تاريخ، فلسفو ۽ سياست

پاڪستان طوفان جي گهيري ۾

ھي ڪتاب پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ جو لکيل آھي، جيڪو ھن ضياء الحق جي مارشلا جي دور ۾ 1983ع ۾ Pakistan: The gathering storm جي نالي سان لکيو. ڪتاب جي انگريزيءَ ۾ ڪاپي ھن لنڪ تان پڙھي سگهجي ٿي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محترم رُڪ سنڌي صاحب آھي. مھاڳ ۾ محترمہ لکي ٿي:
”هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ آئون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي بہ عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي تہ هن ڪتاب ۾ آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي بہ روشني وڌي آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2263
  • 992
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بينظير ڀٽو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پاڪستان طوفان جي گهيري ۾

باب اٺون: عوامي پروگرام 

اسان کي اڳتي هلي هڪ وڏي ويڙهه وڙهڻي آهي. اڄ اسان جي سامهون سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته آمرن جي گڏيل مفادن ۽ غرضن جي ٻانهن مروڙي وڃي ۽ کين اقتدار کان محروم ڪيو وڃي. ضيا جي فوجي حڪومت ۾ آرمي جي ”آتشين قوت“ تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ هلي وئي آهي.
سوال هيءُ آهي ته اهو ڪيئن ٿئي؟
پاڪستان جو متحد عوام هڪ وڏي طاقت آهي. اها ئي طاقت فوجي آمريت جو خاتمو آڻي سگهي ٿي، پر ڇا هو اهو قدم کڻي سگهن ٿا؟
ها! هو اهو قدم کڻي سگهن ٿا. متحد ٿي، اتحاد هميشه هڪ مقصد جي حاصلات لاءِ هوندو آهي ۽ هڪ طاقت جي خلاف هيءُ هڪ عوامي ڪارروائي تي ٻڌل هوندو آهي. انقلاب فقط کوکلا واعظ ٻڌي نه ايندو آهي. يا انهن ماڻهن جون تقريرون ٻڌي نه ايندو آهي، جيڪي ڪردار نه پر گفتار جا عازي هوندا آهن. عوام ۾ اتحاد فقط علم ۽ عمل جي ذريعي پيدا ٿيندو آهي. عوامي پروگرام تي عمل ڪري ۽ عوام کي ان ۾ شامل ڪري پيدا ٿيندو آهي، ته جيئن هڪ جهٽڪي سان فوجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏجي. ان جو تصور سڌو ۽ سادو آهي، پر ان لاءِ ڪيترا ئي شرط لازمي طور تي پورا ڪرڻا پوندا آهن.
جيئن ته پهريان چئي چڪا آهيون ته هڪ عوامي پروگرام اپنائڻو پوندو. ان ۾ عوام جي ضرورتن يا مسئلن ۽ اميدن جي جهلڪ هوندي. هي پروگرام اهڙو هوندو جيڪو عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي وڃي. هيءُ مڙني دانشورن کي هڪ جهنڊي هيٺ آڻي بيهاريندو. ان ۾ مڙني مخالف پارٽين جا ماڻهو به شامل هوندا. روائتي عام راءِ هموار ڪرڻ وارن ماڻهن ۽ تسليم ٿيل سياسي ليڊرن جي ان ۾ شرڪت کان انڪار حماقت هوندي.
ان ڪري هڪ متحد محاذ قائم ڪرڻو پوندو. پر ان جهاز جي ڪپتاني عوام جي هٿن ۾ هوندي، جيڪي هن عوامي پروگرام جي طريقيڪار جي مطابق عمل ڪندا. پر فقط هڪ پروگرام ترتيب ڏيڻ سان ڪجهه به هٿ نه ايندو، سڀ کان پهريان هڪ اهڙي رهنماءَ جي ضرورت آهي جيڪو هڪ سخت جدوجهد جي قيادت ڪري سگهي ۽
الف: عام راءِ کي متحرڪ ڪري سگهي.
ب: ۽ عوامي طاقت کي منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان يعني برصغير جي سياست ۾ عوام کي وڏي پيماني تي شريڪ ڪرڻ جي لاءِ تحريڪون، مظاهرا، هڙتالون، لانگ مارچ ۽ جيل ڀريو وارا قدم کڻڻ شامل هوندا آهن. اهي مقصد بنيادي طور تي عدم تشدد تي ٻڌل هوندا آهن. هاڻي عام هڙتالن، گهيراءُ، مورچابندي ۽ جلوسن جو سهارو ورتو وڃي ٿو. اهي ذريعا تشدد نه هوندا آهن. پر ضروري آهي ته انهن کي وقت سر تيار ڪيو وڃي. هيءُ هڪ موثر ۽ آزمودي جوڳي ٽيڪنڪ آهي. مان عام طور تي انهن جي ئي سفارش ڪريان ٿي.
هي ذريعا ۽ مقصد بنيادي طور تي عدم تشدد جوڳا هوندا آهن. پر انهن جو لب لهجو ۽ تاثر جو راز عدم تشدد نه هوندو آهي. ان جي برعڪس ان ۾ عوامي سطح تي مغالطو پيدا ٿي پوندو آهي. ان ۾ عوام جوش ۽ جذبي سان شريڪ ٿيندو آهي. ان ڪري تشدد کي ترجيح ڏيڻ جي حيثيت ثانوي اڃا به بي وقت آهي.
تشدد ۾ آزاديءَ جي مجاهدن جي پسند نه پر جابرن جي سلوڪ کي عمل دخل آهي. صرف احمق يا فاشسٽ ئي تشدد کي پنهنجي غرض جي لاءِ ترجيح ڏئي سگهي ٿو. مڙني انسانن جا حقن ۽ سماجي انصاف جي خاطر جدوجهد ڪندڙن کي عوامي تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪرڻو پوندو آهي. ۽ سندن ئي شرڪت ۽ عمل سان اها جدوجهد ڪامياب ٿي سگهي ٿي. پنهنجي معاملي ۾ اسان اهي سڀ ذريعا استعمال ڪنداسين، جن سان فقط ضيا جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي بندش لڳي وڃي پر عوام جي طاقت جي مدد سان کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پوي ۽ مڪمل طور تي نستو ٿي وڃي.
اسان کي مولن ۽ متن جي فلسفياڻي بحث ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ نه گهرجي. اهي قدم بي معنى ٿيندا. اهو سوال ته ضيا ۽ سندن پٺوئن لاءِ ڇڏڻ گهرجي. اسان شخصي حڪومت ڪرڻ کي اسلام ۽ پاڪستاني مسلمان عوام ٻنهي جي توهين سمجهون ٿا.
ضيا جي اها دعوى ته عوام سندس حڪومت کي تسليم ڪري ورتو آهي، يا عوام گهٽين ۽ بازارن ۾ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيو آهي. اهو هڪ نسورو ڪوڙ آهي. ٿورو هڪ ڏينهن جي لاءِ هو پنهنجي مارشل لا هٽائي ته ڏسي. ته کيس سندس دعوائن جي خبر پئجي ويندي. ضيا جو اهو چوڻ به صحيح آهي ته فوجي توبون سندس تحفظ نه ٿيون ڪري سگهن. پر ملڪ ۾ ليڊرشپ جي ڪمي آهي، جنهن سبب عوام جدوجهد ۾ حصو وٺڻ کان لهرائي رهيو آهي.

