنن لاءِ بس ايترو ڪافي هو، ۽ ائين ڪندي جيڪو ڏاڍو، سو گابو، ۽ پنهنجي مرضيءَ جو مختيار هو.
هڪ ڄڻي چيو، ”زندگيءَ جي بقا لاءِ جدوجهد“، ته ٻئي وري ائين چيو، ”ڏاڍو سو گابو.“
ٽئين ڄڻي وري ائين پئي چيو ته ”اخلاقيات پوڙهين عورتن جي تخليق آهي، جيڪي پنهنجو بچاءَ پاڻ نه ٿيون ڪري سگهن.“
هن هر قسم جون تباهي آڻيندڙ مشينون ۽ ڪلون ڏٺيون، هن اهڙا جهاز به ڏٺا، جيڪي خونخوار شارڪ مڇين وانگر پاڻيءَ جي هيٺان هلي رهيا هئا، ۽ ڪي ٻيا جهاز وري هوا ۾ پرواز ڪندڙ شڪاري پکين وانگر اڏامي رهيا هئا، هن تباهي ۽ بربادي آڻڻ جا هزارين ٻيا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز اوزار به ڏٺا، جن جي آڌار تي مغرب جو انسان پنهنجي طاقت ۽ اهميت جي نشي ۾ مدهوش نظر اچي رهيو هو. هن انهن مان هر هڪ کي، پاڻ مان ٻين کي ختم ڪرڻ لاءِ، هڪٻئي جا گلا پڪڙيندي ڏٺو ۽ انهن جي قبضي ۾ جيڪي به اوزار هئا، تن مان هر هڪ اوزار کي هڪ ٻئي جي مٿي ڦاڙڻ لاءِ اڇلائي رهيا هئا.
هنن هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي هيٺان، ۽ زمين جي مٿان وار پئي ڪيا، تان جو سڄو مغرب لاشن سان ڀريل ڪنهن جنگ جو ميدان نظر اچڻ لڳو، ان کانپوءِ هن ماڻهن کي ڳوڻين جي ڪپڙي ۽ رک ۾ ٿڦيل ڏٺو.
بهرحال، هن جيڪي ڪجهه هاڻي پئي ڏٺو، سو دل کي ڪجهه ڏڍ ڏيڻ لاءِ ڪافي هو. هن ڏٺو ته هڪ ”قُقنَس“ پکيءَ وانگر، جيڪو پنهنجي سڙيل جسم جي رک مان وري زنده ٿي اٿندو آهي، جسماني محنت ۽ پورهئي جو قدر ۽ قيمت تسليم ٿي رهي هئي ۽ هٿ جو پورهيو ڪندڙ ماڻهو ان کي معزز ۽ محترم انسانن طور پنهنجو قدر ۽ قيمت ڪرائي رهيا هئا.
هن ڏورانهين الهندي ۾، هڪ عظيم قوم ڏٺي، جنهن شرابخوريءَ کي يڪسر ممنوع قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ افراد جي انهيءَ حق کي تسليم ڪيو ته جيڪڏهن کين اهڙي خواهش هجي، ته اهي شاديءَ وهانوَ جا تعلقات ختم ڪري ڇڏين.
پر هن ڏاڍي افسوس سان ڏٺو ته مجموعي طور روح ۾ ڪا خاطر خواه تبديلي وري به ڪانه آئي. علم ۽ ڄاڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ اڃا به جاري هئي، پر اها سڄي فقط شخصي مقصدن ۽ شخصي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ هئي. انهيءَ ڳولا جو اصلوڪو مقصد ۽ صحيح رستو گم ٿي ويو آهي.
هن کي هاڻي اهو سڄو نظارو ائين نظر اچڻ لڳو، جيئن ڪا هڪ تمام وڏي ۽ اٿاهه مشين هجي، جنهن جا بريڪ ۽ ڦري گَهري سگهڻ وارا اوزار ڀڄي پيا هجن، ۽ جيڪا انهيءَ ڄاڻ کانسواءِ نهايت تيز رفتاريءَ سان هلي ۽ ڊوڙي رهي هئي، ته اها ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، حالانڪه اها سڄي اکيون جهانورائيندڙ تيز برقي روشناين سان جرڪي ۽ چَمڪي رهي هئي. انهيءَ ۽ طاقتور خطرناڪ مشين جي ور وڪڙ کائيندڙ حرڪتن کان دهشت زده ٿي، ڀوري ڇوڪري وٺي اتان مٿئين طرف ڀڳي ۽ اوچتو ئي اوچتو هن پاڻ کي پنهنجي پراڻي ساهيڙي، ڪاري ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ڏٺو.

