تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پاڪستان طوفان جي گهيري ۾

ھي ڪتاب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ جو لکيل آھي، جيڪو ھن ضياء الحق جي مارشلا جي دور ۾ 1983ع ۾ Pakistan: The gathering storm جي نالي سان لکيو. ڪتاب جي انگريزيءَ ۾ ڪاپي ھن لنڪ تان پڙھي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم رُڪ سنڌي صاحب آھي. مھاڳ ۾ محترمہ لکي ٿي:
”هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي بہ عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي بہ روشني وڌي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2263
  • 992
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بينظير ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاڪستان طوفان جي گهيري ۾

باب ٻيو: هڪ سياسي رڻ پٽ بڻيل ڌرتي 



اسان پنهنجي وطن عزيز پاڪستان جو عوام آهيون. اسان سياسي جدوجهد جي ذريعي آزادي حاصل ڪئي آهي. ان جو قيام آزادانه نموني ووٽنگ جي ذريعي عمل ۾ آيو. اسان جي اها بي انتها خواهش آهي ته غربت ۽ اقتصادي بدحاليءَ جا مسئلا جمهوري طريقن سان حل ڪيا وڃن. ساڍن 8 ڪروڙ ماڻهن جي اقتصادي ۽ تمدني حالت بنيادي سڌارن جي ذريعي بهتر ڪرڻ وارا قدم عوامي سطح تي آزادانه طور تي چونڊيل حڪومت جي ذريعي ئي کنيا وڃن. اچو ته 1970ع وارين چونڊن جي ياد تازي ڪريون، جڏهن عوام ورهيه پراڻا پنجوڙ ٽوڙڻ لاءِ ... پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بيعيت ڪئي هئي.
اڄ اهي ئي پاڪستاني ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن، انهن کي انتهائي بي رحميءَ سان تشدد جو شڪار بڻايو پيو وڃي. حڪمران طبقي عوام جي استحصال جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان عوام ۾ هاري به آهن، مزدور به آهن، ڪاريگر به ۽ شهرن ۾ رهندڙ گهٽ آمدني رکندڙ گروپ جا ماڻهو به شامل آهن. سرمائيدار جن وٽ وڏا وڏا زرعي فارم آهن ۽ جديد مشينن ۽ ٽريڪٽرن جي ذريعي پوکي راهي ڪندڙ هارين جو استحصال ڪري رهيا آهن، امير ۽ وڏا واپاري ملڪ جي عوام ۽ ذريعن کي هڪ وڏي عرصي کان ڦري ۽ لُٽي رهيا آهن. فوجي آفيسرن جو طبقو ۽ وڏا وڏا سرڪاري آفيسر ۽ سندن ٻانهن ٻيلي پنهنجي پراڻن آقائن کي سينئر شراڪتدارن طور تسليم ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن عوام کان سندن نظرياتي حق به کسي ورتا آهن ۽ هر قسم جي احتجاج کي سختيءَ سان ڪچلي ڇڏيو آهي.
مارشل لا جا حڪم ۽ قانون ڪاغذي سطح تي به وحشت جوڳا آهن. فوجي عدالتن طرفان 10 کان 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ 10، 20 يا 30 ڦٽڪن جون سزائون هڪ معمول بڻجي ويون آهن. ۽ جيڪي ڏوهاري آهن؟ ۽ جيڪي سياسي ڪارڪن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ احتجاج ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، کين اذيتناڪ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
اهي ظلم ۽ ستم جا ستايل ماڻهو عام طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ کاٻي ڌر جي ٻين پارٽين ۽ گروهن جا ڪارڪن هيا. قانوني طور تي ان ظلم ۽ ستم جو سواءِ عام عدالتن جي ٻيو ڪو به علاج نه هيو. انهن عدالتن جي ڪيفيت بذات خود چڪلن کان گهٽ نه هئي. جڏهن اهي متاثر شهري امداد لاءِ اتي پهچن پيا ته کين انصاف ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو پيو وڃي ته اهو سندن اختيار جي دائري ۾ نه آهي. اصل ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جي نادرشاهي فرمانن بيوس ۽ بي يارو مددگار عوام جي دادرسيءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو هيو.
مارچ 1981ع ۾ جابر ضيا اعلى عدالتن کان سندن نظرياتي اختيار به غير رسمي طور تي کسي ورتا هيا. ان اختيار هيٺ ڪنهن به فوجي ڪارروائي جي خلاف مذڪوره عدالتن ۾ شڪايت ڪري سگهجي پئي. ان کان ڪافي اڳ سڀ اهو ڪري سگهن پيا. هاڻي ته اهو بهانو به ختم ڪيو ويو.
ان کان اڳ فوجي ڊڪٽيٽر اها ڊاڙ هنئي هئي ته اهي اعلى عدالتون، 1973ع جي آئين تحت ڪم ڪري رهيون آهن. حقيقت ۾ اهو نسورو ڪوڙ هيو، پر مارچ 1981ع جي پرويزنل ڪانسٽيٽيوشن آرڊر (پي سي او) ان ڪوڙ جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو. ۽ اعلى عدالتن جي اها شيخي به ٽڙڪو ڏئي ٽٽي پئي. حقيقت ۾ پي سي او ان آئين جو متبادل هيو، جيڪو پاڪستاني عوام اپريل 1973ع ۾ خود پنهنجو پاڻ تي لاڳو ڪيو هيو. مذڪوره آرڊر هيٺ اعلى ترين عدالتن ۽ ٻين عوامي ادارن کان خودمختياري، اختيار ۽ اقتدار ۽ قانوني استحقاق کسيو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي 9 ججن حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هيو. بغاوت جي ان ڏوهه ۾ کين پنهنجن عهدن کان الڳ ڪيو ويو. انهن ججن جو اهو هڪ عظيم ۽ ارڏو قدم هيو. ضيا نظرياتي طور تي 1973ع جي آئين کي اونهي کاهيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيو ۽ عوامي حڪومت جي پاڙ پٽي ڇڏي.
