ڪھاڻيون

ڪافر ديوتا

”ڪافر ديوتا“ ڇهن ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ورکا، ڪارو پهاڙ، ڪافر ديوتا، تنهنجي جنازي پويان، گوڊ وٽ جو جنم ۽ پل جي پريان ڪهاڻيون شامل آهن. ورکا، ڪارو پهاڙ ۽ پل جي پريان هڪ نئين سوچ تحت لکيل ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مايوسين کان انڪار نه ڪيو ويو آهي، پر اهو اقرار ڪيو ويو آهي ته مايوسين جو وجود لازمي امر آهي، جنهن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿوڪري سگهجي. ”پل جي پريان“ ۾ هر مايوس انسان آپگهات ۾ نجات ڳولي ٿو، پر هڪ لنگڙو ۽ چيچلائيندڙ انسان مصيبتن ۾ رهندي به ان ڪري جيئرو آهي ته هو هڪ انڌي عورت سان ئي صحيح، پر پيار ڪري ٿو ۽ اهو پيار ئي هن جي مايوس زندگيءَ جي آس بڻجي، هن کي ٻين نراس انسانن کان منفرد ڏيکاري ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2076
  • 840
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رسول ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪافر ديوتا

پل جي پريان

بئريج جا دروازا بند ٿي چڪا هيا ۽ ٻيڙين جي گهاٽ ڀرسان ماڻهن جو چڱو ڀلو جهڳٽو بيٺو هڪ ٻئي سان چئمگويون ڪري رهيو هيو. مليشيا ۾ ملبوس نوجوان سپاهي شموءَ پل وٽان اهو سڀ ڪجهه پئي بيٺي ڏٺو. ٻيڙين جي چرپر ۽ لنگوٽن ۾ بيٺل سرسبز ٻيٽاريءَ وٽ سگهاري جسم وارا ٽوٻا، جن هر هر پاڻيءَ ۾ گهٽ هڻي ڪنهن شيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، گهاٽ وٽ هڪ عورت پنهنجا وار پٽي پار ڪڍي رهي هئي ۽ ٻن ٽن ٻارن ڪناري تي ڦهليل گرم واريءَ ۾ ليٿڙيون ٿي پاتيون، منجهند جو ٽائيم هيو ۽ پل هيٺان وهندڙ پاڻي سج جي تپش ۾ ڄڻ ٽهڪي رهيو هيو. اهو هڪ شور مچائيندو ميل کن پري بيٺل ڇاهٺ دروازن واري بئريج طرف وڌي رهيو هيو، پل جي چوڌاري بيٺل شهر جون بلند ديوارون هڪ پاسي ڏانهن جهُڪي ويون هيون ۽ ڄڻ انهن جي زمين تي ڪرڻ ۾ ڪي گهڙيون وڃي بچيون هيون.
سپاهي شموءَ بيٺي بيٺي ڪَر ڀڳا ۽ دل ئي دل ۾ ڪنهن نامعلوم شيءِ کي گار ڏئي هٿ وڌائي نرڙ تي آيل پگهر کي اگهي ڇڏيو. هن بيزاريءَ مان ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ جي چوگرد هٿ ڦيري اس ۾ ٽڙڪندڙ پت کي کنهيو ٿي. پل هڪ فرلانگ کن ڊگهي هئي جنهن جي ٻنهي ڇيڙن تي ٻه مختلف شهر آباد هيا، اڀرندي ڪناري ڪچين ۽ ڊگهين جاين وارو هڪ پراڻو شهر آباد هيو ۽ الهندي ڪناري جديد عمارتن وارو صنعتي شهر، جيڪو پل جي الهندي کان وٺي ويندي هڪ ميل پري بيٺل بئريج جي ڪنارن تائين ڦهليل هيو. شمو ان ئي شهر جو رهواسي هيو ۽ روز ڊيوٽي ڏيڻ لاءِ هو هڪ ميل پنڌ ڪري اتي پهچندو هيو. ڊيوٽي به ڇا هئي هڪ فرلانگ ڊگهي پل جي حفاظت ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن ايندڙ مال جي چڪاس، جيڪا هو ڪڏهن ڪڏهن ڪندو هيو ۽ پنهنجو مطلب پورو ٿي وڃڻ کان پوءِ ان تان دستبردار ٿي ويندو هيو. سڄي ڏينهن جي بيهه بيهان هن کي ٿڪائي وجهندي هئي ۽ شام جو جڏهن هو پنهنجو فوجين جهڙو بوٽ لاهي جورابن کي وائکو ڪندو هيو ته هن کي ان مان مئل ٻلي جهڙي بدبوءِ ايندي هئي جيڪا هر وقت هن جي دماغ ۾ سمايل هوندي هئي، ڇو جو شهر جا ماڻهو مئل جانور پل جي الهندي طرف ڦٽيل قلعي ۾ اڇلائي ويندا هيا ۽ انهن جي بدبوءِ اتي چوويهه ڪلاڪ ڦهليل هوندي هئي. جنهن کان هن جو مٿو ڦاٽڻ لڳندو هيو ۽ گهر وڃڻ کانپوءِ به هن کي هر شيءَ مان ويندي کاڌي مان به انهن مئل جانورن جي بدبوءِ ايندي هئي.