* * *

”اوهو، توکي هن ڇانوري ۾ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي!“ ڀوري ڇوڪريءَ هن کي چمي ڏيندي چيو، ”مون کي ته هاڻي خوف محسوس ٿيڻ لڳو هو.“ ۽ هن کي پيار ڀرين نظرين سان ڏسندي ڀوري ڇوڪريءَ وري چيو. ”ڇا، اسان کي انهيءَ عظيم ڊراما نويس جي شڪرادائي ڪرڻ لاءِ سبب ڪونهي، جنهن کانسواءِ اسان کي، توکي هن هنڌ پنهنجي وچ ۾ ڏسڻ جي خوشي جيڪر نه ملي ها؟ پر ٻڌاءِ ته سهي، ته جڏهن کان وٺي آءٌ پنهنجي هن سفر تي نڪتي آهيان، تڏهن کان تون مون کي ياد به ڪندي رهي آهين يا نه؟“
”چئين ڇا ٿي؟“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”اڙي آءٌ ته توکي خاص طرح انهيءَ وقت کان وٺي وڌيڪ ياد ڪري رهي آهيان، جڏهن کان مس ويسٽ منهنجي پياري ڊرامه نويس سان ناراض ٿي هلي ويئي. انهن ٻنهي جي درميان هڪ نُڪتي تي اختلاف راءِ نظر اچي رهيو هو، هن کيس چيو ته جنهن طريقي سان هن خدا کي ڳولڻ پئي چاهيو، تنهن سان هو کيس هرگز نه ملي سگهندو، پر ٻئي طرف هوءَ اها دعويٰ ڪري رهي هئي ته کيس خدا هر هڪ انسان جي اندر موجود ملي ويو هو.“
”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ته پوءِ هوءَ واقعي ڏاڍي خوش نصيب آهي. اهو تجربو ڪهڙو نه حيرت انگيز هوندو، جو هر هڪ سان، خواه هو ڪهڙو به گهٽ درجي جو هجي يا ڪيترو به خسيس هجي، عزت ۽ احترام سان ملجي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ خدا موجود آهي. مون کي يقين آهي ته هاڻي هن جي نقطه نگاهه ۾ تبديلي آيل هوندي ۽ هوءَ دنيا کي بدليل نگاهن سان ڏسندي هوندي.“
”پر تون ته ٻڌاءِ،“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو، ”ته تون هيڏو سارو وقت ڪٿي هئينءَ؟“
”اهو هڪ ڊگهو قصو آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙيءَ هن ڳالهه جي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي، جو مون کي اڳي کان وڌيڪ تنهنجو قدر ٿيڻ لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿورڙي به عقل ۽ فهم وارو ماڻهو توهان جي اوليت کان انڪار ڪري نٿو سگهي. توهان کان سواءِ، اسان جو وجود نه هجي ها. توهان ڌرتيءَ جي پيدا ڪندڙ جو پهريون اولاد آهيو، ۽ ٻين سڀني کان وڌيڪ سندس لاڏلا آهيو. هن پنهنجي سموري طاقت جو ست توهان تي صرف ڪيو، ابتدا ۾ تنهنجا وڏا ئي انسانذات جا روحاني رهبر هئا، شل سندن عظمت ۾ اضافو ٿئي! توڻي طاقت ۽ اقتدار بظاهر انهن جي هٿن کان ٻاهرنڪرندو پئي نظر آيو، تڏهن به دنيا ٻين سڀني کان انهن جي وڌيڪ ڳولائو هئي. مغرب توڙي مشرق جي ماڻهن، ڪنهن پراسرار سبب کان، کين ئي وڌيڪ پئي تلاش ڪيو. هنن پاڻ کي هن اصول جو مثال بنائي ڇڏيو ته ”اهي ئي ماڻهو سڀني کان بهترين ٿين ٿا، جيڪي ’خدمت‘ ڪن ٿا. انهن جي قوت، سندن حيرت انگيز صبر، سندن اعتقاد ۽ ايمان کي هرطرف کان تسليم ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح خدمت جو تاج سندن ئي مٿي تي وڃي ڪريو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ مون کي ته اهڙو احساس آهي ته اڄ جيڪي نيچ ۽ ڪريل آهن، سي ڪنهن وقت بلند ڪيا ويندا، ۽ ڪير ٿو ڄاڻي ته اڄ جن کان نفرت ڪئي پيئي وڃي، سي ئي ڪنهن ڏينهن پيڙهه جا پٿر بڻجي وڃن.“ پر مون کي ته ٻڌاءِ“ هن گفتگوءَ جو موضوع بدلائيندي پڇيو، ”ڪهڙو سبب آهي، جو آءٌ توکي پنهنجي گهر کان هيڏو دور هت پئي ڏسان؟“
