ورکا
پنهنجي پراڻي کٿل بوٽ سان روڊ تي ڦهليل پاڻيءَ جي دٻن ۾ ڇٻڪ ڇٻڪ ڪندو ماليءَ جي دڪان تي اچي پهتو، هن ڳاڙهين سرن واري دڪي تي قدم رکي کيسي ۾ هٿ وڌو.
”مالي“ هن چپن ئي چپن ۾ چيو ۽ پوءِ هٿ سان دڪان جي ڇپري واري ڏنڊي سان اکيون ٻوٽي ٽيڪ ڏئي ويٺل ماليءَ جي ڪلهي کي لوڏڻ شروع ڪيو ”مالي .......... مالي“ هن جي آواز تي هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ۽ هن جسم سان ويڙهيل ڪمبل کي مٿي وٽان سرڪائي اکين کي ظاهر ڪندي هن ڏانهن ڏٺو.
”هو توهان.“
هن چيو ۽ پوءِ پنهنجي اڳيان پيل نازبوءِ جي ڏانڊين مان ڪجهه کڻي انهن کي ڪاغذ ويڙهيندي هن کي مخاطب ڪيو ”اڄ ڏاڍي دير ڪيوَ؟“
”ها“ هن اڀو ساهه کڻي چيو ”بس بارش.“
۽ ان کانپوءِ ٻئي خاموش ٿي ويا.
هن ماليءَ کي سڪو ڏنو ۽ نازبوءِ جي ڏانڊين کي قابو ڪري ڳاڙهين سرن واري دڪي تان هيٺ لهي ويو.
ڪوهيڙي پويان ڪا به شيءِ ظاهر نٿي ٿي، رڳو ڪجهه قدمن تائين نظر صاف ٿي پئي مينهن ڪري بجلي ڪڏهن کان بند ٿي چڪي هئي ۽ اڃان تائين روڊن جي ٿنڀن ۾ لڳل بلب بي نور هيا. ڪڪڙ جي رس وڪڻندڙ ڪپڙن ۾ ويڙهيا سيڙهيا ديڳڙيءَ هيٺان ٻرندڙ باهه تي هٿ سيڪي رهيا هيا ۽ گهٽين ۾ بيٺل چوڪيدار کنگهيا ٿي. هو هلندو هلندو شهر جي ٽاور وٽ اچي پهتو. هن مڪمل طرح پاڻ کي ڪپڙن ۾ ڍڪي ڇڏيو هيو ۽ پيرن تائين لڙڪندڙ ڪوٽ ڪري هن جو قد حد کان وڏو ٿي نظر آيو.
هو ٽاور ٽپي مقام طرف ٻئي روڊ ڏانهن مڙيو ته هن کي بند ٿيل پڙين ۽ روڊ ڏانهن کلندڙ تختن تي ڪيترائي انسان چادرن ۾ ليٽيل نظر آيا، اهي سيءَ کان ڪٻڙا ٿي ڳٺڙي ٿيا پيا هيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن کنگهي پاسو ٿي ورايائون. هن هلندي هلندي هڪ ٻئي پويان انهن تي نظر وڌي.
”انسان حاصل ڇا ٿو ڪري.“ هن سوچيو.