ڪجهه ڏينهن کان هن جي ڊيوٽيءَ ۾ هڪ ٻئي ڳالهه به شامل ڪئي وئي هئي ۽ اها هئي ويندڙ جي احساسن ۽ جذبن جي شناخت. هاڻي اهو هن جي ڪم ۾ شامل ٿي ويو هيو ته هو هر ان ايندڙ کي جاچي ڏسي جنهن ۾ هن کي خودڪشي ڪرڻ جو ذرو به گمان ٿئي. ڪجهه ڏينهن کان نه پر هميشه کان اتي اهو دستور رهيو هيو ته هر هفتي ٽي يا چار خودڪشي جا واقعا ضرور ٿيندا هيا، انهن سڀني ۾ وڌيڪ واقعا اهڙن نوجوانن جا هوندا هيا، جيڪي يا ته بي روزگار هوندا هيا يا ته عشق جا ماريل. ڪڏهن ڪڏهن ڪو چريو به اتي پهچي ويندو هيو ۽ وچ پل تي پهچي پاڻ کي پاڻيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو هيو. گذريل ڪجھ هفتن کان ته انهن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو هيو. ڪيترن ئي انسانن ٽپا ڏئي پنهنجا انت آندا هيا ۽ اڃا ڪيترائي هيا جيڪي روز اتان جا چڪر هڻي پاڻ کي ڇوٽڪاري لاءِ پيا آمادهه ڪندا هيا. هاڻي شموءَ جي ڊيوٽيءَ ۾ اها ڳالهه به شامل ٿي وئي هئي ته هو ايندڙ ويندڙ کي پرکي جنهن ۾ هن کي ٿورو به بيزاري يا ڳنڀيرتا جو احسا ٿئي ۽ هو اهڙي ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري جيئن ان کي سيکت ڏئي جيئڻ تي راضي ڪيو وڃي. شمو هر ان ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي پيو چتائيندو هيو جنهن جو به ان پل تان لنگهه هيو، پر ڪجهه ڏينهن کان باوجود هن جي پرکڻ جي به ٻه چار اهڙا واقعا ٿيا، جيڪي هن لاءِ عجيب هيا. هن جي سامهون سامهون ئي هڪ اهڙي خوش مزاج ۽ ڀريل جسم واري جوان خودڪشي ڪئي، جنهن ۾ هن جو شڪ ئي نه هيو ته ڪو اهڙو انسان به خودڪشي ڪري سگهي ٿو. اهو روز اڀرندي شهر کان کير کڻي الهندي ڏي وڪڻڻ ويندو هيو، بلڪل چاڪ چڱو ڀلو ۽ مرڪندڙ، پر هڪ ڏينهن ان وچ پل تي پهچي پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اڃا تائين ان جو لاش نه لڌو. تنهن کانپوءِ ٻيا ٻه پوڙها هيا جن ۾ هڪ انڌو به شامل هيو ۽ ٻيو هڪ غريب رازو هيو، جن هڪ ٻئي پٺيان خودڪشي ڪري هن کي حيران ڪري ڇڏيو. شمو آخر تائين ان ڳالهه کي سمجهي نه سگهيو هيو ته هن جي پرک جو انداز ڪهڙو هجي، هو ڪيئن سمجهي ته پل جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين لنگهندڙ سَون انسانن مان هيءُ ئي اهو انسان آهي، جنهن جو اندرُ ڀري ٽٽي چڪو آهي ۽ هو پندرهن قدمن جو مهمان آهي. شمو مجبور هيو ۽ هن پاڻ کي ڏٺو، ٽٽل ڦٽل اندر ۽ پل جي هيٺان وهندڙ پاڻيءَ ۾ هن جو نظر ايندڙ منهن، جنهن جا نقش باوجود ڪوشش جي به هو ڪڏهن نه ڏسي سگهيو هيو.
پل جي هيٺان ڦهليل ريتيلي ڪناري تي ماڻهن جو هل وڌي ويو هيو ۽ شموءَ ڏٺو ڪجهه ٽوٻا هڪ سجيل لاش کي ٽنگا ٽولي ڪري ٻاهر ڪڍي رهيا هيا، لاش جو ڪنڌ هڪ پاسي ڍرڪيل هيو ۽ سجيل منهن جي چمڙي حد کان وڌيڪ اڇي ٿي چڪي هئي. ان جي وارن مان پاڻي پئي ڳڙيو ۽ اڇي قميص بدن سان چهٽيل هئي. ماڻهو هٿ هٿ ۾ ڏئي لاش کي ٻاهر ڪڍي آيا ۽ هيٺ واريءَ تي اچي رکيائون، عورت بيهوش ٿي چڪي هئي ۽ ان جي وات مان گفت پئي نڪتي. شموءَ بيزار ٿي ٻانهن کي کنهيو ۽ سامهون واري منظر کان لنوائڻ لاءِ سج ڏانهن نهاريو، سج جا تيز ڪرڻا هن جي اکين ۾ لهي اوندهه پکيڙي ويا ۽ هن اکيون ڇنڀي ڪري ڪنڌ پري ڪيو. هن سمجهيو شايد ڪاري انجڻ واري ريل اچي رهي آهي، پر اتي ڪجهه نه هيو ڪرڻن جي روشنيءَ جا انڌيرا هيا جيڪي هن جي نظرن ۾ سمائجي ڪيروسين جي دٻن ۾ تبديل ٿي ويا.
تازو نڪتل لاش شايد ان اڌڙوٽ عمر واري شخص جو هيو جنهن رات پل تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو هيو. ان وقت اتي هن جي رات واري ساٿي سڄڻ جي ڊيوٽي هئي، سڄڻ ئي هن کي ٻڌايو هيو ته رات جڏهن ٿوريءَ دير لاءِ هن جي اک لڳي ته اوچتو هن هيٺ پاڻيءَ ۾ ڇٻڙڪ ٻڌيو هيو پر هن کي ننڊ اچي رهي هئي ۽ هن اهو سوچي لنوائي ڇڏيو هيو ته شايد ڪا مڇي هوندي يا ڪو ٻيڙيءَ وارو ونجهه ڇڪيندو هوندو، پر هن کي اثر سان هيٺ ڪنارن تي بيٺل ٻيڙين وارن ٻڌايو ته ڪنهن شخص رات پل تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي ۽ ان جو لاش اتي ڪٿي ئي ڪنهن پٿر جي تري ۾ اٽڪي پيو آهي ۽ هاڻي ان بدنصيب جو لاش لڌو ويو هو پورن اٺن ڪلاڪن کانپوءِ ۽ ان جي حالت ۾ ته اهو سجي پلپلو ٿي ويو هيو ۽ ڏسڻ وٽان نه رهيو هيو.
