ڪارو پهاڙ
گهڙي گذري ته موهن جو دڙو ايڪسپريس آئي ۽ ان کانپوءِ وري ڄڻ سڀ انسان سليماني ٽوپ پائي اوجهل ٿي ويا. ساڳيا ڪتا پليٽ فارم تي نوجهه، نوجهه ڪرڻ لڳا. جماندار آيو، جنهن سيمينٽ جي فرش تي ٽوها گسائي دل ۾ نفرت ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ ڪتڪتايون پيدا ڪري ڇڏيون. کنگهه جو آواز ٿيو ۽ ڳاڙهن ڪپڙن وارو قُلي، ربو چيلهه کي هٿ ڏيندو اچي آغا واري ڪٽهڙي ڀرسان اسٽول تي ويهي رهيو. ٿڪاوٽ ڪري هو سڄو سهڪي رهيو هيو ۽ هن جون واڇون ڪنن تائين ڦهليل هيون. هن ويٺي ويٺي اڇاترين ۽ بي جان نظرن سان پهريون آغا کي ڏٺو ۽ پوءِ ان جي نظرن جي سڌ ۾ بيٺل ڪاري پهاڙ کي، جيڪو ريلوي لائن کان پري سن ٿيو بيٺو هيو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن ديو جي مميءَ کي اتي نسب ڪيو ويو هجي. ربوءَ دل ئي دل ۾ آغا کي گار وهائي ڪڍي. ذليل بي غيرت سڄو ڏينهن ويٺو بابي کي ٿو ڏسي، هو دل ئي دل ۾ ڪڙهندو هن کي ڳالهائيندو ويو ۽ پوءِ نيٺ بيزار ٿي زور سان هن کي سڏيو، ”آغا“ هن چيو ۽ ڪائونٽر تي هلڪي مڪ وهائي ڪڍي، هن جي سڏ تي آغا کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هو سيءَ ۾ گلر جي ڏڪڻ ڪري پيدا ٿيندڙ آواز جهڙو ڀڻڪو ڪري جاڳي پيو. هو سامت ۾ نه هيو ۽ هن محسوس ڪيو جيئن ربوءَ هن کي پنهنجيون ٻئي آڱريون اکين ۾ ٺوڪي ڪڍيون هجن ۽ هو پٺيءَ ڀر لسي پليٽ فارم تي رڙهندو ويو هجي، هن جا پٺا ڪرندا هجن ۽ رت جي هلڪي ڇپڙ ڇپڙ محسوس ٿيندي هجي.
”ڇا پيو سوچين آغا؟“ ربوءَ همدرديءَ گاڏڙ ڏک سان چيو.
”بس بس ڪجهه به نه.“ آغا ککو وکو ٿيندي وراڻيو. ”اهو ڪارو پهاڙ.“ هن ايترو چيو ۽ خاموش ٿي ويو.
”توکي وري ڪارو پهاڙ سڏي رهيو آهي، ائين نه.“ ربوءَ طنز ڪندي چيو ۽ پوءِ ڪجهه دير هو آغا جي منهن ۾ نهاريندو رهيو، اسٽال تي ٻرندڙ هيڊي بلب جي روشنيءَ ۾ آغا جي منهن ۾ گهنج حيرت جي حد تائين گهرا پئي لڳا. زندگي ڀر مسلسل سوچڻ ڪري هن جون واڇون چيپيل ۽ هيٺ ڇڪيل هيون. ربوءَ ڪجهه دير هن کي ڏٺو ۽ پوءِ هن جي من ۾ به نراسائي ڀرجي آئي.
”اڄ ڪلهه ائين پيو لڳي جيئن اهو ڪارو پهاڙ مون کي به پڪاريندو هجي.“ ربوءَ پهريون دفعو جهيڻي ۽ پياري آواز ۾ آغا سان ڳالهايو.
۽ آغا ڄڻ ڦاٽي پيو، هن جي من جا سڀ دريون ۽ دروازا اندر ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان جي دٻاءَ کان کڙڪي سان کلي پيا، هو هميشه جيان پلٽجي پيو.
