8
هاڻي سموريون جماعتون انهيءَ بلند و بالا ٿلهي طرف وڌڻ لڳيون، جنهن تي ’نيلي آسمان‘ جهڙو قالين وڇايل نظر اچي رهيو هو. جيئن جيئن اهي اڳتي وڌنديون رهيون، تيئن هجوم اڳي کان وڌيڪ وڏو ٿيندو رهيو.
هاڻي هنن جي ڪنن تائين موسيقيءَ جو هڪ حيرت انگيز آواز پهچڻ لڳو. هڪ گهڙيءَ ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ انهن وٽ دور دراز وڻن جي جهڳٽي ۾ ٽڙيل گلن وٽان موسيقي وارو اهو آواز پهچي رهيو هو، جنهن کي چيني قوم وارن جي موسمِ بهار واري تقريب جي موسيقي چيو ويندو آهي. ٻي گهڙيءَ هنن کي اڃا به ڏورانهين ڏيهه جي بڙن جي وڻن وچان قديم انڊين جي ’راڳن‘ جو آواز محسوس ٿي رهيو هو. ڪنهن گهڙيءَ انهن کي اطالوي ته ڪنهن مهل اندلوسي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ڪنهن مهل اهي ”باغ“ (Bach) ۽ موزارٽ (Mozart) جي موسيقي کي، ۽ ڪڏهن وري خانه بدوشن جي ”گيتنائن“ جي موسيقي ٻڌي انهن کي هڪ ٻئي کان علحده محسوس ڪري رهيون هيون،“ جن جو نالو ئي انهن کي قديم هندستاني موسيقيءَ جي بنياد سان ملائي رهيو هو. انهن آوازن جي وچ ۾ ڏکڻ جي هير سان ”روحانين“ جي جهونگارڻ جو آواز به، انسانن جي ٿڌي ساهه کڻڻ جهڙي آواز سان ملندڙ جلندڙ هو، جيڪي ڄڻ ته ٻيءَ طرح پنهنجو اظهار نه پئي ڪري سگهيا. ڪٿي ڪٿي، هنن کي ڪجهه وڏا موسيقي ساز ٻين عظيم فنڪارن۽ سائنسدانن جي صحبت ۾ نظر اچي رهيا هئا. هنن کي شهيدن جي جماعت به نظر آئي، جن پنهنجيون جانيون دين، حسن و خوبصورتي ۽ نيڪيءَ لاءِ يا ظلم و ستم، بدي ۽ بيماريءَ جي خلاف جهاد ڪندي قربان ڪيون هيون.
انهن سڀني ۾ ٻين کان وڌيڪ نمايان انسان ذات جا محسن نظر اچي رهيا هئا، انهن ۾ عظيم ۽ رحمدل بادشاهه، راڻيون، منتظم ۽ سپاهي شامل هئا. جيئن هو اڳتي وڌنديون ويون، تيئن کين ولين، مفڪرن ۽ صوفين جا ٽولن جا ٽولا نظر آيا، جن جي اڪثريت اهڙي خاموشي ۽ صبر و سڪون سان اڳتي وڌي رهي هئي، ڄڻ انهن جا چپَ سِبيل هئا ۽ هنن جا سڀ عضوا هڪٻئي سان ملي اهڙيءَ طرح چرپر ڪري رهيا هئا، جيئن خود ساهه کڻڻ جو ترنم هوندو آهي. انهيءَ جي وچ ۾ ئي ڀوري ڇوڪريءَ کي پنهنجين سهيلين سميت عظيم حواري پال بيٺو نظر آيو. کين هو هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مصروف نظر آيو، جنهن کي هو سڃاڻي نه پئي سگهيون.