”ڇا، توکي معلوم ناهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”ته هتي ئي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ هڪ وڏو اجتماع ٿيڻو آهي؟ سڄي دنيا جا پير پيغمبر ۽ عظيم انسان هت اچي گڏ ٿيڻا آهن؟“
”ته ڇا، اها به هڪ وڌيڪ امن ڪانفرس آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”ها، چاهين ته ائين ئي کڻي سمجهه،“ سندس ساهيڙيءَ جواب ڏنو، پر هيءَ صحيح معنائن ۾ امن ڪانفرنس هوندي، ۽ نه انهن مان هڪ، جيڪي جنيوا ۾ منعقد ڪيون وينديون آهن، جتي فقط هڪ ئي سوال درپيش هوندو آهي ته انسانن کي ڪهڙيءَ طرح مارجي، جيوڙن، زهريلي گئس يا هوائي بمن منجهان ڪهڙي طريقي کي وڌيڪ ترجيح ڏجي؟“
”ڪهڙي نه دلچسپيءَ واري خبر ٻڌايئه!“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”هن ئي گهڙيءَ منهنجي هٿ ۾ اهو ئي هڪ ڪتاب موجود آهي، جيڪو فرمائي ٿو ته ڪنهن به ڳالهه جي ”عرفان“ حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي ممڪن رستو اهو آهي ته اسين سڀني عظيم انسانن ۽ سندن ڪتابن ۾ اعتقاد رکون. چنانچه آءٌ توسان گڏجي اوڏانهن هلڻ ۾ خوشي محسوس ڪنديس، پر اَلا، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو مس ويسٽ به هن وقت اسان سان گڏ هت موجود هجي ها، هوءَ ڏاڍي خوبصورت ۽ هوشيار عورت آهي.“ ائين چئي هوءَ زمين تان اٿي ۽ پوءِ ٻيئي سهيليون گڏجي پنهنجي منزل طرف روانيون ٿيون.
ٿوريءَ ئي دير ۾ ٻيئي ڄڻيون انهيءَ عجيب و غريب جاءِ جي سامهون اچي پهتيون. پري کان ئي کين جلسه گاهه ۾ داخلا واري صدر دروازي جي ڪمان هڪ پراسرار ۽ ستارن جهڙي روشنيءَ ۾ جهلڪندي نظر اچي رهي هئي، ۽ جيئن ئي اهي ان جي قريب پهتيون، ته کين هڪ پروفيسر مليو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جيڪو هو هر ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ آتو پئي نظر آيو. هن جي انهيءَ ڪتاب جو موضوع هو: ”ڇا، مسيح جو ڪڏهن وجود به هيو؟“ هو پنهنجي موضوع جي انهن وضاحتن ڪرڻ ۽ سمجهاڻين ڏيڻ لاءِ ڏاڍو ڳالهائي رهيو هو ته ”نزريٿ (Nazareth) واري جو ڪڏهن وجود ئي ڪونه هو، ۽ هن جي اها ڳالهه ٻڌي ڪاري ڇوڪريءَ بي اختيار ٿي پڇيو، ”ته پوءِ ڀلا بائيبل (انجيل) ڪنهن لکيو؟“
”اها ڳالهه آهي!“ پروفيسر چيو، ”تون اسڪول ۾ پڙهي آهين، بائيبل ته فقط انهيءَ يسوع جي خيالي ۽ فرضي سوانح حيات آهي، جيڪو ڪڏهن هيو ئي ڪونه، ۽ ان ۾ صدين کان وٺي بعد ۾ آيلن طرفان سندن عقل ۽ فهم مطابق هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي تبديليون ۽ درستيون ڪيون ويون آهن.“
”ڇا؟“ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”توهان جو اهو مطلب آهي ڇا، ته سڀ جا سڀ قديم مذهبي ڪتاب غيرمعتبر آهن؟“
”يقيناَ“، پروفيسر جواب ڏنو، ”توهان کي انهن منجهان ڪنهن به ڪتاب جي تاريخ يا مصنف جو ڪو نالو نشان نظر ڪونه ايندو. اهي سڀ ڪن اهڙن ليکڪن سان منسوب ڪيل آهن، جيڪي انهن جا مصنف ٿي ئي نٿا سگهن.