روز روز جي حادثن شموءَ کي بي چين ڪري ڇڏيو هيو، اها بيچيني هن جي فرض جي ڪوتاهي ڪري هئي. مٿين آفيسرن حڪم جاري ڪري ڄڻ سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو هيو. جنهن ڏينهن کان وٺي شموءَ وٽ پل تان لنگهندڙ ماڻهن جي شناخت جو نوٽيس آيو هيو ان ڏينهن کانپوءِ آفيسرن وري ان ڪم جي جاچ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي هئي. جڏهن ته روز اهڙا واقعا پيدا ٿيندا هيا جن جي فوري جهل ضروري هئي، پر شمو تمام بي چين هيو هن کي ضمير جهنجهوڙي رهيو هيو. هن کي محسوس ٿي رهيو هيو جيئن هن جي ڪا به حيثيت نه هجي پل تي سڀ ڪجهه پاڻ هرتو پيو ٿيندو هجي. جنهن ۾ هن جي ڪا به رڪاوٽ نه هجي، ان جو وجود اتي هڪ اهڙي بت جيان هجي جيڪو هڪ هٿ ۾ سنگين واري بندوق جهليو، پير ملايو خاموش ڪنهن شهيد جو يادگار بڻيو بيٺو هجي. هن کي شرم محسوس ٿي رهيو هيو ۽ ان شرم کي مٽائڻ لاءِ هن ضروري سمجهيو ته هو ٻن ٽن اهڙن انسانن کي پڪڙي سزا ڏيارائي سرخرو ٿئي جن ۾ هن جو ذرو به شڪ هجي، گهٽ ۾ گهٽ هن جي پنهنجي به ڪا حيثيت هئي.
شموءَ ان آخري واردات کانپوءِ پل تي هر ايندڙ ويندڙ تي سخت نظر ڪري ڇڏي، هو هر ايندڙ جي اکين کي پڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو هيو. جيئن هن سوچيو هجي ته عزرائيل جو گهر انسان جي اکين ۾ آهي ان ڪم کي جاچيندي هن جي پهرين پهرين نظر هڪ اهڙي لنگڙي فقير تي وڃي پئي جيڪو صبح شام ان پل تان لنگهندو هيو ۽ ان جي گهوڙين جي ٺڙڪ ٺڪ هن جي جسم جيان سست ۽ ڍلي هوندي هئي. جڏهن منجهند لڙڻ ۾ ڪجهه دير هوندي هئي ته اهو لنگڙو پنهنجي پراڻي گودڙيءَ سان چنگهندو اتان لنگهندو هيو ۽ وري رات جو جڏهن شموءَ جي ڊيوٽي ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه منٽ بچندا هيا ته اهو ساڳيو لنگڙو ڪنجهندو آهستي آهستي هن جي اڳيان اچي لنگهندو هيو ۽ خاموشيءَ سان سر جهڪائي هليو ويندو هيو. ان فقير ڪڏهن به اک کڻي شموءَ ڏي نه نهاريو ۽ نه ئي ڪڏهن شموءَ ان ڏي ڪو ڌيان ڏنو بس هو ڪڏهن ڪڏهن بيٺي هن کي پٺيان ويندي نهاريندو هيو ۽ هن جي زندگيءَ تي عجب کائيندو هيو، پراڻين لٿڙين ۾ ڍڪيل معزور بدن ۽ گودڙين جي وزن کان جهڪيل ڪلها. ان ۾ ڪو شڪ نه هيو ته هو جوان هيو ۽ وڌيل ڏاڙهي ڪري پنهنجي عمر کان ڏهه سال وڏو پيو نظر ايندو هيو ۽ هن جي پيلي منهن جي سنجيدگيءَ مان ائين پيو لڳندو هيو جيئن ان ڪڏهن مرڪيو ته ڇا ڳالهايو به نه هجي. هڪ عجيب خوداري ۽ هڪ جهڙائي هئي ان جي چال ۾. هو ڪڏهن ڪڏهن ٿڪ ۽ وزن کان چگهندو به هيو، جنهن مان هن جي زندگيءَ سان ناراضگي پئي بکندي هئي ۽ ان ڪري سڀ کان پهريون شموءَ ان شخص کي منتخب ڪيو، جيڪو هن کي ٻين سڀني کان وڌيڪ پاڻي جي لهرن جي ويجهو هوا ۾ لڙڪيل محسوس ٿيو.
شموءَ هڪ ڏينهن ان فقير کي وڏي شهر مان ايندي پل جي ڇيڙي وٽ روڪيو. ان فقير ڪنڌ کڻي شموءَ کي ائين نهاريو جيئن هڪ فقير ٻئي فقير کي روڪي ان کان خيرات گهري هجي ۽ هن جي اکين ۾ نماڻائي ڀرجي آئي. جيئن هو چوندو هجي او رستي ۾ بيٺل مان به تو جهڙو آهيان.
