گوڊوٽ جو جنم
دنيا جي تختي تي هن جي به هڪ قوم هئي ۽ ان قوم ۾ ڪيتريون ذاتيون هيون، مختلف رسم و رواج هيا، الڳ الڳ ٻوليون هيون، هن کي پنهنجي قوم پنهنجي هوندي به ڪڏهن پنهنجي محسوس نه ٿي، هوءَ ڪم ذات هئي، شودر هئي پر آخر هئي انسان. هن سان پنهنجي ديس واسين اهو سوچي زنا ڪئي ته هوءَ ڪم ذات هئي، هن سان فرقي پرستن ان ڪري زنا ڪئي ته هن جو فرقو ٻيو هيو، هن سان قبيلي واسين ان ڪري زنا ڪئي ته هن جو قبيلو ٻيو هيو. هوءَ اڪيلي هئي، هر انسان اڪيلو آهي، هر مذهب، قوميت، ذات، ٻولي، رسم و رواج هن کي سينا جي ريگستاني دڙن جيان ديوار محسوس ٿيا، جن جي هڪ پاسي ڏانهن ٿوهر جهڙا اڪيلا انسان بيٺا هيا ته ٻئي پاسي ڏانهن ٻيا. هن کي انسانن کان واريءَ جا ذرا چڱا محسوس ٿيا، جيڪي هوائن جي اٺ تي سوار ٿي دنيا جي هر خطي ۾ پنهنجو قافلو ڪاهي سگهن ٿا، دنيا جا ريگستان انهن لاءِ آهن ۽ هو ريگسانن کي جنم ڏيڻ وارا.
هن جو اصلي نالو مريم هيو، اها مريم جنهن اڄ کان سوين سال اڳ......... کي جنم ڏنو، اها مريم جنهن جي ........... جي ڪا به قوميت نه هئي، جنهن ۾ ڌرتيءَ جي ڪنهن باشندي جو رت شامل نه هيو. هو......... هيو. نيل جي تاريخ جيان الڳ ٿلڳ.
مريم کي پنهنجي ديس واسين ڏاڍا ڏک ڏنا. هن کي آڪاش ۾ هر طرف ڦهليل اڇو جهڙ محسوس ٿيو، ڇڊو ڌرتيءَ جي انسانن جيان، گلوب جي مٿاڇري تي ٺهيل نقشي جي لڪيرن جيان، ڪڏهن به مينهن نه وسائڻ جهڙو جهڙ، اڃ ۽ رڃ، ڏڪر، تپيل ڌرتي، ڄڻ آدم جو چلهه تان لاٿل تازو گول تئو، ڳاڙهو. هابيل قابيل جي ابتدا ۽ بي انتها، جنهن جو ڪو به ڪنارو نه. قوميت جو قوميت تي تسلط ذات پات جا جهڳڙا، سر جڪڙين ۾ ڦاٽل شودرن جون ديولين ۾ بلند ٿيندڙ دانهون تاريخ جا ابتا پڙاڏا.
مريم سوچيو آخر اهو سڀ ڪجهه ڇو آهي؟ ڇو ان ڌرتيءَ کي جهونو ڇو بڻايو ويو آهي؟ هن جي موڪري منهن کي مذهب، قوميت، ذات ۽ ٻين نفاقن جي آڙ ۾ انسان جي وهايل خون مان برش ٻوڙي ٻڍائپ جون لڪيرون ڇو ڪڍيون ويون آهن. انسان انهن سڀني شين مان هٿ ڇا ڪيو آهي؟ هن ڇا پرايو آهي؟
تسلط، بک، بربادي پر آخر هو سوچي ڇو نه ٿو. هو ڪروڙين رپيا بچاءَ تي خرچ ڪري ٿو، هن کي ڀوءُ ڪنهن مان آهي؟ پاڻ مان؟
مريم سينا جي صحرا ۾ ڊوڙندي رهي، هن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون هيا، ڪنهن مذهبي ڪٽر جي تلوار تي ريلا ڪري وهندڙ لهوءَ جي دٻي جيان هن جي ڳاڙهي سلوار جهيريون جهيريون هئي، سٿرن تائين ڦاٽل، دنيا جي کوکلي ثقافت ۽ تهذيب جو نمونو، جنهن کي هو پنهنجو تاريخي تسلسل چئي پاڻ پڏائي ٿو.
