شاعري

دردن ڦولاريا ڦول

وفا صالح راڄپر سنڌ جي انهن ٿورڙن ۽ منفرد ليکڪن منجهان هڪ آهي جن نثر توڙي نظم ۾ هڪ جهڙي پذيرائي ماڻي آهي. وفا صالح راڄپر پنهنجي دؤر جو سجاڳ شاعر آهي تنهن ڪري هُو پنهنجي وقت جي مسئلن کان چڱيءَ طرح با خبر آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس به ملي ٿو پر اهو به عام رواجي ۽ غير سنجيده ناهي بلڪه سنجيده ۽ اصلاحي آهي.
Title Cover of book دردن ڦولاريا ڦول

تنهنجي نظمن جي پيشانيءَ ڪيئن چمان؟

نيڻ رڳو لڙڪ ئي لڙڪ، پوءِ به هڪ مرڪ کي لڪائڻ ڪيڏو نه مشڪل ٿي پيو آهي. ڀلا مرڪ آهي ڇا؟ الائي ته ڇا آهي؟ نه حقيقت ۾ لکڻ ائين گھرجي ته اُها مرڪ ڇا ڇا نه آهي. هر ڏس ۾ پنهنجن ڪيترن نه رنگن ۽ روپن ۾ پئي جرڪي. اونداهي ۾ ڏيئي کي مسلسل ٻارڻ جو نالو به ته مرڪ آهي نه!... ڪنهن جو ڏنل ڇلو ڌيري ڌيري لاهي وري چمي پائي ڇڏڻ به مرڪ جو ئي ته هڪ انداز آهي نه... واٽن تي وکريل ٻٻرن جو ڇڻيل ٻور به ته مرڪ جو ئي هڪ روپ آهي نه! بارش ۾ ڌرتي جي سيني تي اڀري ايندڙ کير جهڙي کنڀي به ته هڪ مرڪ آهي نه..... اگربتين جي مهڪ ۾ مهڪندڙ ڪنهن شهر جي شاهي بازار به ته هڪ مرڪ آهي نه ڪنهن شهر ۾ صبح جو سوير روز وقت تي کلندڙ گلن سان ڍڪيل دروازي واري ڪائي لائبريري به مرڪ آهي نه ها اداس شاعري به ته هڪ ماڳ آهي نه.؟ جيڪي رڳو پيار ڪري ڄاڻندا آهن. اهي پنهنجي اندر جي مرڪ شاعريءَ ۾ ئي ته رکي ڇڏيندا آهن حرف حرف ڪري لفظ لفظ ڪري، سڏڪو سڏڪو ڪري... ها پر شايد انهن لاءِ جيڪي پيار ڪري ڄاڻندا آهن ۽ جي پيار جي ڳوڙهن کي سجدا ڪرڻ جا قائل هوندا آهن. ٻيا جيڪي ٽٽل دلين ۾ به چانڊوڪي کي ڳولڻ جي سگهه رکندا آهن سوچيان ٿو ته ايترن ڳوڙهن وهائڻ کان پوءِ به ماڻهو ڪافي ڪن گلابي ۽ ڪتابي چهرن کي ڇو نه وساري سگھندو آهي؟ گونگو آسمان آخر ڪڏهن گواهي ڏيندو؟ اڪيلاين سان جھيڙيندڙ شخص بدترين حالتن جي شيشن تي هلندي به بددعائن جي ديس جو پاڻ کي واسي ڇو ناهي سمجھندو. چنڊ تان ڪرڻ کان پوءِ به هو پنهنجي ڳڀا ڳڀا ٿيل جيون کي ڪنهن جي تات جي تندن سان ٽوپا ڏئي سمنڊ کي ٻيڙي ۾ تاري ڪيئن ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مرڪ رستن تي پير پٿون ڪندي ڪندي نيٺ ساحر ڪيئن ٿي ويندو آهي. ها شاعر ڪيئن ٿي ويندو آهي جيئن منهنجو هي محبتي دوست ... وفا صالح راڄپر جي وفا تخلص استعمال نه ڪري ها تڏهن