پاڪستان جي انصاف پسند سرزمين به هاڻي سياسي بنجر ڌرتي بڻجي وئي آهي. پاڪستان جي فوجي ڊڪٽيٽرن هڪ به آزاد يا خودمختيار ادارو باقي نه ڇڏيو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهذب سماج جو آئينو هوندو آهي. ٽريڊ يونين کي آزاداڻي نموني ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي جمهوري حڪومت 1977ع کان اڳ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي اهي حق عطا ڪيا هيا، کين انهن حقن کان محروم ڪرڻ جو سڌو سنئون خطرو پيدا ٿي پيو آهي. وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي 1976ع ۾ هارين کي حقن جو جيڪو چارٽر ڏنو هيو، اهو هاڻي هڪ بيرنگ خط بڻجي ويو آهي. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي آزادي کي به سلب ڪيو ويو آهي. تعليم ۽ تدريس جو سلسلو رڪجي ويو آهي ۽ اتان جي ماحول تي به بي پناهه دٻاءُ وڌو پيو وڃي. وڪيلن ۽ بيرسٽرن جي بار کي عدالت جي ڪمرن اندر به شهري حقن جي سوالن تي بحث ڪرڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. جرنلسٽ يونين تي مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي ۽ وڏي بي غيرتيءَ سان هڪ ننڍو رقيب پيدا ڪيو پيو وڃي. جرنلسٽن کي بدديانت ۽ بي ايمان بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي.

[b]حقيقي دشمن
[/b]آخر مارشل لا جي ڇا معنى آهي؟ اها ئي ته عوام جي پنهنجي حقن کان مڪمل طور تي محرومي. آخر حقيقي دشمن ڪير آهي؟ هاڻي اها حقيقت به واضح ٿيڻ گهرجي. هي فقط هڪ ضيا نه آهي، جيڪو هڪ معمولي حڪمران آهي، پر سڄو فوجي ٽولو، جيڪو جنرل ضيا جي پٺي ٺپري رهيو آهي. ۽ اهو ممڪن آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو فوجي جرنيل ضيا جي جڳهه وٺي ويهي رهي. اسان کي ان خطري کان پاڻ کي محفوظ ڪرڻو آهي. جنرل ضيا کي سڄي نوڪرشاهي نظام ۽ سڄي استحصال پسند ٽولي جي حمايت حاصل آهي. اهو طبقو سندس حڪومت مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ضيا جو متبادل اچي ويو ته هو ان جي به اهڙي طرح خوشنودي حاصل ڪندا.
ضيا جي حڪومت باهمي مفاد پرستن جي ذريعي ۽ سندن لاءِ ئي قائم ڪئي وئي آهي. حڪومت جي نوعيت واضح آهي ته فوجي حڪومت مختلف ميدانن ۾ ڪهڙا گل پوکي رهي آهي؟ هيءَ حڪومت ڏينهن رات پاڪستاني سرحدن تي زبردست خطري هجڻ جو راڳ آلاپي رهي آهي. آخر سندس مقصد ڪهڙو آهي؟ انهن ڳالهين سان خطرو وغيره ڪجهه به نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن اسان پاڻ موقعو ڏنو ته ڀارت اسان تي اوڀر واري سرحد کان وار ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته روس، افغانستان ۾ گهيرو ڪيو ويٺو آهي، هو اولهه کان ٽپي پوندو ۽ هوڏانهن بلوچستان ۽ سرحد صوبي ۾ بغاوت جا شعلا بلند ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه وڏي پيماني تي روسي حملي جي امڪان جا به اشارا ملي رهيا آهن. چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان خود گهرو ويڙهه جو شڪار آهيون.
ضيا جي پرڏيهي پاليسي متعلق مان بعد ۾ ڳالهه ڪنديس. پر سچائي ته اها آهي جو پاڪستان جي سلامتي کي درپيش خطرا گهٽ نه ٿيا آهن. ان جي ابتڙ يا ته هو بيوقوف آهي يا مڪار، پر هو آمريڪين جا بوٽ چٽي سندن تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. اهڙي طرح هو خطرا وڌائي رهيو آهي. ضيا مسلسل عوام کي اپيل ڪري رهيو آهي ته اندروني جهڳڙا ختم ڪري انهن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿي وڃن. ان جي معنى ڇا آهي؟ ته مون سان تعاون ڪريو پر پنهنجي حقن جي ڳالهه نه ڪريو. مان (ضيا) انهن خطرن کي وڌائي چڙهائي بيان ڪري قوم جي رهنمائي ڪندس.
اسان کي فوجي جرنيلن جي حرڪتن تي نظر رکڻي پوندي. پر اسان کين ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هو اسان مٿان ڪڙڪي پون. هر ڪو سندن چال ڏسي سگهي ٿو، هو عوام منجهه وڇوٽيون پيدا ڪرڻ گهرن ٿا. هڪ طبقي کي ٻئي طبقي سان ويڙهائڻ گهرن ٿا. سڀ کان پهريان هنن ساڄي ۽ کاٻي ڌر جو سوال اٿاريو. اها ڪيفيت 69-1968ع جي دوران پيدا ٿي. 77-1974ع جي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ڪئي. ساڄي ڌر ۾ اسلامي پروگرام رکندڙ پارٽيون هيون. اولهه پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ 1970ع جي چوندن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. انهن ٻنهي پارٽين کي کاٻي ڌر جون جماعتون چيو ويو. اهي ٻئي پارٽيون فوجي عتاب جون شڪار ٿيون. ساڄي ڌر وارن ڪميونسٽ لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کان مدد طلب ڪئي. ساڄي ڌر جي پارٽين جو ڪميونزم بابت عقيدو هو ته اها اسلام کي تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ پاڪستان جي روايتي قدرن ۽ تمدن کي پائمال ڪري ڇڏيندي.