”اصل لکندڙن پنهنجن ڪارنامن جو قدر و قيمت وڌائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ديو مالائي شخصيت جي پٺيان پاڻ کڻي لڪايو آهي. پوءِ انهن ۾ هڪ کان ٻئي زماني تائين اضافن مٿان اضافا ڪيا ويا آهن. ڇا، توهان مهاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا پڙهيا آهن؟ (اهي پڙهندا ته) پوءِ توهان کي سمجهه ۾ ايندو ته منهنجو مطلب ڇا آهي. ان کان علاوه، ڇا، اهي ماڻهو، جن کي نبي ۽ پيغمبر سڏيو وڃي ٿو، ٻين ليکڪن يا شاعرن کان مختلف آهن؟“
”ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح چوندا هجو، مسٽر پروفيسر،“ هڪ اهڙي سنجيده ماڻهوءَ جو آواز آيو، جيڪو ڪنهن خاص ديس جو معلوم نه پئي ٿيو ۽ هن جي وطنيت جو سراغ ڪڍڻ ممڪن نظر نه پئي آيو، ”پر توهان پاڻ هڪ عام رواجي ليکڪ ۽ شاعر جي درميان امتياز ڪري رهيا آهيو، ۽ ڇا، توهان کي هن ڳالهه ڪڏهن به حيرت ۾ نه وڌو آهي ته دنيا جي سڀني وڏن وڏن شاعرن، فيلسوفن، سائنس دانن ۽ ليکڪن پاڻ کي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي پوئلڳن جي قطار ۾ شامل ڪيو آهي، جن کي توهان نبي سڏيو ها؟ جيسين ڪتابن جو تعلق آهي، سو انهن زمانه قبل از تاريخ جي ڪتابن مان گهڻن ۾ اضافا يقيناَ ڪيل آهن، پر اهي ڪن اهڙن احمقن ۽ بدمعاشن طرفان ڪيا ويا آهن، جن پاڻ کي اصل ليکڪن کان يا ته وڌيڪ عقلمند پئي سمجهيو يا جن پنهنجين ڪن ڳالهين کي انهن عظيم انسانن سان منسوب ڪري پنهنجو ڪو ذليل مقصد حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود انهيءَ جنگ ۾ ڪي اهڙا ظاهر نشان ۽ سنگ ميل ضرور موجودآهن، جن کي غلط نموني ۾ سمجهڻ ممڪن ئي ناهي ۽ جيڪي هڪ باشعور پڙهندڙ لاءِ سچ ۽ حقيقت جي اهڙي صاف نموني ۾ نشاندهي ڪن ٿا، جهڙي طرح ٻنپهرن مهل تيز چمڪندڙ سج جي روشنائي ڪندي آهي.“
”ها، عقيدتمندن لاءِ يقيناً،“ پروفيسر چيو، ”پر مون کي توهان ان باري ۾ مطمئن نه ٿا ڪري سگهو ته مذهب ۾ بقاداريءَ جو قدر يا قيمت آهي. خدا تعاليٰ کي ته گهڻو زمانو ٿيو، جو برطرفي جو پروانو ملي ويو. اسان کي ته جنهن چيز جي ضرورت آهي، سا فقط ’طاقت‘ آهي، جيڪا جنهن به طريقي سان حاصل ٿي سگهي، تنهن سان ضرور هٿ ڪجي. هيءَ دنيا طاقتورن جي ملڪيت آهي، باقي ٻيو سڀ، فقط ٻارن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏند ڪٿائن ۽ خيالي ڪهاڻين کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.“
”مسٽر پروفيسر،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو. ”مون وٽ اجهو هي ڪتاب آهي، جنهن جي تاريخي تصديق، ناقابلِ ترديد آهي. اهو اڄ کان تيرهن سئو سال اڳي لکيو ويو هو، ۽ اهو چوي ٿو ته مسيح عليھ السلام ضرور ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري آءُ سمجهان ٿي ته مون لاءِ اها ثابتي ڪافي آهي، ۽ مون کي شڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ اوهان جي ڪتاب جي ڪا ضرورت ڪانهي.“
ائين چوندي، هن قدم اڳتي وڌايو ۽ ڪاري ڇوڪري هن جي پٺيان ويئي. داخلا واري دروازي جي ڀرسان هنن هر قسم جا ماڻهو جمع ٿيل ڏٺا. انهيءَ ميڙ ۾ اڪثر اهڙا ماڻهو شامل هئا، جيڪي يا ته فقط پروپئگنڊا باز يا اشتهار باز هئا، ته ڪي وري هروڀرو نوس نوس ڪندڙ واندا هئا ۽ ڪي سنسي ڳوليندڙ چلتي پُرزي قسم جا ماڻهو هئا. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي، ڪي گنڀير قسم جا ماڻهو به موجود نظر اچي رهيا هئا. ڪي اُهي هئا، جيڪي پاڻ کي سائنسدان سڏائي رهيا هئا، ته ڪي عقليت جا عقيدت مند- پر ٻنهي ڇوڪرين جي خوشيءَ جي ان وقت ڪا حد نه رهي، جڏهن انهن اوچتو سفيد فام ڇوڪريءَ مس ويسٽ کي ڏسي ورتو.