به ته وفا ئي هجي ها. ڇو جو هو صالح آهي ۽ جيڪي صالح هوندا آهن انهن ۾ وفا جي خوشبو هوندي ئي هوندي آهي هجڻ به گھرجي. سچ ته هي ڪيڏو نه نيارو، ۽ ٻاجھارو شخص آهي ننڍپڻ ۾ ٻڌل ٻاراڻي آکاڻي جي ڪنهن رحمدل شهزادي وانگي. اهو شايد سندس نالي جو ئي اثر آهي جو هو اڄ هڪ صالح ڀاءُ به آهي ته چاچو به آهي ته دوست به ... ها محبوب به ... ٻيو جنهن شخص کي سائين صديق منڱئي جهڙو دلبر شخص پيارڪري اهو صالح نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو. ان جهڙو ڪو ٻيو ڀاڳ وارو هوندو .... نه ... نه ڪوئي به نه مون لاءِ صالح جي دل ۾ ڪيتري جاءِ آهي سا ته خبر ناهي، پر هو منهنجو دلبر ضرور آهي... ۽ ساڻس دلبري جو اهو ناتو تڏهن کان آهي جڏهن گھڻا ورهيه اڳ مان پنهنجي هئنڊ رائٽنگ سڌارڻ لاءِ بجاءِ جملن جا جملا لکڻ جي انهن اديبن اداڪارن ۽ ڪرڪيٽرن جا نالا لکندو هئس جيڪي لکڻ ۾ مونکي سٺا لڳندا هئا ۽ مان سمجھندو هئس ته جڏهي اهي نالا لکندو آهيان ته رڳو ان مهل ئي منهنجي رائيٽنگ سٺي ۽ برداشت جوڳي هوندي آهي مونکي جن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جا نالا لکندي مزو ايندو هو تن ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، فياض چنڊ ڪليري، ماڻڪ ملاح، مير محمد پيرزادو، عبدالحميد آس ٻٻر، ايوب کوسو، جاويد سحر قريشي، مخمور بخاري، جاويد سوز هالائي. الطاف ملڪاڻي، آسي زميني ۽ ڪجهه ٻين نالن سان گڏ پوءِ وفا صالح راڄپر جو نالو لکڻ به آڱرين جي عبادت لڳندو هو. واندڪائي وقت سندس نالو لکي ڪيئن پنا ڪارا ڪري ڇڏيندو هئس. بيشڪ منهنجي رائٽنگ ته ڪانه سڌري پر اهي نالا ڪورن ڪاغذن تي لکندي انهن سان ڪا عجيب انسيت ٿي وئي. دل تي لکجي ويا هميشهه لاءِ.. ترورا بنجي ويا روشني جا... تڏهن ته مايوسين جي عالم ۾ به اندر ۾ هڪ ڏيئو ٻرندو رهندو هو. ۽ مان جڏهن به رنس ٻرندڙ ان ڏيئي مان ڪو هٿ وڌائي منهنجا ڳوڙها اگھي وٺندو هو. گھڻو پوءِ انهن ناليوارن ادبي شخصيتن مان ڪيترن جي ته پيرن ۾ به جاءِ ملي ڀاڳ سان. حيران آهيان پنهنجي اهڙي ڀاڳ تي، هن وقت هي ڳوڙهن جو ڀرجي اچڻ به جائز آهي اڳ۾ آڳ جي جلڻ جو احساس الائي ڇو مونکي سردي جي ور چاڙهي ڇڏيندو آهي سوال اهو نه آهي ته اسان ڇو روئندا آهيون پر سوال اهو آهي ته آخر اڃان ڀلا ڪيستائين روئندا رهنداسين. لفظن ۾ جڏهن ڪو رومال موڪليندو آهي ته مون