ڪافر ديوتا
خدا جي فن کان متاثر ٿي هن پنهنجي تصور ۾ هڪ تصوير ٺاهي، خوبصورت تصوير، خدا ضرور ائين هوندو، نيٺ ته هن جو به وجود هوندو، هن جا به احساسات هوندا، جن جي زيردست پنهنجي تصور کي عمل جو جامو پهرائيندو هوندو. هن پنهنجي تصور ۾ خدا جو چهرو ٺاهيو ۽ هن اهو پڪو پهه ڪيو ته هو پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيل خدا جي آئيڊيل تي پنهنجو ڀرپور فن آزمائيندو هو عظيم خدا جي چهري ۾ حقيقت جون ريکائون ڀري ڇڏيندو، هو ان جي چهري ۾ عظمت ۽ وقار جا نقشا چٽيندو پر هن جو ذهن هڪ حد تائين سوچيندي مائوف ٿي ويو. هن جو ذهن انسان جي خوبصورتيءَ کان اڳتي ڪو تصور ڪرڻ لاءِ ناڪافي هيو. هن کي انسان جي سونهن ۽ وقار کان اڳتي ڪجهه ڌنڌلا عڪس نظر آيا جن جي حقيقت ڪائنات جي سونهن اڳيان ڪجهه به نه هئي. هو خدا کي ٺاهڻ پيو چاهي پر هن جو تيشو پٿر مٿان انساني سونهن کي جڳهه پيو ڏئي، دنيا جو ڪو به آئيڊيل انساني سونهن کان ناياب ڪين آهي، ڪهڙو به حسين تصور هوندو، اهو انساني سونهن تائين محدود هوندو، پر انساني سونهن لامحدود آهي. انساني سونهن کان اڳتي سوچڻ ذهنيت جو زيان آهي، جنهن جي ڪا به حقيقت نه آهي ۽ هن به خدا کي انسان جي روپ ۾ ٺاهڻ شروع ڪيو، هڪ عورت جي روپ ۾، جنهن اڳيان دنيا جون سڀيئي خوبيون سج اڳيان باهه مثل آهن.
سنگتراش مٿي تي هٿ ڦيرائي پنهنجي نرڙ تان پگهر صاف ڪيو ۽ هن ڪنڌ ورائي آس پاس خوبصورت دنيا جو جائزو ورتو، جيئن هو فنڪار جي تخليق ۾ ڀريل رنگن مان هن جي حقيقت معلوم ڪري مالڪ ۾ اهڙو عڪس چٽي، جهڙا هن جا خوبصورت تصور آهن. هن اولهه طرف ڪنڌ کڻي ڏٺو، آسمان ۾بيٺل ڪنڊ تي سج جا ڪرڻا هن جي اکين سان ٽڪرايا، اولهه طرف بيٺل پهاڙ هن کي ڪارا ۽ ڌنڌلا نظر آيا، جن جي پاسن تي پوندڙ شام جي ٻڏندڙ زرد هيڊي سج جا ڪرڻا پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ چنڊ جي عڪس جيان جهرمر ڪري چمڪي رهيا هئا، يا ان عورت جي خوبصورت ڳاڙهن چپن سان ٽڪرائي موٽ کائيندڙ، ستارن جيان جهرمر ڪندڙ لاٽ جيان ٿي نظر آيا، وري هن ڪنڌ ورائي اتر طرف نهاريو جتي هڪ خوبصورت پهاڙن جي دامن مان ور وڪڙ کائيندڙ ندي هئي جنهن جي ڪنارن تي گهاٽا ۽ بلند شيشم جا وڻ هيا، جن جي ٿڌي ڇانو ۾ هيٺان ڦٽيل گهاٽو ۽ سائو گاهه هيو. سنگتراش هڪ دفعو وري اوڀر ڏانهن نهاريو، هيڏو ديو جيڏو بند پهاڙ ٻرندڙ جبل جنهن جي چوٽيءَ مان ڪارو دونهون فضا ۾ بلند ٿي رهيو هيو. هن سوچيو ڪيئن نه رنگ آهن هڪ ئي دنيا ۾ هڪ ئي وقت خوفناڪ منظر ۽ اتي ئي وري خوبصورت دل چڙائيندڙ اونهاري ۾ ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جهڙا منظر. سنگتراش ڪائنات جا رنگ چونڊي پٿر ۾ ڀريندو رهيو، هن پهاڙ جي آس پاس بيٺل ڳاڙهن، هيڊن ۽ اڇن گلن مان رنگ چونڊيا، نيري عرش مان نظارا ان ۾ ڀريا، هن پٿر کي چانڊوڪيءَ سان شنان ڏنو، پنهنجي پگهر ۾ جذب ٿيل سورج لاٽن سان هن پٿر جو منهن ڌئاريو ۽ هن جو عظيم خدا جلد از جلد پنهنجي آخري مرحلن ۾ پهچي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جي اڳيان خدا جو ٺاهيل تصور پٿر جي سطح تي هوندو، عظيم خدا جنهن ۾ عورت جي سونهن ۽ صورت هوندي، عظيم ڪائنات جا سوين رنگ هوندا.