[b]رجعت پسندن ڌرين جي چشم پوشي
[/b]اها ڳالهه هاڻي هر ڪنهن تي واضح آهي ته فوج جو ساڄي ڌر جي اسلامي رجعت پسند پارٽين سان ٽڪراءُ ٿي پيو. فوج هڪ بهانو گهڙي 5 جولاءِ 1977ع تي سول حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، اهو هڪ موقعو کين ملي ويو. حيرت ته ان ڳالهه تي هئي، جو رجعت پسند پارٽين ايتري معصوميت جو ثبوت ڏنو جو هو اها اميد ڪرڻ لڳا ته فوج ڪجهه عرصي تائين مٿن ڇائنيل رهندي ۽ آخر جمهوري نظام ته آڻڻو ئي پوندو. پر پوءِ جلد ئي سندن اکيون کلي ويون ۽ فوجي جرنيلن اهو فيصلو ڪري ورتو ته سندن کان وڌيڪ بهتر حڪمران ته ڪو ٿي نه ٿو سگهي.
مارشل لا جي نفاذ کي ساڍن پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. پر ساڄي ۽ کاٻي ڌر سان ٽڪراءَ جو خطرو اڃا به برقرار آهي. فوجي حڪومت چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ کان لهرائي رهي آهي. ان کي اهو خطرو آهي ته جيڪڏهن سڀاڻي چونڊون ڪرايون ويون ته کاٻي ڌر جي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي ويندي. ان کان پوءِ آزاد خيال غير رجعت پسند قوم پرست پارٽيون منظر عام تي اچي وينديون، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ خودمختياريءَ جو مطالبو ڪن ٿيون. يا مارڪسٽ کاٻي ڌر وارا بلڪل غائب ٿي ويندا. هوڏانهن ضيا شروعات ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو ڏٽو ڏنو. انهن ساڄي ڌر وارن کي ان چال جو بعد ۾ پتو پيو. انهن ضيا کي چونڊون ڪرائڻ ۽ سندس ڪابينا کان علحدگي اختيار ڪري حڪومت کان ڌار ٿيڻ لاءِ 17 مهينن جو وڌيڪ وقت ڏنو. هاڻي اميد آهي ته انهن ساڄي ڌر جي پارٽين انهن حالتن مان ضرور سبق سکيو هوندو.

[b]ٽمڪندڙ اميدون
[/b]پر جلد ئي ساڄي ڌر جي انهن اميدن تي پاڻي ڦري ويو. فوجي ڊڪٽيٽر اسلام جو دهل زور زور سان وڄائڻ شروع ڪيو. ساڄي ڌر جي چند پارٽين سندس ڪابينا کان ڌار ٿيڻ باوجود هن ڏانهن ويجهو وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. انهن پارٽين ۾ جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ شامل هيون. يعني ساڄي ڌر جون پارٽيون پوءِ به سندس کيسي ۾ رهيون. انهن مان هڪ پارٽي جميعت علماءَ پاڪستان جو رخ ٻنهي طرفن هيو. پر فوجي ٽولو اڃا تائين عوام ۾ غلط فهمي پيدا ڪرڻ ۽ کين غلط معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. جيتوڻيڪ ساڄي ڌر جا هي ليڊر اڃا سوڌو عوام جي ئي زبان ۾ ڳالهه ڪندا آهن ته جمهوريت پسند طبقو ڇا ٿو چاهي. جلد کان جلد چونڊون، پر ان سان گڏ هو ڪو نه ڪو سرخاب جو پر لڳائي ڇڏيندا آهن ته جيئن عوام منجهه وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي ۾ ناڪام نه ٿي سگهن. اهو هڪ سڌو سنئون فراڊ آهي. مان نالا وٺي کين بڇڙو ڪرڻ نه ٿي چاهيان. هڪ متحد محاذ جي لاءِ اڻ کٽ ڳالهين جو سلسلو هلي رهيو آهي. ٺاهه جا ڪي به آثار نظر نه ٿا اچن، آخرڪار ڇو؟
16 فيبروري 1981ع تي اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا ايم ار ڊي جي قيام تي متفق ٿي وياسين ته جيئن پي اين اي (پاڪستان نيشنل الائينس) سان گڏجي ڪم ڪيو وڃي. پي اين اي ئي اهو ادارو آهي، جنهن جمهوري نظام جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ فوجي ٽولي جي مدد ڪئي هئي ۽ فوجي ٽولي ان کي لالچ ڏني هئي. فوجي ٽولو هڪ سال تائين مڙني وڏين وڏين پارٽين کي ٽوڙڻ جو منصوبو بڻائيندو رهيو. هاڻي به هو اها غير يقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ اڪثر ڪامياب ٿي ويو آهي. پر چند ٻيون پارٽيون ڪنهن به قيمت تي ڪجهه شرطن هيٺ اسان سان ملڻ لاءِ هميشه تيار آهن.
ساڄي ڌر جي ليڊرن ۾ انهن شرطن تي ڳالهين ٻولهين جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو هلي رهيو آهي. مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۽ پارٽين ۾ ڪيترن ئي پهلوئن تي اختلاف راءِ موجود آهي. گذريل ٻن سالن جي دوران ايم آر ڊي ۾ اهو ئي تجربو منظر عام تي آيو آهي. فوجي حڪمران اهو چاهين ٿا ته حڪومت جوڙڻ جي سلسلي ۾ سياسي اڳواڻ هڪ راءِ نه ٿي سگهن. ايم آر ڊي کان ٻاهر ساڄي ڌر جون ٽي پارٽيون پاڳاري جي مسلم ليگ، جميعت علماءِ اسلام (جي يو پي) ۽ جماعت اسلامي (جي آءِ) پنهنجي الڳ ديڳڙي چاڙهيو ويٺيون آهن. سندن خيال ۾ نئين حڪومت جي قيام لاءِ هڪ نئون معاهدو ضروري آهي. فوجي ٽولي طرفان چونڊن ڪرائڻ واري عمل تي رضامندي کان اڳ هرهڪ پارٽيءَ کي گڏيل طور تي رضامند هجڻ گهرجي.
