شاعري

دردن ڦولاريا ڦول

وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.
Title Cover of book دردن ڦولاريا ڦول

مهاڳ : وفائن، احساسن، جذبن ۽ دردن جو شاعر

هڪ انٽرويو دؤران مون کان ڪنهن دوست سوال ڪيو هو ته نثري نظم جي باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ مون جواب ۾ چيو هو ته مان نثري نظم کي شاعريءَ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان، ڇو ته مان عروض جو قيدي ۽ ماترائن ۾ مقيد شاعر آهيان. تنهنڪري مان صرف عروضي ۽ ماترائي يعني ڇند وديا تي شاعريءَ کي ئي شاعري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. شاعريءَ جا اُهي ئي ٻه قسم آهن جيڪي اسان جي مزاج ۽ فطرت وٽان آهن.
اسان جو مشرقي لوڪ ادب به شاعريءَ جي انهن ٻن قسمن سان تعلق رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو نثري نظم کان اڳ اسان وٽ سانيٽ، ترائيل، هائيڪو ۽ آزاد نظم آيا پر اڳتي هلي نه سگھڻ جي ڪري آهستي آهستي پنهنجو اثر رسوخ وڃائي ويهي رهيا. جيتوڻيڪ انهن مهاجرن جنهن ۾ گھڻن، انصار ۽ وڏن وڏن شاعرن هٿ وڌا ۽ انهن صنفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان وٽ اِهي سموريون صنفون نه مشهور ٿي سگھيون ۽ نه مقبول. ڇو ته اهي سڀئي صنفون اسان جي ادبي مزاج ۽ ذوق وٽان نه هيون. جيڪڏهن سنڌي مقامي شاعريءَ جي نج ۽ تيار صنف کي سامھون رکي سوچبو ته اسان کي عربي ۽ ايراني صنفون، غزل، نظم، رباعي، چؤسٽو ۽ قصيدو به ٻاهريون صنفون لڳنديون، پر جيئن ته اهي مشرقي صنفون آهن. ۽ سنڌ مشرق جو هڪ اٽوٽ انگ آهي تنهن ڪري سنڌي ادبي مزاج انهن صنفن کي شعوري ۽ لاشعوري طور تي قبول ڪري ورتو. نتيجي ۾ انهن صنفن سنڌي شاعريءَ ۾ حيرت انگيز شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪئي ۽ باڪمال لازوال، شاعر پيدا ڪيا. پر اهي صنفون نج سنڌي صنف سان ايتريون ته مانوس ۽ هم رنگ ٿي ويون جو صفا سنڌي صنفون محسوس ٿيڻ لڳيون.
جيئن ته هت مونکي صرف نثري نظم تي لکڻو آهي، تنهن ڪري مان وري نثري نظم ڏي موٽ کاوان ٿو مون کي عام طور تي نثر ۽ نثري نظم هڪ جهڙو لڳندو آهي. پراڻو ڪلاسيڪل لوڪ نثر پڙهي ڏسو يا لوڪ ڪهاڻيون ڏسبيون. اهڙيون ڪهاڻيون جن جا ڪردار جانور، پکي ۽ جن ڀوت آهن ته ائين محسوس ٿيندو. معنى نثر به نثري نظم جي خاندان سان تعلق رکي ٿو. جيڪو تمام پراڻو ۽ اوائلي نثر آهي مقفى نثر ۾ به شعريت ملي ٿي. جيڪا عام نثر ۽ نثري نظم ۾ فرق پيدا ڪري ٿي. سادي نثر ۽ نثري نظم ۾ به بنيادي فرق شعريت جو آهي يعني جنهن عبارت ۾ شعريت آهي اهو نثري نظم آهي ۽ جيڪو عبارت جو ٽڪرو سادي ۽ روايتي انداز ۾ لکيل آهي اهو صرف نثر آهي.
پر اهو فرق صرف شاعر ئي محسوس ڪري سگھندو عام پڙهندڙ صرف ڪافي، ڪلام ۽ غزل، گيت کي شعر چوندو آهي. ڇو ته پڙهندڙن وٽ اڃان نثري نظم ايتري مقدار ۾ نه پهتو آهي جنهن مان اُهي اندازو لڳائي سگھن ته نثر ۽ نثري نظم ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي. مان مٿي لکي آيو آهيان ته مان نثري نظم کي شاعري مڃڻ يا چوڻ لاءِ تيار نه هوس پر جڏهن مون سنڌي زبان جي گھڻن ۽ وڏن شاعرن جي نثري نظمن جو وري وري مطالعو ڪيو ته مان به نثري نظم کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پر ان جي باوجود مون اڄ تائين هڪ به نثري نظم نه لکيو آهي باقي مستقبل لاءِ ڪجهه به مان نٿو چئي سگھان.البته آزاد نظم مون ڪافي لکيا آهن جيڪي گھٽ ۾ گھٽ هڪ سَوَ کن هوندا. اهو ان ڪري جو آزاد نظم وزن بحر سان تعلق رکي ٿو ۽ ڪن ڳالهين ۾ پابند صنف کان به ڏکيو آهي.