سنگتراش پنهنجي ڇيڻي مٿان هٿوڙي کي هڻي، پٿر تي گهمائيندو رهيو، ننڍڙيون ننڍڙيون پٿر جون چٿڙيون خدا جي جسم تان اڏري هيڏي هوڏي منتشر ٿينديون رهيون، سنگتراش جي چهري تي هڪڙا رنگ ايندا رهيا ته ٻيا ويندا رهيا، جهڙي نموني سان هن جا هٿ حرڪت ڪري رهيا هئا، اهڙي ئي نموني هن جي چهري تي تاثر رقص ڪري رهيا هئا. پگهر ڀريل چهري تي ڪڏهن نرڙ ۾ گهنج ته ڪڏهن نڪ وٽان شروع ٿي وات کي ويڙهيل چهري جا چير، اکيون اڌ کليل ته ڪڏهن پوريون، هو پنهنجي ڌن ۾ مگن ئي هيو ته اوچتو ڇيڻيءَ تان تيشو ٿڙي هن جي آڱر ۾ وڃي لڳو، زخم مان تازي رت رسجي ٻاهر نڪري بيهي رهيو، سنگتراش ٿوري دير مرڪيو ۽ پوءِ هن پنهنجي زخمي آڱر خدا جي چپن تي گسائي. خدا جا چپ ڪنوار جي جوڙي جيان ڳاڙها لال ٿي ويا، انهن ۾ لڪيل مرڪ وڌيڪ گهري ٿي ويئي، سنگتراش اڃان هن جي چپن کي نهاري ئي رهيو هيو ته هن جي ڪنن تي آواز پيو، جنهن کان هن جو ڇرڪ نڪري ويو، ”او سورج ديوتائون اسان تي پنهنجي ٻاجهه ڪر، اسان کي پنهنجي ڏمر کان هميشه پاسي رک، ڪاري رات کي نصيحت ڪر جيئن اها اسان کي ڪڏهن نه ايذائي. او سورج ديوتا!“
پهاڙين جي پويان بستيءَ مان اهو آواز بلند ٿي سڄيءَ واديءَ ۾ ڦهلجي ويو، سڀ نظارا وجد ۾ اچي ويا، اولهه طرف ڪجهه منٽ پهريائين حسين عورت جي چپن جيان چمڪندڙ پهاڙيون صرف انڌيرو عڪس ٿي نظر آيون، جن جي پٺيان ڳاڙهو گول سورج ٻڏڻ جون تياريون ڪري رهيو هيو، اوڀر طرف ٻرندڙ جبل تي پوندڙ سورج جون نارنگي شعاعون اڃان پئجي رهيون هيون، اتر طرف شيشم جا ساوا وڻ وڌيڪ گهاٽا ٿي نظر آيا، نديءَ جي شفاف پاڻيءَ ۾ اوندهه پنهنجو واسو ڪرڻ لڳي، سنگتراش جي آس پاس بيٺل ڳاڙها، اڇا ۽ هيڊا گل مرجهائجي چڪا هيا. هو ڪجهه گهڙيون بستيءَ مان اٿندڙ ان آواز کي ٻڌندو رهيو، شايد قبيلي وارا عادت موجب ٻڏندڙ سورج اڳيان سجدا ڪري دعا گهري رهيا هئا، سنگتراش ڪنڌ ورائي ڳاڙهي پيلي سورج کي ڏٺو، هن کي يقين نه آيو ته اهو خدا آهي، ڀلا خدا به ڪڏهن مرجهايو آهي؟ خدا به ڪڏهن ٿڪيو آهي؟ خدا به ڪڏهن رنگ بدلايا آهن؟ خدا به ڪڏهن هٿ سان اوندهه آندي آهي؟ نه بلڪل ن خدا اهڙو بدصورت نه ٿو ٿي سگهي، سورج خدا نه آهي. سنگتراش پنهنجو ڪنڌ پٿر جي بت ڏانهن لاڙي ڇڏيو، هن کي ان ۾ خدا جو هر عڪس نظر آيو سواءِ ٿوري ڪميءَ جي جيڪا ڪجهه ڏينهن اندر ان بت ۾ پوري ٿيڻ واري هئي.
آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو جڏهن سنگتراش آڏو هن جي خدا جو تصور هڪ بت جي روپ ۾ هيو. هن جي فن جو حسين شهپارو ڏسي ڄڻ ڪائنات مان ڪتڪتايون نڪري ويون. اتر کان وهندڙ نديءَ جي پاڻيءَ ۾ جيئن لرزش اچي ويئي، هر شيءَ ڪند ٿي ويئي، حيران ٿي ويئي، سنگتراش جي چهري تي مرڪ وري آئي ۽ هن گوڏن ڀر ويهي عظيم خدا جي حضور پهريون سجدو ڪيو، جيڪو هڪ سڄي ڏينهن جو هيو، اهو شاهڪار سنگتراش جو واقعي ئي ڪمال هيو، هڪ ڀرپور حسين عورت جو جسم هيو، بلڪل جيئرو، ڄاڻ ته روح پيل اٿس، گول ۽ خوبصورت چهري تي مرڪ ڀانءِ ته ڄاڻ ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي، ڇاتين جو اڀار، سنهڙي چيلهه، جنهن تي مٿي کان ايندڙ ڪريل وار، ڊگهو قد، گول ٻانهون، پٿر جي اکين ۾ چمڪ، بلڪل جيئري جاڳندي تصوير جي ڪو ماڻهو پهاڙ تي پهچي وڃي ته ان حسين شهپاري کي بت بدران جيئري عورت سمجهي ويهي، جيڪا پنهنجي هڪ هٿ ۾ نور جا ستارا کنيو بيٺي هئي بلڪل پر وقار ۽ عظيم.
اهو بت سنگتراش جو عظيم ڪارنامو هيو، خدا سان هن جي سچي محبت جي گواهي هيو. هن خدا جي تصور ۾ ڀرپور کوئجي، اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو هيو. سنگتراش پنهنجي فن تي پاڻ حيران هيو. جيتوڻيڪ هن جي دل جي ڪنڊ ۾ هڪ خيال پاسا ورائي هن کي بي چين ڪري رهيو هيو، هن کي چئي رهيو هيو ته اڃان ان خدا جي عڪس ۾ هزارين ڪميون آهن پر تڏهن به هو پنهنجي عقيدت تي خوش هيو. هن ڪوشش ڪري پنهنجي تصور کي حقيقت جو روپ ڏنو هيو، جيڪو ڀرپور طرح ان بت ۾ موجود هيو. سنگتراش کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ملي چڪو هيو، هن خدا کي تلاش ڪرڻ چاهيو هيو پر خدا جو هڪ رنگ اڄ هن آڏو پٿر ۾ موجود هيو. هن ڪائنات جي حقيقت مان روح چورائي هن جي جسم ۾ وڌا هيا، سنگتراش ان بت جي پوڄا ڪندو رهيو. هن کي پنهنجو مالڪ ملي چڪو هيو، جنهن انسان جي تخليق ڪئي، انسان کي سهڻو روپ بخشيو. هن جي بت ۾ چرپر ۽ مرڪڻ جي سگهه پيدا ڪئي، پر سنگتراش جو خدا جيڪو چرپر کان قاصر هيو. هن ۾ صرف مرڪڻ جي سگهه هئي، بي انتها مرڪ وڏي حياتيءَ واري، جنهن کي جيستائين پاڻ نه مرجهايو وڃي.