”هو صرف لٽجڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي.“
”ته پوءِ هن چرپر ۽ ارتقا جو مقصد ڇا؟“
”ڪجهه به نه، انسان کي دنيا جي ايٽ سان ٻڌي هن گردش جو بنياد رکيو ويو آهي، هڪ انسان گهلجي گهلجي وڃي ٿو ته ٻيو ان جي جاءِ وٺڻ لاءِ اڳ ۾ ئي تيار آهي.“
”آخرڪار ائين انسان ڪيسيتائين پاڻ کي موت جهڙي سرديءَ کان سنهي چادر سان ڏور رکندو، هن جي چڱائي ان ۾ آهي ته هو ان چادر کي هٽائي پاڻ کي سرديءَ جي بگهڙن حوالي ڪري ڇڏي ۽ خاموشي سان ختم ٿي وڃي. آخرڪار انهن صدمن مان حاصل ڇا ٿو ٿئي، جنهن جي سهاري زندگي گذاري ڇڏجي.“
هن محسوس ڪيو جيئن هن جو بدن هلڪو ٿيندو هوا ۾ بلند ٿيندو وڃي. هن جي تاڪين ۾ ڪا شيءِ هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، هن پاڻ کي سنڀالڻ لاءِ هروڀرو به ڪوٽ جي ڪالرن ۾ هٿ وجهي هيٺ ڇڪيو، نازبوءِ جون ڏانڊيون هن جي هٿ ۾ هيون ۽ اڃان به انهن جي ساون پنن مان پاڻي پئي ٽميو. هن کي ان جا واڱڻائي گل ائين محسوس ٿيا جيئن آکيرن ۾ ويٺل جهرڪين جا ٻچڙا هن کان ڊڄي، حيرت ڀريل اکين سان هن ڏانهن نهاريندا هجن. هن انهن ڏانڊين کي سنگهيو ۽ هڪ عجيب بي چينيءَ کان هن جون اکڙيون ڀرجي آيون. روح به نازبوءِ جي پنن جهڙا پاڪ ۽ تازا آهن. هن سوچيو ۽ پوءِ پنن ڏانهن نهاريو، پاڻيءَ جون ننڍيون ننڍيون بوندون پنن تي هن کي معصوم ٻار جيان مرڪي چيڙائي رهيون هيون، واڱڻائي گل ننڊ ۾ ساهه کڻي رهيا هيا، انهن جي اندر مان نڪرندڙ ٻاڦ هن کي ائين محسوس ٿي جيئن هو ڪنهن روح کي ڇهندو هجي، هن کي نازبوءِ جي خوشبوءِ ۽ روح ۾ ڪو به تفاوت نظر نه آيو.
قبرستان اڃان به ڏور هيو ۽ ڏانڊين جي سڪڻ جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. بارش کانپوءِ هلندڙ گهميل هوا انهن کي تازو رکڻ لاءِ ڪافي هئي.
هو اڳتي وڌيو ته هڪ چوسول تي هن کي هڪ شخص نظر آيو، جيڪو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين اگهاڙو هيو. ان جي بدن جي ڪاري چمڙي چمڪندڙ رات ۾ ائين ٿي لڳي جيئن چنڊ دنيا جي ڪاراڻ پي ڪارو ٿي ويو هجي ۽ دنيا اڇي. اهو وچ روڊ تي بيٺو هيو ۽ خبر نه آهي هن هر هر ڪنهن سان پئي ڳالهايو. هو کلي رهيو هيو ۽ نچي رهيو هيو، ائين ٿي ڏٺو جيئن هو بي انتها خوش آهي، جيئن هن کي يقين ٿي ويو هجي ته هو پيڙجندڙن منجهان نه آهي. جيئن هن موت جي هٿ تي چمي ڏئي بيعت ڪئي هجي ۽ زندگيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ ان کي وچ چوسول تي اگهاڙو ڪري نچايو هجي. ”چريو.“ هن دل ئي دل ۾ ورجايو ۽ هڪ زهريلي مرڪ سان ان اگهاڙي کي ڏسندو اڳتي وڌيو.
هاڻي اها رونق به ختم ٿي چڪي هئي، جيڪا ڪجهه وقت پهريائين هن کي روڊن تي نظر آئي هئي، شايد رات ڪافي لنگهي چڪي هئي ۽ هو شهر کان گهڻو ڏور نڪري آيو هيو، هاڻي ڪو به انسان ڪو نه ٿي نظر آيو، رڳو دڪانن جا بينر اکيون کولي جاڳي رهيا هيا. چانڊوڪيءَ ۾ آليون عمارتون هن کي کير جي سمنڊ ۾ وهنجنديون نظر آيون، جيڪي ڄڻ سمنڊ ۾ اٿندڙ ڇولين ڪري ٽيڏيون سڌيون ٿي لڏي رهيون هيون، ڪٿان پريان اسٽيشن جي ڀرسان ريل ڇنڊ ٿي ڪيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪتي جي هلڻ ڪري پاڻيءَ ۾ ڇٻڙڪ پئي پيدا ٿيا نه ته گهڻي قدر خاموشي هئي، ڪٿي ڪٿي رستن تي نالين ڀرسان ڀتين جي پاڙ ۾ جهرڪيون پنهنجي آلن پرن سان ٿر ٿر ڪري ٿي ڏڪيون، اهي مينهن ۾ کنڀ پسائي ڪريون هيون ۽ انهن ۾ اڏامڻ جي سڪت باقي نه رهي هئي.