نثري نظم فرانسيسي صنف آهي. جنهن جو باني بودليئر چيو وڃي ٿو. جيئن غزل ايراني صنف آهي، ان جو باني رودڪي آهي. پر فرانس ۾ نثري نظم هڪ صنف جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. جڏهن ته اسان وٽ نثري نظم کي صنف طور نه پر سهَل پسنديءَ جي ڪري قبول ڪيو ويو آهي جيئن هن کان اڳ آزاد نظم کي قبول ڪيو ويو هو. ڇو ته نثري نظم ۾ سولائيءَ سان اظهارِ خيال ڪري سگھجي ٿو ۽ پنهنجو مافي الضمير پيش ڪري سگھجي ٿو. ان جي بر عڪس عروضي ۽ ڇند وديا تي شاعري تمام ڏکي آهي. جنهن ۾ سڀني فني بندشن کي برقرار ۽ بحال رکندي اظھار خيال ڪرڻ نا ممڪن ته ناهي پر مشڪل ضرور آهي. ائين به درست آهي ته وقت جو تاخير ۽ تبدل نون لاڙن ۽ سوچن کي جنم ڏئي ٿو اهي لاڙا زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي اثر انداز ٿين ٿا. جيئن ته اهي لاڙا سابقه لاڙن کان مختلف ۽ منفرد هوندا آهن۔ تنهن ڪري انهن کي جديد سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح جدت وجود ۾ اچي ٿي. جهڙيءَ طرح زندگيءَ سان تعلق رکندڙ ٻين سڀني فنن ۾ جدت آئي. اهڙي طرح فنون لطيفا تي به جدت جو اثر پيو. ڇو ته فنونِ لطيفه جو انساني زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. جهڙي طرح ڏيئي جي جاءِ تي بلب اچي ويو. بيل گاڏيءَ مان ريل گاڏي ٿي وئي. ڪپڙن ۽ وارن جي تراش خراش ۾ فرق آيو ميڪ اپ ۽ سينگار جي نوعيت بدلي، زيورن جا نمونا ۽ قسم بدليا. ٿانون ٿپن ۽ رڌ پچاءَ ۾ به انقلاب آيو. تھڙي طرح اداڪاري بدلي موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا انداز مٽيا. رقص ۽ مصوريءَ ۾ نواڻ آئي. تعمير جا طور طريقا تبديل ٿيا. انهن سڀني تبديلين سان گڏ شعر، ادب ۽ نثري نظم ۾ به نرالو پن پيدا ٿيو.جنهن جي ڪري ناول، افساني، قصي. ڪھاڻي ۽ ڊرامي به رخ بدلايو شاعريءَ تي به اثر پيو ۽ شاعريءَ جا رخ رواج به بدليا شروعاتي دؤر ۾ سنڌي شاعري صرف سنڌي صنف تائين محدود هئي. جن ۾ ڪافي، وائي، ڏور، بيت ۽ ٻيون لوڪ صنفون شامل آهن. ان کان پوءِ غزل، نظم، رباعي، مثنوي ۽ چؤسٽي ۾ سنڌي شاعري ٿيڻ لڳي. ٽئين دؤر ۾ سانيٽ، ترائيل، هائيڪو ۽ آزاد نظم داخل ٿيو. موجوده دؤر کي نثر نظم جو دؤر چئي سگھجي ٿو. اهو چوڻ قبل از وقت ٿيندو ته نثري نظم اسان وٽ خاطر خواهه شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪندو يا هن کان اڳ ۾ آيل مھاجر صنفن وانگر ڪجهه وقت هلي برقعو مٽائي ويندو. ”گيتا نجليءَ“ جي حوالي سان برصغير ۾ نثري نظم جو سڀ کان وڏو شاعر ٽئگور آهي. مون ستر واري ڏهاڪي ۾ سانوڻ جي راتين ۾ ”گيتا نجليءَ“ جو مطالعو ڪيو هو. ۽ ٽئگور جي نثري نظمن فڪري لحاظ کان مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. بقول نصير مرزا جي ته سنڌيءَ جو پهريون نثري نظم جو شاعر مرزا قليچ بيگ آهي. جنهن 1885ع ۾ ”مِٽي“ جي عنوان سان نثري نظم لکيو هو بعد ۾ امداد حسيني کان وٺي بخشڻ مھراڻويءَ تائين بخشڻ مھراڻوي کان وٺي رمضان نَوَل تائين ڪافي شاعرن تمام سٺا نثري نظم لکيا. هن وقت جيڪي شاعر نثري نظم لکي رهيا آهن انهن شاعرن ۾ وفا صالح راڄپر ساراهڻ جهڙو شاعر آهي. جنهن هڪ مجموعي جيترا بھترين نثري نظم لکي پاڻ کي نثري نظم جو سٺو ۽ سگھارو شاعر مڃرايو آهي. هن پيار، امن جي شاعر جو اصل نالو محمد صالح راڄپر ادبي نالو وفا صالح راڄپر آهي. سندس جنم ڀومي ڳوٺ وڏي وهڻيءَ ۾ ٿيو. جيڪو تعلقي ڏوڪري ۽ ضلع لاڙڪاڻي ۾ آهي اهو ڳوٺ وڏي وهڻيءَ جي خوش نصيبي آهي جو وفا صالح راڄپر جهڙي پياري ماڻهو ۽ پياري ليکڪ جو جنم ٿيو آهي. هن پنهنجي لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪئي. هونءَ ته وفا صالح راڄپر مضمون، ڪالم، مقالا، اڀياس ۽ تنقيدي مضمون به لکيا آهن ۽ لکندو رهي ٿو. پر سندس اصل ۽ صحيح سڃاڻپ ڪهاڻي ۽ شاعري آهي. ڪهاڻيءَ جي حوالي سان سندس شمار نئين ٽهيءَ جي سٺن ۽ سگھارن ڪھاڻيڪارن ۾ آهي. پنجن ڇهن سالن جي قليل عرصي ۾ ادبي لحاظ کان جيتري ترقي ۽ جيتري سڃاڻپ وفا صالح راڄپر ڪئي آهي اهو هڪ حيرت انگيز ۽ نيڪ فال مثال آهي. جنهن کي سندس ڪارنامو چئي سگھجي ٿو. ڇو ته اهڙو اعزاز تمام گھٽ شاعرن کي نصيب ٿيو آهي هتي صرف مون کي سندس شاعريءَ تي لکڻو آهي. جيڪا نثري نظم جي صورت ۾ منهنجي سامھون آهي. شاعري ڪرڻ لاءِ شاعر وٽ ٻن مکيه خوبين جو هجڻ ضروري آهي . هڪ ڏانءَ ۽ ٻي ڏات. جنهن شاعر وٽ صرف ڏات آهي پر ڏانءَ ڪونهي اُهو به مڪمل شاعر ناهي ۽ جنهن شاعر وٽ ڏانءُ آهي پر ڏات ڪانهي اهو به مڪمل شاعر ناهي. وفا صالح راڄپر هن ڏس ۾ مڪمل شاعر آهي.ڇو ته هن وٽ ڏانءُ به آهي ته ڏات به آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي. اڄڪلهه سڀ کان وڏو مسئلو امن جو آهي جيڪو تشويشناڪ ۽ بين الاقوامي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. بم ۽ بارود مظلوم قومن ۽ انسانن جا پرخچا اڏائي ڇڏيا آهن. ڪمزورن ۽ ٿورن جي رت جون نديون وھائي ڇڏيون آهن. بي سهارن ۽ بي ڪنارن جا تختار ڪڍي ڇڏيا آهن، امن پسندن ۽ سلامتي چاهيندڙن جا لاهه پٽي ڇڏيا آهن. هر روز هر اخبار جي سرخي رت سان لهو لهان ملي ٿي. معصوم ٻارن جو ڪيس، بي گناهه عورتن جو قتل عام، ڳوڻين ۾ بند بي گناهه مزدورن ۽ غريبن جا لاش، پنهنجي ڪم سان ويندڙ شريف ماڻهن جا ٽڪر ٽڪر ٿيل جسم، هر نئين سج، ڦر لٽ ۽ اغوا جا واقعا ۽ حادثا، قدم قدم تي ٽارچر سيل، وک وک تي دهشت گرديون روز روز حقن جو استحصال، پرماريت، شبخون ظلم جي انتها، ڪربلا جهڙو ماحول، قيامت جهڙو منظر اهڙي چيخ و پڪار ۽ آهه و بڪا جو عالم ڏسي شاعر سڄو ڏڪي ٿو وڃي. ۽ سندس وار ڪانڊارجي ٿا وڃن اهڙي صورتحال ۾ وقت جڏهن کيس گوليون ۽ بم بارود آڇي ٿو ته هو ڇرڪي ٽپ ڏئي پري ٿي بيهي رهي ٿو ۽ وقت کي معذرت ڪري ٿو ته نه، نه مونکي گوليون نه کپن مان انسان ذات کي قتل ڪرڻ نٿو چاهيان. مان ڪنهن بي گناهه جو رت وهائڻ نٿو چاهيان. مون کي گل کپن جيڪي بھار جي علامت آهن. خوشيءَ جي علامت آهن. محبت جي علامت آهن ۽ سلامتيءَ جو پيغام آهن. عشق ۽ حسن جا امين آهن رنگين ۽ خوشبوئن جا پيغامبر آهن. ”گل“ جي عنوان سان وفا صالح راڄپر جو هي نثري نظم پڙهڻ سان اسان کي اهڙي ئي قسم جو تاثر ملي ٿو. ڏسو ته شاعر ٿورن لفظن ۾ ڪيڏي نه وڏي ۽ اثرائتي ڳالهه ڪري ويو آهي، اچو ته سندس اهو نثري نظم پڙهون:
مُون کي،
گوليون نه پر،
گل گھرجن.