سينا جي صحرا مان ٿيندي هوءَ يهودين جي ملڪ ۾ پهتي. ڪجهه يهودين هن جي شڪل کي نهاريو ۽ پوءِ رڙ ڪري هن ڏانهن وڌيا، ”وٺوس حرام زادي مسلمان، نانگن کي جنم ڏيڻ واري.“ ۽ پوءِ هوڪارو پئجي ويو. جيئن مئل ڳئون جي لاش تي هزارين ڳجهون لامارا ڏئي لهي پيون هجن. خاموش ڳئون، مئل ڳئون، جنهن ڪڏهن به احتجاج نه ڪيو. هن جي نصيب ۾ ڪهڻ جو لفظ لکيل آهي، احتجاج جو نه. يهودين هن کي خوب زنا ڪيو ۽ پوءِ هو بيهوش مريم کي ٽنگا ٽولي ڪري سرحد کان ٻاهر اڇلي آيا. هن کي هوش آيو ته هوءَ هڪ ٻئي ملڪ جي سرحد تي هئي. ڪجهه ماڻهو رڙ ڪري وري هن ڏانهن ڪاهي پيا، ”وٺوس اسان جي قوميت مان نه آهي.“
هنن مريم سان زنا ڪئي ۽ ٻين جيان هڪ دفعو وري هن کي ٽنگا ٽولي ڪري سرحد کان ٻاهر اڇلي آيا. هوءَ هڪ ٻئي ملڪ ۾ هئي. ان ملڪ وارن به هن کي زنا ڪيو ڇو جو هن جي ٻولي ٻئي هئي.
هوءَ هر ملڪ مان ٿيندي اڳتي وڌي، ڌرتيءَ جي ڳولا ۾ انسانن جي ڳولا ۾ اهڙي ڌرتي جتي ڪو به مذهب، قوميت، ذات ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت نه هجي، هڪ جهڙائي هجي، انسان ۽ دنيا جي وچ ۾ ڪا به ديوار نه هجي. هوءَ جنهن ملڪ مان لنگهي هن کي اتان جي ماڻهن غير سمجهيو، هن کي مذهب ۽ قوميت جي آڙ ۾ زنا ڪيو. هوءَ ايشيا جون سرحدون ٽپي يورپ پهتي. هن کي يورپ نه بخشيو. ڇو جو هوءَ ڪاري نسل جي هئي ۽ گورا ڪارن لئي ازلي دشمن. هن سان آمريڪا جي يهودين زنا ڪيو. هن کي ساري دنيا زنا ڪيو. هوءَ پناهه وٺڻ لاءِ جنهن به ملڪ ۾ گهري اتان جي ماڻهن جو تخم هن ۾ شامل ٿي ويو. هن کي ماڻهن ٽنگا ٽولي ڪري سرحدن کان ٻاهر اڇلايو. هن کي دنيا ۾ انسان نه پر فوج جا اهي ڇڙواڳ هاٿي محسوس ٿيا، جيڪي باهه کان ڊڄي پٺتي ڀڄندا آهن ۽ ويندي ويندي پنهنجي لشڪر جو به خيال نه ڪندا آهن، پنهنجا سپاهي پنهنجي ٿلهن پيرن هيٺان چيڀاٽي ماري ڇڏيندا آهن. هن خدا کان احتجاج ڪيو آخر هن جو ڏوهه ڪهڙو هيو جنهن جي عيوض هن کي اهڙي سخت سزا ڀوڳڻي پئي. آخرڪار انسان ڪيستائين نفرت جي چڪيءَ ۾ پسجندو رهندو، هن جو وجود ڪيستائين سامراجين جي پيٽ جو کاڄ ٿيندو رهندو.
