شاعري

دردن ڦولاريا ڦول

وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.
Title Cover of book دردن ڦولاريا ڦول

سرجيس تان سور سامائي تان سک ويا

ڪھاڻي، شاعري، ڪالم ، ناول ۽ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ پاڻ بابت ٻه اکر لکڻ مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڀلا پاڻ بابت ڇا لکجي؟ ۽ ڪهڙي راءِ ڏجي. مون ته اهو سوچي ڇڏيو هو ته پاڻ بابت ٻه اکر ناهن لکڻا پاڻ بابت ٻه اکر هي منهنجا نظم آهن. جيڪي منهنجي دل جي پڪار به آهن. ته منهنجي اندر جو آواز به آهن، منهنجا جذبا ۽ احساس به آهن ته منهنجي روح جي دٻايل رڙ به آهن. ته منهنجا سڏڪا ۽ دانهون ۽ درد به آهن. پر سڀني دوستن جو اهو اسرار هو ته هي منهنجو پھريون ڪتاب آهي ان ڪري مونکي ڪجهه نه ڪجهه لکڻ گھرجي. لکان ته ڇا لکان؟ ۽ ڇا تي لکان؟ زندگيءَ ۾ مليل ڪربلا جھڙي دردن تي لکان؟ يا پنهنجي مفلسي تي لکان؟ يا وري پنهنجي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت هٿن تي لکان، يا ان مٿي تي لکان جنهن ڇهين درجي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تغاري جو وزن پئي کنيو آهي! يا ان تغاري تي لکان؟ جيڪا منهنجي مٿي تي سدائين مون لاءِ سوني تاج جيان رهي آهي. يا پنهنجي ان پيار تي لکان جيڪو گھڙي پل جون خوشيون ڏئي پوءِ دردن جا سيلاب ڏيئي ويو! ان جي باوجود مونکي پنهنجي پيار سان پيار آهي. مونکي پنهنجي پيار جي پھرين چمي سان ايترو ئي پيار آهي، جيترو پيار مونکي پنهنجي پيار سان آهي. دردن جي سيرابن ۾ زندگي گذرندي به پيار جي پھرين چمي مونکان ڪڏهن به ڪونه وسري سگھي آهي. پيار جي پھرين چمي منهنجي جيون ۾ جيڪو پنهنجو عڪس چٽيو آهي، ان ئي عڪس کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نه سگھي آهي. پيار جي پهرين چمي جي تاثير مونکان منهنجو پيار وسرڻ ناهي ڏنو. ۽ هوءَ جيڪا منهنجو پيار هئي، منهنجي زندگي هئي، منهنجي بندگي هئي، ان کان به پنهنجي پيار جي پهرين چمي وسري ناهي سگھي. ۽ نشاني ڪڏهن به وسري نه سگھندي آهي جسم ۾ لڳل زخم به جڏهن ڇٽي ويندا آهن ته اهي پنهنجا نشان ڇڏي ويندا آهن. انهن نشانن کي ڏسي زخم به ياد رهندا آهن.
هُن جي شادي ٿيڻ کان پوءِ ڏهن سالن جي عرصي گذري وڃڻ بعد فون ڪري پڇيو هئائين ته ”وفا ڪيئن آهين؟“ جواب ۾ چيو هيم ته تون اهو خوب ڄاڻين ٿي ته مان تو بن ڪيئن هوندس. ۽ ڪيئن آهيان. چيائين ”پيار جي پهرين چمي ياد اٿئي يا وسري وئي اٿئي؟“ چيو هيومانس. ”تون ئي وسري ناهين سگھي ته پوءِ پيار جي پهرين چُمي ڪيئن ٿي وسري سگھي؟“ بس مٺي، جي جيئڻ نٿو ڏي ته تنهنجي الڳ ٿيڻ جو درد جيئڻ نٿو ڏي. تنهنجي الڳ ٿيڻ واري درد هاڻ ته ڪيترائي ڦول ڦولاريا آهن.