”ڏس نه ربو مان پورو ڏينهن اسٽال تي بيهي ڪتاب وڪڻان ٿو، سيٺ مون کي منهنجي مزدوري ڏئي حرارت بخشي ٿو جيئن مان وري جيئرو رهي ساڻس ڪم اچان.“ هو هميشه جيان جذباتي ٿيندي ڳالهائيندو ويو، ”آخرڪار مان بيهي بيهي حاصل ڇا ٿو ڪريان، پئسا، پوءِ ماني ۽ وري بيهڻ. اسين سڀ هڪ ڏينهن مري وينداسين توکي مان ٻڌائي چڪو آهيان ته مرڻ کان پوءِ آهي ئي ڇا؟ هڪ مسلسل خلا آهي، جنهن کي بيان ڪرڻ هڪ جيئري انسان جو ڪم نه آهي ۽ نه ئي اهو مڙدن جي اختيار ۾ آهي ته هو پنهنجي گذريءَ کي اسان جي سامهون بيان ڪن، ته پوءِ هن مسلسل پيڙا ۽ روڳ جو مفهوم ڇا؟ مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي، ربو ڪجهه به سمجهه ۾ نه.“
آغا جي ڳالهين تي ربوءَ جي دل ۾ دٻيل خوف هڪ دفعو وري جاڳي پيو، هن کي آغا تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، آغا هن جي بيفڪر زندگيءَ ۾ ڌاڙو هڻي سڀ ڪجهه ڦري ورتو هيو. اسٽيشن تي آغا جي نوڪريءَ کان اڳ ان ئي اسٽال تي هڪ ڊگهيءَ ڏاڙهي وارو مولوي ملازم هيو، جيڪو هن کي روحاني ڳالهيون ٻڌائي خوابن جي دنيا ۾ گم ڪري ڇڏيندو هو. هن کي زندگي ۽ موت کان پوءِ جا تصور ڏئي مطمئن ڪري ڇڏيندو هو، ڪيڏي نه پُربهار ۽ بي فڪر هئي هن جي زندگي پر جڏهن کان آغا ان اسٽال تي آيو هو، هن ربوءَ کان سڀ ڪجهه ڦري ورتو هيو، جيئڻ جا سهارا ۽ موت کان پوءِ جا تصور. آغا مايوس ۽ دنيا جو ٺڪرايل انسان هيو، بقول هن جي هن کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پيار نه مليو، هن جي دنيا ۾ ڪوئي به ڪو نه هيو، هو عشق کي بڪواس تصور ڪرڻ وارو شخص هيو. هو چوندو هيو ته ”عشق زندگيءَ جي حقيقتن تي سوچي مايوسي ۽ خودڪشي ڪرڻ کان لنوائڻ جو بهترين نسخو آهي، عشق هڪ سهڻو ڪوڙ آهي جيڪو پنهنجي حسين ۽ مڪار ٻانهن ۾ انسان کي نراسائي جي حقيقتن کان ڪجهه دير پناهه ڏئي پوءِ جلاد بڻجي پنهنجن ئي هٿن سان هن کي موت جي حوالي ٿو ڪري ڇڏي.“
آغا زندگيءَ جي هر شيءِ کان مايوس هيو ۽ هن جي مايوسي اتان ٿي شروع ٿي جتان هن مذهب جو ڪوڙو ڍڪ لاهي پاڻ کي بند ٿيل خول مان آزاد ٿي ڪيو.
”آغا“ ربو ٿڪل آواز ۾ چيو ”آخرڪار انسان جي جنم جو ڪو ته مقصد هوندو، هيءَ ڪائنات اجائي ته نه آهي؟ هيءَ حرارت بيڪار ته نه آهي؟ ڪو ته مفهوم هوندو جنهن جي زير اثر هيءَ هلچل ۽ ارتقا جاري آهي؟“ آغا تپي لوهه ٿي ويو، هن کي ٿڌ هوندي به گرمي محسوس ٿي، جان ۾ سيون چڀنديون محسوس ٿيون.
”هر شيءِ فاني آهي ۽ دنيا کي به هڪ ڏينهن ختم ٿيڻو آهي.“ آغا چيو ”دنيا ختم ٿي ويندي، هر شيءِ خاموش ٿي ويندي، ته پوءِ ربو تون سوچ، آخرڪار توکي ڇا ملندو، هن جدوجهد ۽ مسلسل پيڙا جو ڪهڙو ڦل ملندو، سچ ته اهو آهي ارتقا ڦهلجندڙ بيماري آهي، جيڪا صدين بلڪه ڪروڙن سالن جي وچ ۾ ڦهلي پئي آهي، اها بيماري وڌندي وڌندي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي، جيو گهرڙو بيوقوف هيو جنهن مختلف شڪلين ۾ اچڻ لاءِ ڪروڙن سالن کان جيئڻ لاءِ ايڏي جاکوڙ ڪئي، اڳتي وڌندڙ زندگي باهه مثل آهي، باهه، جيڪا پنهنجو کاڄ پاڻ ٿي حاصل ڪري ۽ بي مقصد ڪروڙن سالن کان پنهنجي تَوءَ ۾ پاڻ پئي ٿي جلي.“ آغا ڳالهائيندو ويو ۽ ربوءَ جو اندر ڦاٽڻ لڳو، هن کي بخار محسوس ٿيو ۽ لڳو هو ٿوري دير به اتي ويهندو ته الٽي ڪري ڏيندو.