پارا وڌيڪ ڇو روئندا آهن. .. چرين چاهتن ڪيترو نه چريو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ به ڪيڏيون نه پياريون آهن. وڇوڙو ته هميشه چپن تي پرين جي طويل چمي جا احساس ارپيندو آهي... وفا جا سمورا نظم ان چميءَ جا ئي ته معجزا آهن. ماڻهو ڪيئن چوندا آهن ته معجزا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن مان پاڻ به ته چوندو آهيان شايد ( پوءِ حيف هجي مونکي به!) منهنجي سامھون وکريل وفا جا هي نظم ڪوئي پڙهي ته ڏسي. ... معصوم... پيارا ... محبوبا جي پھرين خط جهڙا ۽ ها شايد آخري خط جهڙا به، جنهن ۾ وسارڻ جون ڳالهيون ته ٿيل هونديون آهن پر اصل ۾ چيل ائين هوندو آهي “وساري نه ڇڏجان” پر هي انهن ۾ ڪير آهي جو سڏڪي پيو..؟ وفا آهي يا ڪو ٻيو آهي؟ الائي ڪير آهي..... ڪٿي اهو مان ئي نه آهيان. يا هڪ نظم ۾ ٻيو ڪو اڌورو نظم ته نه آهي. ( پر مان سمجھندو آهيان نظم ڪڏهن به اڌورو ناهي هوندو. جي اهو واقعي نظم آهي ته!) ڪوئي ٻڌائي ڪير پيو روئي ڪير پيو ان سڱ کي ڌوڏي جنهن تي هي دنيا بيٺل آهي. ڪٿي ڪوئل جي ڪوڪ ۾ قيامت نه اچي وڃي. ڪٿي ڳوڙهن کي ڳوڙها نه اچي وڃن ... ۽ هي دل ڦاٽي نه پئي ڀرم جا ڀورا ڀورا نه ٿي وڃن هل ته انور هلي انهن نظمن جي ڳلن تان ڪي ڳوڙها اگھون... هل ته انهن نظمن ۾ روئندڙ سان پنهنجي اکين جو تعارف ڪرايون... کيس پنهنجا ڪلها ارپيون من درد جو ڪوئي پيرو ملي پئي من پنهنجي ڪنهن زخم مان ڪوئي وهائو تارو اڀرندي ملي پئي. من محبوب جو اهو ڀاڪر ملي پئي جنهن ۾ هاڻ دفن ٿيڻ جو موقعو هرگز هٿان نه وڃائينداسين. چريا ته ناهيون جو هر بار بازي شوق سان اسان ئي ڄاڻي واڻي هارايون.. هن ڀيري جيت ڳوڙهن جي روشني جي ٿيڻي آهي. ڏڪندڙ هٿن ۽ ويساهه وڃائي ويهندڙ لڪيرن جي جيت ٿيڻي آهي. چپن جي چاندني به مقدر ٿيڻي آهي پيارا مونکي روئڻ ڏي پوئين رات جي هنن اداس پلن ۾.. ڳوڙهن سان ڳوڙها به ته اگھڻا آهن اي ننڊ راڻي اڄ تون نه اچجان.. پليز هن اڌ ڊٺل مقدر سان اڄ رات نه کيڏجان... ڏس منهنجي ڳوڙهن سان هو پيارو بانورو ۽ سانورو وفا صالح.. هو ڏس سندس نظم.. هو ڏس سندس پيشاني جي روشني.. هو ڏس سندس رتو رت آڱريون ۽ آڱرين ۾ ٻرندڙ ڪي تيليون هو ڏس صالح، هو ڏس مونکي صالح... هو ڏس مون ۾ صالح ... هو ڏس ڳوڙهن ۾ صالح... هو ڏس روشني جي ڀاڪر ۾ صالح هو ڏس سندس نظمن ۾ زخمي آهٽون ۽ هو ڏس