منهنجي ڪتاب جو نالو دردن ڦولاريا ڦول منهنجي زندگي سان ايئن ٽاڪيل آهي جيئن ڪنهن سهاڳڻ جي رئي تي ستارا ٽاڪيل هوندا آهن. مون کي جيترو پيار پنهنجي پيار سان آهي، ايترو پيار مون کي پنهنجي مفلسي، پنهنجي پورهئي ۽ پنهنجي دردن سان آهي. درد جيڪي رت پيئندا آهن. ۽ جسم جو ماس کائيندا آهن.
جيئن ئي هوش سنڀاليو اٿم ته مفلسي ۽ دردن جي سرڪڻ ڦاهيءَ تي چڙهيو ۽ لٽڪيو آهيان مفلسي ۽ درد پاڇي جيان سدائين مون سان گڏ رهيا آهن.
سرجيس تان سور سامائس ته سک ويا
اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.
مفلسي ۽ دردن ڌوٻي جي ڪپڙن جيان مونکي پئي سٽيو ۽ نپوڙيو آهي پر مات ڏئي نه سگھيا آهن. مفلسي ۾ زندگي گذاريندي به مون کي پنهنجي دوستن ڇاتي لائي محبتون ئي محبتون ڏنيون آهن. ۽ انهن جي محبت جيئڻ جو روز نئون اتساهه پئي ڏنو آهي.
محمد صديق مڱيو، يوسف سنڌي، انور ڪاڪا، تاج بلوچ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، اسحاق سميجو، اخلاق انصاري، مختيار سمون، راجن مڱريو، ڪاشف منٺار سولنگي، ذوالفقار گاڏهي، ڀيڄو فقير، معشوق ڌاريجو، مجيد زهراڻي، پروفيسر ستار سومرو، اسد گوپانگ، گلزار ، طارق چانڊيو ۽ ٻين دوستن جون محبتون مون سان گڏ نه هجن ها ته اڄ مان به نه هجان ها. دوستن جي اٿاهه محبت جي ڪري مون کان منهنجي مفلسي وسري ويندي آهي. مدر ٽريسيا چواڻي ”اسان کي ان جي اڻاٺ نه پر محبت جو ڏڪر ماري ٿو.“ پر مون وٽ محبت جو ڪو به ڏڪر ڪونهي.
مون کي لکڻو ڇا آهي؟ ۽ مان ڇا لکڻ ويٺو آهيان!!!
مون کي ادبي ماحول پنهنجي گھر مان ئي مليو. جنهن دؤر ۾ ريڊيو آيو، ان دؤر ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ محمد طاهر ريڊيو تي فرمائشون ۽ ڳجھارتون لکي موڪليندو هو. ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ريڊيو رڳو منهنجي ڀاءُ وٽ ئي هوندو هو. ريڊيو تي هن جون فرمائشون ۽ ڳجھارتون پئي اينديون هون. ريڊيو هن جي ايتري سڃاڻپ بنجي ويو. جو ڳوٺ جا ماڻهو هن کي طاهر دڪاندار بجاءِ طاهر ريڊائي ۽ طاهر ريڊئي وارو سڏيندا هئا. منهنجو ٻيو وڏو ڀاءَ رجب علي ڀٽائي جو عاشق ۽ پارکو آهي. هو اڄ به جڏهن ڪچهري ۾ ڀٽائي پڙهي ۽ ان جي معنيٰ ڪندو آهي ته ٻڌندڙن تي سڪتو طاري ٿي ويندو آهي. منهنجو سئوٽ سائين نذير حسين 1985ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ادب سان سلهاڙيل آهي. هن ڪنهن دؤر ۾ ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون به لکيون. ان جي گھڻي صحبت ۾ رهڻ جي ڪري مون ۾ ڪتابن پڙهڻ جي هير پئجي وئي هئي. سائين نذير سنڌي ادبي سنگت باڊهه ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون تنقيد لاءِ پيش ڪندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته 1995 سال جا پڇاڙڪا ڏينهن هيا. انهن ڏينهن ۾ مان سائين نذير سان گڏجي ادبي سنگت جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳس. ادبي سنگت جي ڪلاسن منهنجي ادبي ۽ ذهني اوسر کي اڃان به وڌيڪ پڪو، پختو ۽ سگھارو بنايو. 