ويران روڊ کي ڏسي هن سوچيو، ”ڏينهن جي اکيون ڪڍندڙ روشنيءَ ۾ ڪي ته هوندا جيڪي ڪنهن لاءِ ڪلهن تي مڻ وزن جا رکي ڊوڙندا هوندا، انهن جا پير ڦاٽي ۽ ڪنڌ ٻوجهه کان سڄي پوندا هوندا، ڪي ته هوندا جيڪي ڪنهن ڊگهي سفر کان موٽي پنهنجي بيگ جي هٿن کي بي چيني سان مهٽيندا ڪنهن جي ياد کي دل ۾ سمائي وڏيون ورانگون کڻندا گهرن ڏانهن موٽندا هوندا ۽ ڪي وري ٻارن جي چيڙيل ۽ اڻڀن مٿن تي هڪ هٿ رکي ٻيو هٿ ماڻهن ڏانهن ڦهلائيندا هوندا.“ هن کي محسوس ٿيو ته جيئن هر انسان پاڻ کي حرارت پهچائڻ لاءِ ڊوڙندو هجي، جيئن هو هڪ گهڙي به بيٺو ته ٿڌو ٿي ڪرندو ۽ ڪڏهن نه اٿندو. هن سوچيو آخر اهڙي ڊوڙ مان فائدو ئي ڇا؟ جنهن جو ڪوئي انجام نه هجي، انسان کي هڪ ڏينهن ٿڌو ٿي ڪرڻو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪجهه به نه آهي، شايد خاموشي ۽ اوندهه به نه. انهن گهڙين کي انسان محسوس به نه ٿو ڪري سگهي، انهن کي چٽي به ته آخري ڪيئن؟ هن کي ان حرارت جو ڪو به مفهوم سمجهه ۾ نه آيو، هر ڪو هڪ ڏينهن ٿڌو ٿيڻو آهي، پوءِ هن حرارت جو مقصد ڇا؟ موت سان مقابلو ڇو؟ جيڪڏهن ٻن ڌرين مان هڪ کي اهو علم آهي ته هن جي شڪست يقيني آهي ته ان جي آڻ مڃڻ ۾ ئي نجات آهي، موت اڻ ٽر آهي، هن کي سامهون ڦهليل ماحول ائين لڳو جيئن اهو ننهن وارو هٿ وڌائي هن جي مٿي تي رکي زور سان دٻائيندو هجي، جيئن خاموشيءَ مان موت پڙاڏا ڪري ڪتي جيان ڀونڪندو هجي. هو بيزار ٿي چڪو هيو، هن سوچن کان پاند ڇڏائڻ لاءِ انهن کان پاسو ڪرڻ چاهيو، هن جون ٿڪل ڄنگهون ڪجهه تيز ٿي ويون، هو بس اسٽينڊ کان اڳتي وڌي چڪو هيو ۽ هاڻي هن جي ڄنگهن ۾ اها همت نه رهي هئي جو اهي هن جي جسم جو بار کڻي سگهن. هن فٽ پاٿ تي قدم رکيو ۽ هلڪيون هلڪيون وکون کڻندو ان پٿر جي سامهون اچي بيٺو، جنهن تي لکيل هيو، قبرستان اڌ ميل ۽ هڪ تير جو نشان جيڪو هڪ ڊگهي ويران روڊ طرف اشارو ڪري رهيو هيو، جيڪو روڊ هن کي چانڊوڪيءَ ڪري ڪوهيڙي ۾ ٽانڊي جيان ٻرندو نظر آيو. هن ڪجهه دير ٿڪ پٽڻ لاءِ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو ۽ سر جهڪائي ان جي ڀرسان ڦٽ پاٿ تي ويهي رهيو. هن نازبوءِ جي ڏانڊي کي نهاريو ۽ پوءِ ان پٿر کي مٿو ڏئي هن پاڻ کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو.
**********
هن قبرستان ۾ قدم رکيو ته چيڪڙ ڪري هن جا بوٽ ڌرتيءَ ۾ گپيا ٿي ويا ۽ ٻيو قدم رکي سٽ سان ان کي مٽيءَ مان ٿي ڇڏايو. چنڊ ائين چمڪي رهيو هيو ۽ هوا ۾ مٽيءَ جي خوشبو سمايل هئي، جيڪا قبرن مٿان اگر بتيءَ جي دونهي جيان جهومي نچي رهي هئي. پاڻ کي سهارو ڏيڻ لاءِ هن هر هر پاسن کان بيٺل کٻڙن جي لامن ۾ هٿ پئي وڌا، جنهن کان اهي آلا پئي ٿي ويا، مينهن ۽ ماڪ انهن کي مڪمل طرح وهنجاري ڇڏيو هيو. هو پير پير ۾ ڏيندو ڪتبن کي پڙهندو اڳتي وڌندو ويو. سم ڪري ڪيترين ئي قبرن جا اڀار جهڪي هيٺ لهي ويا هيا ۽ ڪيترين ئي قبرن جي پاڙ ۾ ننڍا ننڍا سوراخ هيا، جتي ڪاريهر ويڙهيا سيڙهيا ڦوڪون ڏئي رهيا ها. قبرون ڪوهيڙن جي چادر پائي سدائين جيان ننڊ ۾ الوٽ هيون ۽ ڳاڙهين سرن وارو ٻورو رستي تي ڦهليو پيو هيو.
