باب ڇهون: پرڏيهي پاليسي
ضيا جي افغانستان جي پاليسي فوجي حڪومت طرفان اختيار ڪيل پاليسيءَ جو ئي حصو آهي. اها پاڪستان جي لاءِ انتهائي خطري جوڳي پاليسي آهي. هن هڪ وڏي طاقت سان دشمني پرائي پنهنجي رستي ۾ ڪنڊا پوکيا آهن. هڪ طرف ته افغانستان پاڙيسري ملڪ آهي. پاڪستان جي حڪمرانن ان جي 2 ڪروڙ 80 لک پناهگيرن کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي ۽ ٻئي طرف اهي پناهگير پنهنجي ملڪ ڪڏهن به واپس نه ويندا. روس پنهنجي وچٿري پاليسيءَ تي عمل ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن سندس ڊپلوميٽس ۽ اخبارن وغيره اهو اشارو ڪرڻ شروع ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ سندن جاگرافيائي سياسي مفادن کي پاڪستان مان خطرو پيدا ٿيو ته هو ڪهڙو رويو اختيار ڪندا. ملڪ جون اندريون حالتون به ڳڻتي جوڳيون آهن. پاڪستان جي سرحد صوبي ۾ افغانستان جي بک سٽيل صوبن مان 2 ڪروڙ 80 لک پناهگيرن جي موجودگي اسان جي معيشت تي چيلهه چٻي ڪرڻ جهڙو بار آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سرڪاري طور تي ڪجهه غير ملڪي امداد به اچي رهي آهي. سعودي عرب به بي حساب سرمايو لٽائي رهيو آهي ۽ نام نهاد مجاهد سي آءِ اي جي ايجنٽن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. پر اهو پئسو ان صوبي جي معيشت کي تباهه ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ جيڪو ناڻو انهن علائقن ۾ وڏي پيماني تي اچي رهيو آهي، اهو پاڪستان جي معيار کان به گهٽ آهي.
سياسي طور تي حالتون انتهائي ڇڪتاڻ واريون آهن. انهن علائقن ۾ سماجي طور تي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. انهن صوبن ۾ سياسي پارٽين ۾ نظرياتي هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سرحد صوبي ۾ جماعت اسلامي جهڙيون رجعت پرست پارٽيون رپيا ورهائڻ جون ايجنسيون بڻجي ويون آهن. ان کان سواءِ ٻيون به ڪافي پارٽيون اهڙيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن. ۽ هو چوريءَ هٿيار اسمگل ڪرڻ جي ڪم ۾ ملوث آهن. انهن هٿيارن ۾ هاڻي ڪلهي واري بندوق، راڪيٽ لانچر ۽ سام (ايس اي ايم) شامل آهن. بلوچستان ۾ اهو ڪم گهڻو ڪري شڪي ماڻهن جي ذريعي سرانجام ڏنو پيو وڃي. ان ۾ سياسي قبائلي ليڊر ۽ اسمگلر شامل آهن. هٿيار سپلاءِ ۽ مفت جو مال لٽائڻ ۾ سرڪاري تحفظ وارا ادارا به شامل آهن. ٻئي طرف ان علائقي ۾ ڪجهه جمهوري پارٽيون به موجود آهن. انهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، تحريڪ استقلال، پراڻي نيشنل عوامي پارٽي (اين اي پي) جا جانشين به شامل آهن. جيڪي اين ڊي پي ۽ اين اي پي، پختون والا خاص طور قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ جميعت علماءِ اسلام ۽ سندس شاگرد ونگ به گهٽ وڌ ان نقطي نظر جي آهي. انهن ڪابل ۾ ڪارمل حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش جي پاليسيءَ جي مخالفت ڪئي. هن ملڪ ۾ باغي عنصرن جي موجودگيءَ سبب جيئڻ حرام ٿي ويو آهي ۽ عوام کي ملڪ مان نڪري وڃڻ لاءِ اڪسايو پيو وڃي. ان عمل ۾ سڀ سياسي پارٽيون ۽ ضيا جي اشاري تي نچندڙ جماعتون ۽ سندن اسلام جا نام نهاد حامي شامل آهن. آمريڪي رجعت پسند طاقتون کين هٿيار ۽ رپيا فراهم ڪري رهيون آهن. (چين جو هتي خاص معاملو آهي) ان ڪري هتي هڪ خوفناڪ ٽڪراءَ جو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.
اسان جمهوري پارٽين جا ماڻهو هڪ وڏي عرصي کان ڪارمل ۽ ان جي حامي حڪومتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ کلئي عام آڏو اينداسين ۽ پناهگيرن جي ٻوڏ روڪڻ جي لاءِ انهن افغان حڪومتن سان معاهدي جي لاءِ تيار آهيون. اسان چاهيون ٿا ته انهن پناهگيرن کي ڪابل حڪومت جي تعاون سان واپس موڪليو وڃي. ضيا جون پاليسيون آمريڪا ۾ تيار ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته هو ئي سندس پٺڀرائي ڪري ٿو. انهن مخالف عنصرن سبب گهرو ويڙهه جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ۽ ڪيفيت 1971ع واري گهرو ويڙهه واري ٿي وئي آهي. .... گهرو ويڙهه جهڙن مسئلن جو اڄ سوڌو ڪو به حل نڪري نه سگهيو آهي، هاڻي وسيع پيماني تي خط و ڪتابت ٿي رهي آهي ۽ ان معاملي کي بنيادي خانگي مسئلي سان وابستا ڪيو پيو وڃي ته اهو خانگي مسئلو ئي افغانستان جي بحران جو ذميوار آهي.
جيئن ته واضع ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا، مصر، چين ۽ سعودي عرب جو هٿيار ۽ پئسو ڦوڪيو پيو وڃي، ان معاملي تي ضيا جا هزارين پٺو اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. پاڪستاني فوج افغانستان ۾ بغاوت کي هوا ڏيڻ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي پيچيده ڪم جي سرانجامي کي برقرار رکڻ جي لاءِ اڻٽر ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان سان پاڪستان جي سلامتيءَ کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. روس ان صورتحال تي سخت غصي ۾ آهي ۽ موقعي جو منتظر آهي.