1996ع ۾ سائين نذير جي لائبريري ۾ مون کي لبنان جي مشهور ليکڪ خليل جبران جو ڪتاب ڀڳل کنڀڙاٽيون هٿ لڳي ويو. ان ڪتاب مون تي ايترو ته اثر ڇڏيو. جو مون ۾ پڙهڻ سان گڏوگڏ لکڻ واري حس برسات جي اٺي کان پوءِ کنڀي جيان ڦٽي نڪري پئي. ۽ مون لکڻ شروع ڪيو. شروع شروع ۾ مون ڊائري جا ورق لکيا. ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ منهنجي انهن ڊائري جي ورقن کي تمام گھڻو ساراهيو ويو. اهي ڊائري جا ورق انهي سال هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي ۾ جڏهن ڇپيا ته ويتر لکڻ سان منهنجو جنون جي حد تائين شوق ۽ عشق جاڳي اٿيو. پنهنجي لکڻي اخبار ۾ ڇپيل ڏسي منهنجي چهري تي خوشي جا پوپٽ اڏڻ لڳا. ڊائري جي ورقن کان پوءِ مون شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. چار پنج غزل مس لکيا ته ڳوٺ ۾ مائٽ جي شادي هئي ۽ شادي ۾ ڳائڻ لاءِ عاشق نظاماڻي آيل هو. مون هڪ غزل عاشق نظاماڻي کي ڳائڻ لاءِ ڏنو. هن ڳايو مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. خوشي وچان منهنجي جسم جو انگ انگ ڪنول جي گلن جيان ٽڙي پيو. غزل جا ٻول هيا ته...
وار ڪلهن تي ڪيرين ڇو ٿي!
منهنجي من کي چيرين ڇو ٿي!
شاعري کان پوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، منهنجي پهرين ڪهاڻي ڪراچي مان نڪندڙ رسالي ماهوار پيپلز ٽائمز ۾ ڇپي هئي. ڪهاڻي سان گڏ مون شاعري به ڪئي ۽ اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهيس. رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪتاب گيتا نجلي رمضان نول جو ڪتاب روح جا سجدا ۽ شيخ اياز جو ڪتاب ٽڪرا ٽٽل صليب جا پڙهڻ کان پوءِ مون نثري نظم لکڻ شروع ڪيا. ڪهاڻين جيان منهنجي نظمن کي رسالن توڙي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملڻ جي ڪري مون هڪ مجموعي جيترا نظم لکي ورتا. نثري نظمن کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ مون پنهنجي پياري دوست مرحوم مشتاق ڀرڳڙي، منٺار سولنگي ۽ وفا ناٿن شاهي سان هڪ ڪچهري ۾ ذڪر ڪيو ته انهن ٽنهي دوستن به اهائي صلاح ڏني ته تنهنجو ڪتاب اچڻ گھرجي. وفا کي عرض ڪيم ته ڪتاب جو مهاڳ توهان کي لکڻو پوندو. وفا بلڪل مهاڳ لکڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويو ۽ چيائين ته ڳوٺ پهچڻ شرط پهرين فرصت ۾ پنهنجا نظم پوسٽ ڪري موڪل. نظم موڪلڻ کان پوءِ ڏهن ڏينهن اندر وفا مهاڳ لکي پوسٽ ڪري موڪلي ڇڏيو. ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ پياري مشتاق کان خرچ جو اندازو پڇا ڪيم ته منهنجا ٺپ ئي ٺري ويا. مون جهڙو غريب پورهيت ڏهاڙي اجرت تي پگھر جي پورهئي سان تغاري مٿي تي کڻندڙ ڪتاب ڪٿي ٿو ڇپرائي سگهي. بس پوءِ ڪتاب ڇپائن واري شوق ۽ جنون کي دل جي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اڄ جڏهن منهنجو ڪتاب ڇپجي رهيو آهي ته ڪتاب جي خوشي سان گڏوگڏ اهو ڏک ڪنڊي جيان بار بار چڀي رهيو آهي ڪتاب جي ڪاپي وفا ناٿن شاهي، منٺار سولنگي ۽ مشتاق ڀرڳڙي کي ڏيئي نه سگھندس. منهنجي هر خوشي جي پٺيان ڪو نه ڪو ڏک ۽ درد ضرور هوندو آهي تڏهن ته مان اهو چئي چڪو آهيان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو اٿم، تڏهن کان ڏک ۽ درد پاڇي جيان سدائين مون سان گڏ رهيا آهن.