”مون کي يوناني حڪمت ۾ ڪڏهن به اعتماد ڪونه هو،“ هن چيو: ”مون هميشھ ان کي حڪمت نه، بلڪه حڪمت جي نمائش ۽ ڏيک سڏيو، پر آءٌ ارسطوءَ سان هن ڳالهه ۾ ضرور متفق آهيان، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: ’اتر ۾ وسندڙ قومون وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻن‘. ڇا، اها ڳالهه هن مان ظاهر نه ٿي ٿئي، ته غير يهودي قومن وارا به، جيڪي انهيءَ علائقي ۾ آباد ٻين سڀني کان وڌيڪ مهذب ۽ سڌريل هئا، سي به پنهنجي خدا جي نمائندگي هڪ ڀالي جي شڪل ۾ ڪري رهيا هئا؟ مسيحي قومون، جيڪي خدا کي ”محبت“ جو نالو ڏين ٿيون، سي پاڻ محض نفرت ۽ ڌڪار ۾ مصروف رهن ٿيون. ڇا، اها ڳالهه اچرج جهڙي ناهي ته اهي مسيح کي رڍ جي نالي سان پوڄين ٿا، پر ان هوندي به اهي پاڻ کي لومڙن، بگهڙن ۽ شينهن جي نالن سان سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا؟ اهڙا ئي انهن جا نشان به آهن. يعني بگهڙ، شينهن يا عقاب، ۽ اهي انهن ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ خوش ٿين ٿا. مون کي معلوم ٿيو آهي ته انهن جي هڪ انتهائي ترقي يافته ۽ سڌريل قوم جي وڏي ۾ وڏي شاعر جو نالو شيڪ-اسپيئر (شيڪسپيئر ڏانهن اشارو آهي ۽ نالي جو جيئن تجزيو ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ ان جي لفظي معنيٰ ٿئي ٿي، نيزو ڦيراءِ ۽ انهن سان قريبي تعلق رکندڙ هڪ ٻي قوم جي هڪ عظيم ترين شاعر عيسائي جو نالو آهي، ”وولف گئنگ (بگهڙن جو ٽولو). اهي ماڻهو عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان اڳي، هڪٻئي کي ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجن مٿن تي ڍڳن جا سڱ ٻڌندا هئا، ۽ اڄ ڪلهه اهي کوپرين کي، منڌيئڙي وانگر هڪ ٻئي تي آر پار رکيل ٻن هڏين جي تصوير لڳائي رکڻ ۾خوشي محسوس ڪن ٿا. ڪهڙي نه ستم ظريفي آهي، جو اهي قومون اڃا به هيءَ دعويٰ ڪن ٿيون ته انهن جي عبادت جو مقصد ”محبت“ ۽ ماٺيڻي رڍ آهي.“
ڇوڪريون انهيءَ قسم جي گفتگوءَ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رهيون هيون، خصوصاَ گوري ڇوڪري، جيڪا پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اهڙي ڳالهه ٻڌي رهي هئي، جنهن تي هن اڳي ڪڏهن ڪو غور ئي نه ڪيو هو.
جنهن هنڌ تي اهي بٺيون هيون، اتان کان ڪو ٿورو ئي پرڀرو، کين مشرق ۽ مغرب جي ممتاز مفڪرن ۽ درويش جو هڪ گروهه بيٺل نظر آيو. انهن ۾ ’ڪيمپس‘ وارو ٿامس، سُويڊنبورگ، ابنِ اعرابي، سهروردي، ڪبير ۽ عظيم مرتبي وارو نانڪ خاص طور نمايان هئا، ۽ اهي ته انهن منجهان فقط چند درويش هئا، جن کي ڇوڪريون سڃاڻي پئي سگهيون.
اوچتو هنن ائين محسوس ڪيو ته انهن جي سامهون جيڪو اوچو ٿلهو هو، سو سندن نظرن کان غائب هو، ۽ ان جي مٿان هنن جن ماڻهن کي اتي جمع ٿيل ڏٺو هو، سي هاڻي انهن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي، سندن ئي وچ ۾ بيٺا هئا.
”آءٌ هنن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن يا چئن کي سڃاڻان ٿي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ۽ ساڳئي وقت گوري ڇوڪريءَ جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون.
”هو ڏسو!“ هن رڙ ڪري چيو، ”مون کي اتي اهو خدا بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جيڪو اسان جي گناهه ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي کي اسان جي پاران برداشت ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي آيو هو.“
پر ڀوري ڇوڪري بلڪل چپ چاپ ۽ حيرت زده هئي، ڇاڪاڻ ته هن جي سڄي زندگي سندس نظرن جي سامهون اڀري بيٺي، کيس پتوئي نه پئي پيو ته ڪهڙي کي اڳ ۾ ڏسي، ڇاڪاڻ ته هن جي دل ۾ انهن منجهان گهڻن لاءِ محبت ۽ احترام جا شدت وارا جذبا موجزن هئا.