[b]قانوني ڍانچو
[/b]ضيا نڪ جي نرڄائيءَ سان قانون جي ڳالهه ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ڪو به قانوني ڍانچو ناهي. مان پڇان ٿي ته 5 جولاءِ 1977ع ۾ مڪاريءَ سان اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ هن ملڪ کي ڪهڙو آئيني ڍانچو عطا ڪيو آهي. جنهن آئين جي تحفظ جو هن حلف کنيو هو، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته جمهوري حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي فوجي انقلاب کي بغاوت تصور ڪيو ويندو. ڏسو ته هڪ باغي ۽ غدار ڪهڙي بي حيائي ۽ نڪ جي پڪائي سان قانون جي ڳالهه ڪري ٿو.
هن تي واضح هجڻ گهرجي ته آزاد چونڊون ڀلي ڪير به ڪرائي يا ڪنهن به آئين هيٺ ٿين. جيستائين عوام آزادانه طور تي پنهنجو ووٽ ڏيندو رهندو، هو اسان جو ساٿ ڏيندو رهندو. عوام جا نمائندا ئي مڙني قانوني مسئلن ۽ سوالن تي ويچار ڪندا. ضيا کي ان جو فڪر ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.
ضيا کي خبر آهي ۽ سڀ پاڪستاني ڄاڻن ٿا ته هو قانوني ڍانچي جي ڳالهه ڪهڙن سببن جي ڪري ڪري رهيو آهي. پهريون اهو ته هو نٽائڻ ۽ چونڊون نه ڪرائڻ جا بهانا ڳولي رهيو آهي. ٻيو اهو ته هو يا ته يحى خان جي نقش قدم تي هلڻ گهري ٿو، جنهن چونڊن جا نتيجا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ملڪ کي گهرو ويڙهه جي جهنم ۾ اڇلي ڇڏيو هو. يحى پاڻ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي پاڪستاني عوام جي قتل عام، خونريزي ۽ لڄالٽ لاءِ استعمال ڪيو. ۽ آخر وڏي آباديءَ رکندڙ (بنگالي) هن ملڪ جي اقتدار کان محروم ٿي ويا. يحى مجبوريءَ هيٺ باقي بچيل پاڪستان جي حڪومت سياستدانن جي حوالي ڪرڻ لاءِ مختلف شرطن تي رضامندي ظاهر ڪئي. يا جنرل ضيا، ايوب خان جي راهه تي هلڻ جو خواهشمند آهي، جنهن پنهنجا مقصد ماڻڻ جي لاءِ ملڪ کي هڪ آئين عطا ڪيو. يحى خان اپريل 1970ع ۾ ملڪ کي هڪ ممڪن نه هجڻ جهڙي نوعيت جو ايل ايف او (ليگل فريم آرڊر) يعني قانوني ڍانچي جو حڪم نامو عطا ڪيو. ان هيٺ هن 1970ع ۾ چونڊون ڪرايون، هن ڪجهه خوفناڪ شرطن هيٺ، حڪومت عوامي نمائندن کي ان وقت تائين سونپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيستائين هو اهڙا قدم کڻي وٺي ها، جيڪي ناممڪن هيا ۽ جن کان کيس تسلي نه ٿي سگهي. بهرحال عوام يحى خان ۽ ايوب خان ٻنهي کي هڪ ڌڪ سان خارج ڪري ڇڏيو.
ها! ضيا ۽ سندس پٺوئن کي اهو علم آهي ته اسان هنن منجهان اها اميد نه ٿا رکون ته هو پنهنجي مرضيءَ جون چونڊون ڪرائي ڇڏيندا، جيڪڏهن آزادانه چونڊون ٿين ٿيون ته اهي لازمي طور تي ٿينديون. ڇاڪاڻ جو عوام کين پنهنجو مطالبو منظور ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. عوامي طاقت اهو ڏسڻ گهرندي ته ملڪ ۾ آزاد چونڊون ٿين. حقيقي قانون ته عوام جي طاقت ئي بڻائيندي ۽ آزادانه چونڊن جو عمل ئي بڻائيندو. اها ڳالهه کين لازمي طور تي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
پوءِ به اچو ته ڏسون ٿا ته اهي چونڊون ڪيئن منعقد ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ضيا جي حڪومت يا سندس جانشين جرنيل چونڊون ڪرائڻ تي رضامند ٿي وڃن ٿا ۽ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏين ٿا ته انهن آمرن جو حشر به ايران جي شهنشاهه جهڙو ٿيندو.
مارچ 1981ع ۾ سينئر ججن کي بدنام ڪيو ويو. پر ان جي باوجود به هو چونڊن جي نگراني ڪري سگهن ٿا. آزاد چونڊون پنهنجو ماحول پيدا ڪنديون، ڇاڪاڻ جو ضيا جا مشير انهن کان نٽائڻ ۾ وڏا هوشيار آهن. يا ڪو اهو شوشو ڇڏي ڇڏيندو ته ان وقت اقتداري پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ، مخالف ڌر پي اين اي تي 4 جولاءِ 1977ع تي سخت وار ڪيو هو.
8 آڪٽوبر 1977ع تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو ۽ هاڻي ان تي عمل ڪيو ويندو. ايم آر ڊي ان ۾ ڪجهه ترميم ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه ناممڪن ناهي. آمرن طرفان اڳواٽ هڪ شرط رکڻو پوندو ته عوام جي طاقت جرنيلن جي هٿن ۾ لازمي طور تي سونپي وڃي. ان صورت ۾ ”جتي چاهه اتي راهه“ واري چوڻي جي مطابق ٻيو ڪهڙو چارو رهجي وڃي ٿو؟ پوءِ به جرنيلن وٽ ٽيون رستو آهي، هو دفن ڪيل مڙدا ٻيهر ٻاهر ڪڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا. هو سڀ کان سينئر ججن ۽ يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرن يا ٻين نامور شخصيتن جي ذريعي چونڊن جي نگراني ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ايڊهاڪ يعني عارضي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏيندا. ان جا ڪيترائي شرط طئه ڪيا ويندا. جيستائين آزاد چونڊن جي نگرانيءَ جو واسطو آهي ته اها ڪير به ڪري سگهي ٿو. پر ان جو بنيادي شرط اهو هوندو ته عوام جو هي آزادانه ۽ خودمختيار اختيار ظالمن ۽ جابرن کي اقتدار کان محروم ڪرڻ هوندو.

[b]حڪومت جي تشڪيل
[/b]ان کان پوءِ ضيا جو فرمان آهي ته مستقبل جي حڪومت جي تشڪيل جو فيصلو چونڊن ذريعي ڪيو ويندو. مون کي اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ان معاملي تي سڀ محب وطن پاڪستاني هڪ راءِ آهن. عوام قطعي طور تي پختي عزم سان هاڻي ۽ هميشه جمهوريت جي چونڊ ڪندو. ڇاڪاڻ جو اها ئي حڪومت هن ملڪ ۾ هلي سگهي ٿي. 1973ع جي متفق طور تي تسليم ٿيل آئين ۾ به اهو ئي لکيل آهي.
پاڪستان ۾ ڪير ان ڳالهه سان متفق نه هوندو ته 1973ع جي آئين سان سڀ ماڻهو ۽ پاڪستان جا عوامي ادارا گهڻي حد تائين متفق هيا. ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو ته ان آئين تان هٿ کڻڻ سان قومي اتحاد کي نقصان پهچندو.
اها حقيقت سڀني مٿان واضح آهي ته هر اعتبار کان تسليم ٿيل ۽ متفق آئين مرتب ڪرڻ ڪيترو ناممڪن آهي؟ ايتري قدر جو ضيا به چيو هيو ته 1973ع جي آئين جو متبادل نه ٿو ملي سگهي. هيءُ ملڪ لاءِ اميد جو آخري ڪرڻو آهي، پر اهو سندس نجي حڪومت جو ابتدائي زمانو هيو، هاڻي ان جي ڪيفيت سڙندڙ روم ۾ بانسري وڄائڻ واري نيرو کان گهٽ نه آهي. 1973ع جي آئين جي نئين سر نفاذ سان ئي قوم ٻڏڻ کان بچي سگهي ٿي.
ضيا جي شرارت کي سمجهڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻي آهي. هن آئين جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن. هن ۽ سندس حوارين کي هاڻي اهو خوف ورائي ويو آهي ته چونڊون ان آئين هيٺ ٿينديون. آئينده قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومت جي ذريعي کين پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳڻي پوندي. ان ۾ موت جي سزا جو به امڪان آهي. ان ڪري هو ”يوم حساب“ کي ٽاري رهيا آهن. هنن مٿان اهو واضح هجڻ گهرجي ته ڀلي هو پنهنجن بدعنوان هٿڪنڊن ۽ رشوت ذريعي ڪيترن ئي سياستدانن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏين، پر تاريخ جو رخ ۽ عوام جو مزاج بدلائي نه ٿو سگهجي.
پنهنجي شخصي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ضيا مداريءَ پنهنجي جادوءَ واري گودڙي کولي ڇڏي آهي. سڀ کان پهريان هن عوام جي سڀ کان وڏي اثاثي 1973ع جي آئين کي پائمال ڪيو. مارچ 1981ع ۾ پنهنجو خود ساخته پروينئل ڪانسٽيٽيوشن آرڊر (پي سي او) نافذ ڪيو. ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي 90 ججن کي ان پي سي او تحت وفاداريءَ جو حلف کڻڻ کان انڪار تي پنهنجي ملازمتن تان هٿ کڻڻو پيو. هاڻي هو هڪ نئين حڪومت قائم ڪرڻ جو ڏوهه ڪري رهيو آهي، ان جي معنى اها ٿي ته هو هڪ ٻئي آئين مرتب ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ ڪم مشڪل سان ئي انجام تي پهچندو، ان ڪري هو ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ ٻي حقيقي گهرو ويڙهه جي تياري ڪري رهيو آهي. ڇو؟
کيس علم آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو رجعت پسند اسلام پرست پارٽيون سندس ڳجهي اشاري تي بنيادي طور تي هڪ غير جمهوري مطلق لاعنان نظام جي حصول تي اصرار ڪرڻ شروع ڪنديون ته ان جي سخت مخالفت ٿيندي. سندس فوج ڪنهن جو ساٿ ڏيندي، اهو اسان کي خبر آهي. عوام کي اهڙي ناپاڪ سازش ڪچلڻي پوندي. ضيا پنهنجي اقتدار جي هوس ۾ عوام منجهه نفاق جو ٻج ڇٽي رهيو آهي ۽ ملڪ کي گهرو ويڙهه جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيهاريو آهي.