مريم پنهنجيون ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کڻي خدا کي مخاطب ڪيو، ”او خدايا تون ته هن ڌرتيءَ جو خالق آهين، توکي ته اڳڪٿيءَ جي شڪتي آهي، پوءِ تون اهو ڇو ڪو نه پيو سوچين ته هڪ لک چوويهه هزار نبي هن ڌرتيءَ تي اچي مختلف مذهبن ۽ قوميتن کي جنم ڏيندا، خانه جنگي ٿيندي، هزارين انسان مرندا. او خدايا تون هڪڙو مذهب ڇو نه پيدا ڪيو؟ هڪڙو نبي ڇو نه اماڻيو؟“
۽ پوءِ جڏهن هن لاءِ ڌرتي تنگ ٿي وئي ته هن روس مان ٿيندي ايشيا جو رخ ڪيو، هوءَ تاتارين مان ٿيندي چائنا ۾ گهري ۽ اتان تبت جو رخ ڪري اڳتي هماليه جي پهاڙن ۾ گم ٿي وئي. ڇو جو هوءَ بلند هئي. مذهب ۽ قوميت کان بلند. هن جو هنڌ بلنديون هيون. هن انسانن کي پرکيو هيو، هوءَ عام انسان نه هئي. مريم هماليه جي بلندين تي چڙهي پنهنجو آستانو ٺاهيو.
ويهه سال گذري ويا، دنيا مريم کي وساري ڇڏيو، پر دنيا ۾ ساڳي بدامني، هر طرف هوڪارا، خوني انقلاب، گولين جي آواز تي اکيون مهٽي سجاڳ ٿيندڙ انسان، سامراج جي خلاف جنگ، مذهب جو مذهب سان مقابلو، قوميت جي قوميت سان جنگ، آزاديءَ جو نعرو، جديد سوچن جو دقيانوسي ٺاهن سان ٽڪراءُ، بارود جي ڌماڪن ۾ عورتن ۽ ٻارن جون آهون، جوانن جو مٽيءَ ۾ ملندڙ خون، بي گناهه انسان، جذبات جي آريءَ ڏي سرندڙ ڪاٺ، هر ڪو مذهب، قوميت، ٻولي، تهذيب، ذات ۽ ڪوڙن نظرين جي جنگ ۾ مصروف، ڪير شانتيءَ جو پيغام ڏئي، ڪير انهن جي ضد ۽ قدامت پسنديءَ کي ٽوڙي.
ڌرتيءَ تي ساوڪ پوکڻ لاءِ ٺاهيل هٿ، ان ۾ ڳاڙهاڻ ڀريندا رهيا، جنگيون ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ جو قسم کڻي هلنديون رهيون، اوچتو ڪٿان ڪو آواز زوڪٽ ڪندو وڌندو آيو.
”بيهو اي انسانو بيهو..... بيهو، ..... اي انسانو بيهو........“ هر ڪنهن جا هٿ رڪجي ويا، هر ڪنهن جي منهن تي حيرت جا پاڇولا وڌي آيا، هر ڪو ٿڪيل هيو، امن ۽ شانتيءَ جي پيغام جو منتظر هيو، هر ڪو صرف مُنهَن جي پڪائيءَ سان وڙهي رهيو هيو، پنهنجي ضد ڏيکارڻ لاءِ، هر ڪنهن ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو.
”تون ڪير آهين؟“ سڀني گڏجي چيو، هنن جي ٿلهي آواز ايٽم بم جيڏو ڌماڪو ڪيو.
”مون ۾ توهان سڀئي سمايل آهيو.“
”ڇا تون مسلمان آهين؟“ انهن مان هڪڙي سوال ڪيو.
”ها مان مسلمان آهيان.“
”ته پوءِ تون اسان مان ڪيئن آهين؟“ هڪڙي يهوديءَ چيو.
”مان يهودي به آهيان.“
“ڇا تون هندو آهين؟”
”ڪميونسٽ آهين؟“
”تو وٽ منهنجي قوميت آهي؟“
”تو وٽ منهنجي ٻولي آهي؟“
ڪن هن کان ذات پڇي.
”ها مون ۾ سڀ ڪجهه سمايل آهي.“
”ڇا تون آمريڪي آهين؟“
”يورپي آهين؟“
”آفريڪي آهين؟“
”آسٽريلوي آهين؟“
”ايشيائي آهين؟“
هر ڪنهن چوٽيءَ ڏي منهن ڪري پڇيو.