هڪ ڳالهه ته طئه آهي ته آمريڪا اهو چاهي ٿو ته روس کي افغانستان تي قبضو ڪرڻ جي مهانگي قيمت چڪائڻي پوي ۽ هيڏانهن پاڪستان آمريڪي پاليسيءَ کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ پنهنجو بخوبي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. آمريڪا هڪ وڏي طاقت آهي، ان سڄي دنيا ۾ روس سان گهمسان جي ويڙهه شروع ڪري رکي آهي ۽ ان وٽ هيءَ جنگ جاري رکڻ لاءِ طاقت به آهي ۽ ذريعا به آهن. پر اسان مايوسيءَ جي حد تائين غريب ۽ ڪمزور آهيون. اسان ڪيترن ئي طريقن سان روسي دٻاءَ جي ذريعي ڪمزور ۽ نستا ٿي چڪا آهيون. سڀ کان پهريان ڳالهه اها آهي ته اسان جو علائقو ئي ڪمزوريءَ جي دلالت ڪري ٿو. روسي طاقت جو نظام ڳرين ٽينڪن، هوائي جهازن ۽ ميزائيلن تي مشتمل آهي. ٿورو پشاور کان ٻاهر نڪري ڏسو ته اوهان کي اولهه ۾ اتر اولهه جرمن تائين دفاعي قدمن جو هڪ اڻ ٽٽ سلسلو نظر ايندو. اها ڪيفيت اتر اوڀر ۾ ولادي وسٽوڪ تائين آهي. ڇا ان جي ڪا تُڪ آهي ته اسان هڪ عظيم طاقت سان ناحق جهڳڙو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي هلندا وتون، جڏهن ته ان عظيم طاقت کي خبر آهي ته وار ڪٿان ڪيو پيو وڃي. ان کي جنون کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي. وڌيڪ اهو ته سرحد ۽ بلوچستان جي آبادي اتان جي پراڻين پارٽين جي ذريعي اڃان تائين روس ۽ افغانستان جي دوستن سان هڪ ڊگهي مدت کان دوستانه لاڳاپا برقرار رکڻ جي خواهشمند آهي. اهو ئي نه پر کين اسلام آباد جي حڪمرانن سان بنيادي آئيني معاملن تي سنجيده شڪايتون آهن ۽ هو سياسي تعاون جي لاءِ ڪابل ۽ ماسڪو جي طرف ڏسن ٿا ۽ هو هن وقت گهڻن پاڪستاني محب وطنن ۽ قومپرستن سان گڏ ڪارمل حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
گهڻا پاڪستان مخالف پارٽين جا بي ضرر ڪردار رکندڙ ليڊر خير بخش مري، اجمل خٽڪ، مرتضى ڀٽو ۽ ان جهڙا ڪيترائي ماڻهو هن وقت ڪابل ۾ ترسيل آهن. انهن تي بغاوت جي الزام هيٺ ڪو به ڪيس نه هليو آهي. اتي اڃا سوڌو ڪجهه اهڙا گمراهه قومپرست پٺاڻ آهن، جيڪي اهو تصور ڪن ٿا ته سرحد صوبي ۽ بلوچستان جي افغانستان سان ڪنهن قسم جي وابستگي آهي. ڪجهه قومپرست بلوچ گوريلا اڃا تائين سرڪاري طور تي افغانستان ۾ رهيل آهن ۽ انهن مان ڪجهه پاڻ کي مارڪسٽ چوندا آهن. سندن تعداد گهٽ آهي. انهن مان گهڻا رپيا ڪمائڻ جي لاءِ نار جي ملڪن يا پاڪستان جي اندرين علائقن ۾ هليا ويا آهن. بهرحال هو علامت جي طور تي اتي موجود آهن. پاڪستان ۾ سندن دوست، ساٿي ۽ مددگار موجود آهن. اهي گوريلا آزاداڻي طور تي گهمن ڦرن ٿا. ۽ بلوچستان جي سياست ۾ هو غير معمولي ڪردار ادا ڪن ٿا، پر اهي سڀ ڪارمل ۽ روس جا دوست آهن. فقط ان ڪري جو پاڪستاني فوج پاڪستاني عوام کي جمهوري حق عطا ڪرڻ کان انڪاري آهي ۽ ٻين هنڌن تي به ڇڪتاڻ جي ڪيفيت موجود آهي. فوجي ڊڪٽيٽر ڏهڪاءَ وارو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن. ڪيترن هنڌن تي ان جي انتها ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪيترا ئي علائقائي قومپرست ان نتيجي تي پهتا آهن ته پاڪستان تي پنجابي فوجي ڊڪٽيٽرشپ جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي. گهڻا پاڪستاني فوجي ۽ سول سروسز جا ماڻهو، وڏا وڏا واپاري، زميندار هڪ ئي صوبي پنجاب جا رهندڙ آهن. هي هڪ مستقل اڪثريتي علائقو آهي. هتان جا اڪثر سياستدان اقليتي علائقن جي ماڻهن کي رعايتون ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪندا آهن. 1982ع ۾ واشنگٽن ۾ چيو ويو هيو ته هو ته هميشه اقتدار ۾ رهندا. جيڪڏهن ضيا هليو ويو ته ان جي جاءِ تي ٻيو جرنيل اچي ويندو. اقليتي علائقن جا قومپرست هاڻي کلي عام اهو چئي رهيا آهن ته واشنگٽن جي ان اعلان جي معنى اها ٿي ته آمريڪا ۽ پاڪستاني فوجي جرنيلن پاڻ ۾ هڪ ناپاڪ منصوبو سٽيو آهي. ۽ ٻئي طرف پاڪستاني عوام کي فوجي آمريت جي چنبي مان ڪڍڻ جو مطلب اهو هوندو ته واشنگٽن سان نون غلامي وارن لاڳاپن جو سلسلو ٽٽي ويندو.
پاڪستاني جرنيلن جي آمريڪا سان سياسي سازباز جي معنى اها ٿي ته پاڪستانين کي هاڻي پنهنجي جدوجهد آرمي جي خلاف به ڪرڻي پوندي ۽ آمريڪا جي خلاف به. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته ان سودي ۾ آمريڪا فوجي جرنيلن سان گڏ آهي. واشنگٽن واضح طور تي جرنيلن کي پاڪستاني عوام تي فوقيت ڏني آهي.