ڪراچي ويندڙ ريل جا گاڏا ڌوپجي صاف ٿي چڪا هيا ۽ هو روزگار جي ڳولا ۾ اٿي ڪلهي تي رکيل ڳاڙهو پوتڙو ڇنڊيندو اوڏانهن وڌي ويو.
هڪ ڏينهن ربو ڪم ڪار کان واندو ٿي آغا وٽ پهتو ته آغا هميشه جيان اداس بيٺو ڪاري پهاڙ کي چتائي رهيو هيو. ربوءَ اداسين ۽ اڪيلائين کان بيزار ٿي چرس جو سهارو ورتو هيو، هو ڀريل ڍلي سگريٽ مان سوٽا هڻندو ڪائونٽر وٽ اچي پهتو ۽ موج ۾ جهومڻ لڳو. هن کي آغا تي خار نه اچي رهيا هيا، پر هو هن جي اداسيءَ مان مزو وٺي رهيو هيو. ربوءَ جهومي سگريٽ مان سوٽو هڻي دونهون فضا ۾ ڇڏيو ۽ خيالن ۾ گم ويٺل آغا اڳيان ڪنڌ جهڪائي اوچتو لڳاتار ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن نشي ۾ اهو سڀ ڪجهه چئي ڏنو، جيڪو هو چوڻ پيو چاهي. اهو سڀ ڪجهه اهوئي هيو، جنهن تي هن کي هوش ۾ ڪاوڙ ايندي هئي. هو آغا کي بدمعاش ۽ ڌاڙيل ڪوٺيندو هيو پر ربوءَ اڄ آغا کي اهو سڀ ڪجهه چئي ڏنو، جنهن جي آغا کي اميد هئي.
”آغا تون عظيم آهين، تون مون کي ڪوڙ ۽ خوشفهمين جي خول مان ڪڍي اداسين ۽ مايوسين جي حقيقي دنيا سان متعارف ڪري، زندگيءَ جي حقيقتن سان نوازيو آهي. مان هاڻي ڄاڻان ٿو ته زندگي ڇا آهي؟ مان اندر ۾ هڪ مسلسل خلا محسوس ڪري رهيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته ان کي تو جهڙا ئي ارادا ڪري عملي صورت ۾ آڻي نجات حاصل ڪيان. مان چاهيان ٿو ته زندگي کي هڪ دفعو سزا ڏيان ۽ تو جيان ان ڪاري پهاڙ تان ٽپي ڏيڻ جا خواب لهي لهي هڪ ڏينهن انهن کي تعبير ڏيان.“
هو لڳاتار خبر نه آهي آغا اڳيان ڇا بڪيندو ويو.
ڪاري ڀوائتي انجڻ ڇنڊ ڪري رهي هئي ۽ ان هر هر سوساٽ ڪري ڪارو دونهون فضا ۾ ٿي ڇڏيو. سامهون بيٺل چانهن جي اسٽال ڀرسان ٻيا قلي ٻرندڙ باهه جي نچندڙ الن تي هٿ سيڪي رهيا هيا، ڀرسان ئي دينو بابا ڪمبل ۾ منهن هنيو ويڙهيو اوڪڻو ٿيو ويٺو هيو ۽ نه کٽندڙ کنگهه جي دٻاءَ کان هر هر کنگهارا ڪڍي ٻاهر اڇلي رهيو هيو.
”پر مان اڄ ڪلهه ٻيو ڪجهه سوچي رهيو آهيان.“ آغا فڪر مند لهجي ۾ چيو، جنهن کان هن جو سڄو هٿ سختي سان سمجهائڻ واري انداز ۾ مٿي کڄي وري هيٺ ٿي ويو.
”ڇا آغا! زندگيءَ جي دوکي جو اڃان ڪو اهڙو حصو رهجي ويو آهي، جيڪو ان ڪاري پهاڙ ۽ اسان جي وچ ۾ بيٺل هجي؟“
آغا ڪاري پهاڙ ڏانهن ڏسندي جهٽڪي سان منهن ٻئي پاسي ڏانهن ائين ورايو جئين پهاڙ پنهنجو هٿ وڌائي ڀر ڪري هن کي ڳٽي واري لپاٽ وهائي ڪڍي هجي.
”آءُ سوچي رهيو آهيان، دنيا ۾ بدنام ۾ بدنام ۽ ذليل ۾ ذليل شي زندگي ئي آهي. جنهن اسان کي پيڙا ۽ دردن جي درياءَ ۾ ڦٽو ڪري عجيب بي چينيءَ کان آشنا ڪيو آهي. اهڙي ظالم شيءِ کي صرف هڪ دفعو بدلو وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي. مان اهڙي عمل جي ڳولها ۾ آهيان جنهن سان زندگيءَ کي مسلسل عذاب ۽ سزا ڏيئي ساڳيو بدلو وٺان، جيئن هاڻي تائين هن مون کي عذاب ڏئي هيستائين پهچايو آهي، شايد تون منهنجي ڳالهه نه سمجهي؟“ آغا ربوءَ ڏانهن نهاريندي چيو ۽ ربو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جنهن کان هن جو ڪنڌ لاشعوري طور آغا ڏانهن وڌي آيو ۽ ڳچي ڊگهي ٿي وئي، ٿوريءَ دير کان پوءِ آغا وري ڳالهايو.
”منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته خودڪشي ڪري زندگيءَ کان بدلو وٺي ڇوٽڪارو حاصل ڪري ويندس، پر منهنجي اڳيان زندگي ڏينهن به ڏينهن وڌيڪ ڀوائتي ۽ ظالم جي حيثيت ۾ نروار پئي ٿيندي وڃي. ان لاءِ ايتري معمولي سزا موزون نه آهي، مان چاهيان ٿو جيئن هاڻي تائين مان سزا جي دور مان گذريو آهيان ائين ئي مان زندگي کي مسلسل سزا ڏئي مسلسل ڇوٽڪاري جي طرف وڌندو وڃان.“ ربوءَ هاڻي آغا جي ڳالهه سمجهي ورتي هئي، هو شروع ۾ وڏو جاهل هوندو هيو. هن کي آغا جي ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي، پر پوءِ هن محسوس ڪيو آغا سان ڪچهرين کان پوءِ هن جي گرم دماغ ۾ جڳهه جڳهه تي سنهين سئين جهڙا سوراخ ٺهي پيا هجن، جن مان ٿڌو برف جهڙو پاڻي جذب ٿي هن جي پوري دماغ ۾ تحليل ٿيندو وڃي. هن آغا جي اسٽال جا ڪيترائي ڪتاب پڙهي ڇڏيا هيا ۽ اڃان به جڏهن هن کي وقت ملندو هيو ته هو اسٽول تي ويٺو ڪتاب پڙهندو هيو. پوري پليٽ فارم تي هڪڙو آغا ئي هيو، جنهن سان هن جي سٺي لڳندي هئي. هُو هن جو نظرياتي طرح ڪيترو به مخالف ڇو نه هيو پر پوءِ به هو آغا کي سٺو ماڻهو سمجهندو هيو ۽ هن جي مطالعي جو داد ڏيندو هيو. باقي هُو هن جي سوچن جو قائل نه هيو ۽ ان ڏينهن به جڏهن هن نشي جي حالت ۾ آغا اڳيان پنهنجي اندر جا سڀ راز ظاهر ڪري رکيا ته هوش ۾ ايندي ئي هو ڳاڙهو ٿي ويو. هن جي مٿي ۾ دوزخ جي باهه ٻرڻ لڳي، جنهن کان هن جو ميڄالو پلپلو ٿي ٻاهر نڪرڻ لاءِ لوندڙين وٽان دهڪڻ لڳو. هن کي خدا ۽ رسول جو خوف ٿيو، هن محسوس ڪيو جيئن ڪو چماٽ هڻي هن کان سڀ ڪجهه کسي ويو هجي. هن هوش ۾ اچڻ سان آغا کي خوب گاريون ڏنيون ۽ پوءِ پنهنجو جهڪيل چيلهه کي هٿ ڏئي کنگهندو هليو ويو.
ربوءَ ڪجهه ڏينهن کان مسافرن جو سامان کڻڻ ڇڏي ڏنو هيو، هو ٽوٽي ته اصل کان هيو. گاڏي ايندي هئي ته هو وڌ ۾ وڌ هڪ مسافر جو سامان پليٽ فارم کان ٻاهر پهچائيندو هيو، پر هاڻي هو ڪم ڪرڻ کان صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيو هيو. گاڏي ايندي هئي ته قلي پنهنجي ڊگها پٽڪا وڇائي پنهنجي حد مقرر ڪري ڇڏيندا هيا. گاڏي بيهڻ کانپوءِ هر قلي پنهنجي حصي ۾ آيل گاڏي مان مسافرن جو سامان کڻي پيٽ گذر ڪندو هيو، پر ربو هاڻي انهن قلين کي نهاريندو رهندو هيو، جيڪي روز هن اڳيان سامان ڍوئيندا هيا ۽ پئسا ڪمائيندا هيا. صرف ان ڪري ته ماني کائي وري سامان ڍوئين ربو بلڪل مايوس ٿي چڪو هيو. هن جي هوش ۽ حواس تي هاڻي آغا ڇائنجي چڪو هيو. هو پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن کي زور ڏئي محسوس ڪندو هيو ته اهي هن کي آغا جي ٻانهن جهڙا شانت ۽ سست محسوس ٿيندا هيا. هن جي من ۾ اڃان به مذهب جو زخمي جسم عذاب کان ڇڙيون هڻي ڦٿڪي رهيو هيو. هن جي دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اڃان به جنت جي ٿڌي هوا گهلي رهي هئي ۽ ٻئي ۾ دوزخ جي باهه هن جي رت کي ٽهڪائي رهي هئي.