نثري نظم ڇا آهي؟ نثري نظم ڪيئن ۽ ڪٿان آيو؟ نثري نظم جو باني شاعر ڪير آهي؟ نثري نظم ڪيئن هجن!؟ انهن جي باري ۾ وفا ناٿن شاهي مهاڳ ۾ ڀرپور نموني سان لکيو آهي هونئن به نثري نظم اڄ ڪلهه اسان جي سنڌي شاعري ۾ ڪافي اهميت ۽ حيثيت ماڻي آهي. جن ليکڪن شاعرن نثري نظم کي صنف ۽ شاعري نه پئي مڃيو وقت ثابت ڪري ڏيکاريو ته انهن شاعرن اڳتي هلي کوڙ سارا نثري نظمن جا ڪتاب ڏنا. وڏي ڳالهه ته شيخ اياز به نثري نظم کي صنف ۽ شاعري مڃڻ لاءِ به تيار نه هيو پر پوءِ شيخ اياز پاڻ نثري نظمن جا ڪتاب لکي نثري نظم کي امرتا ۽ مڃتا ڏني. جيڪي دوست هاڻي به اهو چون ٿا ته نثري نظم لکڻ تمام سولو آهي پر ائين به ڪونهي نثري نظم ايترو به سولو ڪونهي جيترو هو سمجھن ٿا. نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي ۽ محنت طلب صنف آهي، جيڪا رت ولوڙڻ کان سواءِ لکي نٿي سگهجي.
مان پنهنجي نظمن بابت ڪا به هام نٿو هڻان پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪو خيال مون کان پابند شاعري، ڪهاڻي ۽ ٻين صنفن ۾ نه پئي اچي سگھيو، ان خيال کي مون نثري نظم ۾ قيد ڪيو آهي. ۽ اهو به هڪ هنر ۽ ڏانءُ آهي انهيءَ هنر ۽ ڏانءَ ۾ مون ڪيتري قدر سڦلتا ماڻي آهي. ان جو فيصلو مان نه پر پڙهندڙ ئي ڪري سگھن ٿا. مان ننڍي وڏي شاعر ۽ سٺي خراب واري شاعر جي چڪر ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي تمام پري رکيو آهي، مون جيڪو پني تي اتاريو آهي. اها منهنجي دل جي صدا، دل جي پڪار ۽ دل جي آهه آهي مان ٿورائتو آهيان پنهنجي پياري نسيم بلوچ جو جنهن پنهنجاسمورا ڪم پاسي تي رکي، اول منهنجو هي ڪتاب هفتي ۾ ڪمپوز ڪري ڏنو. ۽ مان ٿورائتو آهيان راجن منڱريو ۽ هوش محمد ڀٽي جو، جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب جا پروف چيڪ ڪيا. مان بي حد ٿورائتو آهيان پنهنجي محسن محمد صديق منگئي جو جن جي ساٿ ۽ سهڪار سان منهنجو هي ادبي پورهيو اڄ توهان جي هٿن ۾آهي. پنهنجي انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن منهنجي ڪتاب لاءِ مونکي پنهنجا رايا لکي ڏنا ۽ مان گھڻو ٿورائتو آهيان ذوالفقار گاڏهي جو جنهن هي ڪتاب ڇپرائي توهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. منهنجو هي پورھيو دردن ڦولاريا ڦول توهان کي ڪيئن ٿو لڳي مان توهان جي راءِ جو منتظر رهندس.

وفا صالح راڄپر
وڏي وهڻي-باڊهه
03333670955