ٻي صورتحال جو نتيجو، معقول نوعيت جون علحدگي پسند تحريڪون جنم وٺي رهيون آهن. روس جيڪڏهن پاڪستان کي سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪري وٺي ٿو ته هي ان جي لاءِ بهتر موقعو آهي، پر 1971ع کان به سٺو موقعو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هڪ متحد ۽ جمهوري پاڪستان جي خاطر ڪير ميدان ۾ اچي ٿو ان جي لاءِ اسان کي انتهائي اڻ وڻندڙ ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو.
[b]ڀارت ۽ پاڪستان
[/b]ٻه وڏا مسئلا ڌيان طلب آهن، انهن مان هڪ آهي ڀارت سان لاڳاپا. مڙني محب وطن طبقن جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته انهن لاڳاپن کي سڌارڻ جي ضرورت آهي. واقعي اسان ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهنداسين. انهن لاڳاپن ۾ ڪجهه وڏيون وڏيون رڪاوٽون موجود آهن.
پهريون اهو ته ٻنهي ملڪن ۾ هٿيارن جي ڊوڙ تيز ٿي رهي آهي. اصول اهو آهي ته تيز نوڪ سان اوهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا پر ان تي پاڻ ويهي نه ٿا سگهو. جيڪڏهن ائين ڪيو ته صورتحال خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. پاڪستان پنهنجن ساڍن 5 سالن کان وڌيڪ عرصي جي بدعنوان ۽ ناپاڪ فوجي حڪومت کان پوءِ پنهنجي هٿياربند فوج جي ذريعي ملڪ جو بچاءُ ڪري نه سگهيو. عوام هن حڪومت کان بيزار آهي، جيڪا پنهنجي احمقانه پاليسين سان ملڪ کي جنگ جي جهنم جي دروازي تي آڻي بيهاري سگهي ٿي.
اسان ڪنهن سان زور آزمائي ڪيون؟ ڀارت ۽ روس ٻنهي سان؟ روس سان جنگ جي صورت ۾ افغان بڻجي، دراصل هيءَ ڪيترين ڳجهين جنگين جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ان جنگ جي شروعات ته اصل ۾ اسان جي پنهنجي گهرو ويڙهه آهي، جيڪا وڙهي ويندي. روسين، افغانن، آمريڪين ۽ چينين سان گڏ ۽ پوءِ ڀارت به مداخلت ڪندو. اها اصل صورتحال ۾ هڪ شيطاني جنگ بڻجي سگهي ٿي. اسان اهڙين مڙني حالتن ۾ ڦاٿل آهيون. پنجابي جرنيلن جي مهابي آمريڪا سان معاهدو ته ٿي ويو آهي، آمريڪا جي تعاون سان هي پنهنجو اقتدار ته بحال ڪري سگهن ٿا ۽ هي ڊالرن سان کيسا ڀرڻ جو موقعو به هٿ مان ڇو وڃڻ ڏنو وڃي.
پاڪستاني عوام ڀارت سان امن چاهي ٿو، شملا ٺاهه هيٺ اسان پنهنجا سڀ جهڳڙا پرامن طور تي نبيري سگهون ٿا. ٻئي ملڪ انهيءَ ٺاهه تي ڪاربند آهن. سڀ پاڪستاني سياسي ليڊر ان طريقيڪار کي تسليم ڪن ٿا. افغانستان جي مسئلي کي اسان گهڻي دير تائين نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. پاڪستان افغانستان جي بغاوت ۾ پنهنجو موجوده ڪردار گهڻي دير تائين ادا ڪري نه ٿو سگهي. اهو ملڪ جي سلامتيءَ جي لاءِ غير ضروري خطرو کڻڻ آهي. ضيا جي قيادت هيٺ قائم فوجي جرنيلن جو ٽولو ان ڪيفيت کي وڌيڪ منهن ڏئي نه ٿو سگهي. بهرحال هي ساڄي ڌر جا انتهائي مذهبي جنوني ملا هر جڳهه يعني پاڪستان، اتر اولهه ايشيا ۽ افغانستان ۾ شيطانيت جو ٻج ڇٽي رهيا آهن. اسان کي ان جو خطرناڪ نتيجو ڀوڳڻو پوندو. پر هن وقت سوال افعانستان جو آهي. دراصل ان پاڪستان جو پنهنجو وجود ئي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ باغي گروپن کي هوا ڏيڻ جو پاڪستاني ڪردار جو هاڻي فوري طور تي خاتمو ٿيڻ ضروري آهي. ان بعد ڪارمل حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ ان سان گڏ پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٺاهه ڪيو وڃي. جنهن بعد افغانستان ۽ روس سان وسيع پيماني تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ روسي فوج جي واپسيءَ جي لاءِ ڀارت جي خيرخواهي حاصل ڪئي وڃي. يو اين او جي ذريعي اڻ سڌي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا ته وقت ٽاري رهيو آهي. جڏهن ته ضيا جو ذهن ان باري ۾ آئيني وانگر صاف آهي ۽ ڪيترائي واضح مقصد ۽ قدم سندس ذهن ۾ موجود آهن. ٻين وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ٻين چونڊن جو انتظار نه ٿو ڪري سگهجي. پهرين جمهوري حڪومت انهن مسئلن تي وڏي تيزيءَ سان ويچار ڪرڻ شروع ڪندي.
ڀارت جي دوستيءَ واري آڇ کي رد ڪري نه ٿو سگهجي، ان کي قبول ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان کي آر ڊي ايف ۾ شامل نه ڪيو ويو. ڀارت سان دوستاڻي ٺاهه سان افغانستان جي بحران کي حل ڪرڻ ۾ ڪافي مدد ملندي.
[b]عرب پاليسي
[/b]ان کان پوءِ هڪ عرب پاليسيءَ جي ضرورت آهي. ڏکڻ اوڀر ايشيا جي عرب ملڪن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته ساڻن دوستي ۽ اقتصادي تعاون کي لبيڪ چيو ويندو. پر فوجي ڊڪٽيٽر ضيا طرفان ڪيل ڪنهن به فوجي يا نيم فوجي ٺاهه کي هڪدم منسوخ ڪيو ويندو. غير ملڪن ۾ پاڪستاني فوج جي ڪنهن به قسم جي شرڪت کي هڪدم ختم ڪيو ويندو.