[b]سيهڙ جو خواب
[/b]ضيا انتهائي نڪ جي پڪائي سان چوي ٿو ته چونڊون ڪو مقصد نه پر ذريعو آهن. آخر اهو ذريعو ڪهڙي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ آهي. اهو ته سندس من گهڙت دليل آهي؟ هو ان ڳالهه تي بضد آهي ته هو ان وقت چونڊون ڪرائيندو، جڏهن کيس ”مثبت نتيجن“ جو يقين ٿي ويندو. هو ان ڳالهه تي به متفق آهي ته هيءُ چونڊون ڪجهه خاص اميدوارن لاءِ ٿينديون. هو ته لولو لنگڙو دليل به پيش ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته چونڊ صرف انهن جي ٿيندي جيڪي سندس حمايت ڪن ٿا. پر هيءُ ته صرف سندس بهاني بازي آهي. ڏسو ته هيءُ ڪيڏو وڏو ڪوڙ آهي.
ضيا چونڊيل اميدوارن جي اخلاق ۽ اسلامي ڪردار جي ڳالهه ڪري ٿو. آخر ڪير هڪ ٻئي جي شخصي اخلاق، اعتقاد يا ڪردار جو فيصلو ڪندو. اهو فيصلو ته الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. عوام پنهنجا نمائندا خدمت خلق سرانجام ڏيڻ جي لاءِ چونڊي ٿو. عوام ته چونڊن ۾ بيهندڙ مختلف اميدوارن جا خيال ٻڌي انهن جي حمايت ڪري سگهي ٿو. هو ڪنهن جي دل ۾ ليئو پائي ڏسي نه ٿا سگهن، آخر ووٽر کي اهو يقين ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هي اميدوار اسلامي نظرين جو پيروڪار ۽ ٻئي مسلمان اميدوار کان بهتر آهي.
ڪيتري نه بي معنى اها ڳالهه آهي؟
پر ان ديوانگيءَ جو طريقو به عجيب آهي. ضيا جا ڍنڍورچي اسلام جي عقيدت جو رات ڏينهن دهل وڄائي رهيا آهن. هو ان کي نافذ ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن. هو ان سازش ۾ ٽن نام نهاد اسلام جي شيدائي پارٽين کي شريڪ ڪري رهيا آهن. هنن ڪيترن ئي موقعن تي بنا پارٽيءَ جي چونڊن ۾ شرڪت تي رضامندي ۽ انهن چونڊن بعد قائم ٿيندڙ حڪومت جي لاءِ اڳواٽ گڏيل معاهدي جو شرط قبول ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. اميدوارن جو تجزيو ۽ تقريبن هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. ضيا ڇا ٿو چاهي، اهو واضح ٿي چڪو آهي. سندس مثبت نتيجن جي معنى انهن پارٽين ۽ پنهنجن حوارين کي کٽائڻ آهي، اهو آهي چونڊن جو ڊرامو.
انهن چالن کي ناڪام بنائڻو پوندو.

[b]ڪنڌ مٿان لٽڪندڙ تلوار
[/b]ضيا جي هڪ دل خوش ڪندڙ تجويز هٿياربند فوج جو آئيني ڪردار آهي. اها انتهائي شرارت جوڳي تجويز آهي. هر هڪ باشعور شخص ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته 1973ع جي آئين ۾ قطعي طور تي هٿياربند فوج جي ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو آهي. کين سرحدن جو دفاع ڪرڻو آهي ۽ سول حڪمرانن جي حڪمن تي عمل ڪرڻو آهي.
ان جي مُدت!
ضيا جي ذهن ۾ جيڪا تجويز ڪر کڻي رهي آهي، اها سڀني تي واضح آهي. سندس حوارين اشارو ڪيو آهي ته هو اهڙو اعلى سطحي ادارو چاهين ٿا، جنهن ۾ هٿياربند فوج کي اهڙي نمائندگي حاصل هجي، جو هو ڪنهن به وقت آئين منسوخ ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي. ان اداري کي امڪاني طور تي حڪومت جي مدد جي اڪثريت حاصل هوندي ۽ هٿياربند فوج اقتدار سنڀالي حڪومت جو نظام سڌو سنئون هلائي سگهي ٿي. اهڙي قسم جي جمهوريت مستقبل جي عوامي حڪومتن کان انحراف آهي ته جيئن فوج جي بقا ممڪن ٿي سگهي. فوجي ٽولي کي هميشه اهڙا جي حضور گهرجن جيڪي هميشه فوج جي آڏو پڇ لوڏيندا رهن. ۽ فوج پنهنجي مرضيءَ موجب ڪارروائي ڪندي رهي. ان دوکي جهڙي سازش جو خاتمو آڻڻ ضروري آهي.

[b]ڪم جي نوعيت
[/b]بنيادي ڪم فوجي لٽيرن جي حڪمراني جو جادو ٽوڙڻو آهي. هي ٽولو نه صرف عوام جو پر سادن سودن فوجين جو به استحصال ڪري رهيو آهي. هي ٽولو انهن ئي فوجين جي مدد سان عوام تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ڦري ماري رهيو آهي. ان ۾ پنجاب، بلوچستان، سنڌ ۽ سرحد صوبي جو عوام به شامل آهي. جيتوڻيڪ هي ٽولو ننڍو آهي پر ڪمزور ناهي. هي هٿياربند فوج کي مختلف رعايتون ڏئي بدعنواني ڦهلائي رهيو آهي. هي ڊسيپلين جي نالي تي جمهوريت پسند عوام ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي فوجي گنن جو نشانو بڻائي رهيو آهي. هو صرف پنهنجي فوجي قوت تي نه ٿو ڀاڙي پر ان فوجي ٽولي کي سڀني جاگيردار طبقن، سرمائيدارن، اميرن، ٺيڪيدارن، وسيع واپاري ۽ صنعتي ادارن جو تعاون حاصل آهي. هن ٽولي جو سماجي بنياد ذاتي مفادن ۽ غرضن تي ٻڌل آهي ته جيئن فوجي جرنيل مضبوط ٿيندا وڃن ۽ عوام جي طاقت ڪمزور ٿيندي رهي.
سندن طاقت واضح آهي، هو عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ دوکي تي ٻڌل نعرن، اصولن ۽ خيالن جي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ مواصلاتي ذريعن جي ذريعي پروپيگنڊا ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ ذهين کان ذهين فنڪار مقرر ڪري سگهن ٿا. جيڪي ماڻهو پاڪستان جي سموري عوام ۽ مفاد پرست گروهن جي وچ ۾ ٽڪراءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، هي گروپ ان کي فقط ڪوڙي بڪواس قرار ڏئي ٿو. اهڙن ماڻهن کي پوليس ٿاڻن ۾ وٺي وڃي وڏي بيدرديءَ سان ماريو ڪٽيو وڃي ٿو. کين بوگس فوجي عدالتن ۾ آڻي سندن مٿان ڪوڙا ڪيس هلائي سخت سزائون ڏنيون وڃن ٿيون. ان سزا ۾ وحشياڻي نموني ڪوڙا هڻڻ جي سزا به شامل آهي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 25 کان 35 هزار ماڻهن کي ڪوڙا هنيا ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن کي سرعام رستن تي ڪوڙا هنيا ويا آهن.
ان کان علاوه هي فوجي ٽولو عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ عوام منجهه نفاق ۽ ڪوڙ جو ٻج ڇٽي رهيو آهي. جيستائين عوام جون دليون ورهايل آهن ۽ هو هڪ بئي سان ننڍن ننڍن معاملن تي وڙهندا رهندا، فوجي حڪمران ۽ مفادپرست طبقا محفوظ ۽ سلامت رهندا. عوام اتحاد جي گهٽتائي سبب ڪمزور رهندو. هو پنهنجي حقن کان اڻڄاڻ رهندا ۽ حڪمرانن جي ظلم ۽ ستم جو شڪار رهندا.
فوجي ٽولي کان حڪومت کسڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان جدوجهد شروع ڪرڻ کان اڳ سندن ناپاڪ چالن کي ختم ڪرڻو پوندو.
آخر اسان اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟

[b]عوام جو اتحاد
[/b]اسان عوام کي متحد ڪري دشمن جي ان چال کي ناڪام ڪري سگهون ٿا. هڪ مقصد جي لاءِ هڪ دشمن جي خلاف متحد ٿيڻ لاءِ اسان کي گڏيل مقصد يا ڪاز جي وضاحت ڪري ڇڏڻ گهرجي، جڏهن ته اسان کي علم آهي ته دشمن موجود آهي. البت اهي مقصد هيٺيان ٿي سگهن ٿا:
• بدعنوان فوجي حڪمرانن ۽ انهن جي حامين جي طاقت کي ٽوڙيو وڃي.
• هڪ جمهوري نظام جو قيام نئين سر عمل ۾ آندو وڃي.
هيءُ جمهوري نظام سڄي دنيا ۾ تسليم ٿيل انساني حقن جي فراهميءَ جي ذريعي قائم ڪيو وڃي. يعني انهن حقن جي ذريعي عوام کي راءِ ڏيڻ جو حق ملي ويندو. دراصل عوام پنهنجا حق جدوجهد جي ذريعي حاصل ڪري سگهي ٿو. آمرانه نظام جو آخري علاج ته عوام جو اتحاد آهي. جڏهن اسان اتحاد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اهو اتحاد فقط اظهار تائين محدود نه ٿو رهي، ان لاءِ ته علم ۽ عمل جي ضرورت هوندي. جيڪڏهن گڏيل ڪارروائي ۽ عمل کان سواءِ اتحاد جي نفاذ جا ڪجهه ٻيا طريقا اختيار ڪيا وڃن ته مصنوعي ۽ غير حقيقي هوندا. گڏيل ڪارروائي عوام جي عملي پروگرام جو ٻيو نالو آهي. ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ معاملا شامل ڪيا وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو متفق ٿي سگهن. متفق ٿيڻ مان منهنجي مراد بامقصد هجڻ جي لاءِ آهي. مقصدن حاصل ڪرڻ جو نظريو واضح هجڻ گهرجي ۽ هر شي آئيني وانگر صاف ۽ شفاف هجڻ گهرجي.
هتي قيادت جي ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي. هيءُ اهو عنصر آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ عوامي پروگرام هيٺ گڏيل عملي ڪارروائي کي عملي جامو پهرائڻ ۽ هڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ خاطر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هيءُ بنيادي طور تي عوامي پروگرام جو هڪ حصو آهي.
حڪمرانن وٽ ملڪ جو پئسو به آهي ۽ توبون ۽ گنون به آهن. ان کان سواءِ هو غير ملڪي امداد تي به ڀاڙي رهيا آهن. انهن طاقتن ۾ گهڻو ڪري سامراجي ملڪ شامل آهن. ڏوڪڙن جي ڏڍ تي هو عوام منجهه نفاق پيدا ڪرڻ لاءِ هر قسم جون چالون وڙهي رهيا آهن. ته جيئن عوام پنهنجا حقيقي مفاد وساري ويهي.گنن سان هو انهن ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏين ٿا، جيڪي کلي عام سندن منهان منهن ٿيڻ جي لاءِ ميدان ۾ اچن ٿا. حڪومت کي برقرار رکڻ جي لاءِ هنن جي پاليسي واضح آهي. ٻئي طرف عوام هٿين خالي، جاهل، معصوم ۽ ديانتدار هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ مقصد جي حاصلات جي لاءِ هو متحد ٿي اڳتي وڌندو آهي ته عوام هڪ بي پناهه طاقت آهي. ان بي پناهه طاقت کي منهن ڏيڻ کان اڳ ئي آمرن جون متيون منجهي وڃن ٿيون ۽ هو پاش پاش ٿي وڃن ٿا. غير متحد عوام هڪ ٻئي سان وڙهي پنهنجي طاقت ضايع ڪندو رهندو آهي. اها ڪا طاقت نه آهي، هو جلد بيحس ٿي ۽ مايوس ٿي ناانصافي جي غار ۾ ڪري پوندو آهي.
الجيريا، ويٽنام ۽ هاڻي ايران جي تجربن مان اها ڳالهه پڌري آهي. بندوق ۽ رپئي جي طاقت هڪ وقتي طاقت آهي. اها ته فقط هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن حوصلي مند عوام پنهنجو حساب ڪتاب وٺڻ تي اچي ته سندن چئلينج جي آڏو سڄو سارو ڍانچو ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ چند زوردار حملن سان ڪري چڪنا چور ٿي ويندو آهي. پر عوام سان اها ڳالهه لاڳو نه ٿي ٿئي. هو پنهنجي ڪمزوري مختصر مدت ۾ پوري ڪري سگهي ٿو. ماڻهو پنهنجين ناڪامين تي مايوس نه ٿيندا آهن پر انهن مان سبق حاصل ڪندا آهن ۽ جلدي ئي ٻيهر زور آزمائي جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.
ان جي باوجود اڄ جي حالتن ۾ فوجي حڪمران طاقتور نظر پيا اچن.
ڇو؟ ڇاڪاڻ جو عوام کين اقتدار ۾ رهڻ جي اجازت ڏئي ٿو ۽ هو پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن.
ڪيئن؟
ڇاڪاڻ ته عوام پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مسئلن ۾ الجهيل رهندو آهي. کين وڏن سياسي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي فرصت نه آهي يا هو ننڍن وڏن سياسي معاملن ۾ الجهندا رهندا آهن. جنرل ضيا ۽ ان جو فوجي ٽولو بنيادي طور تي اسان جي ئي غلطيءَ سبب اقتدار ۾ آهي. هو اتي آهن، جتي کين نه هجڻ گهرجي. پر ماڻهو چاهين ٿا ته هو اتي رهن، صرف ان ڪري جو ان ۾ عوام جي بيحسي ۽ سياسي لاپرواهي شامل آهي، جو هڪ آمر ۽ ان جا ساٿي سياسي اسٽيج تي آڪڙجي هلن ٿا ۽ هو پنهنجي پروپيگنڊا جي ذريعن سان پاڻ کي ضرورت کان وڌيڪ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جي جرئت ڪن ٿا.
اسان ڏٺو ته هو اڪثر هڪ خطرناڪ ۽ مضبوط طاقت جي طور تي نظر اچن ٿا. اها ڪيفيت ان وقت تائين برقرار رهندي آهي، جيستائين عوامي قوتون منتشر رهنديون آهن. ۽ ماڻهو بيڪار ڳالهين ۾ پنهنجي قوت کي ضايع ڪندا آهن.ڪيتريون ئي سياسي جماعتون حقيقي صورتحال کان ابتڙ پاليسيون بڻائينديون آهن. هر پارٽي الڳ ۽ مختلف وقتن تي ڪارروائي ڪندي آهي، جيڪا غير فائديمند ڳالهه آهي. شروعاتي دور ۾ يا ته ان کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي يا دٻايو ويندو آهي. ضيا جي حڪومت اهو قدم انتهائي مڪاريءَ سان کڻي رهي آهي.
ضيا جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف وڏي انگ ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا 25 هزار کان وڌيڪ ڪارڪن ۽ حامي جيلن ۾ بند آهن. يا ته هو نظربند آهن يا انهن تي ڪيس هلي رهيا آهن. يا هو مارشل لا جي مختلف حڪمن هيٺ بوگس ڏوهن هيٺ سزائون ڪاٽي رهيا آهن. انهن ۾ ڪجهه ٻين جمهوري پارٽين جا ڪارڪن آهن. انهن تي به اهڙي طرح ڪوڙا ۽ من گهڙت الزام هڻي کين بند ڪيو وڃي ٿو. فوجي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن جو گهڻو اثر ٿي نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو بنا سبب جيلن ۾ بند آهن ۽ جيڪڏهن عوام ساٿ ڏئي ته هي مظاهرا هڪ وڏي تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. آخر هي تحريڪ ڇو موثر آهي؟ ڇاڪاڻ ته مرڪزي طور تي الڳ الڳ مظاهرا هڪ بهادرانه ڪوشش آهي، پر انهن شين سان حڪومت جو نظام بدلائي نه ٿو سگهجي. فقط منظم تحريڪ ئي ضيا جهڙي حڪومت کي سبق سيکاري سگهي ٿي.