هو آغا سان پنهنجي پهرين ملاقات تي بيحد پڇتائي رهيو هيو. ان ڪري نه ته ڪو هو هن جي اندر ساڙيندڙ ڳالهين کان بيزار ٿي هن سان وڙهڻ جي حد تائين وڃي پهتو هيو پر ان ڪري ته اها شروعات ئي هئي، جنهن هن کي هر مايوسيءَ ۽ نيستائيءَ سان روشناس ڪرايو هو. گهڻو اڳ جڏهن هو آغا جي اسٽال ڀرسان لنگهيو هيو ته هن جي نظر هڪ مذهبي ڪتاب تي پئجي وئي هئي، هن ان کي پڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. انهن ڏينهن ۾ هو ڪيئن به هيو پر خوش هيو. هن جي من کي ٻيءَ دنيا جو آٿت هيو، هڪ ٽيڪ هئي جنهن هن جي چيلهه کي سڌو ڪري هن کي وڌيڪ بلند ڪري ڇڏيو هو، پر آغا هڪ ئي ٺوڪر سان هن جي سهاري کي ٿڌو ڏئي پري ڦٽو ڪيو. اڄ هن کي محسوس ٿي رهيو هيو ته اها ٽيڪ واقعي ئي ڪوڙ جي ٽيڪ هئي، هن کي ياد آيو جڏهن هن پئسا ڏئي آغا کان اهو مذهبي ڪتاب خريد ڪيو هيو ته آغا هڪ کائي ويندڙ نظر سان هن کي ڏٺو هيو ۽ هن آڏو ڪائونٽر تي ڪتاب کي ائين ڦٽو ڪيو هيو جيئن نانگ کي. جنهن کي هو ڪجهه منٽ به جهلي ها ته منڍي ورائي هن کي ڏنگي وجهي ها. اتان ئي هن جي آغا سان پهرين ملاقات ٿي هئي. هن کي آغا جي اها روش بلڪل نه وڻي هئي ته ڪو هو ڪنهن مذهبي ڪتاب جي ائين بيحرمتي ڪري، پر آغا موٽ ۾ هن کي اهو ڪجهه ٻڌايو جنهن هن جي خوشفهمين ۽ خوشين جي لاش ۾ هزارين ميخون وهائي ڪڍيون.
”مذهب سهڻو ڪوڙ آهي، هڪ اهڙو ڪوڙ جيڪو سچ کي اڳتي هلائڻ لاءِ ڳالهايو ويو آهي، انسان جي هڪ پاسي دوزخ کي ٻڌو ويو آهي ته ٻئي پاسي جنت کي. هن کي خوشفهمين ۽ دڙڪن جي هڪ سرنگهه مان گذاري سچائيءَ جي واٽ تي هلايو ويو آهي.“
ربوءَ ڪاوڙ مان هن بي باڪ شخص کي ڏٺو هيو جيڪو سر عام قاتلن کي سڏي منڍي پيش ڪرڻ جي آڇ ڪري رهيو هيو.
”تنهنجي خيال ۾ ته جنت ۽ دوزخ خوشفهمي ۽ دڙڪو آهي؟“ ربوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿيندي پاڻ کي هن آڏو ائين ظاهر ڪيو هيو جيئن هو هن سان وڙهڻ لاءِ تيار هجي.
”ها سڀ ڪجهه بڪواس آهي. انسان کي حقيقتن کان پري رکڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن. خدا عظيم آهي ته پوءِ هو انسانن کي جنت جي رشوت ڇو ٿو آڇي. دوزخ جي ڌمڪي ڏيڻ جي هن کي ڪهڙي ضرورت آهي. حالانڪه ٻڌو آهي ته ڌرتيءَ جو هڪ پتو به هن جي قدرت کانسواءِ نه ٿو چري.“
ربو خاموش ٿي ويو هيو. هن وٽ چوڻ جون سڀ راهون بند ٿي ويون هيون. هن ايترو ئي چيو هيو ته ”مون کي اڄ خبر پئي ته خدا شيطان سان وڙهي غلطي ڪئي هئي، شايد هن کي خبر نه هئي ته جنهن تخليق جي ڳالهه تي هو شيطان سان وڙهي هن کي ناراض ڪري رهيو آهي اها تخليق به خود شيطان آهي.“
آغا ڄڻ آپي کان ٻاهر نڪري ويو هيو. ”ڪير ٿو چوي خدا آدم کي خلقيو، جاهل ماڻهو تنهنجو ارتقا ۾ ايمان نه آهي؟ انسان گهڻن جيو گهرڙن جي نه، پر هڪ جيو گهرڙي جي شروعات آهي.“
”ته پوءِ تنهنجي خيال ۾ قرآن ڪوڙو آهي.“ ربوءَ طنز ڀريل آواز ۾ چيو هيو.
