پبلشر وٽان
هن کان اڳ واجد ۽ حبيب بروهيءَ جي ڪويتائن جو ٻٽو مجموعو ”منهنجا گيت زهر جي ڳيت / درد جون واديون“ نئين دنيا جو پهريون ڪامياب قدم هو، ۽ اڄ ڪافر ديوتا سان ٻيو قدم کڻندي تهائين وڌيڪ سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.
[b] * هڪ وينتي:
[/b]شڪارپور مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتابي سلسلو، جو ساڳي نئين دنيا جي سري هيٺ شروع ڪيو ويو آهي، ان جي سهڙيندڙ لاءِ هڪ وينتي آهي ته اڃا ته اسان جيئون پيا.
[b]* هڪ وضاحت:
[/b]ڪجهه عرصو اڳ نئين دنيا کي سکر مان پڌرو ڪندا رهياسين، ۽ هاڻ ڪن اڻ ٽر سببن ڪري ساڳيو سلسلو لاڙڪاڻي مان شايع ڪري رهيا آهيون.
[b]* هڪ وچن:
[/b]نئين دنيا پاران هر ٽين مهيني هند ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڪلاڪارن جي ڪلاتمڪ رچنائن جو ڪتاب اوهان تائين پهچائڻ جو اسان سنجيدگي سان وچن ڪري رهيا آهيون .
ادارو :
[b]نئين دنيا پبليڪشن لاڙڪاڻو[/b]