[b]ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو
[/b]ضيا جي حڪومت عوام کي متحد ٿيڻ کان پري رکڻ جي لاءِ پنهنجي هڪ خاص پاليسيءَ ۾ انتهائي ڪامياب رهي آهي.
ضيا پنهنجي ڪارروائي ڪيئن ڪري ٿو؟ ان جو جواب انتهائي سولو آهي، يحى خان جي نقش قدم تي هلندي ضيا هر سياسي ليڊر کي رشوت ڏيندو آهي. اها رشوت خوري رپين پئسن، خوشامد، نظرياتي ڪوڙڪي يا ڪنهن ٻي چال جي شڪل ۾ ٿي سگهي ٿي. هو هر هڪ پارٽيءَ سان سياسي ٺاهه ڪندو آهي ۽ عوام کي غلط فهميءَ ۾ رکندو آهي ۽ مڙني سياستدانن جو تعاون حاصل ڪري هر قسم جي ڪوڙي پرچار ڪندو آهي. نظم ۽ ضبط جو خيال رکندڙ ميڊيا جي ڪردار کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اصل حقيقتن کي بلڪل بليڪ آئوٽ ڪيو ويندو آهي. سنجيده تحريري تجزين جي نسبت صرف سطحي تنقيد کي منطر عام تي آندو ويندو آهي ته جيئن ڪٿي فوجي حڪمرانن جون چالون وائکيون ٿي نه پون. حقيقت پسند تجزين کي اخبارن، ريديو يا ٽيليويزن تي پيش ڪرڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ٿي ڏني وڃي.
ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ ضيا جي شخصيت پرستي ڪئي وڃي ٿي. سندس ڪارنامن جا راڳ ڳايا وڃن ٿا ۽ اهو ئي چيو ويندو آهي ته هو ئي ڪروڙين ماڻهن جو نجات ڏيندڙ آهي. اها خطرناڪ پرچار ملڪ ۾ ڏينهن رات جاري رهندي آهي. عوام ۽ ٻين آوازن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ان سان اڳ ئي انتشار جي شڪار ٿيل عوام جو ڌيان ورهائجي ويندو آهي ۽ حڪمرانن کي غير ضروري ڪارروايون ڪرڻ ۽ غير واسطيدار مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي.
ان پس منظر ۾ حڪومت کي وڌ کان وڌ طاقتور ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. 60 هزار کان وڌيڪ رائيفلز جي ڪمان هن جي هٿ ۾ آهي. هو ڏينهون ڏينهن سگهه حاصل ڪري رهيو آهي ۽ اها صورتحال ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين عوام سجاڳ نه ٿو ٿئي.
ڇا اسان کي جمهوريت کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي؟ ڇا اسان کي مستقل طور تي غلامي قبول ڪرڻ گهرجي؟ ڇا ساڍا اٺ ڪروڙ عوام بدعنوان ۽ اسڪيم باز جرنلن جي ٽولي جي زنجيرن م جڪڙيل رهي؟

[b]عوام جي طاقت جو راز
[/b]مان چوان ٿي ته اها ڪمزوري، اها غلامي اسان جي نه آهي. اهو قطعن غير ضروري آهي، ان کي جلد ئي وڏي تيزي سان ختم ڪري سگهجي ٿو. ڪيتري تيزيءَ سان؟ اهو مان نه ٿي چئي سگهان، پر ان جي لاءِ سخت جدوجهد لاءِ ڪيترائي سال گهربل هوندا. ان ڳالهه جو دارومدار ڪيترن ئي پهلوئن تي آهي، ڪيترائي پهلو اهڙا آهن جيڪي سخت ۽ ڊگهي جدوجهد جو مطالبو ڪن ٿا. ان ۾ ڪنهن وقت رت ۽ ست به شامل ٿي ويندو آهي.
هي ٻئي ڳالهيون هڪ ٻئي جو تضاد آهن، پراميد تجزيو به آهي ته مايوس ڪندڙ به. مايوس ڪندڙ پوزيشن جو ذڪر بعد ۾ ڪيو ويندو. متوقع مختصر جدوجهد جو انحصار فوج تي آهي، جيڪا ايتري بدعنوان آهي، جو ان کي متحد نه ٿو ڪري سگهجي. مون کي سڀني جرنيلن جي خبر آهي. ايرانين جي تجربي کان پوءِ هو عوام کان خوفزده ٿي ويا هيا. پر هاڻي ضيا جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪو به جنرل ضيا جو جيئڻ حرام نه ٿو ڪري سگهي، پر منجهن پاڻ ۾ تعاون سگهارو آهي. جوانن ۽ جونيئر آفيسرن کي غلط طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان سان گڏ سندن استحصال ڪيو پيو وڃي. هو اڄ ڪالهه ملڪي دولت جي منظم نموني سان ڦرلٽ ۾ پارٽي بنجڻ نه ٿا چاهين.
فوجي حڪمرانن جو ڪو حقيقي حلقو ناهي. انهن ملڪ کي اهڙي انداز سان هلايو آهي، جو ملڪي حالتون خطرناڪ حد تائين خراب ٿي ويون آهن. اهي ڪو به رستو اپنائي نه ٿا سگهن. ملڪي دفاع جو سوال دوکو آهي. کين اهو علم ناهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪنهن پاڙيسري ملڪ اسان تي حملو ڪري ڏنو ته ڇا هي آرمي اسان جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪري سگهي ٿي؟ هي ته هاڻي دپلوميٽڪ دٻاءَ جو مقابلو به نه ٿا ڪري سگهن. هو مڪمل طور تي عوام کان ڪٽجي چڪا آهن. عوام سندن ڪنهن به پڪار جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هي سياسي خلا ۾ جي رهيا آهن ۽ اها ڳالهه سڀني کي خبر آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته هر پاڪستاني ان ڳالهه تي متفق آهي ۽ هوندو ته هي نظام فرسوده ٿي چڪو آهي. ان لاءِ مضبوط ۽ مستحڪم همت ۽ عزم گهرجي، پوءِ هي نظام ڊهي پوندو. مختصرن اهو چئجي ته هي حڪومت گهڻي مضبوط آهي ۽ طاقتور به آهي پر جيڪڏهن اسان (عوام) صحيح معنى ۾ وطن پرست آهيون ته هيءُ ظلم ۽ جبر وارو نظام گهڻو عرصو هلي نه سگهندو. اسان هن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري نظام تي فتح حاصل ڪري وٺنداسين. جيڪو ڪجهه اسان اڄ ڪندي نظر نه ٿا اچون، ان مقصد جي شروعات جيڪڏهن اسان ڪري وٺون ٿا ته ان جي لاءِ ڀلي اسان کي ڪيتري به قيمت چڪائڻي پوي، اهو ڪم سرانجام ڏيڻ آسان ٿي پوندو. ۽ اڄ شروع ۾ جيترو سولو نظر اچي ٿو، ان کان به تمام سولو ٿي ويندو.
پر خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ خطري کان خالي نه هوندو آهي. بهرحال ظلم ۽ جبر تي فتح حاصل ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪيا ويندڙ ذريعا اهي ئي رهندا ۽ ان جو طريقيڪار به اهو ئي رهندو. جيتسائين دليلن جو واسطو آهي ته اسان خوشفهميءَ ۾ گهٽ مبتلا رهنداسين.
هاڻي ان ڳالهه کي وري وري ورجائڻ جي گهڻي ضرورت ناهي ته عوامي طاقت جو راز اتحاد ۽ سچائي سان عمل ڪرڻ آهي. اهو ئي اتحاد جو اڻٽٽ جزو آهي. بقا جي لاءِ اتحاد جو اظهار عمل سان ئي ٿيندو آهي.
عمل ڪنهن جو؟ عوام جو. ان عوام جو جيڪو اتحاد جو خواهشمند آهي. عوامي ڪارروائي يا وڌ کان وڌ عوام جي ان ۾ شرڪت ئي اتحاد جو ٻيو نالو آهي ۽ ڪاميابيءَ جي اها ئي ڪنجي آهي.
هاڻي طريقيڪار تي گهڻي گهرائي سان ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي شروعات ته عوام جي اتحاد جي ذريعي ٿي وئي. آخر ان ڪارروائي کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي ۽ ان کي سگهه بخشي وڃي؟ اڄ جي سياسي جدوجهد عوام جي وڏي پيماني تي شرڪت جو ٻيو نالو آهي. ان لاءِ ڪهڙا ذريعا اختيار ڪيا وڃن ٿا، ان تي ڪو بحث ناهي.