ضيا جي حڪومت پاڪستاني عوام کي ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ آمريڪا طرفان روسي مخالف اسڪيمن ۾ اڻ سڌي طرح ملوث ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ان معاهدي تي کڳيون هڻي رهيو آهي. اهي اسڪيمون هيٺين طرح آهن:
• اولهه جي ملڪن جي لاءِ ايراني نار جي تيل جي فراهمي
• اولهه جي ملڪن جي حامي شاهي حڪمرانن جي تخت ۽ تاج جو سندن پنهنجي عوام کان تحفظ. اڃا وقت آهي ته پاڪستاني عوام مڙني واسطيدار ماڻهن کي خبردار ڪري. ان ۾ اولهه، عرب شيخ ۽ روس شامل آهن، ته هو (پاڪستان) ان ۾ پنهنجو ڪو به ڪردار ادا نه ڪندو ۽ هو ان جو حصو نه ٿو بڻجڻ چاهي. جيئن ئي ضيا جو آمراڻو نظام پنهنجي منطقي انجام تي رسندو ته جمهوري حڪومت ضيا ۽ سندس فوجي ٽولي جي طرفان ڪيل سڀني معاهدن ۽ قدمن جو نئين سر جائزو وٺندي.
پاڪستان پنهنجي علائقي کان ٻاهر يا غير ملڪين پاڪستان ۾ جيڪا به امڪاني ڪارروائي ڪئي آهي، ان کي هڪدم منسوخ ڪيو ويندو. هيءَ حڪومت سڀ واسطيدار دستاويز ۽ پس منظر پيش ڪندڙ معلومات جي اشاعت عمل ۾ آڻيندي ته جيئن عوام فيصلو ڪري سگهي ته آزادانه طور تي چونڊيل پارٽيون ڪهڙو قدم کڻن. جيستائين ايم آر ڊي جي فوري ذميواري جو تعلق آهي ته اها هيٺ ڏنل قدم هڪدم کڻندي.
• ڪنهن به طاقت جي خلاف ڪيل سڀ فوجي ۽ سياسي ٺاهه يا صف بندي منسوخ ڪئي ويندي.
• موزون اڻ وابستگيءَ واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو ويندو.
ايم آر ڊي جي طرف کان نمائندگي ڪندڙ جمهوري طاقتون، فلسطينين يا آفريڪا جي حبشين جي اڪثريت جي قومي آزادي واري ڪاز جي پرزور تائيد کان نه ڪيٻائينديون. هو کين پنهنجو دلي تعاون فراهم ڪنديون. پر ان کان وڌيڪ اسان ڪجهه به نه ڪنداسين، پر اتر اولهه ايشيا ۾ جتي پاڪستان پنهنجي فوج ملوث ڪري رکي آهي، دوست ۽ دشمن ٻئي جنهن کي شڪ ۽ شهبي جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ اها عوام جي خلاف آهي، ان کي نار جي ملڪن جي شيخن جي سلطنتن جو اندروني معاملو تصور ڪيو ويندو ۽ ان ۾ پاڪستاني فوج جي شرڪت کان پاسو ڪيو ويندو. پر ان سان معمول جا اقتصادي لاڳاپا ۽ تمدني ڏي وٺ ۽ صديون پراڻا لاڳاپا ۽ دوستي متاثر نه ٿيندي.
[b]هڪ معمولي خاڪو
[/b]جيستائين عراق ايران جنگ جو تعلق آهي، ان جي باري ۾ سخت اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي. ايم آر ڊي اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي، جنهن سان جهڳڙي کي هوا ملي سگهي، پر معمول جا لاڳاپا ٻنهي سان برقرار رکيا ويندا. پهرين جمهوري حڪومت ۾ محدود حد تائين اينٽي فاشسٽ فرمان جاري ڪيا ويندا ته جيئن شهرين جي معمول جي آزادي بحال رکي وڃي ۽ آزاد جمهوري ادارن جي تعمير ۾ مدد ڏني وڃي. آزاد سماج جا اهي بنيادي پهلو آهن. ڇهن مهينن ۾ چونڊن جو نئين سر حڪم جاري ڪيو ويندو. ان ۾ انفرادي پارٽيون پنهنجو تفصيلي پروگرام پيش ڪنديون ۽ ڊگهي مدي وارين اقتصادي ۽ پرڏيهي پاليسين جوڙڻ جي متعلق نئين سر مينڊيٽ حاصل ڪري سگهن.
[b]نيوڪليئر پروگرام
[/b]قوم جي سامهون ٻيو وڏو مسئلو نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جو آهي. بهاني بازيءَ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. اهو سڀني تي واضح آهي ته نيوڪليئر ريسرچ پروگرام منهنجي والد ۽ جمهوري طور تي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو شروع ڪيو هو. ضيا جي انڪار جي ڪا به معنى ناهي، پر اڄ ڪلهه جي بدلجندڙ حالتن ۾ ان پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ ضروري آهي.
[b]آخر تبديلي ڪهڙي ڪئي وڃي؟
[/b]پهريون اهو ته پاڪستان هاڻي سياسي ۽ اقتصادي طور تي (ايٽم) بم بڻائڻ گوارا نه ٿو ڪري سگهي. بم جي لاءِ سڀ ڪوششون لا حاصل هونديون، صرف پاور جنريشن جون سهوليتون ڪٿان به دستياب ٿي سگهن ٿيون، صرف ننڊن ملڪن جي سپلائيرن جي تحفظ تي رضامندي ظاهر ڪرڻي پوي ٿي، خواهه ڀارت هجي يا پاڪستان گهربل تحفظن کي قبول ڪرڻ کان انڪار جو نتيجو ظاهر آهي.
ٻيو اهو ته ان پروگرام تي عمل ڪندي ضيا ۽ ان جي فوجي ٽولي ڀارت سان هٿيارن جي ڊوڙ لڳائي ڇڏي آهي. ڀارت هٿيار فراهم ڪري ٿو يا نه، اهو سندس پنهنجو معاملو آهي. پر اسان اها ڊوڙ جاري رکڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.
ٽيون اهو ته ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته اسان کي ڀارت سان ته ڇا پر ڪنهن سان به جنگ ناهي ڪرڻي، ته پوءِ هٿيارن جو حصول ۽ خاص طور تي نيوڪليئر هٿيارن جي حصول لاءِ ڊوڙ ته سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڊگهو عرصو گذري چڪو آهي جو اسان صرف بم ٺـاهڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي هئي ته فوجي جرنيلن هڪ ڊگهي جنگ ڇيڙي ڇڏي. هو پنهنجي سياسي بازيگرين سبب منهن ڏئي نه سگهيا، 1971ع جو مثال اسان جي سامهون آهي.