آغا جوش ۾ٿورو ٿورو ڏڪيو ٿي، ”شايد توکي اها خبر ڪو نه آهي ته پيغمبرن انسانن جي ڀلي لاءِ هڪ وڏو ڪوڙ به ڳالهايو هيو. هنن ڪجهه چڱائيءَ جون ڳالهيون لکي انهن جو بنياد دڙڪن ۽ خوشفهمين تي رکي، خدا ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيو هيو. ڇو جو خدا جو رعب هر شيءَ تي حاوي آهي ۽ ان جو فرمان هر ڪو ايترو جلد اپنائيندو جيترو جلد هو ڪنهن پاڻ جهڙي انساني پيغمبر جو ٺڪرائي ها. ان ڪري نه ئي قرآن خدا جو فرمان آهي ۽ نه ئي خدا ڪوڙو آهي. آدم پيغمبرن جي تخليق آهي ۽ ويچارن پيغمبرن کي اڄ کان هزارين سال اڳ اها خبر ڪٿان آئي ته ڪو دنيا ۾ ارتقا جو به وجود آهي.“
ربوءَ سوچيو هيو، ”هن کر دماغ سان مٿو هڻڻ اجائي ڳالهه آهي، جيڪو ٿيڻو هوندو ٿيندو، خدا هن کي پاڻيهي پنهنجي ڏوهن جي سزا ڏيندو.“ ۽ هن آغا کي اهو چئي ڏنو هيو ”قبر ۾ جڏهن تنهنجي روح کي عذاب پهتا ته پوءِ توکي خبر پوندي سچ ڇا ٿيندو آهي ۽ ڪوڙ جي ڪهڙي حيثيت آهي.“
”مان روح ٻوح کي ڪو نه سڃاڻان منهنجي لاءِ آهي ته هيءَ زندگي جيڪا هڪ ڏينهن خودڪشيءَ تي کٽندي ۽ ان جو انت اچي ويندو. ٻي دنيا ۾ ايمان رکڻ پاڻ کي ڪوڙو آٿت ڏئي مايوسين کان بچڻ جو سٺو بهانو آهي. انسان جي موت کي آسان بنائڻ لاءِ هن کي خوشفهمين جو نشو سنگهائي زندگي جي ڪٺن ۽ بي مقصد راهن تان گذارڻ لاءِ بيڪار ڪوشش ڪئي وئي آهي. اهو انسانن سان سراسر دوکو آهي، انسان ٻيءَ زندگيءَ جا خواب ڏسندو، هن دنيا مان آسانيءَ سان گذري وڃي ٿو ۽ هن کي ڪجهه نه ٿو ملي. ان کان وڌيڪ انسانيت سان ظلم ڪهڙو آهي؟ زندگي ڪيتري به ڪٺن ڇو نه هجي، سٺائي ان ۾ آهي ته ان کي پنهنجي اصلي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي، پوءِ چاهي نراسائي جون ڪيتريون به شعائون ڦٽي ڇو نه نڪرن.“
ربو پنهنجي ماضيءَ تي سوچيندو ويو، هن کي محسوس ٿيو هن جو اندر خالي خالي هجي. ڪو ظلم شخص آيو هجي ۽ ان ڀر ڪري هن جي جسم تي چاقو وهائي ڪڍيا هجن. ان عذاب کان هو آٺرجي ويو هجي ۽ صدين کان چڙهيل پنڪين مان ڇرڪي ٻاهر نڪتو هجي. جيئن هو لٽيل قافلي جو مسافر هجي. جنهن وٽ راهه هلندي ڪجهه به نه هجي پر پوءِ به هن وٽ اهو احساس هجي ته ڪو هن کي لٽي ويو آهي.
ربوءَ جون اکيون ٻوٽيون ئي ويون. هو ڇنڊ ڪري دونهون فضا ۾ ڇڏيندڙ انجڻين جي آوازن کان بيزار ٿي چڪو هيو. چرس جا ڪجهه خمار اڃان به هن تي چڙهيل هيا. اسٽيشن تي بيل وڳو، شايد گاڏي اچي رهي هئي، هر ڪو قلي پنهنجي ڳاڙها پوتڙا ڇنڊي اٿيو، پر ربو اتيئي پليٽ فارم تي ڍير ٿيو پيو هيو، هن کي ڪڏهن جو ننڊ اچي چڪي هئي.
صبح ٿيو ته هو ننڊ مان اٿيو ۽ هن ڪاري پهاڙ کي نهارڻ شروع ڪيو، هاڻي اهو هن جو معمول بڻجي ويو. هو جڏهن به واندو ويٺو هوندو هيو ته ان ڪاري پهاڙ کي پيو نهاريندو هيو.