[b]عوامي ڪارروائي
[/b]جيستائين عوامي ڪارروائي جو تعلق آهي، ان جي متعلق ڪيئي سوال اٿي کڙا ٿيا آهن. جيڪڏهن مارشل لا کي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي لاءِ استعمال نه ٿو ڪيو وڃي ته ان جي ڪا به حيثيت ناهي. اخباري دنيا ۾ سياسي خبرن، سياسي ليڊرن جي چرپر جي خبرن ۽ ڊرائنگ رومن ۾ ٿيندڙ اجلاسن جي خبرن تي سخت سينسر هنيو وڃي ٿو. سياسي رهنمائن جي بيانن ۽ انٽرويوز کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو وڃي ٿو. دانشور طبقي جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري احساس جي اظهار جي خلاف مارشل لا سيفٽي والي جو ڪم ڏئي ٿو. پر حقيقي طور تي ان جي ذريعي حقيقي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ٿي.
جبر ۽ ڏاڍ واري هن صورتحال ۾ عام ماڻهو نه ته ڪٺي ٿي سگهن ٿا ۽ نه ڪو عام سياسي ڪارڪن يا ورڪر ڪنهن ننڍي وڏي جلسي کي خطاب ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ويهن ٽيهن ڪوڙن ۽ جيل جي چوديواريءَ پويان سڙڻ جو خوف کائي وڃي ٿو. عوام جلوس ڪڍي نه ٿو سگهي، ڪنهن موقعي تي جيڪڏهن ڪو اجتماع شروع ٿئي ٿو ته ان جي مظاهري يا مارچ جي شڪل اختيار ڪرڻ جو امڪان هوندو آهي. ان ڪري ان اجتماع کي زبردستي ختم ڪرايو وڃي ٿو. هٿياربند پوليس جا جٿا اسڪولن، ڪاليجن، رستن جي چوواٽن ۽ ناڪن تي مقرر ڪيا وڃن ٿا. اها هڪ نئين چال آهي ۽ کين وڌ کان وڌ طاقت جي استعمال جا حڪم ڏنا وڃن ٿا. ۽ جيڪڏهن اوچتو 500 کان وڌيڪ ماڻهن جو مظاهرو عملي صورت اختيار ڪري وڃي ٿو ته ان کي چالو رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ پوليس ۽ ٻيا ماڻهو چپ چاپ بيهي ڏسندا رهن ٿا. اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي وي وغيره تي ان جي ڪا رپورٽ نه ٿي ڏني وڃي. ننڍن ننڍن جلسن کي وڏي بي رحميءَ سان چٿيو وڃي ٿو. ان جو مقصد اهو آهي ته عوام کي اها خبر نه پئجي سگهي ته ملڪ ۾ حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر مظاهرا ٿي رهيا آهن ۽ انهن کي طاقت سان ڪچليو پيو وڃي، جنهن سان جاني نقصان ٿي رهيو آهي.
هيٺين ۽ وچولي سطح جي هزارين سياسي ڪارڪنن کي جيلن جي لوهي پنڃرن پويان بند ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هو گهرن ۾ هوندا آهن يا ڪم ڌنڌي تي ويندا آهن ته سي آءِ اي ۽ پوليس سندن چرپر تي نظر رکندي آهي ۽ مسلسل خوفزده ڪندي آهي. سندن مقصد کين غير موثر ڪرڻ ۽ عوام کان کين الڳ ٿلڳ رکڻ آهي.
اهو عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته قومي سطح تي سياسي ليڊرن ۾ هر طرح جون غلط فهميون ۽ انتشار پيدا ڪيو وڃي ٿو. ان مقصد جي لاءِ پئسو، مڪاري ۽ فراڊ جهڙا حربا وڏي پيماني تي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ضيا پاڻ انهن معاملن ۾ ڪارروائي ڪري ٿو. ان جا نام نهاد مخبر سياستدان عوام ۾ ڪجهه چون ٿا ۽ پنهنجي آقا کي پرائيويٽ طور ڪجهه ٻيو ٻڌائين ٿا. ان سان نه صرف سياستدانن ۾ انتشار پيدا ٿئي ٿو پر عوام تي به خراب اثر پوي ٿو.
ان کان سواءِ سياستدانن ۾ اهڙو انتشار پيدا ٿي وڃي ٿو، جو هو سياسي فضا ۾ خرابيءَ جو باعث بڻجن ٿا ۽ عوام کان مڪمل طور ڪٽجي وڃن ٿا. انهن کي عوام جي ردعمل جو قطعن علم نه هوندو آهي. صرف خطن جي ذريعي يا سڌو سنئون بيانن يا اخبارن ۾ ٽوڙي مروڙي پيش ڪيل بيان ئي مواصلات جو اڪيلو ذريعو هجن ٿا. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مارشل لا جي حڪومت پوءِ ان جو بنياد ڪيتري ئي عرصي جو ڇو نه هجي، پنهنجي ڪاميابيءَ ۽ قوت جو رخ پيش ڪندي آهي. پهريون اهو ته هنن وٽ هٿيار آهن، بندوقون ۽ گوليون آهن ۽ هو هر ڪنهن کي پنهنجي لانگ بوٽ سان ڪچلي سگهن ٿا. هي عوام کي پنهنجي صحيح ۽ معقول راءِ جي اظهار جي اجازت نه ٿا ڏين. هنن جي پنهنجي پروپيگنڊا هوندي آهي. جنهن جي صدا سڄي ملڪ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. ٻيو ته عوام غير منظم آهي، ان ڪري هو پاڻ پنهنجي اکين سان پنهنجي بي اثر هجڻ جو تماشو ڏسي سگهن ٿا. مارشل لا سندن حوصلي شڪني ڪندي آهي. جلد ئي هو بي حس ٿي ويندا آهن. سياستدانن جي بيڪسي، لاچارگي، علحدگي ۽ تنهائي سان سندن نااميدي ۽ سياسي بي حسيءَ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. سندن قوت عمل ختم ٿي ويندي آهي.
ان هوندي به هيءَ ڪيفيت مستقل طور تي برقرار نه ٿي رهي ۽ جيڪڏهن اها ئي ڪيفيت هميشه برقرار هجي ته عوام آزاد نه هجي ۽ سياسي دنيا ظلم ۽ ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجندي رهي. دنيا جي عوام اڄ جي پاڪستان کان وڌيڪ خطرناڪ ظلم، تشدد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جون ٻانهون مروڙي ڇڏيون آهن. پاڪستاني عوام به اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو ۽ کڻندو.
ڇاڪاڻ؟
اهو ڪو وڏو مسئلو ناهي، اهو ته جابر جي پنهنجي رويي تي منحصر آهي، ان جو ذڪر مان پهريان به ڪري چڪي آهيان.
جيڪڏهن عوام وٽ تشدد جوڳا ذريعا استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه رهجي وڃي ته ڪو به هوش مند انسان ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ جو مشورو نه ڏيندو. تشدد کان پاسو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي. عوام مٿان فوج يا سي آءِ اي جي ذريعي ڪنهن آمرانه حڪومت طرفان ڏاڍ ۽ تشدد ڪرڻ جو هر وقت ڀوت سوار هوندو آهي. جيڪڏهن آمر حڪمران شروعاتي مرحلن ۾ ئي عوامي تحريڪ جي رهنمائن کي تشدد جوڳا قدم کڻڻ تي اڪسائين ته ان تشدد جي خاتمي لاءِ سندن ظلم ۽ ستم جي ڪا انتها نه هوندي. روائتي طاقت شڪن عنصرن کي ان تحريڪ کي ڪچلڻ جو موقعو ملي ويندو آهي ۽ تشدد دٻائڻ جي آڙ ۾ هو مختصر مدت ۾ وڌ کان وڌ ظلم ۽ ستم ڪرڻ جو موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن. پوءِ ڇو نه عوام کي نقصان رسي ۽ جدوجهد ڊگهي ۽ شديد تر صورت اختيار ڪري وٺي. هڪ فاشسٽ حڪومت ۾ هڪ عوامي تحريڪ کي پرامن طور جاري رکڻ جي لاءِ عملي طور تي ذريعا اختيار ڪرڻ جو سوال اهم آهي. مسئلو اهو آهي ته هڪ آمر حڪومت جي خلاف هلايل مهذب ۽ شائسته سياسي تحريڪ کي ڪيئن جاري رکيو وڃي؟ ته جيئن ان سان ڪنهن کي ڪجهه چوڻ جو موقعو نه ملي سگهي. ان ڏس ۾ نه فقط مارچ ۽ ريليون منعقد ٿي سگهن ٿيون پر ديوارن تي نعرا لکي سگهجن ٿا ۽ عوام جي صحيحن واري مهم هلائي سگهجي ٿي. ان سان عوام جو ڌيان ڪوڙن ۽ رسمي سزائن طرف ڏياري سگهجي ٿو. پوليس طرفان پڇا ڳاڇا جي مرڪزن ۾ ٿيندڙ ظلم کان به عوام کي واقف ڪري سگهجي ٿو.
اخر ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو چارو آهي؟