چوٿون اهو ته جيڪو ڪجهه هڪ جمهوري حڪومت ۾ جائز ۽ موزون هوندو آهي، اهو ضروري ناهي ته دوستن کان محروم فوجي جابرن جي لاءِ به قابل عمل هجي.
[b]ايم آر ڊي جي پرڏيهي پاليسي
[/b]جيستائين ٻيهر چونڊون عمل ۾ نه ٿيون اچن ۽ خالص هڪ پارٽي حڪومت قائم ٿي نه ٿي وڃي، تيستائين گهڻ مدي واري پرڏيهي پاليسي مرتب نه ڪئي ويندي. پرڏيهي معاملن تي گهٽ سطح تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان جو انداز واپار وارو هوندو. عراق ايران جنگ جي سلسلي ۾ امن برقرار رکڻ تي زور ڏنو ويندو. ايم ار ڊي گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (جي سي سي) جي ڪاررواين کي نه ته تقويت ڏيندي ۽ نه ئي ان ۾ رخنو وجهندي. ان کان سواءِ اهڙو ڪو به قدم نه کنيو ويندو، جنهن سان روس، چين ۽ ڀارت کي ڪجهه چوڻ جو موقعو ملي سگهي. مان ان ۾ امريڪا کي به شامل ڪرڻ چاهيان پئي، پر شامل نه ڪري رهي آهيان، ڇاڪاڻ جو ان طرفان اسان جي پهرين ڪارروائي جي ئي مخالفت ٿيندي. اها ڪارروائي هوندي فوجي جرنيلن جي اقتدار حڪومت کان محرومي ۽ افغانستان جنگ ۾ تعاون تان هٿ کڻڻ.
جيئن ته مان پهريان ئي عرض ڪري چڪي آهيان ته جيستائين افغانستان جو تعلق آهي، ايم آر ڊي بذات خود هيٺيان قدم کڻندي.
• مجاهدن جي ڪنهن به گروپ کي هر قسم جي فوجي، سلامتي يا سفارتي تعاون يا امداد ڏيڻ کان انڪار.
• باغين جي غير ملڪي امداد يا مالي مدد جي روڪٿام.
• بابرڪ ڪارمل حڪومت کي افغانستان جي واقعي حڪومت طور تسليم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ روايتي دوستي وارا لاڳاپا ۽ تعاون جي بحالي ۽ خاص طور تي افغان پناهگيرن جي واپسي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.
ايم آر ڊي کي افغانستان ۾ روسي فوج جي موجودگيءَ جي مذمت ڪرڻ گهرجي، پر ان سان گڏ ان ڳالهه کي به تسليم ڪرڻ گهرجي ته اهو ٻن آزاد ملڪن افغانستان ۽ روس جو قطعي طور تي پنهنجو گڏيل معاملو آهي. ان ڪري پاڪستان کي ڪو ڪردار ادا نه ڪرڻو هوندو. پاڪستان دل جي سچائي سان توقع رکي ته افغانستان اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اپنائيندو ۽ سندس پرڏيهي پاليسيءَ جو اهو ئي رهمناءُ اصول هوندو. ايم آر ڊي جي حڪمرانيءَ هيٺ پاڪستان افغانستان سان روايتي اقتصادي رابطا قائم ڪرڻ ۽ انهن کي وڌائڻ يا سگهه بخشڻ لاءِ جوڳا قدم کڻندو. ۽ ان سان گڏ ئي افغانستان جي واپاري حقن جو تحفظ ڪندو. اهو واپار پاڪستان جي رستي ٿيندو رهيو آهي. پر ان سان گڏ ئي هر قسم جي اسمگلنگ جي ڌنڌي جو خاتمو آڻڻ جا حق سندس وٽ هوندا ته جيئن گڏيل مفادن جو تحفظ ٿي سگهي ۽ سامراجي ايجنٽن جي صفائي ٿي سگهي. اسمگلنگ جي يا ان ۾ منشيات ۽ هٿيارن جي چرپر به شامل آهي.
ايم آر ڊي پنهنجن مڙني پاڙيسري ملڪن سان خاص طور تي ڀارت سان دوستانه لاڳاپا پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي. ايم آر ڊي ڀارت سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه جي حڪمت عمليءَ کي تسليم ڪري ٿي، ان ڪري هٿيارن جي حاصلات جي ڊوڙ جي شدت سان حوصلي شڪني ڪئي ويندي. نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جي مڙني پاسن جي ڊوڙ جي سختيءَ سان حوصلي شڪني ڪئي ويندي. نيوڪليئر ريسرچ پروگرام جي مڙني انهن حصن کي منجمد ڪيو ويندو، جيڪي پاور جنريشن جي لاءِ ضروري ناهن. جيڪڏهن ڀارت چاهي ته ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ته جيئن اسان جي ٻنهي حڪومتن جا ماڻهو ان ميدان ۾ امڪاني تعاون جو جائزو وٺي سگهن. ان فيصلي ۾ ڊگهو وقت نه لڳايو ويندو، پر گهربل مڙني اختياري فرقن جي لاءِ راءِ عامه هموار ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
ايم آر ڊي جنگ نه ڪرڻ جي معاهدي جي ذريعي امن، دوستي ۽ باهمي تعاون ۽ ميل جول لاءِ ٺاهه جي نظرئي کي تسليم ڪري ٿي. ان هيٺ ڀارت سان واپاري، اقتصادي ۽ تمدني تعاون ۽ ميل جول جي موقعن ۾ اضافو ٿيندو. ان سان پاڪ ڀارت سرحد تي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ نرم رويو اهڙي طرح اپنايو ويندو، جيئن ڪينيڊا ۽ آمريڪا اپنائي رکيو آهي.
ايم آر ڊي علائقائي اقتصادي لڳ لاڳاپن جي نظرئي کي به عملي جامو پهرائڻ جي خواهشمند آهي. اقتصادي تعاون جي لاءِ ان جو علائقائي ڍانچو ASEAN جهڙو هوندو. ايم آر ڊي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي ڪنهن به پارٽيءَ جي حڪومت جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي کان سواءِ لاڳاپا بهتر بنائڻ جي لاءِ ڀارت جي مڙني تجويزن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ آماده هوندي.