دراصل هيءُ ضيا جو نئون شرط آهي ته 1973ع جي آئين کي دفن ڪيو وڃي. ڊڪٽيٽر ضيا مختلف ماڻهن جي سامهون مختلف هنڌن ۽ موقعن تي مختلف ڳالهيون ڪندو آيو آهي. هن ڪجهه ڏينهن اڳ چيو هيو ته چونڊن کان اڳ نئون قانوني ڍانچو تيار ڪرڻو پوندو. هي پارٽيون پنهنجا مقصد مختلف انداز سان بيان ڪن ٿيون. هڪ طرف ته هو ضيا تي ذاتي حملو ڪرڻ کان لهرائين ٿيون ۽ ٻئي طرف هو ضيا جي ٻولي ڳالهائي رهيون آهن.
آخر اسان نئون آئين ۽ نئين حڪومت ڇو ٿا چاهيون؟

[b]مونجهاري جو بنياد
[/b]آخر اسلامي جمهوريه پاڪستان جي 1973ع ۾ مرتب ڪيل آئين جو حشر ڪهڙو ٿيو آهي، جنهن جي متعلق جابر ضيا اهو چوندي نه ٿو ٿڪجي ته هو پاڻ ئي ملڪ جي آخري اميد آهي پر پوءِ به هو اڃا تائين پردي جي پويان آهي. ٻيون پارٽيون به اهو ئي راڳ آلاپي رهيون آهن. ممڪن آهي ته پاڪستان هڪ ٻئي نئين آئين لاءِ ڪڏهن به رضامند نه ٿئي. پاڪستان جي آئين سازيءَ جي هڪ ڊگهي ۽ المناڪ تاريخ آهي. فوجي حڪمرانن جو مقصد عوام جي ذهنن ۾ وڌيڪ مونجهارو پيدا ڪرڻ آهي. هو اهڙا قدم ان ڪري کڻي رهيا آهن، جيئن سندن نفرت جوڳو حڪومتي نظام وڌيڪ عرصو برقرار رهي سگهي ۽ مختلف پارٽيون متحد ٿي نه سگهن.
اچو ته اسان ڏسون ته مارشل لا آخر عوام جي سامهون هر روز پنهنجو ڪهڙو رُخ پيش ڪري ٿي. هٿياربند فوج ۽ پوليس وٽ لامحدود اختيار آهن. ڪنهن به شهريءَ کي ڪو به فوجي سپاهي بنا وارنٽ جي گرفتار ڪري اڻ ڄاڻايل عرصي تائين جيل ۾ سڙڻ لاءِ موڪلي سگهي ٿو. اهڙا هزارين مثال ڏئي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ هيءَ حڪومت جرنيلن جي حڪومت آهي، جنهن کي سپاهين ۽ نوڪرشاهي نظام جرنيلن لاءِ قائم ڪيو آهي.
آخر حڪومت جو عوام تي ڪهڙو اثر پيو آهي؟ سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي آفيسرن ڦرلٽ جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ڪيفيت هن کان اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي آهي. مٿان کان هيٺ تائين رشوت خوري ۽ بدعنواني جي اهڙي بازار گرم آهي، جنهن جو وهم ۽ گمان به نه ٿو ڪري سگهجي. گورنر تائين رشوت خور آهن، منشيات جو ڪاروبار هلائين ٿا. ”دروغ برگردن راوي“ واري چوڻي موجب بدعنوانيءَ جي گرم بازار چين جي علائقي ڪوئنٽا کي به مات ڏئي ڇڏي آهي.

[b]اقتصادي دلال
[/b]جيڪڏهن عوام کي پريشاني نه ٿئي ته حڪمران طبقو جيئن چاهي ڪندو رهي. ڪنهن کي به گهڻي ڳڻتي نه ٿيندي، پر بدعنواني جي گرم بازار سبب اعلى آفيسر جذباتي طور تي بي حس ٿي چڪا آهن، جنهن سبب عوام کي صبر ۽ قناعت جو پٿر سيني تي رکڻو پئجي رهيو آهي. سندن زندگي جيئري جاڳندي جهنم جهڙي ٿي وئي آهي. حڪومت جو ادنى ملازم به لالچ ۽ هوس جو شڪار آهي ۽ واپاري صارفين جي استحصال لاءَ هميشه چڪر هلائي رهيو آهي. ان ته هاڻي ناقابل بيان حدن کي به پار ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ وسيع پيماني تي بي روزگاري آهي. گهڻا ماڻهو ته عرب ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. وڌندڙ مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ننڍو ڪارخانو لڳائڻ به خطري کان خالي نه آهي. صنعتي سيڪٽر هاڻي بيمار ٿي چڪو آهي. عوام کي روزگار مهيا ڪرڻ ۽ صنعتي سيڪٽر جي افاديت برقرار رکڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. ان جو سڌو سنئون سبب اهو آهي ته حڪومت کين رليز نه ٿي ڪري.