صبح ٿيو ته هڪ دفعو وري بستيءَ مان ساڳيو آواز گونجيو “او سورج ديوتا .......” سنگتراش سجدي مان اٿي هڪ دفعو وري ان آواز کي ٻڌو. هن ڪنڌ کڻي اوڀر طرف نهاريو صبح جو سورج ڪَر ڀڃي جاڳي پيو هيو. بستيءَ وارا وڏي آواز سان هن آڏو دعا گهري رهيا هئا، هن سورج ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ هڪ دفعو وري هن خوبصورت بت جي چهري ۾ پنهنجيون اکيون کپائي ڇڏيون. بت جو خوبصورت چهرو جنهن تي اڀرندڙ سورج جا هلڪا ناسي ڪرڻا پئجي رهيا هئا، هن جو سڄو چهرو پيلو ٿي ويو هو، هن کي بت جي ڳاڙهن چپن جي مرڪ اجهامندي محسوس ٿي، هن کي ائين محسوس ٿيو جيئن ڄاڻ بت ۾ چرپر ٿي، هن جا چپ ڄاڻ چريا، جيئن هن جو خدا هن سان ڳالهائڻ لاءِ بي قرار هجي، پر بت نه ڳالهايو. سنگتراش جي چهري تي حيرت ڇائنجي ويئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر ائين ڇو ٿيو ۽ خدا جي چهري تان مرڪ ڇو هلڪي ٿي ويئي.
ڇا خدا سچ پچ اهو خدا آهي جنهن کي مون تصور جو روپ ڏنو؟ ڇا خدا هر انسان جي اندر ۾ وسيل آهي؟ سڀني انسانن جا اندر هم خياليءَ سان ڀرپور آهن؟ نه ائين نه آهي. ڪائنات جي سيني تي وسندڙ هر انسان جي اندر ۾ خدا جا سمايل عڪس مختلف آهن، ها مختلف، اڃان سنگتراش سوچي ئي رهيو هيو ته هڪ دفعو بستيءَ مان وري ساڳيو آواز گونجيو “او سورج ديوتا ........” ۽ سنگتراش کي پڪ ٿي ويئي ته خدا جو هڪ روپ نه آهي، هر اندر ۾ هن لاءِ مختلف تصور آهن.
جيئن ڏينهنَ گذرندا ويا خدا جي بت ۾ هزارين تبديليون اينديون ويون، جيئن سنگتراش جي عبادت هن ۾ روح ڦوڪيندي هجي، بت جي چهري ۾ حقيقت جون ريکائون ڏينهون ڏينهن نروار ٿينديون ويون. سنگتراش کي ائين محسوس ٿيو جيئن بت ڄاڻ ڳالهايو وقت سان گڏ هن ۾ ڳالهائڻ جون صلاحيتون جمع ٿينديون ويون.