هن سحرزده نظرن سان مرليءَ واري شهزادي، ڪرشن کي ڏٺو، اُتي ئي ’راهنما‘*، ’نزريني**‘۽ ’پيغامبر***‘سڀ موجود هئا. هن اسرائيلين جي عظيم قائد کي ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ سان بيٺل ڏٺو، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي پيغمبر زردشت کي به موجود ڏٺو، جنهن جي هڪ ئي جهلڪ هوءَ ”اِنڊ“ ڏانهن رواني ٿيڻ مهل ڏسي سگهي هئي. هن عظيم منوءَ کي به ڏٺو، جيڪو هنن جي ”اِنڊ“ پهچڻ کان پوءِ سندن پهريون رهبر بڻيو هو. ٻئي ڪناري وٽ،هن کي ”لائو-ٽِزي“ ۽ ڪنفيوشس نالن وارا اهي ٻه ماڻهو نظر آيا، جن سان هوءَ خوشبودار اڇن گلن جي وڻن جي جهڳٽن ۾ ملي هئي، کيس اهو عظيم يوناني حڪيم، سقراط به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کيس دليل بازي ڪرڻ جو فن سيکاريو هو ۽ اُتي ئي هن کي اخناطون ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سان هن جي واڳونءَ واري ملڪ ۾ ملاقات ٿي هئي. هن کي انگور جي وَلين وارو سهڻو شهزادو سليمان ۽ ٻيا به سوين شهزادا ڏسڻ ۾ آيا، جن مان ڪن جي متعلق هن کي هلڪي ۽ جهڪي يادگيري هئي ۽ ٻيا اهڙا به هئا، جن کي هوءَ بلڪل ئي نه پئي سڃاڻي سگهي. حيرت انگيز ڳالهه اِها هئي ته جيتوڻيڪ اهي ماڻهو هڪ نموني ۾ سڌيءَ طرح سان انهن جي وچ ۾ هئا، ان جي باوجود اهي سندن وچ مان بلڪل مٿي ۽ الڳ بيٺل هئا، ۽ اهي جيڪي ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، تن جو هر هڪ لفظ خلا جي ٻئي ڪناري تائين ريڊيو يا مائڪروفون جي مدد کانسواءِ پهچي رهيو هو.
اهي فقط پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مجمعي کي خطاب نه ڪري رهيا هئا، جيڪو چئني طرفن کان مڙي سڙي انهن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو هو ۽ جيڪو هاڻي آسمان جهڙي ڇٻر واري ميدان تي بلڪل ساڪت ۽ بي حس و حرڪت ٿيو ويٺو هو.
* * *
”اهو ڪم اوهان جي مقدر جو حصو بنيو، ته توهان هن زمين جي تختي تي هن جهڙو عظيم الشان اجتماع ممڪن بنائي سگهو،“ زردشت پيغامبر ڏانهن ڏسي چيو، “نزريني انهيءَ ڳالهه تي مشڪيو ۽ چيائين ته:
”هائو، انسان اڃان به ضدي ۽ هوڏي ٻار آهن،“ ۽ هن اسرائيلين جي قائد ڏانهن ڦرندي چيو، “جڏهن توهان هن ڳالهه تي زور ڏنو ته توهان جي پٺيان انبياءَ ايندا، تڏهن هيءُ هر اهڙي نبي کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهيا، جيڪو سچ پچ وٽن اچي نڪرندو هو، ۽ جڏهن مون هنن کي چيو ته آءٌ اوهان ڏانهن هڪ تسڪين ڏيندڙ موڪلي ڏيندس، تڏهن هنن اها توقع رکي ته پرنَ وارو ڪو فرشتو انهن جي درميان اچي پهچندو.“ پر هو ڪنهن به انسان کي ڪنَ ڏيئي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين هئا، ۽ جڏهن ”پيغامبر“ کين هدايت ڪئي ته انهن سڀني پيغمبرن ۽ سڀني الهامي ڪتابن ۾ عقيدو رکڻ گهرجي، خواه انهن جا نالا کين ٻڌايا نه ويا هئا، خواه انهن جو وٽن ڪو ذڪر نه ڪيو ويو هو ۽ کين آئنده ٻئي ڪنهن نبيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ نه گهرجي، تڏهن هي اصرار ڪندا رهيا ته نه، هو اُهو آخري نبي ٿي نه پئي سگهيو، ۽ هن کانپوءِ اڃا به ڪيئي ٻيا نبي اچڻ وارا هئا، هنن کي ته هوڏ ۽ ضد ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي.