پر شمو هن جي اکين جي نماڻائي کي نظر انداز ڪري سوال ڪيو. ”تون روز هيڏي ڪاڏي ويندو آن؟“
”ڪاڏي به وڃان تنهنجو تنهن ۾ ڪم؟“ فقير بي جگريءَ سان چيو ۽ شمو ککو وکو ٿي ويو.
”تنهنجو نالو؟“ ۽ پوءِ هن پنهنجو پاڻ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي چيو. ”خدو“ فقير چيو ”خدا بخش ولد امير بخش ولد رب نواز، ٻيو ڪو سوال؟“
”ڇا هيڏي پراڻي شهر ۾ تنهنجا ٻار ٻچا رهندا آهن؟ منهنجي چوڻ جو مطلب آهي زال ٻار، شموءَ کي پاڻ کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا چئي ويو.“
”فقيرن جون زالون انهن جا پيٽ هوندا آهن.“
خدوءَ چيو ”منهجي شادي ٿيل نه آهي.“
شموءَ ڏٺو پري منهن ڪري بيٺل فقير جي منهن ۾ رت گاڏڙ ڳنڀرتا ڀرجي آئي.
”ته پوءِ پڪ تنهنجا پيءُ ماءُ هوندا.“
”نه انهن کي مئي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي؟“
شمو حيران ٿي ويو.
”ته پوءِ تون روز هنن ٻن شهرن جي وچ ۾ ڇا جا چڪر هڻندو آهين؟“
هن سختيءَ سان چيو ۽ فقير جي منهن ۾ مسلسل نهاريندو رهيو.
”گهڻي گهمڻ سان مون ۾ جيئڻ جو احساس وڌيڪ ٿي ويندو آهي.“ فقير چيو ۽ پوءِ هن شموءَ ڏي ڏسڻ کانسواءِ ئي پنهنجو وزن گهوڙيءَ تي وڌو ۽ ٺڙڪ ٺڪ ڪندو هليو ويو. شمو هن کي روڪڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ هن پل جي ڀتن ڦٽن تي فقير کي ويندي ائين نهاريو جيئن هو زندگيءَ ۾ ان کي پهريون ڀيرو ڏسندو هجي.
ان ڏينهن جي ملاقات کانپوءِ شموءَ وٽ اهو احساس وڌيڪ گهرو ٿي ويو ته ڪيئن به ڪري ايندڙ شخص اهو ئي هوندو جيڪو خودڪشي ڪري هڪ دفعو وري هن جي ستل بيزاريءَ کي چهنڊڙي پائي جاڳائي ڇڏيندو ۽ هو نه پيو چاهي ته ڪو هاڻي روز پل تي اهڙا حادثا ٿين جيڪي هن کي وڌيڪ بدنام ڪن. جڏهن ته ان ۾ بدناميءَ جي ڪا به ڳالهه نه هئي، ماضيءَ ۾ ٿيل حادثن کانپوءِ به هو اهڙو ئي آزاد هيو، جهڙو هاڻي، پر پوءِ به هو اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڏانهن منسوب ڪري رهيو هيو ۽ ان احساس کي مٽائڻ لاءِ هن کي هڪ اهڙو شخص ملي چڪو هيو جنهن کي گرفتار ڪري هو ڪجهه وقت لاءِ سرخرو ۽ مطمئن ٿي سگهيو ٿي. پاڻ کي هو محسوس ڪرائي سگهيو ٿي ته هو به محافظ آهي.
سج لهڻ وارو ئي هيو ۽ درياءَ جي ڪناري تي پار کان ايندڙ هنداڻن جا ٻيرا اچي رڪيا ٿي. ماڻهن جي هجوم لهندڙ مال تي واڪ پئي ڏنا. درياءُ گاجيون ڪندو وهي رهيو هيو، ايندڙ سنجها جي ڪاراڻ ۾ ان جو پاڻي وڌيو ڀوائتو ۽ گهرو پئي لڳو. هڪ ميل پري بيٺ بئريج جون قطار ۾ روشن ٿيندڙ بتيون لشڪر جي سپاهين جيان سينو تاڻي هڪ ڊگهي صف ٺاهيو بيٺيون هيون. هڪ عورت وچ پاڻيءَ ۾ ٻيڙي جو ونجهه هلائي لهرن ۾ لڙهي ايندڙ ڪاٺ جا ٽوٽا پئي گڏ ڪيا، سڀ ڪجهه هميشه جيان هو ۽ هو به هميشه جيان خاموش بيٺو ان کي ڏسي رهيو هيو. سانجهي ٿوري گهري ٿي ته شموءَ کي الهندي قلعي جي پويان ڪو پاڇو لنگڙائيندو پل ڏي وڌندو نظر آيو. اهو شخص جڏهن پل کي ويجهو ٿيو ته شموءَ ڏٺو اهو لنگڙو خدو هيو، جيڪو هميشه جيان پنهنجي جسم جو وزن کنيو چنگهندو اچي رهيو هيو، شموءَ کي حيرت ٿي هن خدوءَ کي ڪڏهن به سانجهيءَ مهل ڪچي شهر ڏي ويندي نه ڏٺو هيو. هو ته ان مهل پل ڪراس ڪري پڪي شهر ۾ پهچي ويندو هيو ۽ هاڻي ته ڪافي اوندهه پکڙجي چڪي هئي، ان مهل هن کي خدوءَ جو ڪچي شهر ڏانهن وڃڻ ٿورو کٽڪڻ لڳو ۽ هن به فيصلو ڪيو ته هو اڄ اهو معلوم ڪري رهندو ته آخرڪار ان لنگڙي خدوءَ جو هن ڪچي شهر ۾ ڪهڙو آستان آهي، جڏهن ته هو پڪي شهر جو رهندڙ آهي. خدو هميشه جيان هيٺ ڪنڌ ڪري هن جي اڳيان لنگهي ويو ۽ پوءِ ڪاٺ جي ڦٽن تي هن جي گهوڙيءَ جي ٺڙڪ ٺڪ جا آواز وڌيڪ گهرا ٿي ويا، شموءَ ڪجهه گهڙيون هن کي ويندي ڏٺو ۽ پوءِ جڏهن هو وچ پل تي پهتو ته شمو به هن جي پوئتان وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