ڪشمير جي متعلق ايم آر ڊي جو نظريو شملا ٺاهه جي مطابق هوندو ۽ ان سان گڏ هيءَ فلسطينين، افغانن ۽ خود پاڪستانين جي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ واري مقصد جي حمايت ڪندي.
ايم آر ڊي آمريڪا، برطانيه، جپان، اولهه جرمني، فرانس، ڪينيڊا، آسٽريليا جهڙين وڏين وڏين طاقتن ۽ ٻين اولهه جي ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ تمدني لاڳاپا برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي حدن کان ٻاهر ڪو به فوجي يا نيم فوجي ٺاهه ڪندو ته ان کي قلم جي هڪ نوڪ سان منسوخ ڪيو ويندو. جيستائين چين جهڙن سوشلسٽ ملڪن جو واسطو آهي ته انهن سان به سياسي، اقتصادي ۽ ڪلچرل لاڳاپا رکڻ جي لاءِ اهڙي طرح قدم کنيا ويندا ۽ انهن ۾ ڪنهن به مغربي طاقت جي مفاد تي حرف اچڻ نه ڏنو ويندو.
ايم آر ڊي معقول حد تائين اڻ وابستگيءَ واري پاليسي اپنائيندي. هوءَ عوام جي مڙني آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪندي.جتي سامراجي نوآبادياتي نظام قائم آهي، هو اهڙي هر قسم جي نظام جي مخالفت ڪندي. هوءَ اسرائيل جي جارحانه نوآباديت جي مذمت ڪري ٿي ۽ فلسطينين ۽ ٻين عرب ملڪن جي مقصدن جي حمايت ڪري ٿي، جيڪي اسرائيلي پيرن هيٺان دٻيل آهن. ايم آر ڊي اسلامي ملڪن جي اداري (او آءِ سي) جي هڪ ڀيرو ٻيهر حمايت ڪري ٿي ۽ اسان جو اهو مؤقف آهي ته يروشلم جي مقدس جڳهن کي يهودين جي قبضي مان آزاد ڪرايو وڃي.
ايم آر ڊي گهٽ ترقي يافته ۽ بنيادي شيون پيدا ڪندڙ ملڪن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ موجوده بين الاقوامي اقتصادي نظام جي طريقيڪار کي ناجائز قرار ڏئي ٿي. هوءَ ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته نيو انٽرنيشنل اڪانومڪ آرڊر (اين آءِ او) وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي ۽ مذڪوره آرڊر کي تسليم ڪري ٿي ۽ 77ع ۾ اڳڀرائي ڪندڙ ملڪن جي گروپ کي تعاون ڏيڻ ۽ سندن مقصدن کي سگهه ڏيڻ جو واعدو ڪري ٿي.
[b]پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڊگھي مدي وارو پروگرام
[/b]پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي موجوده صدر ۽ ان جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ٻيهر چونڊون وڙهڻ جي لاءِ مان پارٽيءَ کي هيٺين ڊگهي مدي واري پاليسي اپنائڻ جي لاءِ سفارش ڪريان ٿي، ان پروگرام هيٺ اسان جي پرڏيهي پاليسي هيٺين هوندي:
• پاڪستان جون سڀ پاليسيون اڻ وابستگيءَ واري رهنماءَ اصول تي ٻڌل هونديون. پاڪستان جي متعلق اسان ڪنهن به وڏي طاقت طرفان ڪيل سلامتيءَ جي قدمن ۾ شرڪت کان پاسو ڪنداسين. اسان جو ملڪ کان ٻاهر يا ڪنهن به ٽين ملڪ جي خلاف ٿيندڙ فوجي يا نيم فوجي قدمن سان ڪو به واسطو نه هوندو.
• ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ان ۾ ٽين ملڪ جي متعلق اليڪٽرانڪ جي ذريعي معلومات حاصل ڪرڻ يا جاسوسي ڪرڻ جا قدم به شامل هوندا. نه ئي پاڪستاني فوج کي ملڪ کان ٻاهر جنگي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ موڪليو ويندو. سواءِ ان جي جو ڪنهن پاڙيسري امن پسند ملڪ کي فوجي استاد مهيا ڪري ۽ ملڪ کان ٻاهر تربيت جي لاءِ فوجي آفيسر روانا ڪيا ويندا.
• ان پاليسيءَ هيٺ پاڪستان پنهنجن ظاهري يا ڳجهي طور ڪيل انهن معاهدن جو جائزو وٺندو، جن هيٺ پاڪستان ڪنهن ٻئي يا طاقتور گروهن جي خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ ۾ شريڪ آهي. خاص طور تي 1954ع جي پاڪستان آمريڪا جي گڏيل سلامتيءَ واري ٺاهه ۽ 1959-1981ع ۽ 82ع جي معاهدن جو جائزو ورتو ويندو. ته جيئن يا ته انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي يا انهن کي منسوخ ڪيو وڃي، ته جيئن پاڪستان اهڙي ڪنهن به معاملي ۾ ملوث نه ٿي سگهي، جنهن سان ٽئين ملڪ جي خلاف آمريڪا جي شرڪت سان پاڪستاني فوج يا نيم فوجي دستا حملي ۾ استعمال ڪيا وڃن. اهڙن مڙني مقصدن، اسڪيمن يا وابستگين کان پاسو ڪيو ويندو.
ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان آمريڪا سان پرامن ۽ غير فوجي سياسي ۽ اقتصادي تعاون نه ٿا چاهيون. اسان دنيا جي ان طاقتور ۽ خوشحال جمهوري ملڪ کان ڪافي رسد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تيار هونداسين.
• اهو ئي رويو مڙني معاهدن، ٺاهن ۽ انتظامن سان اپنايو ويندو. جنهن ۾ هر هڪ ملوث طاقت شامل آهي. ان ۾ ڪنهن وقت ڪيل سينٽو ۽ سيٽو جا معاهدا به شامل آهن. جن جي لاءِ گڏيل سلامتيءَ جا ٺاهه يا معاهدا ڪيا ويا هئا. اهو ئي اصول جي سي سي يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڪيل ٺاهن يا معاهدن تي به لاڳو ٿيندو.