عبادت وقت سنگتراش کي ائين محسوس ٿيندو هيو، جيئن هزارين دليون هڪ ئي وقت بت آڏو سجدو ڪنديون هجن. جيئن خوبصورت دليون ننڍن ٿالهن ۾ ڳاڙها گل کڻي بت مٿان نڇاور ڪنديون هجن. هلڪا هلڪا گهنڊ وڄندا هجن، ڇير جو ڇمڪو ٿيندو هجي، رقص ڪري ٿڙڪندڙ دلين جا جسم وروڪڙ کائيندا هن آڏو لنگهندا هجن. خدا جو بت هنن کي هٿ ڊگهيڙي آشيرواد ڏيندو هجي. سڀ گهنڊ هڪ زوردار آواز سان وڄي هلڪا ٿي ويندا هجن ۽ سڀ دليون سهڪنديون لڙکڙائينديون خدا آڏو سرنگون ٿي وينديون هجن، پر ائين ڪڏهن به ڪو نه ٿيو. اهي صرف سنگتراش جا وهم هيا، هن جي دل ۾ خدا لاءِ سمايل محبت ۽ عقيدت جي رنگ ڍنگ جو مليل فڪر هيا، هن کي پنهنجي فن جي منزل ملي چڪي هئي، هاڻي هن اڳيان ڪو به مسئلو نه هيو سواءِ عبادت ڪرڻ جي خدا کي خوش ڪرڻ جي.
سنگتراش کي بستيءَ جي رهاڪن تي رحم ايندو هيو، هن کي انهن جي بيوقوفي ۽ ڪوڙي خدا تي کل ايندي هئي، بيوقوف انسان ڪيئن ته ٿا پنهنجي عظيم ذهنيت کي گندو ڪن، آخرڪار هنن کي ان ٻرندڙ گولي ۾ هٿ ڇا آيو آ، جنهن جي ڪري هو ان کي سجدو ڪن ٿا؟ سنگتراش جي دل چاهيو ته هو بستيءَ وارن کي سڏي ڪائنات جي اصلي خدا سان متعارف ڪرائي، هو انهن کي حقيقت جو رستو ڏيکاري پر هو اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهيو، ڇو جو هن کي خبر هئي ته انسان هٺ ڌرم آهي، قدامت پسند آهي، هو پنهنجي ضد اڳيان حقيقت کي ڪا به ترجيح نه ڏيندو آهي، هو پنهنجي ڪوڙي شيءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي تصور ۾ ٺهيل حقيقت جي ڪفن کي تنگ ڪري سچ جي لاش جا هڏا چوري ڪري وٺندو آهي، سنگتراش کي خبر هئي ته انسان لوهه وانگر آهستي آهستي چٻو ٿيندو آهي وقت سان گڏ خدا جي بت ۾ زندگيءَ جا تاثر گهرا ٿي ويا، هن جي لسن ۽ خوبصورت ڳٽن ۾ خون جي گردش شروع ٿي چڪي هئي، هن جي وارن جو رنگ ڪارو ٿيڻ وارو هيو، هن جي اکين ۾ حياتيءَ جي چمڪ نروار ٿي چڪي هئي، سنگتراش کي بت جي ان بدليل حالت پريشان ڪري وڌو، جيڏي هن جي عقيدت گهري ٿي اوترو ئي هن جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، وقت جو هر لمحو ڪائنات لاءِ تجسس جو پيغام هيو ”بت ۾ زندگي ...... بت ۾ زندگي.“
سنگتراش جي دماغ مان بلند ٿيندڙ آواز واديءَ ۾ ڄڻ پڙاڏو پيدا ڪرڻ لڳو، جيئن ڪو ديو پهاڙن ۾ بيهي زور زور سان ٽهڪ ڏيندو هجي، سڄي وادي ان خوف کان لرزجي ويئي، نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن سنگتراش جي اڳيان بت جي بدران هڪ خوبصورت عورت جو چرپر ڪندڙ جسم هيو، حسين عورت جنهن کي اتر جي خوبصورت وادي ڏسي شرمائجي ويئي، شيشم جا وڻ جهڪا ٿي نديءَ مان نڙي آلي ڪرڻ لاءِ پاڻي پيئڻ لڳا، اوڀر ۾ ٻرندڙ جبل جي دونهي ۾ ڄڻ ڄر اچي ويئي، چمڪ اچي ويئي، آس پاس بيٺل نيرا، ڳاڙها گل مرڪي مرڪي هڪ ٻئي پٺيان لڪي خدا جي حسين وجود کي ليئا پائڻ لڳا. سنگتراش جا اهڙي حسين خدا کي ڏسڻ کانپوءِ تارائي ڦوٽارجي ويا، هن جي جسم ۾ خوف کان ڏڪڻي واسو ڪري ويئي.