”توسان هت ملڻ ۾ ڪهڙي نه خوشي ٿي آهي، اسين اجهو تنهنجي ئي باري ۾ ڳالهائي رهيون هيون سين،“ ڀوري ڇوڪريءَ هن سان هٿ ملائيندي چيو. ”ڳالهه اها آهي ته مون کي اچڻو ئي پيو،“ گوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”جيتوڻيڪ آءٌ ٻين ڪاروباري ڪمن ۾ حد کان زياده مصروف هيس، پر ان جي باوجود ماڻهو ههڙي موقعي مان فائدي وٺڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. واپار کي مشهوري گهرجي، ۽ توهان کي پنهنجي پرچار ڪرڻ لاءِ ههڙي عظيم الشان بين الاقوامي اجتماع کان بهتر ڪو ٻيو موقعو ملي نه ٿو سگهي، جنهن ۾ دنيا جون سموريون قومون هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيون هجن.“
”خدا جي باري ۾ ڇا ٿيو؟ منهنجو ته اهو خيال هو ته تون به کيس تلاش ڪندڙن مان هڪ هئينءَ؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
”هائو“، گوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ پنهنجي ڪچيءَ ڄمار ۾ حيران هيس، پر پوءِ مون ڏٺو ته خدا خود منهنجي، تنهنجي ۽ ٻئي هر هڪ جي اندر ۾ موجود آهي.“
”ٺيڪ آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”تنهن جي معنيٰ ته تو هن کي سچ پچ ڳولي لڌو آهي، ۽ هاڻي توکي کيس تلاش ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو آءٌ به اهڙي خوش قسمت هجان ها! پر آءٌ هن کي جيئن ئي وڌيڪ تلاش ڪريان، تيئن هو مون کي گهٽ کان گهٽ ٿو هٿ اچي، ۽ آءٌ اڳي کان به وڌيڪ ٿي منجهي پوان. پوئين ماڻهوءَ، جنهن کان مون خدا جي متعلق پڇا ڪئي، مون کي چيو ته هن کي ڳولي لهڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي ۽ ان لاءِ ماڻهوءَ کي اڳ ۾ ٻاهرئين کي ۽ پوءِ اندرئين (خدا) کي ڳولڻو پوندو.“
”هن مون کي ٻڌايو ته ٻاهريون به اهڙو ئي اهم آهي، جهڙو اندريون ۽ ان کي ائين ئي ڏسي نه ٿو سگهجي.“
”ڏس نه، مون کي هاڻي انهن پيچيدگين ۾ پوڻ جو وقت ڪونهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ”هن وقت ته آءٌ پنهنجي ڪاروباري ڪم ۾ ڏاڍي مصروف آهيان.“