پنهنجي پرينءَ کي
ڏيڻ لاءِ.
وفا صالح راڄپر هي نثري نظم لکي امن ۽ محبت جي پرچار ۽ قتل و غارتگريءَ کان نفرت جو اظهار ڪيو آهي.
ڪارو ڪاريءَ جو مسئلو اسان وٽ ڪافي وقت کان هلندڙ آهي. جيڪو اڄ ڪلهه ڏاڍي شدت اختيار ڪري چڪو آهي. اهو مسئلو به ظلم جي تسلسل جو هڪ خون چڪان ڪڙي آهي جڏهن سنڌي عورتن کان هن مسئلي تي رايا ورتا ويا ته عورتن جي اڪثريت اهو جواب ڏنو ته سنڌي عورت سان سراسر ظلم آهي مسئلا ٻيا به هوندا آهن پر هروڀرو عورت کي ڪاري چئي ڪٺو ويندو آهي.
جنهن معاشري ۾ عورت جو پيءُ، ڀاءُ، مڙس ۽ ڏير يعني چارئي رشتا هڪ ئي خيال جا هجن اُتي عورت پاڻ کي ڪيئن ٿي بي گناهه، بي قصور ۽ بي ڏوهه ثابت ڪري سگھي ۽ هن ڪاريءَ کي بي موت مرڻ کان ڪير ٿو روڪي سگھي اهڙي عالم ۾ ڀڄي وڃي ڪٿي لڪي سگھي ٿي. هن موضوع تي نصير سومري جو هڪ شعر آهي جنهن جي معنى آهي ته ”ڪاري“_ ڪاري کي قتل ڪرڻ وارا پاڻ ڪهڙا اڇا آهن.‘ هن موضوع تي نصير سومري به سٺو لکيو آهي پر وفا صالح راڄپر هن ڏس ۾ حد ڪري ڇڏي آهي ۽ انتھائي شهڪار نثري نظم لکيو آهي سندس نثري نظم پيش ڪيان ٿو ۽ فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو:
ڪلهه رات،
پنهنجي ڀيڻ کي،
ڪاري ڪري ماري ڇڏيائين.
۽ اڄ رات،
رات جي ڪاري چادر ۾،
پنهنجي محبوبه جي،
ڳلن ۽ چپن کي چمندي چوي ٿو:
تون کير جهڙي اڇي،
۽ قرآن جيان پوتر آهين.
اسان جي يار وفا صالح راڄپر جو هيءَ نظم اهڙي معاشري جي ڳل تي زوردار چماٽ آهي. ڪيئن نه هڪ شخص جي ٻٽي ۽ منافقانه ڪردار کي وائکو ڪيو اٿس. ۽ سندس ٻھروپ کي اُجاگر ڪري ڪيڏي نه اثرائتي تنقيد ڪئي اٿس. منهنجي نظر ۾ سندس هي نظم پنهنجي نوعيت جو اعلى معيار ۽ اعلى درجي جو شاهڪار نظم آهي.
جيئن هر سماج ۾ ڪي رسم و رواج چڱا ۽ صحيح هوندا آهن ته ڪي وري برا ۽ غلط هوندا آهن. تيئن سنڌي سماج ۾ به چڱن رسمن رواجن سان گڏ ڪي ڪُڌا ۽ غلط رسم و رواج صدين کان رائج آهن مثال طور عورتن جي قرآن سان شادي، پئسن تي سڱ ڏيڻ، يعني عورتن کي وڪڻڻ، ڄمندي ئي ڇوڪري ڪنهن جي نالي ڪري ڇڏڻ، پئسن جي لالچ تي کڳ پوڙهي کي نڪاح ۾ پنهنجون ننڍيون نياڻيون ڏئي ڇڏڻ وغيره پئسن کان سواءِ سڱ نه ڏيڻ جي ڪري سنڌي معاشري ۾ به طرح طرح جي سماجي براين ۽ جرمن جنم ورتو جن جا اُگرا ۽ افسوس ناڪ نتيجا نڪتا آهن. جيئن ته پيٽ جي مسئلي وانگر جنس جو مسئلو به سنجيده ۽ اهم ضروري هو. جھڙي طرح پيٽ جي بک جي اُپاءُ لاءِ جائز نا جائز طريقا اختيار ڪيا، چوريون ۽ ڦرون به ڪيون ٻين جا حق غضب ڪيا. ظلم ۽ زيادتيون ڪيون جرم ۽ گناهه ڪيا. تهڙي طرح جنسي بک مٽائڻ لاءِ ماڻهن عجيب عجيب جرم ۽ گناهه ڪيا. ۽ نهايت غلط ۽ غير انساني قدم کنيا جن جي نتيجي ۾ اغلام بازي، زوري زنا، غير فطري جماع يا زنا جنسي بي راهه روي، اغوائن ۽ لوڙهڻ ٽپڻ جي عمل جنم ورتو جن سان سنڌي معاشري کي خراب کان خراب تر ڪري وڌو عيوضن جي صورت ۾ سڱ نه هجڻ جي ڪري هزارين سنڌي بنا شاديءَ جي مري ويا. پنهنجي جاءِ تي اهو به هڪ انتهائي افسوس ناڪ ۽ دکدائڪ تاريخي ۽ سماجي واقعو آهي جنهن کي حادثو ۽ سانحو چوڻ وڌيڪ جائز ۽ صحيح آهي. لڳ ڀڳ اهڙي ئي صورتحال کي سامھون رکي وفا صالح راڄپر نظم ”ڪافر“ کي جنم ڏنو آهي. سندس سوچڻ جو انداز، اسلوب ۽ طرزِ بيان حيرت ۾ وجھندڙ آهي. انفراديت ئي شاعر جي بنيادي سڃاڻپ ٿئي ٿي ۽ اها خوبي وفا صالح راڄپر جي هر نثري نظم ۾ ملي ٿي. سندس هي سمورو نظم به ڪوٽ ڪرڻ جهڙو آهي.
مون قرآن کي ڪتاب چيو،
ماڻهو مونکي ڪافر چوڻ لڳا
مون پنهنجي شاعريءَ کي،
قرآن جي آيت سان ڀيٽيو،
ماڻھو مونکي دهريو ۽ چريو سڏڻ لڳا.
پر، ڪلهه هُن،
ڪاغذ جي چند ٽڪرن تي،
پنهنجي ڌيءَ وڪڻي ڇڏي.