”ڊڄ نه مهراج.“ عورت مرڪي سنگتراش جي ويجهو ايندي چيو، ”خدا پنهنجي بندن کان نه گهٻرائيندا آهن.“
عورت جي ڳالهائڻ سنگتراش جي حيرانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آڻي ڇڏيو.
”عظيم خدا تون پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي وئين.”
”مالڪ پنهنجي بنديءَ کي خدا سڏي شرمندو نه ڪر.”
سنگتراش عورت جي ڳالهه تي پريشان ٿي ويو، هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته آخر خدا هن کي مالڪ ڇو ٿو سڏي.
”مان تنهنجو مطلب نه سمجهيو.“ سنگتراش چيو.
”ها تون ئي ته منهنجو خدا آهين.“ عورت هن جي اڳيان جهڪندي ۽ ٻيئي هٿ ٻڌندي چيو، ”مان تنهنجي تيشي جي ته تخليق آهيان.“
”پر منهنجو وجود.“ سنگتراش هٻڪندي چيو ”منهنجو وجود تنهنجي قدرت جو ڪمال نه آهي، مان توکي نه ٺاهيو آهي، پر تون مون کي ٺاهيو آهي.“
سنگتراش جي ڳالهه تي عورت ٿورو مرڪي ”نه مالڪ تون پنهنجي وجود جو پاڻ خالق آهين، تون انسان آهين ۽ انسان ئي تنهنجو تخليق ڪار آهي انسان توکي ٺاهيو آهي بلڪل مون وانگر جيئن تون مون کي ٺاهيو آهي، انسان ئي خدا آهي، ان کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪهڙي هستي آهي.“
سنگتراش پٿر جي بت مان ٺهيل عورت جي گفتگو تي حيران هيو، سڄي وادي ڄڻ بدلجي ويئي، هوائن جو احساس ڇڊو ٿي ويو، عجيب ڪيفيت ٿي ويئي، هر ڪنهن شيءَ جي سنگتراش کي يقين نه ٿي آيو ته هو ان خدا سان مخاطب آهي، جنهن کي هن ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي تيشي سان تراشي ٺاهيو هيو، هو حيران هيو ته آخرڪار اهو سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن.
”ها خدا.“ عورت سنگتراش اڳيان هٿ ٻڌي هڪ دفعو وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”ڏس منهنجي لبن جي لالي تنهنجي خون سان ئي ته قائم آهي، هي ساري ڪائنات به تنهنجي ئي دم سان آهي، جي تون نه هجين ته دنيا بيڪار آهي، پر جي تون هجين دنيا نه هجي ته دنيا جي تخليق تنهنجي لاءِ ڪوئي مسئلو نه آهي، هيءَ ساري ڪائنات تنهنجي آهي، تون خدا آهين.“
عورت جي ڳالهين تي سنگتراش منجهي پيو، هن کي پاڻ تي خار اچڻ لڳا، ڇو جو هن ڪافر خدا جي تخليق ڪئي، هن جي دل چاهيو ته هو تيشي سان هن جي جسم جا ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي پر ان وقت هن آڏو بت نه پر حقيقت هئي، هڪ خوبصورت عورت جو جسم جيڪو پاڻ کي بندو سڏي رهيو هيو، آخرڪار سنگتراش ٿورو زور سان ڳالهائيندي چيو ”مان سنگتراش آهيان، ڇا مان هڪ ڪڻڪ جو داڻو ٺاهي سگهان ٿو؟ هڪ وڻ ٺاهي سگهان ٿو، جنهن ۾ زندگيءَ جا آثار هجن، هڪ پکي ٺاهي سگهان ٿو جيڪو فضائن ۾ پرواز ڪري؟“
عورت هڪ دفعو وري مرڪي پيئي.