”تون سچي آهين،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي به هاڻي باغ جي کوٽائي ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻچڙن جي سار سنڀال لهڻ ۾ سک ملي ويو آهي، ۽ هاڻي منهنجي دل ۾ اهو جوش ۽ جذبو ڪونهي، جيڪو انهيءَ وقت هو، جڏهن مون خدا، جي تلاش شروع ڪئي هئي. ماڻهو وڏي ڄمار سان ٿڪجي پوي ٿو، پر پوءِ به فرصت جي گهڙين ۾ منهنجا خيال مسلسل طور منهنجي پراڻي تلاش ڏانهن وري وري موٽن ٿا، ۽ آءٌ انهن کان بلڪل ئي جند ڇڏائي نه ٿي سگهان. حالانڪه اجهو هن گهڙيءَ به منهنجا ننڍڙا ٻچڙا منهنجي لاءِ روئيندا هوندا.“
انهيءَ موقعي تي هنن سان هڪ اهڙو ماڻهو مليو، جيڪو هڪ مذهبي پيشوا پئي معلوم ٿيو. جڏهن هن جي نظر انهن ٽنهي ڇوڪرين تي پيئي، تڏهن هن انهن کي پاڻ ڏانهن سڏيو. ”معاف ڪجو، جيڪڏهن توهان کي اعتراض نه هجي، ته مهرباني ڪري ڪجهه دير لاءِ ترسو. آءٌ توهان کي خدا جي متعلق ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جو آءٌ سمجهان ٿو ته توهان انهيءَ مقصد لاءِ ئي هت موجود آهيو.“
”آءٌ ڀانيان ٿي ته توهان سان هن کان اڳ منهنجي ملاقات اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿي آهي ۽ آءٌ توهان کان ڪجهه ”شيئرن“ جي باري ۾ راءِ وٺڻ کي بهتر سمجهان ٿي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو.
”اوه، اها بلڪل ٻي ڳالهه آهي“، انهيءَ ماڻهوءَ کلندي چيو. ”آءٌ پنهنجا راز توهان کي ڏئي نه ٿو سگهان- في الحال ڪو به اشارو نه ملندو.“
”ته ائين آهي، “ گوري ڇوڪريءَ خنڪيءَ سان چيو، ”توهان پنهنجي خدا جي متعلق ته سمورا راز ڏيڻ لاءِ تيار آهيو، پر ڪاروبار متعلق پنهنجا راز ظاهر ڪرڻ لاءِ آماده نه آهيو.“
”ائين ئي آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ ان مهل چيو، جڏهن ٽيئي ڄڻيون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي اڳتي وڌيون، ”مون کي اهڙا ڪيئي ماڻهو مليا آهن، جيڪي خدا کي سڀ کان وڌيڪ سستي شيءِ سمجهن ٿا، ۽ پوءِ اهي اٻوجهه ماڻهن کي ڦاسائڻ لاءِ خدا جي نالي جو هڪ ڄار ٺاهي هلن ٿا. انهيءَ طرح سان مون کي ته قديم زماني جا ماڻهو وڌيڪ پسند آهن، جيڪي ٻين ماڻهن طرفان سندن ديوتائن جي پوڄا کي ناپسند ڪندا هئا ۽ پنهنجن ديوتائن کي پنهنجو بهترين خزانو سمجهي، غيرن کي پنهنجي انهيءَ حق تي دخل اندازي ڪرڻ جي اجازت ئي نه ڏيندا هئا.“
هنن کي پنهنجي ساڄي پاسي کان هڪ اهڙو مقدس صورت وارو ماڻهو نظر آيو، جيڪو ڪنهن گرجا جو وڏو عهديدار معلوم ٿي رهيو هو. هو مختلف مذهبن جي اهڙن اجتماعن جي خلاف وڏي رد ڪد سان ۽ وڏي واڪي ڳالهائي رهيو هو، جن کي هو پنهنجي خيال ۾ شڪي نوعيت جو سڏي رهيو هو.