نياڻي، جيڪا
ست قرآن آهي.
هُن ڌيءَ نه پر ست قرآن وڪيا،
مون ماڻهن کان اهو سوال ڪيو ته:
آنءُ، ڪافر ۽ دهريو ٿي ويس
پر جنهن نياڻي وڪي
ڇا اهو مسلمان آهي!؟
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي ڪنهن کي ڪافر ۽ دهريو چئي ٿا ڇڏين. جڏهن ته انهن کي اها خبر ئي ناهي ته ڪافر ۽ مسلمان جي وچ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي. ڏاڙهي ته چور ۽ ڌاڙيل به رکيون وتن ٿا. تسبيح ۽ اڇي گول ٽوپي ته مون جرائم پيشه ماڻهن کي به ڏٺي آهي. نماز ۽ روزو ته جيلن ۾ اهي قيدي به ڪن پيا جيڪي خونن، ڌاڙن، اغوائن جي ڪيس ۾ جھليل آهن. قرآن پاڪ جون تلاوتون ۽ خير خيراتون ڪندي مون پاٿاريدارن، نشي جا واپاري، نجي جيلن جا ڌڻي، سود خور، ملاوٽ ڪندڙ، راشي، مھانگيون شيون کپائيندڙ ۽ ٺڳ باز به ڏٺا آهن اهڙي ئي طريقي سان حج جو مسئلو آهي اڳي ماڻهو ڪنهن غريب هاري جي ڍڳن جو جوڙو چورائي حج ڪري ايندا هئا. ڪي وري هتان حج لاءِ ويندا هئا ته اتان سستو سون خريد ڪري هتي اچي چئوڻ تي کپائيندا هيا. اهڙي طرح ٻيا به غلط سلط پئسن سان حج ڪندا رهيا. اهڙا سڀئي ماڻهو ڪيئن ٿا مسلمان ٿي سگھن. مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ مسلمان نمازون پڙهندي قتل ڪندي، ڪٿان جي ۽ ڪهڙي مسلماني آهي....!؟ تنهنجي معنى آهي مسلماني اڃان ڪا ٻي شئي آهي. ۽ مسلمان ئي مسلمان آهي بدمعاش شرافت جو لباس پائي ۽ شريفن جهڙي شڪل صورت بنائي شريف نٿو ٿي سگھي. اهڙي صورتحال کي سامھون رکندي ڀٽائيءَ صاحب چيو آهي ته:
روزا نماز بندگي ايءَ پڻ چڱو ڪم،
اُو ڪو ٻيو فھم، جنهن سان پسين پرينءَ کي.

ساڳي خيال کي ڊاڪٽر علامه اقبال پنهنجي رنگ ۾ هيئنءَ پيش ڪيو آهي:
میں جو سربسجدہ ہوا کہیں، تو زمیں سے آنے لگی صدا،
تیرا دل تو ہے صنم آشنا، تجھے کیا ملے گا نماز میں۔

انهيءَ ساڳي خيال کي برصغير جي ٻين شاعرن به پنهنجي پنهنجي زبان ۽بيان ۾ پيش ڪيو آهي.
سوال ڇا هي ته جڏهن به ڪو مسلمان ۽ سچو دانشور يا شاعر عام سطح کان مٿي سوچڻ لڳندو آهي ته سطحي خيال جا ماڻهو ان کي ڪافر، دهريو، جادوگر يا ڪوڙو چوڻ لڳندا آهن. حالانڪه حقيقت ان جي برعڪس هوندي آهي. تاريخ هن حقيقت جي گواهه آهي ته جڏهن به ۽ جن ماڻهن به معياري سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ان وقت ئي انهن کي ڪافر چئي کين اذيتناڪ موت ماريو ويو، ڪن کي زهر ڏنو ويو، ڪن کي ڦاسي ڏني ويئي، ڪن کي صليب تي ٽنگيو ويو، ڪن کي گھاڻي ۾ پيڙهيو ويو، ڪن کي ڪيئن ماريو ويو ته ڪن کي ڪيئن. وفا صالح راڄپر جو نظم ”ڪافر“ ٻه رخو ۽ ٻن معنائن وارو آهي. هن نظم ۾ هڪ طرف نياڻين کي وڪرو ڪرڻ تي تنقيد ڪئي وئي آهي جيڪي اسلام ۽ مسلمان جي فلسفي ۽ مقام کي نه سمجھي سگھيا آهن ۽ صرف چمڪي تي بندوق هڻي رهيا آهن جن کي پنهنجو به هوش ڪونهي ته هو پاڻ به اصلي مسلمان آهن يا نه.....!؟ ڇو ته اسلام کي سمجھڻ مذاق ناهي ۽ مسلماني ڪا اڪ جي ماکي آهي؟. وفا صالح راڄپر جو ”ڪافر“ نظم فڪري حوالي سان لاڀائتو ۽ سگھارو آهي جيستائين شاعر سنجيده نٿو ٿئي تيستائين هو سنجيده ۽ معياري شعر به نٿو لکي سگهي. سنجيدگي جيڪا خوشين سان نه پر لڙڪن سان وابسته آهي مختلف قسمن جا دک ئي شاعر کي سنجيده ڪن ٿا. جيئن ڪچو گھڙو آويءَ جي باهه مان سڙي پچي راس ٿي لال ٿي ٻاهر نڪري ٿو، تنهنڪري شاعر اها حقيقت شدت سان سمجھي ۽ محسوس ڪندي پنهنجي هڪ نظم ”خوشيون“ ۾ رقم طراز آهي ته:
اي خدا!
منهنجي ڀاڳ جون،
سموريون خوشيون،
دکن ۾ ميساري ڇڏ.
ته جيئن،
اڃان به وڌيڪ
منھنجي لکڻين ۾ گھرائي پيدا ٿئي.
عبادت کي صرف روزن نمازن تائين محدود رکڻ عبادت جو همه گيريت ۽ وسعت کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي. روزو نماز به چڱو ڪم آهي پر سڀ ڪجهه روزا نماز ناهي. روزو نماز عبادت جو هڪ حصو آهي سموري عبادت جي ماحاصل ناهي مذهب جي گھري مطالعي کان پوءِ هن سلسلي ۾ وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. سڀني کي خبر آهي ته هر نيڪ ڪم ثواب آهي ۽ هر ثواب عبادت جي نشاني آهي. تنهن ڪري مظلوم جي پاسداري ظالم جي دلشڪني، ڪوڙ کان نفرت سچ سان محبت، انڌي کي دڳ لائڻ، بکئي کي ماني کارائڻ، ڪنهن کي مصيبت ۾ ڪم اچڻ، ڪنهن اگھاڙي جو انگ ڍڪڻ، ڪنهن اڃايل کي پاڻي پيارڻ، ڪنهن ٻڏندڙ کي ڪناري لائڻ، ڪنهن بيمار جو علاج ڪرائڻ، ڪنهن لاوارث تي هٿ رکڻ، ڪنهن بي سهاري کي پناهه ڏيڻ، اهي سڀئي نيڪيون عبادت ۾ شامل آهن.