”مان سڀ ڪجهه آهيان، مون ۾ دنيا جو هر نسل سمايل آهي، مان توهان سڀني مان آهيان، مان گوڊوٽ آهيان، گوڊوٽ مون هڪ دفعو وري مريم مان جنم ورتو آهي، مان ان ميري جو پيدا ڪيل آهيان جنهن ۾ پوري دنيا جو تخم سمايل هيو. مان اهو آهيان جنهن کي پنجن کنڊن جي مٽيءَ مان، ستن سمنڊن جي پاڻيءَ سان ڳوهي ٺاهيو ويو، مون ۾ دنيا جو هر نسل هر تهذيب، قوميت نظريو، زبان ۽ ذات سمايل آهي، منهنجي وجود ۾ دنيا جو هر خطو موجود آهي. مان مختلف انساني ذرن جو گهڙيل آهيان، مان توهان جي اختلافن جو گڏيل مجموعو آهيان ۽ اختلاف مون ۾ ملي هڪ ٿي ويا آهن، مان مڪمل انسان آهيان، منهنجو ظهور توهان جي ايڪتا امن ۽ روشنيءَ جو سنهيو آهي، مون وٽ نفرتون نه آهن، ڪي به بغض نه آهن، ڇو جو مون وٽ انهن لاءِ ڪو به جواز نه آهي، مون کي منهنجو وجود ائين پيو محسوس ٿئي جيئن منهنجو ذرو ذرو توهان آهيو ۽ مون ۾ سمائجي هڪ ٻئي کي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ جڪڙي اهڙي ته سوگهائيءَ سان چهٽيا پيا آهيو، جو منهنجو بدن وجود ۾ اچي ويو آهي، اچو توهان به هڪ اهڙي جذبي سان مون گوڊوٽ جهڙي جسم کي جنم ڏنو، جيڪو ڌرتيءَ تي هڪڙي ئي مرڪز ۽ نڪتي جي ڏيک ڏئي.“ پوءِ گوڊوٽ هنن کان سوال ڪيو ”ڇا توهان مان ڪو به مون کي قتل ڪرڻ چاهيندو؟ شايد ڪو به نه ڇو جو هر ڪنهن کي احساس آهي ته ٿي سگهي ٿو هن ۾ اسان جو رت شامل هجي، هيءُ اسان جي تخم مان هجي، پر توهان پنهنجي ماضيءَ ڏي هڪ نظر ڦيرايو، ڇا توهان کي پنهنجي وجودن جي ايڪتا ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي؟ ڇا انساني ارتقا توهان لاءِ موت ۽ تباهيءَ جو سنيهو کڻي آئي آهي؟ توهان جو ڪروڙين سال پوئتي ڇڏيل ماضي توهان کي رڙيون ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان هڪ ئي ستاري جا مختلف ترورا آهيو، جيو گهرڙي جنم ڏيندڙ سمنڊ شايد ان ڪري خشڪ نه ٿيو آهي جو اهو توهان جي سوچ تي صدين کان ڳوڙها ڳاڙي پاڻيءَ سان ڪنارن تائين پر لڳو پيو آهي. مون کي ڏسو آءُ بلڪل ان ماضيءَ جي ايڪائي جهڙو آهيان جنهن جا توهان ترورا آهيو ۽ ساڳين ماضيءَ جي ترورن ملي هڪ دفعو وري حال ۾ هڪ نڪتي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو مان آهيان. اچو ۽ مون جيان هڪ دفعو وري پاڻ ۾ سمائجي سج جيان هڪ ٿي وڃون، ڇا هڪڙي سج جا مختلف ڪرڻا ڪڏهن هڪ ٻئي سان جنگجو ٿيا آهن؟ اهي ته منصف آهن، پوري دنيا لاءِ آهن، انهن ڪڏهن به پنهنجي روشني سان دنيا جي هڪ حصي سان زيادتي ڪري ٻئي کي نه نوازيو آهي. نه ئي ڪو ظالم سج کي ان ڳالهه تي راضي ڪري سگهيو آهي ته سدائين هن جي محل مٿان روشن هجي.
گوڊوٽ هماليه جي چوٽيءَ تان گجندو رهيو، هن ڌرتيءَ وارن کي ٻڌي ۽ امن جو پيغام ڏنو، انهن جي دلين کي ڌوئي انسانيت جي ڌاڳي ۾ پوئي ايڪتا جي تسبيح جو روپ ڏئي ڇڏيو.
انسانن کي پنهنجو مرڪز ملي ويو ۽ هو بي اختيار ٿي گوڊوٽ اڳيان جهڪي پيا، هنن کي پنهنجو ماضي ملامت ڪري رهيو هيو ۽ هو روئي روئي پنهنجي جذباتپڻي تي ماتم ڪري رهيا هيا.
(سموئل بڪيٽ جي ڊرامي”گوڊوٽ جو انتظار“ Waiting for Godot جي جواب ۾.)