هو فريءَ جي قبر تي پهتو ته هن جي قدمن جي آواز تي کٻڙن جي ٽارين ۾ لڪي ويٺل ڳجهون زوم سان اڏاميون ۽ پنهنجا آلا پر هڻنديون، هڪ گول چڪر لڳائي چنڊ جي روشنيءَ ۾ سسنديون آهستي آهستي تحليل ٿي ويون. هو عقيدت مان ٻانهون ٻڌي ڪجهه دير بيٺو رهيو، پيار ۽ ڏک کان هن جي بدن تي خمار چڙهي ويا ۽ سيني ۾ وڌندڙ دٻاءَ ڪري درد محسوس ٿي رهيو هيو، ڀرجي آيل دل ڪري هو اندر ئي اندر ۾ سڏڪي رهيو هيو، پاڻ تي ضبط ڪرڻ ڪري هن جي ڪلين ۾ سور پئجي ويو ۽ نه چاهيندي به هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
هو فريءَ جي قبر کي ڏسي نه رهيو هيو، پر ڄڻ هوا بڻجي ان ۾ سمائجي رهيو هيو. قبر جي مٿن کان لڳل سنگ مرمر جو ڪتبو هڪ طرف جهڪي اداس تصوير بڻيو بيٺو هيو، ۽ ان جي کوٽيل اکرن جي وٿين ۾ پاڻي پئي چمڪيو. هن بيٺي بيٺي انهن ويرانين متعلق سوچيو، آخر ڪهڙي شي آهي جيڪا هن کي مايوسين جي عالم ۾ گهريل اداسين ڏانهن ڇڪي ٿي، آخر هن کي ان مٽيءَ جي ڍير سان پيار ڇو آهي؟ جنهن جي هيٺان هڪ بي جان شي دفن آهي. هن کي خبر آهي ته ان بي جان شي کي نه احساس آهي نه ئي اها پيار ڪرڻ واري دل. هن قبرستان ۾ نظر ڦيري، هن ڏٺو، چانڊوڪي ڄڻ بيوهه رن هئي، جنهن پيلي منهن تي لپاٽون هڻي پار پئي ڪڍيا، پريان هڪ ڪنڊيءَ جو اگهاڙو وڻ بيٺو هيو، جنهن جي سموري ساواڻ سرديءَ پي ڇڏي هئي ۽ اهو ائين ٿي محسوس ٿيو جيئن ٻانهون ڦهلائي خيرات وٺندڙ فقير جي اگهاڙي بدن ۾ ڳڊيون پئجي ويون هجن ۽ هو اتي ئي سڪ ٿي ويو هجي. کٻڙ روئي رهيا هيا ۽ انهن جي پنن تي ڄميل ڳوڙها هر هر هيٺ ٿي ڇڻيا. وچ قبرستان ۾ بيٺل ڪچي مسجد جا منارا هن کي بي جان لڳا ۽ قبرن جا ڪتبا هن کي کائڻ لاءِ ڄڻ وات کولي بيهي رهيا. آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ هر طرف مايوسيون ۽ موت ئي موت ڦهليو پيو آهي، جيئن هن قبرستان ۾ ايندي ڌرتي جي نرمي محسوس نه ڪئي هئي پر هو هر قدم تي هڪ ڪونئري گوشت وارو لاش لتاڙي اتي پهتو هجي. رکي رکي هن کي فريءَ جو خيال آيو ۽ پوءِ مرڻ وقت ان جو چهرو هن جي اڳيان ڦري ويو، هن محسوس ڪيو جيئن هو وهندڙ تيز پاڻيءَ ۾ ڪريو هجي ۽ ان جي لهرن ۾ لڙهندو وڃي.