وفا صالح راڄپر سچ کي عبادت جو درجو ڏيندي ”عبادت“ جي عنوان سان هي نظم لکيو آهي سندس چوڻ آهي ته سچ عبادت آهي اهو درست آهي هن نظم ۾ شاعر جيڪا لفظن جي چونڊ ڪئي آهي اها پنهنجي جاءِ تي جدا قابل داد آهي ۽ سندس خيال ۽ سوچ جدا قابل تعريف آهي. اچو سندس اهو نظم پڙهون:
مون ڪڏهن به،
ڪنهن مسجد، مندر،
يا ڪليسا ۾ وڃي،
عبادت ناهي ڪئي
منهنجو،
سچ لکڻ/چوڻ
ڪنهن عبادت کان
گھٽ آهي ڇا؟
جڏهن ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ هڪ ٻئي پٺيان جوق در جوق ڏک ۽غم داخل ٿيندا وڃن ۽ خوشيون موڪلائينديون وڃن ۽ انسان غمن جي انبار ۾ دٻجي وڃي ته پوءِ خوشين جو احساس ئي نٿو رهي. غمن ۽ ڏکن جي اهڙي پل صراط تان وفا صالح راڄپر جي محسوسات جو قافلو به گذريو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هن ”ڏک“ جي عنوان سان هي نظم لکيو آهي. خوشين کان مڪمل طور تي مايوس ٿي وڃڻ جي عمل ۽رد عمل شاعر کان هي نثري نظم لکرايو آهي ٿورن لفظن ۾ گھڻي ڳالهه هن ريت ڪئي اٿس.
زندگيءُ ۾،
ايترا ته ڏک ،
مليا آهن.
جو هاڻ،
خوشيءَ جو،
احساس ئي نٿو ٿئي.
شاعر خود به محبت ڪري ٿو، محبت جي تبليغ ۽ پرچار به ڪري ٿو ۽ محبت جي پاسداري به ڪري ٿو ته طرفداري به. انسان اُنس مان ٺهيل آهي تنهنڪري محبت هن جي فطرت ۾ داخل آهي. هر انسان ۾ محبت جا جراثيم هوندا آهن بلڪه ائين کڻي چئجي هر جاندار پيار ڪري ٿو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته محبت جو زندگيءَ سان چولي دامن وارو ساٿ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پکي پکڻ ۽ ڪيڙن ماڪوڙن کي به پاڻ ۾ پيار محبت ڪندي ڏٺو ويو آهي. پکين جو گڏجي ترڻ، ولر ڪري اڏڻ، گڏجڻ ، چڳڻ، گدڙن ۽ هرڻين هرڻن جو ميڙن جي صورت ۾ گڏجي هلڻ، مڇين جو گڏجي قطارن جي صورت ۾ ترڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ، ماڪوڙين جو قطارن ۾ هلڻ، ڍڳن ڍورن جو گڏجي چرڻ ۽ گڏجي رهڻ اهي سڀ ئي علامتون محبت جون علامتون آهن. نه صرف امن ۽ صلح پسند، شريف ۽ حساس جانورن پکين ۽ جيتن جيتامڙن جي فطرت ۾محبت جي خوبي سمايل آهي پر باز، نانگ، شينهن، بگھڙ واڳون ۽ چيتي جهڙن خونخوار ظالم قاتل بي مروت ۽ نامهربان جاندارن ۾ به محبت جي لهر ۽ لوچ ساڃاهه ۽ سوچ لڌي وئي آهي. پکين ۾ محبت جو مثال ڏيڻ خاطر مان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جي هڪ بيت هڪ سٽ پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪيان ته:
ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
وفا صالح راڄپر به هڪ انسان هجڻ جي ناتي سان محبت ڪئي آهي. ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان محبت ۽ ان جي مختلف پھلوئن تي تجرباتي ۽ مشاهداتي روشني وڌي آهي. اچو ته سندس رومانوي شاعريءَ ۾ محبت جي مختلف پھلوئن جو اڀياس ڪيون. ۽ ڏسون ته هن شاعر جي نظر ۾ محبت ڇاهي! ۽ محبت ۽ حسن جي ڪيتري اهميت آهي.؟ ۽ دل جو ڪهڙو ۽ ڪيترو معيار يا ڪردار آهي ؟ هو حسن ۽ عشق جي نشيب و فراز کي ڪهڙي دماغ سان سوچي ٿو.؟ ڪهڙي دل سان محسوس ڪري ٿو ۽ ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿو.؟ دل هڪ خود مختيار ۽ رئيس عضوو آهي جنهن تي نه ڪنهن بادشاهه جو زور هلي ٿو ۽ نه ڪنهن ٻئي جو اختيار! ايتري تائين جو دل موت جي خوف کان به مرغوب نه ٿي ٿئي. هن کي ڪو دهشتگرد هيسائي سگھي ٿو ۽نه ئي ڪو ڌاڙيل، نه هن تي ڪنهن دولت جو اثر ٿئي ٿو ۽ نه ڪنھن طاقت جو ،کڻي مٽن مائٽن سوڌو سڄو سنسار آڏو اچي پر هٿيار ڦٽا نه ڪندي آهي. اهڙي ئي خيال کي شاعر ڏاڍي موزون ۽ منفرد اثرائتي ۽ وقتائتي انداز سان پنهنجي هڪ نثري نظم ۾ واهه جو نڀايو آهي ”ڦورو“ جي عنوان سان لکيل سندس هي نثري نظم هن ڏس ۾ هڪ شاهڪار قابلِ تعريف ۽ ناقابل فراموش آهي اچو ته پڙهي ڏسون.
آنءُ لٽيرو ۽ ڦورو آهيان
مون رائيفل جي زور تي
کوڙ سارن،
ماڻهن کي لٽيو ۽ ڦريو آهي.
پر افسوس جو،
آنءُ گھڻي ڪوشش جي باوجود، به
رائيفل جي زور تي
هن جي دل ڦري نه سگھيو آهيان.
محبوبه جي مسڪراهٽن کي سڀني شاعرن ڳايو ۽ ساراهيو آهي پر وفا صالح راڄپر جي ساراهڻ جو نمونو ئي اور آهي انداز ئي انوکو ۽ منفرد آهي ”مسڪراهٽ“ جي عنوان سان سندس هي نثري نظم پنهنجو مٽ پاڻ ۽ ساهه ۾ سانڊڻ جهڙو آهي.
سال ۽ صديون،
گذري وڃڻ کان پوءِ به،
مان تنهنجي،
چپن جي مسڪراهٽ
وساري ناهيان سگھيو
ڇاڪاڻ ته،
تنهنجي اها مسڪراهٽ،
منهنجي وجود جو،
حصو بنجي وئي آهي.
اچو ته هاڻي اهو ڏسون ته وفا صالح راڄپر وٽ سندس محبوب جو معيار ۽ مقام ڪهڙو آهي ”قسم“ جي عنوان سان هڪ خوبصورت نثري نظم پڙهي ڏسو.
تون مونکي،
پنهنجو قسم نه ڏجانءِ
ڇو ته.