[b]گهرج[/b]
ان سلسلي ۾ ٻن معاملن تي ڌيان ڏيڻ جي تڪڙي ضرورت آهي. پهريون اهو ته آزاديءَ جي تحريڪ هلائڻ ۽ جاري رکڻ جي لاءِ جيڪا به قيمت چڪائڻي پئي، چڪائي ويندي. ٻيو. جيڪڏهن ايم ايل آر ۽ ايم ايل او جهڙيون غير قانوني حرڪتون عمل ۾ آنديون وڃن ته ان صورت ۾ پرامن طريقي سان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ۽ مظاهرا به جاري رکيا وڃن. جابر حڪومت کي ڳريون سزائون ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. ان جو عملي پاسو اهو آهي ته پرامن طريقي سان مظاهرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
هاڻي هتي ليڊرن جي ڪردار جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي. سڀ کان پهريان سياسي طور تي سجاڳ عنصرن کي هڪ ڪري حرڪت ۾ آڻڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم اڳواڻن جو آهي. انهن عنصرن ۾ گهڻا سياسي ڪارڪن ٿي سگهن ٿا. بعد ۾ عوام کي شامل ڪرڻ جي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي اڳڀرائي ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي.
اهو ڪم مختلف مرحلن ۾ سرانجام ڏئي سگهجي ٿو. سڀ کان پهريان عوام جي سامهون ڪيفيت بيان ڪئي وڃي ۽ مڪاني صورتحال جي ڀيٽ ڪئي وڃي. اهڙي طرح پهريان عوام ۽ ڪارڪنن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي وڃي، ان کان پوءِ ماڻهو ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪندا. هو مقررن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ وقت ڪڍندا. انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندا. هو انهن جي سرگرمين بابت عملدارن کي ڪا به رپورٽ نه ڏيندا. مطمئن ٿيڻ تي کين ڪجهه ڪرڻ لاءِ چيو وڃي، اهڙي طرح هو ٻيهر سرگرم ٿي ويندا ۽ ترقيءَ جي راهه تي هلڻ شروع ڪندا. هڪ ليڊر جي صلاحيت جو انحصار ان ڳالهه تي آهي ته هو فيصلي ڪن مرحلن لاءِ عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري پاڻ سان ملائي ٿو.