غير سرڪاري اندازن جي مطابق افاديت جي صلاحيت 50 ۽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نه آهي. اها شرح به ان ڪري برقرار آهي جو ڪيميائي ڀاڻ، سيمينٽ، کنڊ ۽ تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن جي افاديت جي صلاحيت معقول حد تائين تسليءَ جوڳي آهي. ننڍين وڏين شين جي صنعت به ڪا بهتر نه آهي. گهريلو شين جي صنعتي پيداوار مسلسل زوال پذير آهي. ڇاڪاڻ ته بازارن ۾ پرڏيهه مان گهرايل شين جي ٻوڏ آيل آهي. خانگي ڪارخانيدارن سرمائيڪاري ڪرڻ کان هٿ ڪڍي ورتو آهي. اقتصادي ماهر صنعتڪاري جي زوال جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.
ان اونداهي پس منظر جي باوجود ضيا جي حڪومت آزاد درآمدي پاليسيءَ واري پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي. جنهن مقامي صنعت کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. اها حقيقت سج جي روشني جيان واضح آهي ته فوجي ٽولو اهڙي پاليسي تي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جا اشاري تي عمل ڪري رهيو آهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي فوجي ٽولي سڄي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. ان جي ذهن تي فوجي هٿيار ۽ فوجي سامان حاصل ڪرڻ جو ڀوت سوار آهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو پاڪستان جي آزاد پاليسي ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي آهي. اسان جون اڪثر اقتصادي پاليسيون واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف ۽ آءِ جي آر ڊي جي آفيسن ۾ جُڙن ٿيون. فوجي ٽولو اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به ناڪام ٿيو آهي. اسان جي شهرن ۾ ترقي يافته ملڪن جي شين جي ٻوڏ آيل آهي. اهي حوس پرست ملڪ اسان جي غريب ملڪ پاڪستان تي پنهنجو وڪرو نه ٿيندڙ مال سٿي رهيا آهن. اعلى ۽ طاقتور طبقي جي مفادن جي حوصلي افزائي غير سماجي ڪاررواين جي ذريعي ڪئي پئي وڃي. منشيات جو ڌنڌو پنهنجي عروج تي آهي. ان جي سڄي ذميواري فوجي ٽولي تي عائد ٿئي ٿي.
اها ڳالهه حيرت جوڳي ناهي ته ڪاري ڌنڌي ۽ اسمگلنگ جي معيشت هڪ متوازي معيشت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. هڪ اندازي جي مطابق شهري معيشت جو 30 کان 35 سيڪڙو ان متوازي معيشت جي عتاب جو شڪار آهي. هڪ ٻئي اندازي جي مطابق هر سال 30 کان 40 ڪروڙ ڊالرن جي ماليت جو اسمگلنگ جو مال ۽ منشيات جو ڪاروبار اسان جي ملڪ ۾ هلندو آهي. اهو غير سرڪاري درآمدات جو سلسلو آهي.

[b]پورهيت ڌمڪين جي پاڇي هيٺ
[/b]ڪارخانن جا مزدور ڌمڪين جي پاڇي هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ جيڪي حق عوام کي ڏنا ويا هيا، اهي هاڻي خطري هيٺ اچي ويا آهن. گذريل ٻن سالن ۾ هڪ نئين ليبر پاليسي آندي وئي آهي. جنهن تحت مزدورن کان سڀ حق ۽ رعايتون کسيون وينديون. يعني کين هڙتال ڪرڻ جو به اختيار نه هوندو. هي فوجي ڊڪٽيٽر ورڪرن سان نئين سوديبازي ڪرڻ لاءِ موقعو تلاش ڪري رهيا آهن. ڪوڙن لڳڻ جو عارضي ڏهڪاءُ ئي اسان جي ورڪر کي خوفزده ڪري رهيو آهي.
فوجي ٽولي جي آمراڻي نظام ۾ ئي معيشت جي عظيم ترين ڪاميابيءَ جي دعوى ڪئي پئي وڃي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڪڻڪ جي پيداوار هڪ ڪروڙ ڏهه لک ٽن ٿي آهي. پر ان جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟ ايتري سُٺي پيداوار ڪندڙ ماڻهو غربت ۽ مفلسي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا آهن. کين مفلس ۽ پنڻ جهڙو ڪيو ويو آهي. ته جيئن هو شهرن جي گندن پاڙن ۾ وڃي آباد ٿين. جتي وٽن ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، هنن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهندو ته هو هن ملڪ مان ڀڄي وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آباد ٿين. پر ان جي باوجود زميندار مسلسل خوشحال ٿي رهيو آهي. زميندارن کي ننڍن هارين ۽ ڪاشتڪارن جي ڪري ئي سرڪاري طور تي اهميت ملي رهي آهي. ضيا نون ۽ شريف هارين کي تباهه ڪن اگهن تي زمين جي ملڪيت جي منتقليءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. 83-1982ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري طور تي زراعت کي هٿي وٺرائڻ جي شروعات ڪئي وئي هئي. عرب شيخن ۽ اهڙين ئي ٻين قومن جي ماڻهن کي وڏا زرعي فارم قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. انهن فارمن جي ايراضي 5 هزار کان 10 هزار ايڪڙن جي وچ ۾ آهي. ان دوران ملازمت تي موجود ۽ رٽائرڊ فوجي جرنيلن جي نوڪرشاهي نظام هلائيندڙ آفيسرن وڏا وڏا زرعي فارم قائم ڪرڻ شروع ڪيا آهن. اهي سڀ قدم غريب شهرين جي ڀلائي واري نام نهاد نعري هيٺ کنيا پيا وڃن.
ٻهراڙين جي اڪثر آبادي بي زمين هارين جي آهي، انهن وٽ ڪو به ڪم ناهي، سندن ڪو به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري کين ڪا اميد آهي. هنن وٽ شهر جون گنديون ڪالونيون آباد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي. شهرن جي گندين آبادين جي حالت رحم جوڳي آهي. خوراڪ جي گهٽتائي، ٽي بي، ڏوهه، جسم فروشي ۽ ٻين گناهن جي بازار گرم رهندي آهي. انهن گندين وستين ۾ سماجي خدمتن يا پاڻي، رستن، اسڪولن، گهرن ۽ اسپتالن جي ڪا به سهوليت مهيا نه آهي. حڪومت جون به ان صورتحال تي اکيون ٻوٽيل آهن. عوام گُهٽ ۽ ٻوسٽ جو شڪار آهي، هنن وٽ خوابن ۾ تاج محل تعمير ڪرن کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه آهي.