آءٌ خدا جو قسم کڻي،
مُڪري ته سگھان ٿو.
پر
تنهنجو نه.
جيتوڻيڪ ياد ۽ يادگيريءَ جي حوالي سان اسان جي لوڪ شاعريءَ ۾ هڏڪيءَ جو ذڪر ۽ تصور گھڻو ملي ٿو. پر لوڪ شاعريءَ کان هٽي ڪري به قديم ۽ جديد شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ هڏڪيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، عام طور تي ايئن سمجھيو ويندو آهي ته هڏڪي تڏهن ايندي آهي جڏهن ڪو ياد ڪري پر عاشقن ۽ شاعرن هڏڪيءَ کي صرف محبوب جي ياد سان منسوب ۽ وابسته ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ئي دل جي تارن کي ڇهندر نثري نظم (هڏڪيون) جي عنوان سان وفا صالح راڄپر لکيو آهي. شاعريءَ ۾ نه صرف هڏڪيءَ کي اهميت حاصل رهي آهي پر ساڳي وقت اک جي ڦڙڪڻ ۽ ڪانگ جي لنوڻ کي به شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي اهميت ۽ جاءِ ڏني آهي. هڏڪيءَ جي باري ۾ وفا صالح راڄپر جو هي نظم پڙهو:

ماڻھو چون ٿا ته،
تو مون کي وساري ڇڏيو آهي،
پر آئون اهو ڪيئن مڃان؟
ها!
جڏهن هڏڪيون اچڻ،
بند ٿي وينديون
تڏهن مان
سمجھندس ته
تو، مونکي
وساري ڇڏيو آهي.
رسڻ ۽ پرچڻ پيار ۾ لازم ۽ ملزوم شيون آهن اهڙي طرح محبت ۽ نفرت هڪ ئي تصوير جا ٻه رخ آهن. شاعر پنهنجي محبوبه جي نفرت ۽ محبت جي رد عمل کي جنهن طريقي سان قبول ڪيو آهي يا جيڪو اثر ورتو آهي اهو نهايت جذباتي شدت ۽ جنون جي حد تائين آهي شاعر هن خيال کي جنهن جوش ۽ جذبي رُجحان ۽ شدت واري انداز سان نڀايو آهي ان انداز ۽ بياني ڪيفيت هن نثري نظم کي امر ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي جذباتي نظم لکڻ ۾ شاعر جي ڦوهه جوانيءَ جو هٿ آهي. ورنه اسان جهڙو ٺريل گوشت جيڪڏهن هن موضوع تي لکي ها ته ان ۾ جذبي جي شدت بدران فلسفو سمايل هجي ها. هي نظم ”هاٽ لائن“ جي بجاءِ “ڪولڊ ڪارنر” سان تعلق رکندڙ هجي ها. اچو ته هن تاڙيءَ جي شراب جهڙي گرم نظم مان اوهان به ٻه ٻه ڍڪ ڀري ڏسو ۽ فڪري نشي سان مخمور ۽ مدهوش ٿيو. جيئن مان هوش ۽ حواس وڃائي چڪو آهيان هن نظم جي عمرخيامي جام پيئڻ کانپوءِ_ اهو نظم آهي نفرت ۽ محبت:

تو جڏهن،
مون سان نفرت ڪئي،
ته مون،
پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو.
پر جڏهن،
تو مون سان محبت ڪئي
ته، مون،
خدا کي وساري ڇڏيو.
اسان جي سموري ڪلاسيڪل شاعري تي تصوف جو رنگ چڙهيل آهي. خاص طور تي غزل ته پيداوار ئي تصوف جو آهي نه صرف غزل ۽ قديم شاعريءَ تي تصوف جو اثر آهي ۽ نه صرف صوفي شاعرن جي شاعري تي تصوف جو رنگ چڙهيل آهي پر اڄ جي جديد شاعري به تصوف جي اثر کان بچي نه سگهي آهي. ايتري تائين جو فيض ۽ اياز جھڙن جديد ترين شاعرن به پنهنجي شاعريءَ کي تصوف جي گيڙو رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. اهو فڪري رنگ نه صرف غزل تائين محدود ۽ مقيد رهيو پر هن صوفي رنگ نثري نظم جو رنگ به گيڙو ڪري وڌو. تصوف ۾ جتي سوز و گداز ملي ٿو. اتي حال ۽ وجدان به ملي ٿو. ته خودشناسي ۽ خود فراموشي به ملي ٿي وجداني ۽ جنوني ڪيفيت ۾ شاعرن ۽ عاشقن پنهنجي محبوب کي وڃي خدا سان ملايو. آخر اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو ته خدا محبوب آهي يا محبوب خدا آهي اهڙي ئي ڪيفيت مان گذرندي اردو زبان جي مشهور شاعر سيد عبدالحميد “عدم” پنهنجي هڪ غزل جو مطلع هن ريت لکيو آهي جيڪو مٿي ذڪر ڪيل خيال جو دليل به آهي ته مثال به.
وحشت میں اس حسیں کو خدا کہہ گیا ہوں میں
پھر بھی جو کہہ گیا ہوں، بجا کہہ گیا ہوں میں۔
نه صرف اهو شعر پر مشرقي قديم ۽ جديد شاعري ۾ اهڙا شعر هزارن جي تعداد ۾ ملن ٿا جيڪي “عدم” جي هن خيال جي وڪالت ۽ عدالت ڪن ٿا. تصديق ۽ تائيد ڪن ٿا. اهڙي ئي فڪر سان تعلق رکندڙ وفا صالح راڄپر جا ٻه نثري نظم منهنجي سامھون آهن. جيڪي وجداني ڪيفيت ۾ لکيل آهن ۽ فڪري حوالي سان جن جي معنى به لڳ ڀڳ ساڳي آهي. انهن ٻنهي نظمن جي گڏيل مطالعي مان اسان کي ساڳي ڪيفيت ۽ حقيقت ملندي ۽ ساڳيو تاثر ۽ رد عمل ملندو اچو ته ٻنهي نثري نظمن کي پڙهون ۽ شاعر جي وجداني ڪيفيت ۽ عاشقاڻي ائپروچ ۽ شاعراڻي جرئت ڀري سوچ کي آفرين چئون.

خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟
ڪلهه فون تي،
ڳالهائيندي چوڻ لڳي،
وساريو ته ڪونه اٿئي،
رسيور کي چمندي چيم،
خدا کي ڪنهن وساريو آهي ڇا؟

خدا آهين تون
تنهنجون يادون،
مون لاءِ وندر
تنهنجو پيار
مون لاءِ ملڪيت
۽ تون
مون لاءِ خدا آهين.