جڏهن هو ٻئي پل ٽپي شهر ۾ گهريا ته ڪافي اوندهه ڦهلي چڪي هئي. گهٽين جا هيڊا ۽ اداس بلب روشن ٿي چڪا هيا، ڪيترا انسان درياهه کان ايندڙ هوا ۾ گهرن ٻاهران کٽون ڪڍي ڪچهريون ڪري رهيا هيا. ڊگهين ڪچين عمارتن جي وچ مان ٿيندا جڏهن هو هڪ سنهيءَ گهٽيءَ ۾ پهتا ته شموءَ گهٽيءَ جي ڪنڊ وٽان بيهي خدوءَ کي هڪ ويران جاءِ ڏانهن مڙندي ڏٺو. رستي تي گندگي ڦهليل هئي ۽ڪيتريون ئي ڪچيون جايون هيٺ جهڪيل هيون، انهن جا ڇهتير مٽيءَ جي ڀنجن ۾ اونڌا ٿيا پوريا پيا هئا. خدو هڪ ويران جاءِ ۾ گم ٿي چڪو هيو. شمو پير پير ۾ ڏئي ان جاءِ جي ڀرسان آيو هن ڏٺو هڪ ڀڳل جاءِ جي هيٺائين تهه ۾ هڪ ڪوٺي ٺهيل هئي، جنهن جو دروازو مٽيءَ جي ڀرائن کان هيٺ دٻجي ويو هيو ۽ ان ڪوٺيءَ جون دريون مٿين حصي کانسواءِ باقي هيٺ پوريل هيون. شمو ان دروازي جي اوٽ ۾ ڪجهه دير بيٺو رهيو پوءِ هو احتياط سان آهستي آهستي زمين ۾ دٻيل دريءَ جي مٿين ڇيڙي وٽ اچي ڪن رکي بيهي رهيو. هن کي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا هن اندر ڏٺو هڪ انڌي عورت خدوءَ جي ڪنڌ ۾ هٿ ڦيري هن جا وار چمي رهي هئي، هڪڙي ڪنڊ ۾ هيڊي لاٽ واري هٿ بتي پئي ٻري، ان جي آس پاس گندگي ڦهليل هئي، جنهن ڪري هن کي تيز بدبوءِ محسوس ٿي رهي هئي. هڪ ننڍڙو گهر هيوٻه پراڻا جست جا وٽا ۽ انهن جي ڀرسان ئي سينور ۾ ٿڦهيل دلو. شمو اندر ڏسندو رهيو ۽ هن کي ڪَوَ اچڻ لڳي، هن جي دل چاهي تو هو اتان ڀڄي هليو وڃي پر هو اتي ئي دريءَ جي پاسي کان ٽيڪ ڏيو بيٺو رهيو ۽ اندر نهاريندو رهيو.
”اڄ ڏاڍي دير ڪيئي خدو، ڏاڍي دير ڪيئي؟“
عورت جو آواز جذبات ۾ ڏڪيو پئي، ائين پئي لڳو جيئن ان جي اندر ۾ ڪو روئندو هجي، عورت پنهنجا هٿ خدوءَ جي چو گرد پئي ڦيريا ۽ خدو ڪنڌ هيٺ ڪيو هڪ فرمانبردار عاشق جيان خاموش هيو.
”توکي هتي ايندي تڪليف به ته ٿيندي هوندي نه؟“
انڌي عورت هڪ دفعو وري ڳالهايو.
”پوري ڏينهن جي ٿڪاوٽ کي آءُ تو ڏانهن پنڌ ڪري لاهيندو آهيان، توکي خبر نه آهي لالي ته توکي ڏسڻ کانپوءِ مون کي ڪيترو نه سڪون ملندو آهي.“ خدوءَ چيو پوءِ هن پنهنجي گودڙيءَ ۾ هٿ وجهي کاڌو ڪڍيو ۽ ٻئي کائڻ لڳا.
”آءُ اڄ پورو ڏينهن سوچيندي رهيس تنهنجي ڳالهين کي ياد ڪرڻ سان آءُ ڏينهن جي ڊيگهه کي گهٽائڻ چاهيندي آهيان، توکي خبر نه آهي. خدو جڏهن تون نه هوندو آهين ته ڏينهن ڪيڏو نه ڊگهو ۽ اڻ کٽ ٿي ويندو آهي. اسان ڪيڏا نه بيزار آهيون. خوامخواهه جي ڊيگهه مان زندگيءَ جي ڊيگهه کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي اسان ڪيئن نه مختصر ڪري ڇڏيو آهي. تون آيو آهين ته ائين پيو محسوس ٿئي جيئن هميشه ائين ئي هجي، جيئن آهي. مون کان ته تنهنجي ملڻ کانپوءِ وقت جي ڊيگهه ويڪر سڀ ڪجهه وسري ويندي آهي. مون کي ائين لڳندو آهي جيئن آءُ ورهين کان پنڌ پئي هجان ۽ مون کي هڪ اهڙي بڙ جي ڇانو ملي وئي هجي. جنهن جي هيٺان ويهڻ سان پوري تڪليف خواب ۽ کل جهڙي بي ڪار شيءَ پئي محسوس ٿي.“
انڌي عورت ڳالهائيندي وئي ۽ ائين لڳو جيئن هن کي ڳالهائڻ ۾ مزو ايندو هجي. پوري ڏينهن جي بيزاري کان پوءِ هن کي هاڻي وڃي ڳالهائڻ جو موقعو مليو هيو. هن کي لڳي رهيو هيو جيئن ڪو هن کي قبر ۾ جيئرو دفن ڪري هليو ويو هجي ۽ خدوءَ هن کي قبر کوٽي هڪ دفعو وري نئين زندگي ڏني هجي.