زرعي ترقيءَ جو وڏي زور شور سان پٽڪو پٽيو پيو وڃي. ننڍن هارين، آبادگارن ۽ نيم آبادگارن کي حڪومت مڪمل طور نظرانداز ڪري رهي آهي. ننڍن هارين جي بي وسيءَ ۽ لاچاري جي صورتحال اها آهي جو، هو حڪومت طرفان مهيا ٿيندڙ معمولي کان معمولي رعايت ۽ سهوليت مان به فائدو حاصل ڪرڻ کان لاچار آهن. اهي مڙئي سهوليتون ۽ رعايتون به زميندارن تائين محدود آهن.

[b]ٻهراڙيءَ وارن علائقن جون مشڪلاتون
[/b]اهوئي سبب آهي جو ٻهراڙيءَ جي عوام جي اڪثريت انتهائي غربت ۽ اقتصادي پريشانين جو شڪار آهي. انهن پريشانين ۾ گهٽتائي بجاءِ ڏينهون ڏينهن اضافو اچي رهيو آهي. بي روزگار ۽ بي زمين هاري زرعي پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. پر انهن جو ڪو به حال ڀائي نه آهي. سندن مٿان مايوسي جا پاڇا وڌيڪ گهرا ٿي رهيا آهن.
ضيا پاڪستان جي معيشت کي اسلامي ڍانچي ۾ آڻڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي. اصل ۾ هن ننڍن هارين کي سرمائيدار بگهڙن جي گهيري ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي. دراصل معيشت جي اسلام ڪاري ضيا جي پروپيگنڊا فيڪٽريءَ مان نڪتل خوبصورت ۽ نمائش ڪرڻ جهڙي شيءِ آهي. دراصل هو مخالف ڌر کي غلط فهميءَ ۾ وجهي رهيو آهي. ۽ انتهائي مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ”ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو“ وانگر سندس ڪجهه حمايت ۽ تعاون جا طلبگار آهن. هو چاهي ٿو ته عوام اها ڳالهه وساري ڇڏي ته هو غاصب آهي، جنهن سڄي قوم کي مانيءَ جي گرهه کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري عوام پاڻ کي ڪمزور ۽ لاچار سمجهي رهيو آهي. ان ڪري عوام جي دلچسپي ختم ٿي رهي آهي. ان ڪري هو لاتعلق بڻجي رهيو آهي. هر روز سندن مسئلن ۾ واڌ اچي رهي آهي ۽ کيس ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ زمين آسمان هڪ ڪرڻو پوي ٿو. روايتي ليڊرشپ به ڪيترن ئي پاسن کان عوام کي مايوس ۽ نامراد ڪيو آهي. پهريان عوام کي سندن حقن کان محروم ڪيو، کين ذليل ۽ خوار ڪيو ۽ پوءِ سندن استحصال ڪرڻ ۾ به ڪا ڪثر نه ڇڏي. اسان جا رهنماءَ سينگاريل ۽ سنواريل ڊرائنگ رومن ۾ ويهي يا ته گپ شپ ڪندا آهن يا پنهنجون يادگيريون لکڻ يا ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهن، هنن جو عوام سان رشتو ڪٽجي چڪو آهي.
ٻيو اهو ته اهي ليڊر ضيا جي اڳيان پنهنجو پڇ لٽڪائڻ ۾ پورا آهن، حقيقت اها آهي ته عوامي انقلاب ضيا ۽ سندس جوڙيوالن کي هوا ۾ پنن اونگر اڏائي ڇڏيندو.

[b]طلسم نيٺ ته ٽٽڻو آهي
[/b]حالتون ان حد تائين خطرناڪ ٿي چڪيون آهن جو انهن کي سنڀالڻ آمرانه نظام جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. هتي چونڊن جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي. حڪمران ٽولي انتهائي خطرناڪ غلطيون ڪيون آهن، ۽ هو پنهنجي وجود کي بچائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀ حربا استعمال ڪري چڪو آهي.
ان ڪري جڏهن 1973ع جو آئين جوڙيو پيو وڃي ته وزيراعطم ڀٽو کان وٺي ڪري مخالف ڌر جي هڪ هڪ ميمبر پوءِ چاهي انهن ۾ هٿ مٿي کڻي حمايت ڪندڙ ئي ڇو نه هجن، هڪ ٻي فوجي حڪومت جي قيام کي ناممڪن بڻائڻ جو پختو ارادو ڪيو هيو. هنن اتفاق راءِ سان ان عزم جو اظهار ڪيو هو ۽ آئين ۾ اهو لکيو هيو ته جيڪڏهن ڪو به فوجي جرنيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو ڏوهه ڪندو ته آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ بغاوت جي الزام ۾ کيس موت جي سزا ڏني ويندي. ان ڪري ڦاسيءَ جو ڦندو ضيا جو بي صبريءَ سان انتظار ڪري رهيو آهي.
ضيا جا چند جوڙيوال تشدد پسند سياست جي مذمت ڪن ٿا، سندن خيال ۾ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا ۽ فوجي ٽولي جي ساٿارين کان سواءِ سڀ سياسي رهنماءَ 1973ع جي آئين جي مڪمل بحاليءَ تي زور ڏئي رهيا آهيون. ۽ اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جو بدلو وٺڻ چاهيون ٿا، اهو نسورو ڪوڙ آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته قانوني قتل عدل ۽ انصاف جي سڌي سنئين بي حرمتي هئي ۽ انسانيت جي خلاف هڪ وڏو ڏوهه هيو. مون کي سندس قتل تي هڪ انسان جي حيثيت ۾ ۽ سندس ڌيءُ جي ناتي وڏو ڏک پهتو آهي. ڪنهن ٻي مخالف پارٽيءَ جي ليڊر کي اهڙي طرح ذاتي طور تي ملوث نه ڪيو ويو.