”هيءَ ته بلڪل اجائي ڳالهه آهي“، هن چيو، ”جديد دور جي هيءَ ديوانگي يا ته هڪ مذهب سچو آهي، يا ٻيو. هي ماڻهو مذهبن جو مذاق بنائي رهيا آهن. ڪو به ماڻهو پنهنجن عملن جي ڪري بچي نه ٿو سگهي. نجات فقط ”نزريني“ جي رت جي ذريعي سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.“
اتي وري هن جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ٻئي ماڻهوءَ وچ ۾ پئي ڳالهايو. ”تو کان اهو عظيم انسان وسري ويو آهي، جنهن توهان کي اهي ڏهه فرمان ڏنا، جن کانسواءِ توهان جو سمورو جديد عهدنامو بي معنيٰ ٿي پوي ٿو. دنيا جيڪي به نبي ڏٺا آهن، تن سڀني ۾ انهيءَ کان عظيم تر رتبي وارو نبي ڪونه ٿي گذريو آهي.“
پوءِ وري هڪ ٽئين ماڻهوءَ ڳالهايو، جيڪو هنن جي اڀرندي پاسي کان بيٺو هو: ”توهان سڀ ئي مذاق ڪري رهيا آهيو. هڪ ئي سچو مذهب ويدن وارو آهي. خود توهان جا اڳواڻ به قديم زماني جا هندستاني هئا، جن جون آتمائون توهان جي ملڪن ڏانهن لڏي وڃي پهتيون آهن.“
ڇوڪرين ڏٺو ته هاڻي هڪ گهڙيءَ ۾ اجهو ٿو فساد برپا ٿئي ۽ ڄاڻ ٿا هي سڀ هڪٻئي جون ڳچيون پڪڙين، انهيءَ ڪري هو ڪنهن ناخشگوار واقعي جي رونما ٿيڻ کان اڳي ئي، اتان جلدي جلدي وک وڌائي جلسه گاهه جي صدر دروازي اندر داخل ٿيون. پر هنن ڏٺو ته سندن داخلا رستي جي تنگيءَ ۽ سوڙهه سبب روڪيل هئي. اتي هنن کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”جهڪي هلو، جيڪڏهن اندر داخل ٿيڻ جي مرضي اٿوَ،“ ۽ جيئن ئي هنن ائين ڪيو ته اهو رستو وڌي تمام ويڪرو ٿي ويو ۽ هو آسانيءَ سان اندر داخل ٿي ويون. اڃا هو اندر داخل مس ٿيون ته هڪ ماڻهو اڳتي وڌي سندن آجيان ڪئي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جنهن جي ٻاهرئين جلد تي ان جو نالو هن طرح لکيل هو، ”خالص عقل تي تبصرو.“
”مون کي خوشي آهي، جو توهان ٽيئي گڏ آيون آهيو،“ هن فضيلت سان چيو، پر هنن جي اکين آڏو جيڪو انهيءَ مهل منظر هو، تنهن کين بلڪل حيران ڪري ڇڏيو. هنن کي اها توقع هئي ته اتي ڪو احاطو يا ڪو وڏو هال هوندو، پر هن کي نه ڪي ڀتيون نظر آيون ۽ نه ڪنهن قسم جون حدون، اُتي ته هڪ لامحدود وسيع ميدان هو. هنن جي تخيل ۾ جيڪي به سمائجي پئي سگهيو، سو ان وقت سندن نظرن جي سامهون موجود هو. هنن کي سندن قدمن هيٺان گلن ڦلن سان ڀريل ساوڪ نظر آئي، جيڪا هر قسم جي ٽڙيل گلن سان ڀريل هئي، جيڪي هنن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ اڳي ڪڏهن ڏٺا به هئا، ۽ نه به ڏٺا هئا.
هڪ قديم بڙ جو وڻ، جيڪو پنهنجين انهن ڌيئرن جي وچ ۾ بيٺو هو، جيڪي ان جي پاڙن منجهان ڦُٽي نڪتيون هيون، ان مهل هنن کي سڀني کان وڌيڪ قريب هو. ان کان پوءِ شاهه بلوط جا پراڻا وڻ هئا، جيڪي پپر ۽ انجير جي وڻن جي پاسن اوسن کان بيٺا هئا. انب ۽ هسپانوي شاهه بلوط جا ڦل هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح مليا بيٺا هئا، جو انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري سڃاڻڻ مشڪل هو ۽ دور، تمام دور، بلند بالا کجين جا وڻ، جهڳٽن جي صورت ۾ توڙي اڪيلا هوا ۾ جهومندا نظر اچي رهيا هئا. هِتي هُتي، وڻن جي وچ ۾ مختلف رنگن ۽ شڪلين وارا جبل اڀري رهيا هئا، جن منجهان ڪن مان خوشبودار ٻاڦ نڪري رهي هئي ته ڪن مان وري صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جا چشما نڪري رهيا هئا، جن جي پاڻيءَ مان انهن پهاڙن جي چوڌاري تلاءَ ٺهي پيا هئا، جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون رنگارنگي خوبصورت مڇيون، مرجان ۽ سِپيون تري رهيون هيون.