”خدو جڏهن تون نه هوندو آهين ته مون کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڦهليل انڌيرن کان ڪو به خوف محسوس نه ٿيندو آهي، ڇو جو مون کي خبر آهي ته انڌيرا موت کان به وڌيڪ خوفناڪ آهن ۽ مون کي موت سڀني شين کان پنهنجي ويجهو محسوس ٿيندو آهي، پر جڏهن تون ايندو آهين ته مون کي پنهنجي آس پاس جي هر شيءِ کان خوف محسوس ٿيندو آهي ۽ صرف توسان پيار ٿي ويندو آهي.“
”چڱو چڱو هاڻي بس ڪري کاءُ.“ خدوءَ هن کي ٿورو پيار سان مرڪي ڇڻڀيو هو خاموشيءَ سان ڪيتري دير ويٺا کائيندا رهيا ۽ خدو هن جي منهن ۾ نهاري مرڪندو رهيو.
”لالي تون ڪيتري نه پياري آهين.“
خدوءَ اوچتو هن جي ڳل تي چمي ڏني. شموءَ جنهن دريءَ کان ويٺي اهو سڀ ڪجهه پئي ڏٺو ان ذري گهٽ الٽي ڪري ڏني. خدوءَ جي مٽيءَ هاڻي گندي ڳل تي چمي هن کي ائين لڳي جيئن هو پل تان هيٺ ڪري مهاڻن جي اڇليل ڪني بدبودار مڇين جي ڍير مٿان وڃي ڪريو هجي.
هو ڪيتري دير پاڻ ۾ پيار ڪندا رهيا ۽ شمو اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. هن کي خدوءَ جو سمورو اسرار معلوم ٿي چڪو هيو. هن کي دل ئي دل ۾ خدوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ان ڪاوڙ جو مفهوم هو پاڻ به سمجهي نه سگهيو. هن کي پل ڏانهن موٽندي رات ٿي وئي ۽ جڏهن هو اتي پهتو ته سڄڻ اڳ ئي سنگين واري بندوق تاڻيون، رات جي ڊيوٽيءَ لاءِ تيار بيٺو هيو. هن اتي پهچي هن کي سلام ڪيو ۽ ڀرسان ئي ڪئبن ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. سڄڻ وٽان لنگهندي هن کي ان جي وات مان شراب جي تيز بوءِ آئي.
”اڄ هن مهل تائين اتي آهين. خير ته آهي؟“ سڄڻ بيٺي بيٺي اندر ڪئبن ۾ ويٺل شموءَ کان سوال ڪيو.
”بس يار اڄ خوامخواهه هڪ بي ڪار شيءَ پٺيان ايڏو وقت برباد ڪيو.“ شمو سهڪندي قميص جي پاند سان پاڻ کي هوا ڏيندي چيو. سڄڻ پنهنجي ليکي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن ۾ وڏي معنا رکيل هئي، ”هتي جنهن به شيءِ جي پويان وڃبو اها برباد ڪري ڇڏيندي.“ سڄن ڳالهائي هڪ دفعو وري کليو.
”تون غلط سمجهيو آهي سڄڻ! اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.“ شموءَ چيو ۽ بيزاري ظاهر ڪندي اوٻاسي ڏني.
”پاڻ ڄاڻ يار!“ سڄڻ چيو ۽ ٽهڪ ڏئي ڄڻ پنهنجو پاڻ کي چيو ”اسان به ڦٽل آهيون هيءُ ڏسين ٿو اسان جي دل جو يادگار ٺهيل ٿي.“ سڄڻ مذاق ۾ سامهون واري پراڻي قلعي ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي شموءَ کي چيو ۽ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
”لڳي ٿو اڄ ضرورت کان شايد گهڻو ئي پئي ويو آهين.“ شموءَ چيو ۽ پاڻ کي ڪرسيءَ ئي ڍلو ڇڏي ڏنو. ٿوري دير گذري ته خدو پل جي ڦٽن تان ٺڙڪ ٺڪ ڪندو لنگهيو. شمو ان وقت ڪئبن ۾ ڪرسيءَ تي ڍلو ٿيو پيو هيو. هن گهوڙين جي کڙڪي تي هن ڏانهن ائين نهاريو جيئن ان جو ئي انتظار ڪندو هجي. ان کان اڳ جو خدو پل ٽپي شهر ڏانهن وڌي شمو سٽ ڏئي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ هن خدوءَ جي ٻانهن ۾ وڃي هٿ وڌو.
”ٻڌاءِ ڙي اها ڪير هئي؟“ شموءَ جوش سان چيو. ڇو جو هن کي خبر هئي ته خدو خودار ۽ روبيلو شخص آهي، جيڪڏهن ان سان ڪاوڙ ۽ ڦڙتائيءَ سان نه ڳالهايو ته خدوءَ جون ڳالهيون هن کي کائي وينديون.
خدو هن اوچتو واقعي تي بلڪل حيران ٿي ويو هن ڳيت ڏئي وات ۾ ڀرجي آيل پاڻيءَ کي هيٺ لاٿو.