جيڪڏهن توهان چاهيو ته هي ماڻهو ڪنهن شيءِ ۾ اعتبار رکن، ته توهان هنن جي اڳيان ان کان بلڪل متضاد ۽ ابتي ڳالهه ڪريو، پر ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو اسين ائين ڪري سگهون ها.“
”ها، ها،“ ڪرشن زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”هو اسان منجهان اڪثر جي پوڄا ڪن ٿا، پر کين اهو پتو ڪونهي ته هو اسان ۾ موجود ڪهڙيءَ شيءِ کي پوڄين ٿا. هميشھ، بدترين شرارت انهن ئي ماڻهن مان ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهوءَ جا پوئلڳ هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. اها ڳالهه ماڻهوءَ کي، اها چوڻي ياد ڏياريندي آهي، ”مون کي پنهنجن دوستن کان بچايو وڃي.“
”اها ئي ته وڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، قانون اڃا به ڪم ڪري ٿو ۽ جهالت ۽ مصيبت کي پنهنجي اسڪيم جي لازمي مفروضن طور ڪتب آڻي ٿو،“ راهنما چيو، ”هنن جو انهيءَ ڳالهه تي ضد آهي ته هنن جي اڳيان ڪابه شيءِ پُراسرار نه هئڻ گهرجي. توهان هنن کي کڻي ڪيڏو نه چئو ته اسرار انهيءَ وقت تائين لازمي طور رهندو، جيستائين توهان پاڻ ۾ سڀ ڪجهه ڏسي سگهڻ جي اهليت پيدا ڪندؤ. پر فائدو ئي ڪهڙو؟ توهان هڪ ننڍي ٻار کي تعليم ڏيڻ لاءِ کڻي تمام وڏا وڏا عالم مقرر ڪريو، پر هڪ ٻار الف- بي- تي کان وڌيڪ سکي ئي ڇا سگهندو؟ پر هر ڳالهه لاءِ توهان فقط اشارو ئي ڏيئي سگهندا، ۽ انهن مان پَرين جون ڪهاڻيون گهڙي ٻارن کي ٻڌائيندا، جن مان ٻار شايد پنهنجي ڪچڙي ذهن ۾ ڪو عڪس قبول ڪري ڇڏي. توهان هنن کي جنن ڀوتن کان ڊيڄاريو ۽ قسمت واري پريءَ سان ملاقاتن جو آسرو يا وعدو ڏيو، پوءِ هو ڪجهه ڳالهين لاءِ سوال پڇندا ۽ جڏهن انهن کي ڪوئي ايترو ڪجهه چوندو جيترو هو سمجهي سگهن ٿا، ته همراهه رڙ ڪري چون ٿا:
”اهو ممڪن ناهي! بلڪل انهيءَ ڏيڏر وانگر، جنهن کي هن ڳالهه تي يقين نه پئي اچي سگهيو ته سمنڊ سندس رهڻ واري کوهه کان وڏو هو.“
اخناطون چيو ته، ”انهن مان سڀني کان بدترين اُهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي ماڻهن جو اڳواڻ سڏائين ٿا ۽ پوءِ ڄاڻي ٻجهي حق ۽ سچ تي پردو وجهن ٿا. اها ڳالهه ان صورت ۾ ته معافيءَ جي قابل هجي ها، جيڪڏهن اهي اهو ڪم انهن جي لاءِ ڪن ها، جن جي قيادت ڪن ٿا، پر هو اهو سڀ ڪجهه هميشھ پنهنجي شخصي نفعي لاءِ ئي ڪن ٿا. مون کي انهن پادرين جا تلخ تجربا ياد آهن.“
”مون کي انهن جي ڳالهه ياد نه ڏياريو،“ اسرائيلين جي عظيم قائد چيو:
”ٺيڪ آهي، آءٌ ڀانيان ٿو ته هو ائين سمجهن ٿا ته ڌڻ جي رهنمائي ڪرڻ جو بهترين طريقو، انهن تي رستي ۾ حملو ڪرڻ آهي ۽ انهن کي کارائڻ جو بهترين رستو، خود انهن کي کائي کپائي ڇڏڻ آهي،“ نزريني چيو، ”ڇا، هنن مون کي پوريءَ طرح گهر-گرهستي، ۽ تخليق جي عين علامت نه بنائي رکيو آهي؟ هنن مون ۾، ڪٽنبي زندگيءَ ۽ ٻارن ڄڻن جي نظريي جي حمايت ڪندڙ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏٺو.“
”هائو،“ زردشت، چيو، ”۽ جڏهن مون انهن وٽ ڪٽنب جي نظام کي هڪ مقدس شيءِ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو ۽ ان تي اصرار ڪيو تڏهن انهن خانه بدوشي اختيار ڪئي.“