تلائن جي ڪنارن تي نرگس گل ۽ ڪنول ٽڙي رهيا هئا ۽ چراگاهن ۾ مغرور گل لاله، مسڪين گل ۽ بنفشه گڏوگڏ هڪ ٻئي جي پاسي ۾ کڙيل هئا. مشرقي ملڪن جو موتي جهڙي رنگ وارو گل ياسمين خودرو گلن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا ۽ انهن جي درميان مختلف قسمن جا خوبصورت وڻ شان و شوڪت سان بيٺا هئا. سڀ ٻنيون ٻارا ۽ جهنگ جهر هر قسم جي چوپاين ۽ ننڍن وڏن قسمن جي ٻين جانورن سان ڀريا پيا هئا ۽ اُتي ئي عجيب و غريب رنگن وارا پکي پکڻ، سونهري رنگ واريون ٽنڊڻيون ۽ تڏيون ۽ سوين قسمن جا پوپٽ ۽ ماکيءَ جون مکيون پنهنجي پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هيون.
رکي رکي صاف ۽ نيري آسمان ۾، ڪٿي ڪٿي ڪڪڙن جا ٽڪرا ٺهي پئي آيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهي تحليل ٿي غائب ٿي پئي ويا. ڪنهن مهل ڏکڻ جي هوا پاڻ سان گڏ گرمي ۽ خوشبوءِ کڻي ٿي آئي، ته اُتي ئي وري ڪنهن گهڙيءَ اتر جي هوا خوشگوار ٿڌڪار پهچائي رهي هئي. اجهو هاڻي مغرب جي هوا لڳي رهي هئي ته وري اتي ئي مشرق جي هوا جا جهوٽا پهچي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي پيار وچان هڪ ٻئي سان بغلگير ٿي رهيا هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ عبرتناڪ ڳالهه جيڪا ڇوڪرين ڏٺي، سا اها هئي ته انهيءَ هنڌ تي دائمي طور هڪ عجيب و غريب تبديلي اچي رهي هئي. ڪابه چيز ساڳيءَ حالت ۾ نظر نه پئي آئي ۽ نه وري ڪو زمين جو ٽڪرو ٻه دفعا ساڳي نوعيت جو نظر پئي آيو.
سوين هزارين ماڻهو، جيڪي سڀني قسمن ۽ نمونن جا هئا، ۽ جيڪي انتهائي سياهه چمڪندڙ آبنوسي رنگ کان وٺي بي رنگ اڇن وارن ۽ اڇن ڀروُن وارا آلبينو نسل وارن تائين سڀ موجود هئا، سي سمورا انهيءَ جاءِ تي ڦهليل وسيع و عريض سائي ڇٻر وارن ٻارن ۾ گهمي ڦري رهيا هئا ۽ انهن ڪمانن جي هيٺان ٽهلي رهيا هئا، جيڪي وڻن جي شاخن پاڻ ۾ ملي ٺاهيون هيون.
ان جي باوجود اتي سوڙهه يا گپا گيهه جو ڪو خيال به ڪونه هو، هر ڪنهن جي ڦرڻ گهرڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ ڪشادي جاءِ موجود نظر اچي رهي هئي. جهنگ مان پکين جي مٺين لاتين جي آواز سان گڏ، هڪ عجيب قسم جي موسيقي جي لئه مليل ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. انهيءَ هنڌ سان جتي اهي ٽيئي ڇوڪريون بيٺيون هيون، هنن کي دور کان هڪ ڊگهي رستي جي ذريعي مليل هڪ اُڀريل ٿلهو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايترو بلند هو، جو پري کان سڀني کي نمايان طور نظر اچي رهيو هو. انهيءَ هنڌ جي زمين سائي ڇٻر سان ڍڪيل ٻاري جي بجاءِ، آسمان وانگر نيري نظر اچي رهي هئي، جنهن تي ستارن جا ذرا پرزا ٽڙيل پکڙيل هئا، جنهن جي اثر کان اهو هنڌ آسمان سان مشابهت رکي رهيو هو، ۽ انهيءَ هنڌ جي عين مٿان جيڪو آسمان هو، تنهن جو رنگ سچن موتين جهڙو سفيد معلوم ٿي رهيو هو، جيڪو ڪنهن تيز چمڪاٽ کانسواءِ بلڪل هلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ سان منور نظر اچي رهيو هو، ۽ اهو پنهنجي رنگ بدلائڻ کانسواءِ تمام گهري اونهائي تائين ساڳي نوعيت جو نظر ٿي آيو.
ڇوڪرين ڏٺو ته انهيءَ عجيب و غريب هنڌ تي ڪيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا.

* * *