هن نازبوءِ جي ڏانڊين تان ڪاغذ هٽائڻ کانسواءِ ئي پورو بنڊل قبر تي اڇلائي ڏنو ۽ ڍاڍيون ڪري روئي پيو، هن قبر جي پسيل نرم مٽيءَ سان پنهنجا ڳل گسائي، پاڻ کي ڀڀوت ڪري ڇڏيو، هن قبر جي هر حصي کي چميو، هو جهڪيل ڪتبي جي ڀرسان آيو ۽ هن ان تي پنهنجو مٿو رکي پاڻ کي دنيا کان ڪٽي ڇڏيو.
**********
”بابا .......... بابا“ ڪوئي هن کي پڪاري رهيو هيو ۽ جڏهن هن کي جاڳ ٿي ته اهو اتي ئي فٽ پاٿ تي پٿر کي ٽيڪ ڏيو ستو پيو هيو، هن ڪنڌ مٿي ڪري نهاريو هڪ اڌ عمر جو ماڻهو هن کي ڪلهي کان لوڏي رهيو هيو. هن پاسي کان پٿر ڏانهن نهاريو ان تي ائين ئي ڪارن اکرن ۾ ساڳيو جملو لکيل هيو، قبرستان اڌ ميل ۽ هيٺان تير جو نشان.
”توکي سرديءَ ۾ سمهڻ نه گهربو هيو.“ هو پوري طرح سامت ۾ ئي نه آيو هيو ته ان ماڻهوءَ هڪ دفعو وري ڳالهايو.
“ها ها ... بيشڪ.“ هو صرف ايترو ئي چئي سگهيو.
”چور چڪار ماڻهو گهمن ٿا پيا، تون شڪل مان فقير به ته نه پيو لڳين.“ هن جي آواز ۾ سختي هئي.
”پر هن مهل جو تون هتي ڇا پيو ڪرين؟” هن الٽو هن کان سوال ڪيو.
”مان چوڪيدار آهيان.“ هن چيو ۽ پوءِ سامهون گيريج جي اوريان ٺهيل جهوپڙيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ”سامهون منهنجي نظر پئي ۽ مان توکي اٿارڻ هليو آيس.“
چوڪيدار جي همدرديءَ تي هن کي خوشي محسوس ٿي، هن دل ئي دل ۾ چيو ”مهرباني.“
”چڱو هاڻي هتان هليو وڃ.“ چوڪيدار چيو ”ٻه ٽي ڏينهن اڳ به هڪ دڪان کي ڌاڙو لڳو ۽ مان هن ايراضيءَ ۾ نئون آهيان.“ ”پهريون شايد جيل ۾ سڙندو هجي.“ هن جي اکين ۾ شوخي اچي وئي ۽ هن ويندي ويندي مڙندي چيو ”مان توکي هتي ويهڻ نه ڏيندس اٿ ۽ هليو وڃ.“
هن حڪم صادر ڪيو ۽ پوءِ لٺ کي روڊ سان کڙڪائيندو جهوپڙيءَ ڏانهن وڌي ويو جتي گرم باهه ٻري رهي هئي.
هن کي ان بيزار انسان جي ڳالهين ڪو به رنج نه پهچايو. هن ويٺي ويٺي قبرستان ڏانهن ويندڙ رستي تي نظر ڦيرائي، هن اڳيان روڊن تي ڊوڙندڙ، چچريل انسان ڦري ويا، چو طرف ڦهليل عمارتون هن کي ڪتبا محسوس ٿيا، جيڪي جيئن هڪ طرف ڪنڌ جهڪايو اداسين جي تصوير بڻيا بيٺا هجن. هن کي محسوس ٿيو جيئن هو هلندي هلندي فريءَ جي قبر تي پهچي ويو هجي. هن جي قدمن جي آواز تي کٻڙن جي ٽارين ۾ لڪي ويٺل ڳجهون زوم سان اڏاميون هجن ۽ پنهنجا آلا پر هڻنديون، هڪ گول چڪر لڳائي چنڊ جي روشنيءَ ۾ سسنديون آهستي آهستي تحليل ٿي ويون هجن، هو ويرانين ۽ مايوسين کي ڏسي روئي پيو، هن جي من ۾ عقيدت ۽ پيار ڀرجي آيو، هن نازبوءِ جي ڏانڊين تان ڪاغذ هٽائڻ کانسواءِ پورو بنڊل سرد هوا ۾ اڇلائي ڏنو، ”او دنيا تو لاءِ“ هن بلند آواز ۾ چيو ۽ نازبوءِ جون سايون ڏانڊيون آليءَ ڌرتيءَ تي ڪري هوا تي رڙهنديون ويون.