سندس نظمن ۾ پاڻ وڃائي بيٺل ابابيلن جو ن اڏامون... هو ڏس الڪا ۽ هنڌان هنڌان ڏري ويل اوسيئڙا ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڪئين خط ( ڪو هڪ خط هجي ها ته سور کڻي پي وڃجي ها.. پر هتي ته هر خط ٽڪرا ٽڪرا ۽ هر ٽڪري ۾ هڪ هڪ سڏڪو ڪائنات جيڏو پوئين پساهن ۾ پرڙا هڻندڙ پوپٽ جي آخري پڪار... اڳواٽ سڀ ڪجهه ڏسي وٺندڙ اک جي ويراني ۽ ڳوٺ وارن کان وسري ويل اڪيلي کوهه جي دانهن ڇا ڇا نه وکريو پيو آهي منهنجي يار جي نظمن ۾! ڪٿي ٿيو باڊهه .ڪٿي ٿي ڪراچي ڪٿي ٿيو صالح يار جو ڳوٺ...! ڪٿي ٿيو پيارن پيارن ماڻهن جي وڇوڙي پڄاڻا هاڻ سدائين اداس رهندڙ منهنجو ڳوٺ جيڪو نظم پڙهه ڄڻ منهنجو لکيل هجي.. ڄڻ منهنجي اندر اتاريل هجي ائين لڳي ٿو ڄڻ انهن ۾ پري اڏامي ويل پکي جي خالي آکيري جي ويران رات سڏڪي پئي... صبح ۾ شام سڏڪي پئي .. شام ۾ اداس سانجھي سڏڪي پئي سانجهي ۾ ڪنهن جوان بيوه جي بدن جي سونھن سڏڪي پئي وفا يار درد جو هي جهان نظمن ۾ ڪيئن سهيڙيو اٿئي. محبتن جي موڪلاڻين کي ڪيئن ميڙيو اٿئي هڪ مٺ ۾... خالي ٿيل وسڪي جي هن گلاس ۾ هو جيڪو نظم جرڪي رهيو آهي اهو مان لکان يا دلبر وفا تون لکين. ڪهڙو ٿو فرق پئي بس نظم لکجي وڃي. سليٽ تي لکجي ويل ٻارڙن جي ڦڏن سڌين اکرن ۾ جيڪا مرڪ سمايل آهي اها محفوظ ٿي وڃي... ٻيو ڇا کپي هن ديواني ۽ ڪافر دل کي تن جي تانگهه سان هو تارا به ڏس. واهه. تنهنجي ڪيترن ئي نظمن ۾ هو سرنهن جي گلن ۾ ڪنهنجي گھاون مٿان ماڪ ڦڙا مرهم جو ڪم ڪيئن نه ڏيئي رهيا آهن. ڏس ته سهي. مرڪ به کڻي من ڪو سڏڪو پاڻ مرادو سبجي پئي. گئلريءَ ٻاهران هوائن جي پينگھي ۾ هو ڪير لڏي پيو ٿو.. چنڊ ۽ پينگھي کي پنهنجي اندر جي آلاپن سان ڪير ڇا پيو چئي.. هر ٽهڪ قيد ۾ آهي ڇا سڏڪا سڏڪا هي سارو جيون ڪاڏي وڃجي؟ ڇا به ٿي پئي ساڳي تارازي ۾ گل ۽ گوليون نه رکبيون، ڀلي آڱر ڪاراٽجي وڍجي وڃي ڇلو ڪنهن جي سار جو ناهي لاهڻو.. اڃان ڪيترو روئڻو آهي. يار توکي ۽ مونکي ڇو ٿو مسلسل ٽهڪ ڏئي روئارين مونکي ۽ رهڙون ڏئين ٿو پنهنجي روح کي ... ڇو ٿو ائين هي رات وڌائين ... وفا پيارا تنهنجي نظمن جون هي ڪائناتون مون ۾ ڇو سڏڪي رهيون آهن مون وٽ ته اڄ گل به ناهن جيڪي تنهنجي نظمن کي پارايان ڪاش مان تنهنجي نظمن جي پيشاني چمي سگھان. هي تون مون ۾ يار ڪنهن جو اوسيئڙو ٿو پوکين. واقعي ڪنهن جي هڪ لفظ ‘هيلو’ تي هر هار وساري ڇڏيندي؟ ڏس ڏس واعدو ڪري نه روئارڻ جو وري ٿو روئارين پيارا چاهتون ارپڻ وارا البيلا هارائيندا ئي ناهن ڪيئن هارائڻ جي دعوى ڪرڻ وارا پاڻ ۾ ئي کوکلا ٿي ڪٿي جا به نه رهندا اٿئي مٺا توکي هن ڳوڙهن سان ڪيئن سمجھايان ته اسين ڪٿي به نه هوندي جتي ڪٿي هوندا آهيون هو جيڪي ظاهر ۾ آباد آهن سي ويران ٿيا پيا اٿئي ۽ سندن اڱڻ هينئر به اسان لاءِ ماندا هوندا... پاڻ ئي سوچن جا اڱڻ تن جي من جون موسمون ڪيتريون نه ويران ۽ مئل مئل هونديون سندن ٽهڪن ۾ ڪا سرهاڻ نه هوندي هاڻ ته مان به هن منافق شهر ۾ منافق ٿيندو پيو وڃان! رڳو آخري قسط ئي رهيل آهي. سچ ته ٿڪجي به پيو آهيان تنهنجي نظمن ۾ منهنجون اکيون آسمان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيون آهن. منهنجي آڱر جھلي يار پنهنجي نظمن جي ٻئي پار هي ڪاڏي ٿو وٺي وڃين!؟ مان توکي سڃاڻان تون مونکي سڃاڻين، تنهنجي هر دڳ مان به گذريو آهيان تنهنجي پيرن ۾ منهنجا پير به سڃاڻان ڪيڏي رات ڪاري هجي ڳاڙهن ٻيرن جي ڳاڙهاڻ مور نه مٽبي بند ڪلين ۾ گلن جو ساهه ناهي منجھندو سپ چپ کي پاڻ ۾ پناهه ڏيئي سگھي ٿي اچ ته بي مقصد ڳولائن جا ڪورا ڪاڳر آخري ڀيرو پڙهي ڦاڙي ڇڏيون. اچ ته گڏجي پيئون يار دل کولي پيئون يار.. بار بار پيئون يار توکي سچ ٻڌايان ته مان ڪنهن سان به ناهيان پيئندو پر اڄ توسان ڪمپني ڪرڻ لاءِ ڪيڏو دل پئي چئي. اچ ته مٺا وري اڌوريون مرڪون جيئون ... اچ ته تنهنجي نظمن جي نگاهن ۾ پاڻ کي ڳوليون سندن جھوليءَ ۾ جھاتي پايون. مٺا! هيءَ ڪنهن کي معصوميت ۾ چئي رهيو آهين
مونکي
گوليون نه پر
گل گھرجن
پنهنجي پرين کي ڏيڻ لاءِ
ڄاڻان ٿو دلبر! تڏهن ته حسين نظم لکندو آهين تنهنجا هي حسين معصوم نظم، هڪ ڏينهن تنهنجي دلربا کي تنهنجي دڳن تي رلائيندا پوءِ هو تو لاءِ بارش جهڙا نظم لکندي رهندي!
پيارا هيترو ته سٺو لکين ٿو پوءِ به هي دعائون ڇو، تنهنجون خوشيون دکن ۾ ميسارجي وڃن ته جيئن تنهنجي لکڻين ۾ اڃان به گھرائي پيدا ٿئي اهو ته انياءَ آهي اسان جي دلين سان جيڪي توکي پيار ڪن ٿيون تنهنجي خوشين لاءَ ڌڻي در هر پل دعاگو هونديون آهن ائين نه ڪندو ڪر مٺا هاڻ بس به ڪر کڻي. تنهنجا ته ڪئين نظم، نظمن جي آڪاش ۾ هميشه چمڪندا رهن ٿا تنهنجو ته هي هڪ نظم ئي توکي نظمن جي حسين شاعرن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ ڪافي آهي.