سڄي قوم آئين جي بحاليءَ جو مطالبو ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو آئين نئين قائم ڪيل اسيمبليءَ جو مڪمل طور ترجمان هيو. ضيا به ڪيترائي ڀيرا ان کي تسليم ڪيو هيو ته اهو ملڪ جي آخري اميد هيو. جيڪڏهن اسان اهو آئين بحال نه ڪرائي سگهياسين ته ملڪ سان غداري هوندي. عوام جي جذبن جو احترام ڪندڙ هر فرد جو اهو ئي خيال آهي. ۽ جيڪڏهن آئين جي نفاذ کان پوءِ ڦاسيءَ جو ڦندو ضيا جي ڳچيءَ ۾ فٽ ايندو ته ڀلي اچي وڃي. اهو ڦندو ته دراصل ضيا جي آرمي چيف بڻائڻ کان گهڻو اڳ تيار ٿي چڪو هيو. پر ضيا کي ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچائڻ اسان جو مقصد ناهي. جيتوڻيڪ هو ان جو حقدار آهي. پر جيڪڏهن هو گهڻو بيچين ۽ بي قرار ٿي پنهنجي ڪئي تي پشيمانيءَ جو اظهار ڪري اسان وٽ اچي ٿو ته اسان ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس جان بخشائي سگهون ٿا. بدلو وٺڻ اسان جي سياست جو وڙ ناهي، پر قانون جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي نه ٿي سگهجي، ان کي ته پنهنجي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.

[b]احتجاج جا طريقا
[/b]اسان جي ملڪ ۾ ڪهڙو به سياسي ناٽڪ رچايو وڃي، پر مان اها ڳالهه پوري اعتبار سان چوان ٿي ته اسان قطعي طور تي تشدد پسند سياست جا قائل نه آهيون. اسان جمهوري طرز جي احتجاج ۽ چونڊن کي اهميت ڏيون ٿا. پر جيڪڏهن سڀ آئيني دروازا بند ڪيا ويندا، جيئن ضيا گذريل 6 سالن ۾ ڪيو آهي ته پوءِ اسان هٿ تي هٿ رکي ويهي نه رهنداسين. جيئن ٻيا ڪري رهيا آهن. اسان گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڪارروائي ڪنداسين، جنهن سان ڪم بهتر ڍنگ سان ٿي وڃي.
ان باري ۾ ڪا به غلط فهمي ذهن ۾ رهڻ نه گهرجي. اهو ضيا جي پسند تي ڇڏيل آهي ته هو آزاداڻي نموني چونڊون ڪرائڻ گهري ٿو يا آزاد چونڊن جي رهنمائي ڪرڻ گهري ٿو يا ڪجهه به نه، جيڪڏهن هو آخري رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿو ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته هو عوام کي چئلينج ڪري رهيو آهي ته هو ميدان ۾ اچن ۽ کيس شڪست ڏئي ڪٽهڙي مان ٻاهر ڦٽو ڪن. جيڪڏهن هو ڪجهه به نه ٿو چاهي ته اسان عمل جي ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پونداسين ۽ ساڻس هڪ هڪاڻي ڪنداسين.
اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ تي مون کي افسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اها هڪ ڊگهي ۽ خوني جدوجهد هوندي. ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻيون پونديون. جسماني طور تي معذور ٿيڻو پوندو، پنهنجيءَ ملڪيت کان محروم ٿيڻو پوندو. پر اسان اهڙي طرح حڪومت کي پنهنجو وطن عزيز تباهه ۽ برباد ڪندي ڏسي نه سگهنداسين. اهو سچ آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني پنهنجي پاڪستاني ڀائرن کي موت جي منهن ۾ ڏئي ڇڏين ته اسان کي ان جو افسوس ٿيندو. فوجي سپاهي به ته اسان جا مٽ مائٽ آهن. پر حب الوطني ۽ اخلاقي فرض به ته ڪا شيءِ آهي، ان فرض جون به ڪي گهرجون آهن.اسان ان فرض کان اکيون ٻوٽي نه ٿا سگهون ۽ ضيا کي به مان اها ڳالهه چئي سگهان ٿي. اسان رحم جي خيرات نه ٿا گهرون ۽ نه وري رحم ڪيو ويندو.
بحث مباحثي لاءِ ته ڪافي وقت گهرجي. پر اسان وٽ ڪرڻ لاءِ هڪ ڪم آهي. يعني فوجي جرنيلن کي اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ. اسان سياسي ۽ اخلاقي نظرئي تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين گفتگو ڪري نه ٿا سگهون. اسان ته پنهنجي ذهن کان ڪم وٺندي گهٽ کان گهٽ عرصي ۾ پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ مؤثر ترين رستو ڪڍنداسين. جيئن ته مان پهريان ئي چئي چڪي آهيان ته اسان پنهنجي مرضيءَ موجب رستو اختيار ڪنداسين. اسان ڪهڙا ذريعا اختيار ڪريون ٿا. ان جو فيصلو دشمن جون چالون ڏسي ۽ سمجهي ڪيو ويندو.
دشمن اسان سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ تي ضد ٻڌي بيٺل آهي، ۽ اسان کي تشدد جا ذريعا استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اسان به اهي ئي استعمال ڪنداسين. نه ته جمهوري حڪومت جي قيام لاءِ پرامن رستو اختيار ڪرڻ لاءِ دروازا ته کليل آهن. ان جو فيصلو ته خود کيس ڪرڻو ئي پوندو.