اغوا ڦرلٽ دهشتگردي ۽ کس کسان جي دور ۾ جتي ٻين سڀني ماڻهن جون عورتون لٽيون، ڦربيون ۽ اغوا ٿينديون رهيون آهن اتي عاشقن ۽ شاعرن جون محبوبائون به اغوا ٿينديون رهيون آهن. يعني اهڙي ارهه زورائي ۽ ڏاڍ مڙسي جي دور کان ۽ دور جي ظلم تشدد کان هڪ ڪمزور ۽ امن پسند شاعر به بچي نه سگھيو آهي. سو شاعر ويچارو به پنهنجي محبوبه کسائي ويٺو آهي. ظلم جي تسلسل کان هاڻي کيس ڊپ آهي ته متان سندس محبوبه وانگر سندس خواب به نه کسجي وڃن. جيڪي سندس محبوبه سان تعلق رکن ٿا. انهيءَ انديشي کي ذهن ۾ رکندي هڪ شاعر ”گروي“ جي عنوان هڪ ڇرڪيل، ڊنل ۽ هيسيل نثري نظم لکيو آهي اچو ته هن نثري نظم ۾ اهو ڏسون ته شاعر اهڙي ڪم جي ظالماڻي عمل جو ردعمل ڪهڙن لفظن ۾ قبول ڪيو آهي ۽ هن لهجن ۽خيالن کي ڪهڙن جذبن ، لھجن ۽ محسوسات ۾ تقسيم ڪيو آهي. مان سمجھان ٿو ته پنهنجي نوعيت جو هي شاهڪار ۽ بهترين نثري نظم آهي.
مون يادن جي ضمانت ڏئي.
تنهنجا خواب گروي رکيا آهن
ان خوف کان ته،
متان تو جيان ڪوئي مون کان
منهنجا خواب نه کسي وٺي.
محبوبه جي بي رخي، بيوفائي ۽ هرجائي پڻي جو ذڪر هر شاعر ڪيو آهي تقريبن پنجاهه فيصد مشرقي شاعري محبوبه جي بي رخي هرجائي پڻي ۽بيوفائي سان تعلق رکي ٿي. اردو شاعريءَ ۾ اهڙي قسم جو ذڪر تمام گھڻو ملي ٿو. خاص طور تي ورهاڱي کان اڳ جي شاعريءَ ۾ ورهاڱي کان پوءِ جي شاعريءَ ۾ به اهڙو ذڪر ملي ٿو. پر تمام گھٽ، اڳي محبوبه جي بيوفائي، بي رخي جا اسباب ٻيا هئا ۽ هاڻي ٻيا آهن. ڇو ته ورهاڱي کان اڳ واريون محبوبائون گھڻو ڪري سڀ بازاري هونديون هيون ۽ رقص و نغمي سان تعلق رکنديون هيون. انهن سان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هونديون جيڪي گھريلو زندگيءَ سان وابسته هونديون هيون. ورنه مڙئي ٿيو خير. انهي جي مقابلي ۾ اڄ جون محبوبائون گھريلو، سگھڙ ۽ گرهستي قسم جون آهن ۽ اهڙا اول ڇل ۽ ڦير فند ڪونه ٿيون ڄاڻن. پيار جي دنيا۾ شريف محبوبائن کي قدر جي نگاهن سان ڏٺو ويو آهي ۽ آواره قسم جي محبوبائن کي ننديو ويو آهي. هر شاعر پنهنجي محبوبه جي بي رخي ۽ بيوفائي کي پنهنجي پنهنجي انداز سان قبول ڪيو آهي ۽ اثر ورتو آهي. ۽ اهو فطري رد عمل آهي. توهان ڏهن ماڻهن کي هڪ ئي قسم جو نشو پياري ڏسو. توهان ڏسندو ته هر پيئندڙ تي نشي جو اثر جدا جدا طريقي سان ظاهر ۽ رونما ٿيندو. جيتوڻيڪ نشو ساڳيو ئي هوندو آهي پوءِ اهو نشو شراب جو هجي يا ڀنگ، چرس هجي ياٻي ڪا نشه آور شيءِ ڪو کلڻ لڳندو آهي ته ڪو روئڻ لڳندو آهي ته ڪو الٽيون ڪرڻ لڳندو آهي ته ڪو ٿڙڻ ٿاٻڙڻ لڳندو آهي جيئن ساڳي نشي جو اثر ماڻهن تي جدا جدا صورتن ۾ ظاهر ٿئي ٿو تيئن پيار جو اثر به مختلف ۽ منفرد ڪيفيت سان جلوه گر ٿئي ٿو. مطلب ته جهڙي ماڻهو جي فطرت هوندي تهڙي ماڻهوءَ جي سوچ هوندي. عشق جي اهڙي ڪيفيت بلڪ اهڙي فطري ڪيفيت جي نقاب ڪشائي ڪندي هڪ اردو شاعر هن شعر کي جنم ڏنو آهي.
عشق کی چوٹ تو پڑتی ہے دلوں پر یکساں،
ظرف کے فرق سے آواز بدل جاتی ہے۔
جيڪي جذباتي ۽ مطلب پرست عاشق هوندا آهن جن جي پيار جي شروعات به جنس هوندي آهي ۽ اختتام به جنس. اهي محبوبه جي جدائي گھٽ برداشت ڪندا آهن ۽ ٿوري گھڻي ڳالهه تي محبوبه کي سنگدل، هرجائي، بيوفا، غفلت شعار ۽ الائي ڇا جو ڇا چئي ڏيندا آهن. اهڙا عاشق صرف جسم تائين پهچي سگھندا آهن جڏهن ته پيار جو معراج ۽ “ڪلائيمڪس” روح جو مجبور ٿي وڃڻ آهي. اهڙي اڌورن ۽ اڻپورن عاشقن لاءِ شاهه سائين هيئن چيو آهي:
ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،
دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا.
هڪ ٻئي جي پيار تي جڏهن ٻنھي ڌرين کي مڪمل يقين ٿي وڃي ته پوءِ جسماني طور ملڻ جي ايتري ضرورت نه ٿي رهي. ڇو ته پيار جي سچائي واري منزل تي پهچڻ کان پوءِ محبوبه عاشق جي دل ۾ گھر ڪري ويهي ٿي رهي ۽ عاشق ٻاهر جي بجاءِ اندر ڏسڻ لڳي ٿو. هن قسم جي عاشقن جو هجر ۽ وصال هن قسم جو ٿي ويندو آهي :
دل کے آئینے میں ہے تصویر یار
جب کبھی گردن جھکائی دیکھ لی۔
اهڙا عاشق جيڪي عشق ۾ تجربيڪار هوندا آهن ۽ پڪا پختا هوندا آهن. انهن جي عشق ۾ صبر، تحمل دور انديشي، برداشت ۽ رعايت جو عنصر هوندو آهي. اهڙا عاشَق گھڻو ڪري وڏي عمر جا، عورت جي نفسيات کي سمجھندڙ ۽ سماج جي روين کان باخبر هوندا آهن. اهڙن عاشقن کي خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن پيار آهي ته پوءِ محبوبه ڪنهن به صورت ۾ ملڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ جيڪڏهن ميل جول ۾ ٿوري رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ نه ٿي ملي ته ان ۾ سندس چند مجبورين جو هٿ هوندو سندس مرضيءَ جو ڪوبه دخل نه هوندو. اهڙي سنجيده پيار جو هڪ سنجيده مثال شعر جي صورت ۾ حاضر آهي.