”اسان منجهان گهڻن جي قسمت اها ئي رهي آهي، “ راهنما چيو ۽ پوءِ ”نزريني“ ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”توهان، منهنجا ادا، محبت ۽ نهٺائي جي تعليم ڏني ۽ مون هنن کي سندن ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان يقيناَ روڪيو، ۽ هاڻي توهان پنهنجن ۽ منهنجي پوئلڳن ۽ معتقدن کي خود جاچي ۽ ڏسي سگهو ٿا ته ڇا ٿيو آهي.“
”بيشڪ،“ نزريني چيو، ”انهن ۾ جيڪو تازه ترين عقيدو پيدا ٿيو آهي، سو اهو آهي ته منهنجي طرفان جائداد ۽ ملڪيت کي ترڪ ڪرڻ جي ڏنل تعليم کي، ٽوڙي- مروڙي هڪ خاص طبقو اهو مطلب ۽ معنيٰ ڪڍڻ لڳو آهي ته پنهنجي جائداد اسان جي حوالي ڪريو، اهو هڪ مسيحيءَ جو شان ناهي ته هو پاڻ وٽ ملڪيت رکي،“ هرڪو آسانيءَ سان هيءَ ڳالهه فراموش ڪري ڇڏي ٿو ته هر فرد کي خود پنهنجي جائداد ترڪ ڪرڻي هئي ۽ ڪنهن کي به اهو حق نه ڏنو ويو هو ته هو ٻين کي چوي ته اهي پنهنجي ملڪيت کيس ڏين، هو منهنجي انهيءَ چوڻيءَ جو، ته دولتمند ۽ شاهوڪار ماڻهو بهشت ۾ نه ويندا، انهن ماڻهن کي حوالو ڏين ٿا، جيڪي سرنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا آهن، پر هو پنهنجي ليکي شاهوڪار ٿيڻ لاءِ اندر ئي اندر تمنا رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سمجهان ٿو ته هو پاڻ بهشت ۾ وڃڻ کان نفرت ڪن ٿا.“
”ٺيڪ آهي،“ پيغامبر چيو، ”اسان پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي ۽ حڪم جي بجا آوري ڪئي آهي. اها خوش قسمتي آهي، جو اسان کي انهن جو محافظ نه بنايو ويو. اهو ئي پنهنجو ڪم بهترين نموني ۾ ڄاڻي ٿو، جنهن اسان کي ۽ هنن کي ٺاهيو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اختلافات ۽ تنازعات ضرور پيدا ٿيندا رهندا، جيئن اسان سڀ ڄاڻون ٿا. آءٌ ته پنهنجن انهن پوئلڳن جو نغمو به ڳائي سگهان ٿو، جن انهن ڳالهين ۾ عقيدو رکڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي منهنجي طرفان کين سيکاريل ڳالهين جو بلڪل ضد آهن.“
”توهان ڏسو ٿا، منهنجا عزيز ڀاءُ،“ هن نزريني ڏانهن رخ ڦيرائيندي چيو، ”هنن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو توهان واضح طور ذڪر ڪيو هو، ۽ جيڪا مون بيشمار دفعا وري وري دهرائي هئي. هو ان کي ’زندگي جي بقا لاءِ جدوجهد‘ سڏين ٿا. ڄڻ ته توهان اها ڳالهه نه چئي هئي ته: ’نيڪ ماڻهن کي هيءَ دنيا ورثي ۾ ملندي،‘ ۽ گويا مون هنن کي جيئن ئي دائمي ۽ مستقل قانون جي راهه کي ڇڏيندي ۽ انهيءَ ڳالهه جي صحيح تشريح کان منهن موڙي پنهنجو رستو اختيار ڪندي ڏٺو، ڄڻ مون اها ڳالهه وري وري نه سمجهائي هئي، حڪم اهو ايندو رهيو ته ”هنن بي انصاف ماڻهن کي دور ڪريو، ۽ انهن جي جاءِ تي ڪنهن وڌيڪ انصاف پسند ۽ وڌيڪ موزون قوم کي جاءِ ڏيو جا انهن جي جاءِ اچي والاريندي، اهو ڄڻ ته ’انتهائي طاقتور ماڻهن جي بقا‘ وارو نظريو، نئون نظريو هو. هنن توهان جي تعليم کي ڪيئن نه مڪمل طور وساري ڇڏيو آهي ته توهان جيئن پاڻ کي گهٽ لائق سمجهندا، تيئن توهان وڌيڪ موزون ۽ لائق بڻجي رهندا. هنن کي اها ڳالهه سمجهائي نٿي سگهجي ته ماڻهوءَ جي لياقت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ڪنهن نالائق انسان کي زندگيءَ ۾ باقي رهڻ لاءِ لائق بنائي.“