ان رات ٿيل جهڳڙي کان پوءِ هن جي آغا سان ملاقات نه ٿي هئي، هاڻي آغا وٽ هن کي ڏيڻ لاءِ رهيو ئي ڇا هيو. هن ته ربوءَ ڏي اهو سڀ ڪجهه منتقل ڪري ڇڏيو هيو، جيڪو هن جي اندر ۾ هيو. مذهب کان بغاوت ۽ مايوسيون ئي مايوسيون. هن ربوءَ کي هڪ بلند پهاڙ تي چاڙهي ٻڌايو هيو ته هي جيڪو سفر تون پهاڙ تي چڙهي بسر ڪيو آهي، اهو ئي زندگي آهي ۽ هي جيڪو تون پهاڙجي بلندين تي پهچي نظر جي حد تائين انڌيرا ڏسي رهيو آهين، اها ٻي زندگي نه آهي، بس اهي اهي آهن جيڪي تون پسين ٿو، انڌيرا ۽ صرف انڌيرا. تنهنجي پهاڙ چڙهڻ جي جدوجهد ان ٻيءَ دنيا کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه هئي پر هيٺ پستين ۾ ٽپي ڏيڻ لاءِ هئي، ور وجهه ۽ هن پهاڙ جي بلندين تان پاڻ کي پستين جي حوالي ڪري ڇوٽڪارو حاصل ڪر.
ربو ڪيترا ڏينهن پريشان حال پليٽ فارم تي چڪر هڻندو رهيو، هن ڪيترائي دفعا ڪاري پهاڙ کي ڏٺو ۽ تصور ئي تصور ۾ پاڻ کي پهاڙ جي بلندين تان ڪرندي ٿڌي هوا محسوس ڪئي ۽ هوا جي ڪري ڪنن ۾ سيٽيون پوءِ هن پاڻ کي رت ۾ لت پت پٿرائين زمين تي پاتو ۽ نه وسرندڙ ڇوٽڪارو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ ورائي آغا کي به ڏسندو هيو، جيڪو ڪائونٽر تي هٿ جي سهاري سر جهڪايو ڪا نئين ڳالهه سوچيندو هيو، آغا هاڻي ڪاري پهاڙ کي نهارڻ ڇڏي ڏنو هيو، شايد زندگي هن اڳيان وڌيڪ ظالم ۽ بي درد جي روپ ۾ اڀري آئي هئي. هو ان کي خودڪشيءَ جهڙي معمولي سزا نه پيو ڏيڻ چاهي. هو ان لاءِ اهڙي ڀوائتي سزا تجويز ڪري رهيو هيو جهڙي هن پاڻ تي برداشت ڪئي هئي. هو اهڙي عمل جي ڳولا ۾ هيو، جيڪو زندگيءَ کي مسلسل عذاب پهچائي ان کي مسلسل ڇوٽڪاري طرف اڳتي وڌائي. ربو آغا ۾ وڌيڪ ڦاسڻ نه پيو چاهي. هن کي آغا جي نئين عمل سان ڪا به دلچسپي نه هئي. هن پاڻ کي بس ڪاري پهاڙ تائين محدود ڪري ڇڏيو.
ربوءَ روز اسٽيشن تي آيل مال گاڏين جا نمبر پڙهڻ شروع ڪري ڏنا هيا، هن کي اهڙي نمبر جي ڳولا هئي جنهن ۾ صرف چار انگ هجن ۽ هو ان نمبر کي ڏسي پاڻ کي ڪاري پهاڙ جي حوالي ڪري ڇڏي، پر هر آيل مال گاڏي تي پنج انگ هوندا هيا يا پنجن کان مٿي. باوجود ربوءَ جي ڪوشش جي هو اهڙي نمبر کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو جيڪو هن کي زندگيءَ جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. موت تي متفق ٿيڻ جي باوجود هو پاڻ کي ان عمل لاءِ تيار ڪري نه سگهيو هيو. هن پاڻ کي تيار ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا ڳولي ڪڍيا هيا، هو يا ته گاڏين جا نمبر ڏسندو هيو يا اسٽيشن تي بيٺل ماڻهن مان هو هڪ کي چونڊي دل ۾ اهو سوچي ان تي نظرون ڄمائي ڇڏيندو هيو ته جيڪڏهن ان شخص آغا جي اسٽال تان ڪتاب خريد ڪيو ته هو خودڪشي لاءِ تيار ٿي ويندو. پر هن جو چونڊيل شخص آغا کان ڪڏهن به ڪتاب نه وٺندو هيو ۽ هو جڪ کائي ڏند ڀيڪوڙي چپ ٿي ويندو هيو. آخرڪار هڪ ڏينهن هن فيصلو ڪيو ته ڪيئن به ڪري هو پاڻ کي هن زندگي کان نجات ڏياريندو، هن بي مقصد زندگي کي عذاب ڏئي سڀني عذابن کان ڇٽي پوندو. ان ڪم لاءِ هن قبرستان جي ڀر وارو سگنل چونڊيو. جيڪو صبح جي ڪوهيڙي ۾ هوا ۾ ڪهاڙيءَ جيان بلند ڏسڻ ۾ ايندو هيو ۽ رات جو ان جي ڳاڙهي سائي روشني ڄڻ آدم خور جي چمڪندڙ اکين جهڙي پئي محسوس ٿيندي هئي. هن سوچيو، صبح سان جيئن ئي گاڏي جو ٽائيم ٿيندو ته اهو سگنل هيٺ ٿي هن کي سڀني بي مقصد ڳالهين کان نجات ڏياري ڇڏيندو. ربو ان سگنل ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ ان جي هيٺ ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ٻانگون ڪڏهن جو ملي چڪيون هيون ۽ جماندار پليٽ فارم تي ڦهليل سگريٽ جا پاڪيٽ ۽ ٽوٽڪا ميڙي رهيو هيو. بابو دينو ڪمبل سوري ڪڏهن جو جاڳي پيو هيو ۽ هن هر آيل مسافر آڏو هٿ وڌائي ساڳيا جملا پئي چيا، جن ۾ زندگيءَ جهڙي هڪ جهڙائي هئي. ڳالهائڻ ڪري هن جي وات مان هر هر ٻاڦ ٿي نڪتي. جانو چانهن وارو، اسٽال تي ويٺو ڪوپ ڌوئي رهيو هيو ۽ آغا هڪ گراهڪ سان پئي ڳالهايو. ڪاري انجڻ صبح جي هير جيان دانهون ڪندي هڪڙي پاسي ڏانهن هلي وئي ۽ ان جو دونهون ڪيتري دير اڀ ۾ رات ٺاهي بيهي رهيو. ربوءَ جون اکيون اڃان به سگنل ۾ هيون. اڄ هن پڪو پهه ڪيو هيو ته هو ڪيئن به ڪري پاڻ کي ڪاري پهاڙ آڏو ضرور پيش ڪندو. هن نظر ڦيرائي سنسان پليٽ فارم تي نهاريو، هن کي تصور ئي تصور ۾ ڪيترائي انسان نظر آيا، جيڪي وسندڙ مينهن ۾ ڇٽيون کڻي بيٺا هيا ۽ ڳوڙها ڳاڙي ويندڙ ريل جي مسافرن کي هٿ لوڏي خدا حافظ چئي رهيا هيا.
ربوءَ سمجهيو شايد دنيا هن کي الوداع چوندي هجي، هو ڪنهن ريل ۾ ويهي دريءَ جي شيشي کان ٻاهر بيٺل انسانن کي ڏسندو هجي. وسندڙ مينهن ڪري شيشن مٿان وهندڙ پاڻيءَ ۾ هر شيءِ ڌنڌلي ۽ خوفناڪ هجي، هو ڏور ٿيندو ويندو هجي، ڏور انسانن کان ڏور.
اسٽيشن تي بيل وڳو ته ربو ٿڌ هوندي به پگهر ۾ پسي ويو. هن جا لڱ هلڪا ٿي ويا، مسافر پنهنجو سامان کڻي گاڏيءَ لاءِ تيار ٿي بيٺا ۽ ربو ائين ئي بي سڌ ويٺو رهيو، هن کي لڳو ريلوي لائن جي پريان بيٺل پهاڙ پنهنجي اندران ٻه ڪاريون ٻانهون ڪڍي هن ڏانهن وڌايون هجن، اهي ٻانهون ڊگهيون ٿينديون هن جي چيلهه جي چوڌاري ڦرنديون ويون هجن، هن بي سڌ پاڻ کي ڍلو ڇڏي ڏنو هجي ۽ ڪا به جدوجهد نه ڪئي هجي.
هن ڏٺو سگنل هيٺ ٿي چڪو هيو ۽ هن جو روح ٻه اڌ ٿي ويو، ڄڻ پورو سگنل هيٺ ٿي هن جي مٿي وٽان گهڙي جسم ۾ لهي ويو هجي ۽ هو ٻه ٽڪر ٿي ويو هجي، هن پاڻ کي بلڪل تيار ڪري ڇڏيو ۽ هو بي مقصد زندگي کي عذاب ڏئي ڇوٽڪاري لاءِ اٿي بيٺو. ان ڏينهن هن واقعي ئي پاڻ کي سزا ڏئي ڇڏي، هڪ مسلسل ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ سزا.
گاڏي بيهڻ کانپوءِ هو چئن مسافرن جو سامان کڻي چنگهندو اسٽيشن جي دروازي کان ٻاهر اچي رهيو هيو.
هن آغا جي نئين عمل کي ڳولي لڌو هيو.