ڪالهه رات
پنهنجي ڀيڻ کي
ڪاري ڪري ماري ڇڏيائين
۽ اڄ رات
رات جي ڪاري چادر ۾
پنهنجي محبوبه جي
ڳلن ۽ چپن ۽ چمندي چوي ٿو
تون کير جهڙي اجري اڇي
۽ قرآن جيان پوتر آهين.
ڇا ته ڇرڪائيندڙ نظم لکيو اٿئي (اڄڪلهه فيس بوڪ تي به ان جي ڌوم متل آهي ) نياڻي کي ست قرآن سمجھڻ جي دعوى ڪندڙ اسان جي هن کوکلي بي حس سماج کي ڇا ته نفاست سان سيني تي چهڪ ڏنو اٿئي تو جهڙي حساس ۽ حسين جوان جو هي اظهار بي انتها سگھارو ۽ روح روليندڙ آهي سڀاڻي جو ڪو وڏو نقاد تنهنجي صرف هن نظم جي ڪري ئي توکي جيڪا مڃتا ڏيندو ان جو جشن هينئر ئي ملهائي ٿو ڇڏيان. هنن ڪجهه ڳوڙهن سان منهنجا پيارا متان ائين چيئن ته دوست الائي ڪٿي گم آهي. الائي ڪهڙي قافلي جو وڃي مسافر ٿيو آهي هيڏانهن هي تنهنجو نظم عبادت به واقعي عبادت ڪرڻ جهڙو آهي. پڇي رهيو آهين نه ته، سچ لکڻ ڪنهن عبادتن کان گھٽ آهي ڇا؟ نه پيارا... بلڪل به نه... اهو عبادت جو اعلى روپ آهي. هي ڇا نظم ڦورو ۾ ڏک جو اظهار پيو ڪرين ته تون ڪنهن جي دل ڦري نه سگھيو آهين پر دل ڪيئن ڦربي آهي اهو فن تو کان وڌيڪ ڪير ڄاڻندو هوندو هو جنهن جي مسڪراهٽ هاڻ تنهنجي وجود جو حصو بنجي وئي آهي. تنهن کي گھورن سان ته اصل تو گھايو هو.. مونکي سڀ خبر آهي منهنجا مٺا...! تنهنجون ‘هڏڪيون’ نظم ان جي گواهي ڏئي رهيو آهي. سو راڻا تنهنجون هڏڪيون هاڻ ڪڏهن به بند نه ٿينديون. سو انهن جي بند ٿيڻ جو اوسيئڙو اجايو اٿئي... پيارا سچ ته تنهنجو هي نظم به معصوم ۽ دل ۾ گھر ڪندڙ آهي ڪنهن آٿت جهڙو. ڪيئن ٿو منهنجا سهڻا هي سهڻا سهڻا ۽سادڙ انظم لکين؟ تنهنجو نظم، تون ۽ مان.... به ڪيترو نه دل ۾ لهي ويندڙ آهي.
هن پڇيو ته
محبت ڇا آهي؟
محبت ڪيئن هوندي آهي؟
اکيون اکين سان ملائيندي کيس چيم
تون ۽ مان!
پيارا پڪ اٿم تنهنجي نظمن جو هي پورهيو دردن ڦولاريا ڦول سنڌي ادب ۾محبتن جي هڪ معصوم مجموعي طور سڃاتو ويندو جيئن تو پاڻ آهين جيئن تنهنجي دوستي آهي جيئن تنهنجي محبت آهي سهڻا شال جڳ جڳ جيئن.

انور ڪاڪا