”اها ڳالهه هر هنڌ ساڳي آهي،“ ڪنفيوشس چيو، ”مون پنهنجن ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن وڏن جي روحن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ فڪرمند نه رهن، ۽ اها ڳالهه تمام پراڻي آهي، پر اڄ به اها اڃا بلڪل ساڳي آهي ۽ هو اهائي ڳالهه ڪندا رهن ٿا، جيڪا هڪ هزار سال اڳي ڪندا رهندا هئا. منهنجي دوست لائو –ٽزي هنن سان .راهه“ جي متعلق بلڪل ساڳيءَ طرح ڳالهايو، جيئن منهنجي معزز دوست ”راهنما“ هنن سان ڳالهايو هو ۽ منهنجي قابلِ احترام نزريني دوست وانگر، جنهن کين ”برائي جي بدلي نيڪي“ ڪرڻ جو سبق ڏنو، پر اڄ تائين هن کي سمجهڻ لاءِ به ڪنهن ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.“
”هو فقط اهائي هڪ ڳالهه ڪن ٿا ته پنهنجن مندرن کي هزارن جي تعداد ۾ حقيقي ۽ خيالي رهنمائن جي پٿر جي مورتين سان ڀري ڇڏين ۽ انهن جي پوڄا پاٺ ڪن، ۽ منهنجي دوست ڪرشن جي چوڻ مطابق، هو انهيءَ ڳالهه کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ته اهي مورتين منجهه موجود ڪهڙي شيءِ جي پوڄا ڪن ٿا.“
”انهيءَ حقيقت جي فقط اظهار ڪرڻ سان ئي، ته مون هڪ ”آواز“ ٻڌوآهي، جيڪو مون کي حڪم ۽ هدايت ڏئي ٿو، مون تائين زهر جو پيالو پهچائي ڇڏيو.“ سقراط چيو، پر”اها هڪ خسيس ڳالهه آهي. زهر، ڪو سور يا تڪليف نه ٿو پهچائي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، سو هو فقط منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏيئي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ها! پر ائين ٿيڻو ئي ڪونه هو، جنهن ڪري اُهي پاڻ به ٿوري ئي وقت اندر باقي نه بچيا ۽ دنيا جي تختي تان غائب ٿي ويا.“
”منهنجي ملڪ ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي خرابي ٿي آهي سا اها آهي، ته منهنجي تعليم کي، جيڪا فقط هڪ مخصوص مدت لاءِ هئي، اڃا تائين چنبڙيا پيا آهن،“ منوءَ چيو.
”ماڻهو انهيءَ ڳالهه جو ڪڏهن به احساس نه ڪري سگهندا، جنهن جي تعليم منهنجي ڀاءُ، ”پيغامبر“ بلڪل صاف لفظن ۾ ڏني آهي ته هر دور جو هڪ ڪتاب هو، ۽ هڪ اهڙي شيءِ جيڪا ڪنهن هڪ وقت تي فائديمند ۽ نفعو پهچائيندڙ آهي، سا ئي ڪنهن ٻئي وقت تي راهه ۾ رڪاوٽ ۽ رنڊڪ وجهي سگهي ٿي. اهو استحڪام، وڏي آسانيءَ سان سڪوت ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ سڪوت، موت جو نشان ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح منهنجي دوست، اسرائيلين جي عظيم قائد جا پوئلڳ ائين سمجهندا رهيا ته اسان جو نزريني سندن مذهب ۾ تخريب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. تهڙيءَ طرح برهمڻ اڃا به ائين سمجهن ٿا ته هي عظيم ”راهنما“ فقط هڪ ديو هو، جيڪو اُنهن جي ديوتائن ۽ مذهب کي ناس ڪرڻ لاءِ آيو هو.