مان هڪ ڳالهه ايم آر ڊي سان لاڳاپيل اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿي. اها ڳالهه وري وري دهرائڻ جي ڪا به ضرورت ناهي ته اسان عوام کي منظم ڪرڻ ۽ فوجي ٽولي جي خلاف جدوجهد لاءِ پرامن رستو اختيار ڪنداسين. اسان نوجوان هٿ تي هٿ رکي خاموش رهي نه سگهنداسين. جيڪڏهن جنرل ضيا پنهنجون نفرت انگيز پابنديون نه ٿو هٽائي ته اسان کيس اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر اڇلڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. اسان انتهاپسنداڻه ڪارروائي جو عوامي رستو اپنائينداسين. عوامي رستي ۾ انتهاپسندي کي ڪو به عمل دخل نه آهي. پر اسان گانڌي جا پوئلڳ ناهيون. مهاتما گانڌي ان ڪري ڪامياب ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس مقابلو انگريزن سان هيو، جيڪي ڪنهن حد تائين بي حس نه هيا. ان ڪري هنن دوستاڻي ماحول ۾ هندستان ڇڏي ڏنو ۽ حڪومت ڪانگريس جي حوالي ڪري ڇڏي. ان وقت ڪانگريس به ڀارتي سرمائيدارن جي ڪٺ پتلي جماعت هئي. اهي ڀارتي سرمائيدار، برطانوي سرمائيدارن جي مدد سان پنهنجي ڪاروبار کي واڌ ويجهه ڏئي رهيا هيا. انهن برطانوي حڪومت سان پنهنجي مفادن وارو ٺاهه ڪيو هيو. جنهن جي نتيجي ۾ برطانوي حڪومت ڪا به ڳري قيمت ادا ڪرڻ کان سواءِ حڪومت هندستانين جي حوالي ڪري ڇڏي. اسان جا فوجي جرنيل نه ته ايترا سياڻا آهن ۽ نه وري ايترا ڊپلوميٽ، هو ڪورا ڪاڳر آهن ۽ بي وقوفيءَ سان وڙهي رهيا آهن.
اسان پنهنجن پراڻن سياسي رهنمائن کي پاڻ سان گڏائي ڪم ڪنداسين. مان سچي دل سان واعدو ڪريان ٿي ته اسان سندن تجربن ۽ ذهانت مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين هو اسان سان گڏ ڪم ڪندا رهندا ۽ جدوجهد ڪندا رهندا.

[b]ڊڪٽيٽر جون چالون
[/b]دشمن جي چالن تي نظر رکڻي پوندي. اسان سندن هر هڪ چال کي شڪست ڏينداسين. سندن ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پاليسيءَ جو ڀانڊو وچ ميدان ۾ ڦاڙي پوءِ ئي ساهه پٽينداسين. هو عوام ۾ غلط فهمي ڦهلائڻ جون به چالون هلي رهيا آهن، اسان کي ان صورتحال تي به نظر رکڻي آهي. ان کان سواءِ هو فقط پنهنجي دهلڙي وڄائڻ ۾ پورا آهن. مخالف پارٽيءَ جي ڳالهه عوام تائين پهچائڻ کي هو قطعاً پسند نه ٿا ڪن. ان جو به مؤثر ڍنگ سان توڙ ڪڍڻو پوندو. اهو ڊڪٽيٽراڻه نظام جو سڀ کان وڌيڪ مضبوط هٿيار آهي. ان سان اڻ پختو ذهن رکندڙ نوجوانن جي حوصلي شڪني ٿئي ٿي.
ٿورو تاريخ جي ورقن ۾ ليئو پائي ڏسو، ان مان اسان کي ڪافي مدد ملندي. امن واري زماني جي خود ساخته فيلڊ مارشل ڊڪٽيٽر ايوب خان اهي ئي حربا مؤثر ڍنگ سان استعمال ڪيا هيا. ضيا جا ساٿاري پنهنجن ”وڏڙن“ کان بهتر انداز ۾ اهي ئي حربا استعمال ڪري رهيا آهن. هو سياسي خبرون ۽ هلڪا ڦلڪا تنقيدي جائزه ”تحريري آزادي“ جي نام نهاد دعوى کي نظر ۾ رکندي وقت بوقت پيش ڪندا رهن ٿا. هڪ ئي جهٽڪي سان سندن ڪوڙ وارو واريءَ جو ڪوٽ ڊهي پٽ پئجي ويندو. ايوب اهي حربا ڏهن سالن تائين استعمال ڪيا هيا. آخر سندس حشر ڪهڙو ٿيو؟ آخرڪار ماڻهو ان نفرت جوڳي ڊڪٽيٽراڻه نظام خلاف متحد ٿي ويا. جيتوڻيڪ اهو اتحاد مڙني سياسي معاملن تي ٻڌل هيو. بهرحال ان ميدان ۾ ڪافي حد تائين اتحاد ٿي ويو هيو ۽ عوامي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي. پارٽين ۽ سندن ڪارڪنن ۾ اتحاد نه هيو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ عوام پارٽين کي ووٽ ڏنو. اهي پارٽيون سماجي معيشت، عوام جي زندگيءَ ۾ سڌارا، مڙني شهرين کي جمهوري حق ڏيڻ ۽ مذهب ۽ تمدن جي تحفظ جي لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيون هيون. عوام صرف انهن پارٽين کي ووٽ ڏنو، جن اهي واعدا ڪيا هيا، باقي جن پارٽين اسلامي نظرين جو پٽڪو پٽيو هيو ۽ جن جي ڪردار ۽ قول ۾ زمين آسمان جو فرق هيو. عوام انهن پارٽين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊون ٿين ته عوام انهن عاملن کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، جيڪي اسلامي عقيدن جي انڌي پوئلڳي ڪرڻ جون قائل آهن.