• ڪو به پاڪستاني سپاهي جهازي، هوابازي، پيرا ملٽري فوج يا نيم فوجي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر نه موڪليو ويندو، جنهن هيٺ هو ڪنهن ٻي طاقت جي سلامتيءَ جي اسڪيمن يا انتظامن ۾ ملوث ٿي سگهي. ان ۾ مڊلنڪ ۽ برائيٽ اسٽار وغيره جهڙيون فوجي مشقون به شامل آهن. پاڪستاني فوجي آفيسرن جي ننڍن ننڍن دستن کي ٻين کي ٽريننگ ڏيڻ يا پاڻ ٽريننگ وٺڻ جي لاءِ ٻاهرين ملڪن موڪليو ويندو، پر ڪنهن به فوجي يا نيم فوجي فارميشن کي پارليامينٽ جي توثيق کان سواءِ فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ پرڏيهه نه موڪليو ويندو.
• پاڪستان پنهنجن پاڙيسرين سان دوستانه لاڳاپا رکڻ وارن قدمن تي خاص ڌيان ڏيندو. پاڪستان پيپلز پارٽي ڀارت سان پرامن دوستي ۽ گڏيل ميل جول ۽ تعاون برقرار رکڻ لاءِ معاهدو خوشيءَ سان قبول ڪندي. قدرتي طور تي ان ۾ هڪ ٻئي تي جارحانه ڪارروائي نه ڪرڻ جا نقطا به شامل آهن. حقيقت ۾ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏنو ويندو ته ان معاهدي جي نوعيت جنوري 1963ع جي خاص فرانڪو جرمن معاهدي جهڙي هجي. آئنده قائم ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت افغانستان سان به اهڙو ئي ٺاهه ڪندي.
• پاڪستان پيپلز پارٽي، چين سان دوستانه لاڳاپا رکڻ کي خاص اهميت ڏئي ٿي، پر ان جو مقصد ڀارت يا روس جي خلاف بغض جو جذبو بيدار ڪرڻ ناهي. جيڪڏهن روس ۽ چين متفق هجن ته اسان ٻنهي سان يا فقط هڪ سان اهڙو ٺاهه ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيون.
• ڏکڻ ايشيا ۾ علائقائي تعاون کي اسان پنهنجي مڪمل مدد فراهم ڪنداسين. اهو تعاون مڙني ميدانن ۾ ڪري سگهجي ٿو. گڏيل پوزيشن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي ڳالهه ٻولهه ئي ان جو مقصد آهي. ان کان سواءِ ڏکڻ ايشيا جي مڙني ملڪن ۾ اقتصادي تعاون اڃا وڌيڪ وسيع پيماني تي هجي. گڏيل ڪلچر جي ڏي وٺ ۾ اضافو ان جو مقصد آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي ڏکڻ ايشيا ۾ منظم ڪيل اي اي سي جهڙن ادارن سان گڏجي ڪم ڪندي.
• افغانستان جو حق ڏکڻ ايشيا سان وابستگيءَ سان وڌيڪ آهي. علائقائي تعاون ڏيندڙ ادارن ۾ افغانستان جي شرڪت کي خوش آمديد چيو ويندو.
• پاڪستان پيپلز پارٽي، ڏکڻ ايشيا جي عوام جي استحڪام واري تحريڪ ۾ ميزباني وارا فرض سرانجام ڏيندي. ته جيئن جمهوري، سياسي، سماجي انصاف، باهمي مذهبي رواداري ۽ روشن خيالي وارن قدمن کي سگهه ڏني وڃي ۽ انهن جي موزون طور تي تشهير ٿئي. ان کان سواءِ مذهبي ظلم پسندي، جاگيرداري، فوجي يا فاشسٽ آمريت جو ڄمي ڪري مقابلو ڪيو وڃي.
• پاڪستان به اسلامي نظرين جو قائل آهي ۽ اهي ئي سندس ميراث آهن. هو اقتصادي ۽ تمدني ميدانن ۾ اتر اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا جي اسلامي ملڪن سان گهرا رابطا قائم ڪندو. اهي رابطا ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندرين معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي ٻڌل هوندا. پر پاڪستان ڏکڻ اولهه ايشيائي ملڪن جي گروپ بندي ۽ انهن جي سياسي سلامتيءَ جي ڪنهن به اسڪيم ۾ ملوث نه ٿيندو.
• پاڪستان او آءِ سي ۾ پنهنجي رڪنيت برقرار رکندو، پر هو ان سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال رکندو ته هي ادارو عوامي سطح تي فلاح ۽ بهبود، تمدني ڏي وٺ، اقتصادي ترقي جا قدم کڻندو رهي، نه هي ادارو مطلق العنان بادشاهن ۽ آمرن جي ڪلب بڻجي رهجي وڃي. ان اداري کي مضبوط ۽ توانو رکڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي روس، چين ۽ ڀارت کي به ان ۾ رڪنيت قبول ڪرڻ جي دعوت ڏيندي. جيستائين ڀارت جو تعلق آهي ته ان کي هندستاني مسلمانن ۽ ڀارت پاڪستان جي اڪثريتي طبقي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ذهني ۽ دلي مفاصلن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. آخر انڊونيشيا کان سواءِ او آءِ سي جي ڪنهن به ميمبر ملڪ ۾ مسلم آبادي ڀارت کان وڌيڪ ڪٿي ٻئي هنڌ ناهي.
• پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏکڻ ايشيا ۾ هر اعتبار کان هٿيارن ۾ گهٽتائي تي زور ڏئي ٿي. اندروني طور تي امن ۽ استحڪام واري ڏکڻ ايشيا جي قيام تي زور ڏيڻو آهي، ته جيئن پاڻ ۾ هم آهنگي برقرار رهي، هيءَ حڪومت نه ٿي چاهي ته هي ڪنهن وڏي فوجي طاقت جو مرڪز بڻجي وڃي ۽ ايشيا جي ٻين علائقن ۾ پنهنجو توازن برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کڻي، جن ۾ ڏکڻ اولهه ۽ ڏکڻ اوڀر جا ايشيائي ملڪ شامل آهن. اسان ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي افرادي قوت خام مال، مشينن ۽ ڪاريگرن تي ٻڌل ذريعن کي پرامن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. جيئن ڪروڙين غريب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو معيار بلند ٿي سگهي.
• پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو هندي وڏي سمنڊ ۾ وڏين طاقتن جي وڌندڙ دشمنيءَ سان ڪو به واسطو ناهي. خاص طور تي آمريڪا، روس، برطانيه، فرانس، چين ۽ ٻين ملڪن جي مضبوط سامونڊي دستن جي موجودگيءَ ۽ نئين يو ايس سينٽرل ڪمان ۽ پنجين ٻيڙي جي تخليق ڌيان ۾ رکڻ جهڙي آهي. هٿيارن جي حاصلات جي ڊوڙ سان هن سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ لاتعداد مزدورن لاءِ خطرو پيدا ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هي طاقتون کاري پاڻيءَ جي لاءِ نه وڙهي رهيون آهن، پر کين ته سامونڊي معدنيات گهرجي. جيڪڏهن ان خطري کي منهن نه ٿو ڏنو وڃي ته ڏکڻ ايشيا جي ذريعن کي ضايع ڪرڻ وارن قدمن سان ڪٿي هتي هڪ ٻيو طاقتور مرڪز نه بنجي وڃي. هي پاڻ هرتو شڪست جو طريقو آهي، هن هيتري غريب ۽ پوئتي پيل علائقي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جي ذريعن کي خرچ ڪرڻ سان غربت وڌيڪ وڌندي ۽ اهڙي طرح هي علائقو وڌيڪ ڪمزور ۽ نستو ٿي ويندو. صرف خوشحال روشن دماغ آزادي جا خواهشمند ۽ پنهنجي آزادي جي تحفظ جا خواهشمند ماڻهو ئي غير ملڪي فوجي طاقتن جي ڌمڪين جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ٿا. ۽ کين مقامي ادارا ۽ نوآبادياتي نظام قائم ڪرڻ کان روڪي سگهن ٿا.
• پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هٿ هيٺ پاڪستان ڪنهن به قيمت تي پنهنجا ڪارائتا ذريعا، ڪو به لاڀ نه ڏيندڙ فوجي اڏن جي تعمير تي ضايع نه ڪندو. جڏهن ته عوام انتهائي غربت واري حالت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. اسان اهو ڪافي حد تائين ڏسي ورتو آهي ۽ اسان کي اهو معلوم ٿي ويو آهي ته اهي فوجي اڏا ڪيترا بي مقصد ۽ بي لاڀ آهن. غريب ملڪن ۾ فوجي اڏن جي تعمير ۽ فاشسٽ آمريت کي اسان کي هٿيارن جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪڍڻو آهي ۽ ٻين ٻاهرين طاقتن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو آهي.
• پاڪستان پيپلز پارٽي جي هٿ هيٺ پاڪستان وڏي تيزيءَ سان فوجي اسٽيبلشمينٽ ۾ گهٽتائي ڪندو. اسان کي آرمي جون ڪجهه ڊويزنون، ايئر فورس جا ڪجهه اسڪوارڊن ۽ معمولي نيوي جي ضرورت آهي، جيڪا جديد ٽيڪنالاجيءَ کي برقرار رکي سگهندي.
• اسان جي پرڏيهي پاليسي جو خاص مقصد اسان جي عوام جي اقتصادي ۽ تمدني ترقي کي بهتر کان بهتر منزل تي پهچائڻو آهي.
• پاڪستان هر وڏي طاقت سان پرامن اقتصادي ۽ ڪلچرل لاڳاپن کي لبيڪ چوندو. اهي لاڳاپا ۽ تعاون برابريءَ ۽ هڪ ٻئي جي معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسيءَ تي ٻڌل هوندا.
• پاڪستان پيپلز پارٽي دنيا جي استحصال سٽيل عوام ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي قائل آهي. ان ۾ اسان جا ايراني ڀائر به شامل آهن. اسان اقتصادي، سماجي ۽ سياسي آزاديءَ جي مقصد جي لاءِ ڪئي ويندڙ هر جدوجهد ۾ سندن مدد ڪنداسين. اسان مڙني جابرن ۽ جاگيردارن، غير ملڪي سامراجين جي پٺوئن، مقامي سول ۽ ملٽري نوڪرشاهي نظام جي ڪارڪنن ۽ هر قسم جي سامراجيت ۽ نوآبادياتي نظام جي خلاف آواز بلند ڪنداسين. ته جيئن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي فتح حاصل ڪئي وڃي.
• جيستائين ڪلاسيڪي نوآباديت يا لينن جي تشريح ٿيل سامراجيت جو واسطو آهي، اسان سڄي دنيا جي ڏاڍ سٽيل عوام ۾ استحڪام جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين. پوءِ چاهي اهو فلسطيني عوام هجي يا ڏکڻ ايشيا جا ماڻهو يا لاطيني آمريڪا يا آفريقا يا ايشيا جو اقتصادي طور تي استحصال سٽيل عوام هجي. عالمي طور تي سامراجيت جو خاتمو ڪرڻ واري عوامي تحريڪ کي مقامي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي آزادي جي پروگرامن جي ذريعي سگهه بخشڻ اسان جو نصب العين هوندو.
• پاڪستان پيپلز پارٽي نئين بين الاقومي اقتصادي نظام (نيو انٽرنيشنل اڪانومڪ آرڊر، اين آءِ اي او) جي نظرئي کي تسليم ڪري ٿي. ان جو خيال آهي ته اهو نظام فقط يو اين يا ڪنهن ٻئي اداري ۾ ٺهراءُ منظور ڪري آڻي نه ٿو سگهجي، هيءُ ته صرف هڪ طرف سڄي دنيا ۾ شديد عوامي تحريڪ جي ذريعي ئي آڻي سگهجي ٿو. ۽ ٻي، ٽين دنيا جي منفرد حڪومتن جي ڪارروائي ۽ گڏيل اقتصادي تعاون جي ذريعي آڻي سگهجي ٿو. خاص طور تي علائقائي ادارا ان ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پراڻي نظام وارو آرڊر هڪ ڏينهن اندر پنهنجو بسترو گول ڪري اين آءِ آر کي جڳهه نه ٿو ڏئي سگهي. اين آءِ آر ته آهستي آهستي پر مستحڪم انداز ۾ اچي رهيو آهي. هي دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙي رهيو آهي. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين هو قديم آرڊر يعني پراڻي نظام تي ڇائنجي نه ٿو وڃي.