”ڪير؟“
”جنهن سان تون اندر کنڊر ۾ ويٺو ڪچهري ڪري رهيو هئين.“
شموءَ جي ڳالهه تي سڄڻ جيڪو ڀرسان ئي بندوق تاڻيو بيٺو هيو ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو. هن جوش ۽ کل کان لفظن تي ڪنٽرول ڪندي وات مان گڦ جي ڪري اڏامندڙ ڦينگن کي روڪيندي چيو، ”چئبو ته هن لنگڙي جي قسمت به پاڻ کان سٺي آهي.“ ۽ هو کلندو رهيو.
”ٻڌاءِ اها ڪير هئي؟“ شموءَ چيو ۽ پوءِ هو پنهنجي پاڻ پريشان ٿي ويو. هو آخرڪار خدو تي رعب ڇو رکي رهيو هيو؟ اها هڪ معمولي ڳالهه هئي، هڪ انڌي سان پيار ۽ سو به ڪنهن گناهه کانسواءِ، خدو بلڪل ککو وکو ٿي ويو هيو. هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪي به لفظ ڪو نه رهيا هيا، هو چپ چاپ شمو جي اکين ۾ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هن همٿ ڪندي چيو ”اها منهنجي سڀ ڪجهه هئي.“
”ڇڙي زال نه هئي؟ ائين نه.“ سڄڻ چيو ۽ وري ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
شموءَ کي ضمير ملامت ڪئي هو سوچي رهيو هيو آخرڪار ڪهڙو جذبو هيو جيڪو هن کي پنهنجي دنيا ۾ گم سم رهندڙ فقير سان اچائڻ تي مجبور ڪري رهيو هيو، هو ڪجهه به سمجهي نه سگهيو ته آخر هن اهو ڇو ڪيو.
”توکي ان انڌي عورت سان ڏاڍو پيار آهي؟“
شموءَ نرمي سان چيو.
”انڌي سان پيار.“ سڄڻ ڇرڪ ڀري زور سان چيو ۽ وري ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو.
خدوءَ چپن کي چورڻ چاهيو پر هن ڪنڌ لوڏيو. ”بي حد پيار.“ هن مشڪل سان چيو. شموءَ ڏٺو خدوءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هيو. هو ان کي ڪجهه وڌيڪ دير اتي روڪي ها ته شايد هو روئي پوي ها. هن ٿورو پري سري هن کي رستو ڏنو خدوءَ ڪنڌ جهڪائي جسم کي اڳتي زور ڏئي گهوڙين سان وک کنئين ۽ اڳتي وڌي ويو. سڄڻ ويندي ويندي هن کي پٺيان ڪجهه چوڻ چاهيو پر هن جا لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، هڪ ٺلهو ۽ زوريءَ ڏنل ٽهڪ هن جي نڙيءَ مان نڪتو.
”هي ڪڏهن به پل تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي سگهي ٿو.“
خدوءَ جي هلي وڃڻ کانپوءِ شموءَ سڄڻ کي چيو ”آءُ هن کي وچ پاڻيءَ مان به ٻاهر ڪڍي ايندس.“ سڄڻ چيو ۽ هن جو منهن جوش کان ڳاڙهو ٿي ويو، ٻئي خاموش ويٺا رهيا، ٿوري دير کانپوءِ سڄڻ ڳالهايو.
”اڄ گهر نه ويندين، پل تي ڪنهن سان انجام ٻڌل اٿئي ڇا؟“
شمو پهريون دفعو هن جي ڳالهه تي مرڪيو.
”اڄ خبر نه آهي ڇو مان پاڻ کي ڏوهي محسوس ڪري رهيو آهيان.“
شموءَ چيو ۽ پوءِ ٿڌي هوا ۾ ساهه کنيو.
”اڪيلائيءَ ۾ ڏوهن جو احساس وڌي ويندو آهي، هتي ٿڌي هوا ۾ بيهه يا هڪ ساٿيءَ کي ساڻ ڪري ڪمري ۾ هليو وڃ.“ سڄڻ چيو ۽ هن دفعي شموءَ ٽهڪ ڏنا.
ٻه هفتا گذري چڪا هيا پر پل تي ڪو به اڻ وڻندڙ واقعونه ٿيو هيو. ان ڏينهن کانپوءِ شموءَ جي خدوءَ سان ڪا لهه وچڙ نه ٿي هئي. خدو هميشه جيان اڃا به پل جا چڪر هڻندو هيو ۽ شمو هن کي ڏسي ڪند هيٺ جهڪائي بيهي رهندو هيو. هن خدوءَ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هيو. هن ۾ هاڻي بيزاريءَ جو احساس نه رهيو هيو. هن جو خدوءَ سان ڪو به مطلب نه هيو. هن هر انسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هيو. آخرڪار هن جو ان ۾ ڇا ته ڪو انسان پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. هن کي اڃان به پڪ هئي ته لنگڙو خدو هڪ نه هڪ ڏينهن ان پل تان ٽپوڏئي پنهنجو انت ضرور آڻيندو ۽ هو ان جي لاش کي لهرن جي وچ ۾ هيٺ مٿي ٿيندو ائين ڏسندو جيئن هن هاڻي تائين مختلف لاشن کي ڏٺو هيو.
نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو شموءَ کي انتظار هيو. پل تي ماڻهن جو هڪ وڏو جهڳٽو موجود هيو ۽ هيٺ درياءَ ۾ ٽوبا گهتون هڻي ڪنهن شيءَ کي ڳولي رهيا هيا. ڪجهه ماڻهن هيٺ بندر تي بيٺي وچ سير ۾ ڊوڙندڙ ٻيڙين جو تماشو پئي ڏٺو، ته ڪجهه ماڻهو مٿي پل تي پيل انهن گهوڙين کي ڏسي رهيا هيا جيڪي ڪنهن لنگڙي انسان هيٺ ٽپي ڏيڻ کان اڳي اڇليون هيون. شموءَ کي لنگڙي جي سُجي ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندڙ لاش جو انتظار هيو. رات جڏهن سڄڻ جي اتي ڊيوٽي هئي ته اهو حادثو پيش آيو هيو، پر سڄڻ اتي موجود نه هيو. جڏهن هو صبح جو اتي پهتو هيو ته هن کي اتي وچ پل تي اهي گهوڙيون نظر آيون هيون. هن انهن ئي گهوڙين کي ڏسي صبح سان شموءَ کي ٻڌايو هيو ته جنهن شيءِ جي مرڻ جي پيشنگوئي هن ڪئي هئي، اها صحيح نڪتي. شموءَ کي اها ڳالهه ٻڌڻ سان ڏاڍو افسوس ٿيو هيو. شموءَ سوچيو اها ڳالهه ڪيئن به ڪري ٿيڻي هئي، آخرڪار هڪ چيچلائيندڙ لنگڙو انسان ڪيستائين پاڻ کي جيئرو رکي سگهيو ٿي. اهو به ان حالت ۾ ته هو فقير هجي ۽ هن کي زندگي بسر ڪرڻ لاءِ ڪا به سهولت ميسر نه هجي.
سج ڪافي چڙهي آيو هيو ۽ ڪناري تي بيهي تماشو ڏسندڙ ماڻهن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ وڃي بچيو هيو. ائين ٿي لڳو جيئن ڪنهن به ٽوٻي يا ٻيڙيءَ واري کي ان لنگڙي جي لاش سان ڪا به دلچسپي نه هجي، بس هو اهو سڀ ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ ڪندا هجن. بئريج جا دروازا بند ڪيا ويا هيا پر ائين ٿي لڳو لاش ان جڳهه تان سري اڳتي وڌي چڪو هجي. گرمي وڌي چڪي هئي ۽ شموءَ کي هاڻي ان لنگڙي جي لاش سان ڪا به دلچسپي نه رهي هئي. پهريون هن جي من ۾ ڏک اڀريو هيو، پوءِ ان بدنصيب شخص جي لاش ڏسڻ جي تمنا، جنهن کي هن هروڀروبه ڪيترا دفعا آزاريو هيو، پر هاڻي اها تمنا به هن جي دل ۾ دم ٽوڙي چڪي هئي.
منجهند جا پاڇا لڙيا ته شموءَ جا سمورا ڪپڙا هن جي بدن مان ڏامر جيان رجندڙ پگهر ۾ آلا ٿي ويا، ڪڇن وٽان هن جي ڪاري پوشاڪ وڌيڪ ڪاري ٿي وئي ۽ هن کي پنهنجي جسم مان اٿندڙ بدبوءِ آزارڻ لڳي، هن جيئن ئي هٿ سان ڪنڌ اگهي ٿڌو ساهه کڻي پاسي کان نهاريو ته هن کي ڌرتيءَ مان اٿندڙ ڄر جي پوئتان هڪ عجيب شيءَ پاڻيءَ جي لهرن جيان لڏندي ۽ سسندي پاڻ ڏانهن وڌندي نظر آئي. هو حيران ٿي ويو، هن جڏهن چتائي ڏٺو ته اهو خدو هيو، جيڪو پنهنجي گهوڙين جي سهاري ٺڙڪ ٺڪ جا آواز پيدا ڪندو پل ڏانهن وڌي رهيو هيو، شموءَ جي پگهرن ۾ اضافو ٿي ويو، هن جي من ۾ ستل درد هڪ دفعو ڄڻ وري جاڳي پيو. آهستي آهستي خوف گاڏڙ خوشي هن جي ذهن تي ڇانئجي وئي، هن محسوس ڪيو جيئن هو خواب ڏسندو هجي، جيئن هن بيٺي بيٺي ننڊ ڪئي هجي يا هاڻي ننڊ شروع ٿي هجي.
هن خدوءَ کي پري کان ئي ڏسي رڙ ڪئي ”خدو تون جيئرو آهين؟“ خوشيءَ کان شموءَ جا چپ ڏڪيا پئي.
”ها مان جيئرو آهيان.“ خدو هن جي ويجهو ايندي چيو، پوءِ هو شموءَ جي حيرت تي نه چاهيندي به رڪيو.
”پر ڇو؟“ هن الٽو هن کان سوال ڪيو.
”اسان سمجهيو تون مري چڪو آهين.“ شموءَ چيو. خدوءَ جي اکين جا گهيرا سوڙها ٿي ويا. جنهن کان هن جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويو.
”مان ڪيئن مري سگهان ٿو؟“ هن چيو ۽ پوءِ وري چيو ”مان ته جيئرو آهيان. تون هميشه غلط سوچيو، بلڪل غلط سوچيو.“
شمو سن ٿيو هن جي اکين ۾ ڏسندو رهيو ۽ خدو اتي وڌيڪ دير ترسڻ کانسواءِ ئي هليو ويو. هن ويندي ويندي شمو جي جسم کي ائين نهاريو جيئن مڙدي جي جسم کي.
شمو ڪيتري دير ڪنڌ ورائي خاموشيءَ سان ان لنگڙي چٿڙيدار جسم کي ويندي ڏسندو رهيو، جو پل تان وڃي رهيو هيو ۽ ان جي مرڻ جو ڪو به گمان باقي نه رهيو هيو. اهو جيئرو هيو ۽ اڳتي وڌي رهيو هيو، پل جي پريان، جتي انڌو پيار هن جو انتظار ڪري رهيو هيو.