”ها خدا ڇو نه مون کي ته عجب ٿو لڳي مالڪ ٿي توکي پنهنجي ملڪيت جي ڄاڻ نه آهي.“
”آخرڪار هيءَ ڪڻڪ ڪير ٿو اپائي، تون صرف تون ئي ته زمين ۾ هر هلائي اناج اپائين ٿو، تون ئي ته ان کي خلقين ٿو، ڪائنات جا سڀ وڻ تنهنجي محنت جو ئي ته سلو آهن. تون ئي ته جڏهن چاهين انهن کي ٺاهين ٿو، جتي چاهين اڀاري سگهين ٿو، دنيا جا هي سڀ پکي تنهنجي ئي ته دم سان آهن. تنهنجي ڪئي مان ئي ته جيئرا آهن، تنهنجو وجود ئي ته انهن سڀني جو روح آهي، آخرڪار روح کان وڌيڪ ڪهڙو خدا آهي، جيڪڏهن تون نه هجين ته ڪنهن به شيءَ ۾ ساهه نه هجي.“
”نه نه، ڪوڙ آ.“ سنگتراش خار مان آس پاس بيٺل ڳاڙهن گلن کي ڇنندي چيو، ”مان دنيا جو خالق ڪيئن ٿو ٿي سگهان؟ تون ڪنهن جادوگر جو روح آهين، جيڪو منهنجي خدا جي جسم ۾ سمائجي ويو آهي، نڪري وڃ اتان، نڪري وڃ.“ عورت جي چهري تي ساڳي سنجيدگي هئي، سنگتراش جي ڪاوڙ جي رد عمل ۾ هن پنهنجون اکيون بند ڪري وري کولي ڇڏيون، ”خدا تون ڪاوڙجين ڇو ٿو، ڇا دنيا جو وجود تنهنجي ئي دم سان نه آهي؟ ڇا تون هن مئل دنيا کي پنهنجي محنت سان ساهه نه وڌو آهي؟ گهر نه اڏيا آهن؟ پوکون نه ڪيون آهن؟ ڪارخانا نه اڏيا آهن؟ تون ئي ته ڪائنات لاءِ آهين، پنهنجي عظيم ورثي کي قبولڻ کان انڪار ڇو؟“
سنگتراش جي اڳيان هن جي وجود جي وضاحت ٿيندي وئي، وقت سان گڏ گذريل هن کي پنهنجي زندگي گار محسوس ٿي، هن پنهنجي وجود کي بي مقصد پاتو، هن کي پنهنجي ماضي قريب جا لمحا پاڻ مٿان لعنت محسوس ٿيا، ”هن آخرڪار سجدو ڪيئن ڪيو؟ پنهنجي بڻايل شيءِ اڳيان ڪيئن جهڪيو؟ ان بت کي هن ئي ته ٺاهيو هيو، اهو بت هن جو ئي ته بندو هيو، پوءِ هن خدا ٿي ان آڏو سر ڪيئن جهڪايو.؟“
”خدايا.“ عورت هڪ دفعو وري عقيد مان اکيون ٻوٽي چيو ”جيڪڏهن مون کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معاف ڪندا باقي مان ڄاڻان ٿي ته توهان ئي منهنجا خدا آهيو، انسان ئي ڪائنات جو خدا آهي.“
”پوءِ ڪيئن؟ آخر ڪيئن؟ سڀ انسان جدا آهن ته بندو ڪير آهي؟ ڪائنات جا ڪروڙين خدا، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.“
عورت ٿورو پريشان ٿي ويئي ۽ هن نرمائي سان چيو:
”تون غلط سمجهين خدا، انسان ئي خدا آهي ۽ انسان ئي بندو آهي، انسان ئي انسان جي تخليق ڪري ٿو ۽ انسان ئي انسان جو خدا ٿئي ٿو، انسان ئي هڪ ٻئي جا بندا ۽ خدا آهن. هڪ حياتيءَ جو دارو مدار ٻئي تي آهي. انسان ئي انسان کي سجدو ڪري “هو هڪ ٻئي کي سجدو ڪن، هر انسان پاڻ کي بندو ۽ ٻئي کي خدا تسليم ڪري ۽ هر ڪو پوءِ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي اڳيان جهڪي، سجدو ڪري.“