”اهي اڃا تائين پنهنجي ذاتين پاتين جي نظام کي ائين چهٽيا پيا آهن، جو گويا اهو هڪ اهڙو قانون هو، جنهن جو مقصد دائمي طور، سڀني زمانن تائين رهڻ هو، ۽ ان ۾ ڪڏهن به ڪو ڦير ڦار ٿيڻوئي ڪونه هو. هزارين سالن کان وٺي هنن پنهنجا بت ائين رکيا آهن، ڄڻ ته اهي سندن شخصي ملڪيت آهن، ۽ اهي اڃا تائين انهن ۾ ٻين جي ڀائيواريءَ کان بيزار آهن. هو اڃا تائين اهو نه ٿا سمجهي سگهن ته انهن سمورين شين جا ڪجهه وقت لاءِ پنهنجا پنهنجا ڪم هئا، ۽ هاڻي اهي سندن ترقيءَ ۽ واڌاري جي راهه ۾ يقيني طور رنڊڪ ۽ رڪاوٽون بڻجي ويا آهن.
ساڳي حالت پوَتر ڳئون جي آهي. جڏهن کان ’راهنما‘ سموري حيواني دنيا کي انساني تعلق ۾ آندو، ۽ جيئن ته هن جو تعلق سائنسي بنياد تي ثابت شده حقيقت بڻجي چڪو آهي، ته پوءِ هڪ جانور جي تعلق کي اڄ ديوتا تسليم ڪرڻ جو فائدو ئي ڪهڙو آهي؟ مادي لحاظ کان هڪ جانور کڻي ڪهڙو به فائديمند هجي، پر اڄ ان کي اهو روحاني قدر حاصل ڪونهي، جيڪو ان کي ڪنهن زماني ۾ حاصل هو، ان هوندي به اُهي، قديم رسم و رواج ۽ ريتن کي برقرار رکڻ لاءِ اصرار ڪندا رهن ٿا. اڄ انهيءَ ملڪ کي وڏي کان وڏي بت شڪن جي ضرورت آهي، جنهن جو مقصد پراڻن ۽ فرسوده طريقن، رسم و رواج، رسمن ۽ ريتين کي ختم ڪرڻ آهي.“
* * * * *
”برابر ائين ئي آهي،“زردشت چيو، ”انسان اڄ به اهو پوريءَ طرح محسوس نه ٿوڪري سگهي ته هن کي جيڪي به ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، تنهن جو نه فقط فوري مقصد هيو، پر ان جا ڪجهه دور رس مقصد پڻ هئا، مثال طور، مون پنهنجي وقت جنهن انسان کي خطاب ڪيو، سو اڃا پنهنجي جانور ڀاءُ جي گهڻي قدر قريب هو. هو نه فقط بي مقصد گهمندو ڦرندو رهندو هو، پر ڪنهن هڪ هنڌ تي قيام ڪري ويهڻ جي حالت يا ذميداريءَ کان نفرت پڻ ڪندو هو، ۽ ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کان به خالي هو. هن جو ننڍڙو ذهن، جنهن اڃا تازو ئي جنم ورتو هو، ۽ جيڪو اڃا ڪافي حد تائين باشعور ڪونه هو، سو ڪنهن به چيز تي گهڻي وقت تائين ڌيان مرڪوز ڪرڻ جهڙو اڃا ڪونه هو. انسان رلندو ڦرندو رهندو هو، ۽ هن جو دماغ ۽ ذهن هڪ هنڌ تي ڪونه هو. هن لاءِ وڏي ۾ وڏي ضرورت اها هئي ته کيس مقصدن حاصل ڪرڻ جي سکيا ڏني وڃي، ۽ هيڏانهن جو هوڏانهن ٽِپن ۽ ٺينگن ڏيڻ کان جهليو وڃي.
”ان وقت باهه انتهائي ضروري ۽ ان ڪري سڀ کان وڌيڪ پسنديدگيءَ واري شيءِ هئي، اها هڪ اهڙي نعمت هئي، جنهن کي انسان اڃا ٿورو ئي وقت اڳي حاصل ڪري سگهيو هو ۽ ان کي ٻيهر ٻارڻ هن لاءِ ڏکيو ڪم هو، ان جي نگراني ڪرڻ ۽ باهه کي وسامڻ نه ڏيڻ، ماڻهوءَ لاءِ مذهبي فرض بنايو ويو. ان جو فوري نتيجو اهو حاصل ڪرڻو هو ته انسان جي ڪچڙي ذهن کي هڪ مقصد حاصل ڪرڻ ڏانهن مرڪوز ڪرڻو هو. ٻيو طريقو، زمين جي ملڪيت حاصل ڪرڻ ۽ ان تي کيڙي ٻاڙي ڪرڻ هو. ان جو مقصد، شين کي ”منهنجيون پنهنجيون“ سڏڻ ذريعي ”منهنجي“ جو شعور پيدا ڪرڻ هو. ”آءٌ“ اڃا نئين سر اُسري رهيو هو، ۽ ”منهنجو“، ان جي شعور کي وڌيڪ پختگي ۽ مضبوطي ڪرڻ لاءِ هو.
”ساڳيءَ طرح ڍڳو هو، جيڪو ماڻهو زمين کيڙڻ لاءِ هن جو انتهائي ضروري مددگار ۽ شخصي غرض ذريعي هن سان قريبي طور وابسته هو، کيس انهيءَ زماني ۾ هن سبق سيکارڻ لاءِ بهترين ذريعو اهو هو! حيواني دنيا ساڻس ويجهو واسطو ۽ تعلق رکندڙ هئي ۽ هو پاڻ به انهيءَ دنيا جو هڪ حصو هو، جنهن سان جانور جو تعلق هو. اهڙي طرح مقدس ڍڳو، دائمي ٻرندڙ باهه، زمين جي کيتي ٻاڙي ۽ شخصي ملڪيت هن جي انفراديت جي تخليق ڪرڻ يعني هن جي دل ۽ دماغ کي خود پنهنجي اندر ۽ پنهنجي خاطر هڪ جدا اِڪائي هئڻ جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بهترين اوزار ٿي ڪم آيا.
”انهيءَ زماني تائين انساني زندگيءَ ۾، ڪنهن ڪم کان روڪ ڪرڻ جي هڪ ئي اثرائتي قوت، ”ڪراهت“ يا ڪنهن شيءِ کي مڪروه سمجهڻ هئي.
”انهيءَ ڳالهه کي مون وسعت ڏيئي هڪ اخلاقي نظام جي شڪل ڏني، جنهن ۾ ٻه متضاد ڳالهيون- نيڪي ۽ بدي هيون، اهو هن لاءِ ته جيئن خود انسان جي جسم اندر روڪ ڪرڻ جا ٻه مستقل مرڪز پيدا ڪيا وڃن، جيڪي هن جي پراڻين بي اختيارانه سرگرمين ۽ انهن جي ڪري سندس قوتن جي زيان کي محدود ڪن ۽ ان ۾ نين ۽ بامقصد سرگرمين لاءِ نوان گهرڙا وجود ۾ اچن. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي سگهي ته انسان کي هيءَ حقيقت صاف طور نظر ڇو نه ٿي اچي ته اهي شرط جيڪي مٿس وڌا ويا هئا، پنهنجي وجود ۾ اهميت وارا يا ناقابلِ تبديلي نه هئا، بلڪه انهن مان جيڪو مقصد حاصل ڪرڻو هو، تنهن کي ئي سموري اهميت حاصل هئي.
”جيتوڻيڪ اوهان سڀني کي اهي ڳالهيون اڳيئي معلوم آهن، جيڪي آءٌ چئي رهيو آهيان، ان هوندي به ماڻهوءَ کي انهيءَ ڪردار کي ٻيهر دهرائيندي هڪ طرح جي مسرت ٿيندي آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ کيس ادا ڪرڻ جي سعادت عطا ڪئي ويئي هئي.“
* * *
_______
* ٻڌ
** حضرت عيسيٰ
*** پاڻ سڳورا ﷺ