کچھ تو مجبوریاں رہی ہونگی،
یوں کوئی بیوفا نہیں ہوتا۔
عشق جي معاملي ۾ وفا مٿين ٻنهي خيال کي رد ڪندي ٻه طرفي حقيقت بيان ڪئي آهي، جيڪا فڪري لحاظ کان معتبر ۽ حق بجانب آهي. وفا صالح راڄپر “وفا” جي عنوان سان هن نظم ۾محبوبه جي بي رخيءَ کي منفرد انداز سان محسوس ڪيو آهي. جنهن ۾ پڇتاءَ جو شديد احساس به ملي ٿو ڏسون ته شاعر محبوبه جي بي رخيءَ واري عمل ۽ ان عمل جي ردِ عمل کي ڪيڏي نه سوچيندڙ نموني سان قبول ڪيو آهي ۽ ان جو اثر ورتو آهي چوي ٿو :
تنهنجي،
بيرخيءَ جو ڏک نه،
پر،
توسان ڪيل،
وفا جو ڏک آهي.
پيار جو ڪيڏو نه عجيب فلسفو بيان ڪيو آهي. شاعر پنهنجي هن نظم ۾ چوي ٿو ته تنهنجي بي رخي جو مون کي ڪوبه ڏک ناهي پر مون کي توسان ڪيل وفا جو ڏک آهي. ايئن چوڻ مان شاعر جو مطلب آهي ته جنهن سان مان پيار ڪري ويٺس اهو پيار جي لائق نه هو ۽ نه ئي وري وفا شناس هو. تنهنڪري اهڙي ماڻهو جي بي رخي تي، افسوس يا ڏک ڪرڻ به درست نه آهي. البته اهو ڏک ضرور آهي ته اهڙي ماڻهو سان وفا ڇو ڪئي. يعني فڪري لغزش جو شڪار ڇو ٿيس. ۽ پٿر کي هيرو، خار کي گل، لوهه کي سون، خزان کي بهار، ڪوڙ کي سچ ۽ دشمن کي دوست ڇو سمجھي ويٺس.
مُرڪ زنده هجڻ جو ثبوت ۽ خوشحال زندگي جي ضمانت هوندي آهي مرڪ، زندگي جي مختصر تشريح ۽ خوشيءَ جو شناختي ڪارڊ هوندي آهي. مرڪ کان سواءِ زندگي ڪنهن پراڻي قبر جي قتبي جيان لڳندي آهي. مرڪ جي اهميت، ضرورت، قيمت، همه گيريت ۽ وسعت کي بيان ڪندي شاعر ”لڙڪن جو ڀنگ“ جي عنوان سان هڪ اهڙو نثري نظم لکيو آهي جنهن مان شاعر جي نهايت حساس ۽ مرڪ شناس هجڻ جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي. مرڪ تي سڀني شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي ٿلهي ليکي شاعري مرڪن ۽ لڙڪن جو معجون مرڪب ٿئي ٿي. هر شاعر لڙڪن ۽ مرڪن تي پنهنجي رنگ ۾ لکيو آهي وفا صالح راڄپر جو به پنهنجو هڪ الڳ رنگ آهي اسلوب ۽ هڪ انداز فڪر آهي اچو ته سندس رنگ جي روشنيءَ ۾ مرڪن ۽ لڙڪن جي باري ۾ سندس هي نثري نظم پڙهون ۽سندس جداگانه سوچ ۽ اڇوتي احساسن جو اڀياس ڪيون ۽کيس داد ۽ شابس جا هار پارايون.
ڪلهه منهنجون مرڪون،
اغوا ڪيون ويون هيون،
۽ انهن جي عيوض مون کان
لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو.
ان وقت سمنڊ ۽ تلاءَ سڀ سڪل هئا
۽ پوءِ مون اُهي سڀ
پنهنجي لڙڪن سان ڀري ڇڏيا.
پر اڃان به وڌيڪ مونکان
لڙڪن جو ڀنگ گھريو ويو
پر منهنجي اکين ۾ هاڻ ته
لڙڪ بچيا ئي ڪونه آهن.
ها آهي ڪوئي جو مون کي
ٿوري وقت لاءِ،
پنهنجا لڙڪ اڌارا ڏئي،
آئون واعدو ٿو ڪيان ته
مرڪون واپس ملڻ تي
آئون انهن لڙڪن جي قيمت
چڪائي ڇڏيندس.
درد هڪ اهڙو ڌڪيل ۽ ڦٽيل احساس ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اظهار چاهيندو آهي. درد جي اظهار جا ٻه ذريعا آهن هڪ زبان ۽ٻيو اکيون. عام درد جو اظهار ته چپن يازبان سان به ڪري سگھجي ٿو پر محبت جي درد جو اظهار صرف اکيون ئي ڪري سگھنديون آهن. ۽ اکيون ئي اهڙي قسم جي اظهار جو مناسب ۽ موزون ذريعو هونديون آهن پر سچو عاشق محبوبه جي بدنامي جي خوف کان، چپن سان ته ڇا اکين سان به اهڙي درد جو اظهار ڪرڻ گواره نه ڪندو آهي پر لڙڪ روڪڻ سان به روڪي نه سگھبا آهن. ۽ اهي هر قسم جي مصلحت، ضبط ۽ روڪ ٿام جا سمورا بند ڀڃي ٻوڏ جي پهرين وهڪري وانگر سڀ ڪجهه لوڙهي ۽ ٻوڙي ڇڏيندا آهن. ۽ صورتحال اها ٿي ويندي آهي جو انهن وهڪرن ۾اکيون به لڙهي وينديون آهن ۽ اکين وارو به، اهڙي مجبوريءَ جو اظهار اردو غزل جي مُک شاعرحسرت موهاني پنهنجي هڪ غزل جي مطلع ۾ بلڪل اهڙي ئي طرح بيان ڪيو آهي جيئن درد جي عنوان سان وفا صالح راڄپر هن حقيقت تان پردو کنيو آهي حسرت موهاني جو شعر آهي ته.
کیسے چھپاؤں راز غم، دیدہ سر کو کیا کروں،
دل کی تپش کو کیا کہوں، سوز جگر کو کیا کروں۔
ساڳيو ئي اشڪبار ۽ سوڳوار خيال وفا صالح راڄپر هن انداز سان خوبصورت نموني سان نڀايو آهي جيڪو دل جي تارن کي ڇُهي ٿو.
درد
مون تنهنجي
وڇوڙي جي درد کي
لڪائڻ ٿي چاهيو
پر اکيون،
انهيءَ درد کي لڪائي نه سگھيون.
وفا صالح راڄپر جا نثري نظم پڙهڻ کان پوءِ مان حيران آهيان ته مان وفا صالح راڄپر کي خوبصورت ڪهاڻيڪار چوان يا نثري نظمن جو خوبصورت شاعر چوان. سچ پچ وفا صالح راڄپر جيترو سهڻو ۽ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي ان کان ڪيئي حصا وڌيڪ نثري نظم جو شاعر آهي. مان وفا جي ڏات ۽ ڏانءُ کي سلام ٿو پيش ڪريان.

وفا ناٿن شاهي