عورت جون ڳالهيون سنگتراش جي سوچ کان وڏيون هيون، هن تڏهن به انهن لفظن جي حقيقت کي پروڙي ورتو، هن کي عورت جي ٻڌايل هزارن خدائن جي پٺيان ايڪائي نظر آئي، جنهن ۾ دوئيءَ جو ڪو به وجود نه هيو. هڪ خدا هيو، صرف انسان. عورت لڳاتار ڳالهائي رهي هئي، ”منهنجا خدا مان ته اهو سوچيندي هيس ته آخرڪار منهنجو خدا سجدا ڇو ٿو ڪري ڪوئي پنهنجي بڻايل بندي کي به سجدا ڪندو آهي ڇا؟ مان ته هر وقت اوهان جي آڏو جهڪندي هيس، انسان جي ڪائنات جي هر شي کي پروڙي ته هن کي اهو معلوم ٿي ويندو ته هر ڪا شيءَ هن آڏو جهڪيل آهي.“
سنگتراش جي اڳيان دنيا پنهنجي اصلي روپ ۾ اچي ويئي، هن ذهن تي زور ڏيئي سوچيو، هن پاڻ ۾ هزارين صلاحيتون محسوس ڪيون، هو واقعي خدا هيو جنهن ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي، پنهنجي محنت جي تيشي سان هن ۾ هزارين نقش چٽيا آهن، سنگتراش جي چپن تي مرڪ اچي ويئي، هن خوشيءَ مان اکين کي ڇنڀي عورت ڏانهن نهاريو پر هن جي حيرت جي انتها نه رهي هن ڏٺو عورت جي بدران هن جي سامهون ساڳيو تراشيل بت هيو، ساڳي لازوال مرڪ ۽ رت رڱيل چپڙا، هن کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ڇا هو خواب ڏسي رهيو هيو؟ اهو سڀ ڪجهه ورهين کان هن جي اندر ۾ ٻرندڙ باهه جي ٻاڦ هيو؟ هن سوچيو ها اهو سڀ ڪجهه ورهين کان پنهنجي اندر ۾ متل بحث جو جواب هيو، بت صرف هڪ خيالي ڪردار هيو، منهنجي خيالن جو هڪ ڏار هو، جنهن کي حقيقت جي طوفان وڻ کان ڪيرائي ساڙي ڇڏيو، سنگتراش پنهنجي چهري تي تکي مرڪ کڻي اٿيو. ڪنڌ کڻي هن اوڀر طرف پوئين پهر جي نيراڻ کي نهاريو ۽ هلڪا هلڪا قدم کڻندو اوڏانهن وڌي ويو. ٿوري دير کان پوءِ گناهگارن جي چهري جهڙو زرد سورج طلوع ٿيو، بستيءَ وارا ماڻهو هڪ دفعو وري دانهي سورج کي سجدا ڪرڻ لڳا، ”او سورج ديوتا صبح جو سلام“ اڃان هنن دعا شروع ئي مس ڪئي ته هنن هڪ انسان کي پهاڙين پٺيان طلوع ٿيندڙ سورج جي آڏو ايندي ڏٺو، هڪ ڪارو انساني پاڇولو جيڪو هيڏي وڏي سورج کي پٺ ڏيئي ڍڪي بيهي رهيو، هن پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي بلند ڪيا، جن مان هڪ ۾ تيشو هيو ۽ ٻئي ۾ ڇيڻي، بستيءَ وارن ۾ خاموشي اچي وئي ۽ هو گهُوري ان پاڇولي کي نهارڻ لڳا، هر طرف سناٽو ڇانيل هو، ٿوري دير گذري ته سڀ بستيءَ وارا ان ڪاري عڪس آڏو جهڪيل هيا، ڪارو عڪس جنهن جي هٿن ۾ تيشو ۽ ڪلي عرش ڏي بلند ٿيل هئا ۽ ان ڪاري پاڇولي پٺيان لڪيل هيڏو وڏو گول ۽ زرد سورج جيڪو هن جي قدمن مان طلوع ٿي رهيو هيو.