[b]مختلف چالون
[/b]مختلف علائقن بابت مختلف چالون اپنائڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته مقامي آفيسر ظلم ۽ تشدد ڪرڻ جي معاملي ۾ الڳ الڳ مزاج رکندڙ هوندا آهن. ان ڪري تحريڪ جو مرڪزي ليڊر هر شهر، ڳوٺ يا علائقي ۾ ڪهڙيون چالون اختيار ڪيون وڃن، ان جا تفصيل بيان نه ٿو ڪري سگهي، پر ان لاءِ کيس پنهنجي ذهن کان ڪم وٺڻ گهرجي. هو گفتگو جو عام پهلو ۽ معمول جا رستا اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏئي سگهي ٿو.
ذهن جي صفائي (برين واش) دنيا جو سڀ کان طاقتور ترين هٿيار آهي. ان تي تحريري پيغامن جي ذريعي عمل ڪيو ويندو آهي. مواصلات جا ٻه شروعاتي ۽ مؤثر ذريعا هوندا آهن. ان ۾ ليڊرن جي طرز عمل جون خبرون يا تقريرون يا نعرا يا حڪمرانن جي بدعنوانين کي وائکو ڪرڻ جا تحريري قدم کڻڻ شامل هوندا آهن. عوام کي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي زبان ذريعي خبرون ڦهلائڻ ڏنيون وڃن. شهرن ۾ تعليم يافته عوام وٽ تحريري پيغام پهچائي سگهجن ٿا. اتي ڪيسٽ ۽ ويڊيو ڪيسٽ وغيره به ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. ايران جو مثال سامهون آهي ته اتي ڪيسٽ ۽ ويڊيو ڪيسٽ جو استعمال ڪيترو ڪارائتو ثابت ٿيو. پاڪستان ۾ ڪيسٽ جو استعمال گهڻو وڌيڪ نه آهي. پر هڪ خانه بدوش ڪارڪن ٻهراڙي ۾ وڃي ڪيسٽ استعمال ڪري سگهي ٿو. ان سان گهڻا ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ زباني، تحريري يا ڪيسٽ جي ذريعي جيڪڏهن پرڪشش اعلان جاري ڪيا وڃن ته تحريڪ جلد شروع ٿي سگهي ٿي. پر فقط ڳالهه ٻڌي ڇڏڻ ڪافي ناهي، هر شهري ۽ جدوجهد لاءِ تيار امڪاني مجاهد جي لاءِ لازمي آهي ته هو خطن ۽ تحريرن جاري ڪرڻ جو هڪ سلسلو جاري رکي ۽ انهن کي هڪ ٻئي تائين پهچائيندو رهي. پر اها گهٽ ۾ گهٽ ڪارروائي صرف شروعاتي دور جي لاءِ ڪافي آهي. وڌيڪ ڪارروائي مقصد جي نوعيت جي مطابق سرانجام ڏني وڃي. اڳيون مرحلو مظاهرن تي ٻڌل هوندو آهي، ان ۾ وڌ کان وڌ عوام جو تعاون ۽ شرڪت ضروري هوندي آهي ۽ ان ۾ بيجا تشدد جوڳو رويو اپنائڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ مقامي اجتماعي ڪارروائي جي لاءِ مقامي مسئلن کي سامهون رکڻ ضروري هوندو آهي. انهن ۾ سياسي سوالن ۽ مطالبن کي بلڪل نظرانداز ڪيو ويندو آهي، اهي ڳوٺ مقامي مجموعي ڪارروائي جا بي مثال مورچا هوندا آهن.
جڏهن ان نوعيت جو ڪم شروع ٿي وڃي ته اسان کي اهي سڀ قدم کڻڻا پوندا. جيڪي ڪلاسيڪي انقلاب لاءِ پمفليٽ جاري ڪرڻ وارن ۽ روپوش پريس هڪ آمر حڪومت جي دور ۾ سرانجام ڏنا هيا. پاڪستان بنيادي طور تي ٽيڪنالاجيءَ جي اعتبار کان هڪ ترقي يافته سماج ناهي. ان ڪري غير قانوني طباعتي سهوليتن جو سلسلو محدود حد تائين برقرار رهندو، اجتماعي ڪارروائي جو اڻ کٽ سلسلو برقرار رکڻ جي لاءِ تحريري يا تقريري پيغامن جو سلسلو برقرار رهندو.
انهن طريقن مان ڪيترن طريقن کي ته فقط ابتدائي حيثيت حاصل آهي، ان ڪري هڪ ڊگهو عرصو کپندو. جيڪڏهن هي ڪم هڪ سسٽم هيٺ انجام ڏنو ويو ته ان کي ڪجهه مهينن کان وڌيڪ عرصو نه لڳندو. ان کان پوءِ اسان ننڍي سطح جي ٻئي دور ۾ داخل ٿي سگهون ٿا. پر وڏن سياسي مظاهرن جي لاءِ هڪ ئي وقت تي ڪجهه سو ماڻهو ئي ڪافي ٿي سگهن ٿا. وڏن شهرن جي چوواٽن ۽ ناڪن تي اعلان ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. وڏن شهرن ۾ هڪ ئي وقت تي ڪيترائي مظاهرا مختلف حصن ۾ ٿي سگهن ٿا. پر خاص ڳالهه اها آهي ته اهي مظاهرا وقت بوقت ۽ برجستي انداز ۾ ٿيندا رهن. سي آءِ ڊي جي خوف کان سواءِ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي مظاهرا ٿيندا رهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي.
شروعاتي مرحلن ۾ ان ڳالهه جو احتياط ڪيو وڃي ته پوليس سان ٽڪراءَ جي امڪان کان وڌ کان وڌ پاسو ڪيو وڃي. ٻئي دور ۾ ان کي درگذر نه ڪيو وڃي ۽ جڏهن ٽڪراءُ پليگ جي مرض وانگر چنبڙي وڃي ته ان جو خيرمقدم نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ۽ جتي اهي ٽڪراءُ ٿين ته اسان کي گهرجي ته جاني نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي، معصوم عوام جو خون ايترو سستو ناهي، جو ان کي ناحق وهايو وڃي. اهڙي خونريزي کي ڏسي نه ته خوشي ٿئي ٿي ۽ نه ئي خواهش.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن ڊگهي جدوجهد جي پهرين مرحلي تي ئي اسان کي قيمت چڪائڻي پوندي. جيستائين ٻئي دور جو تعلق آهي، ان لاءِ وڌيڪ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. اسان جي قسمت ۾ وڌيڪ گرفتارين، وڌيڪ سزائن ۽ پڇا ڳاڇا وغيره جا ظلم لکيل آهن.
مختصر مدت کان پوءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿئي ٿي ۽ زور وٺي ٿي ته ان ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ملوث ٿي وڃن ٿا ۽ جهڪڻ جي بدران غم ۽ غصي جو اظهار پختي ارادي سان ڪندا آهن. شروعاتي مرحلن ۾ جيتوڻيڪ دهشت ننڍي پيماني تي هوندي آهي پر ان کي وسيع پيماني تي ڪچلي ڇڏڻ جو خطرو موجود رهندو آهي. ان سان مايوسي ۽ نااميدي کي سگهه ملندي آهي. اڳواڻن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي.
جيڪا تحريڪ اسان چاهيون ٿا، ان جي لاءِ ڪجهه بنيادي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هڪ اڳواڻ کي پيدا ٿيندڙ حالتن جو علم هجڻ گهرجي ته جيئن هو تحريڪ جي رهمنائي ڪري سگهي. جيڪڏهن ضرورت پوي ته ان جي لاءِ قيمت به چڪائي سگهي. هو عوام تائين موزون ۽ اهڙا پيغام پهچائي سگهي، جيڪي انهن ۾ علم ۽ عمل جو نئون جوش پيدا ڪري سگهن ۽ کين سڌي سادي تنظيمي ڍانچي جي قيام جو مشورو ڏئي سگهن. ان سان عوامي ڪارروائي جي وچ ۾ ڳانڍاپو پيدا ٿي سگهندو ۽ اڳواڻن ۽ عوام جي وچ ۾ ٻه رخو مواصلاتي سلسلو قائم ٿي ويندو. ان ۾ معلومات فراهم ڪرڻ جو سسٽم به شامل آهي. انهن واضح ضرورتن مان ڪنهن هڪ کي اهميت ڏيڻ مشڪل آهي. پر خاص اهميت تحريڪ جي متعلق معلومات ڪٺي ڪرڻ ۽ پرچار کي حاصل آهي.
جيتوڻيڪ هيءُ هڪ ڊگهو سسٽم نظر اچي ٿو ۽ آهي به، پر ڪا به عوامي تحريڪ ان کان سواءِ هلائي نه ٿي سگهجي. نموني طور مقامي روايتن جو جائزو وٺڻو پوندو. پاڪستان ٻه تحريڪون ڏٺيون آهن، 69-1968ع جي تحريڪ ۽ 1977ع جي تحريڪ. برصغير ۾ سڀ تحريڪون مهاتما گانڌي جي تحريڪن کان بي حد متاثر هيون، ڇاڪاڻ جو گانڌي جي تحريڪن ۾ عوام جو وڏو تعداد شامل هيو. انهن تحريڪن ۾ مقامي حالتن جي مطابق اختيار ڪيل ٽيڪنڪون ۽ سڀ طريقا پراڻا هئا. پر ان جي باوجود پرڏيهه ۾ هلندڙ اختلاف، تحريڪن جي ٽيڪنڪ کان وڌيڪ موزون ٿي نه پيا سگهن. پر ٻيون ڳالهيون وڌيڪ صحيح ناهن.

[b]آخر تبديلي ڪهڙي آئي؟
[/b]انهن تحريڪن سان هڪ فطري ۽ بنيادي تبديلي آئي. برطانوي حڪمرانن پنهنجن سامراجي مقصدن جي لاءِ اهڙو نظام قائم نه ڪيو هو، جنهن جي ڀيٽ هڪ آمرانه حڪومت واري نظام سان ڪئي وڃي. جيستائين پاڪستان جي ٻن تحريڪن جو تعلق آهي، ان حقيقت کي وساري نه ٿو سگهجي، جڏهن اسان کي اهو چيو وڃي ٿو ته سڄي ڪارروائي ڳجهن هٿن ذريعي پهريان کان ٿي رهي هئي. جنهن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي هٿ ملوث هيا ۽ حڪومت شهري عوامي مطالبن تي مزاحمت ڪري رهي هئي ۽ ان تحريڪ کي آزادانه طور ڪچلڻ جي لاءِ پنهنجي پوليس ۽ سي آءِ ڊي جو کليل نموني استعمال ڪري رهي هئي. چون ٿا ته ان تحريڪ ۾ هٿياربند فوج جو استعمال به ڪيو ويو. پر اها ڳالهه واضح هئي ته هٿياربند فوج ايتري ڳري قيمت تي هڪ مخصوص حڪومت جو دفاع نه پئي ڪري سگهي.
اڄ اسان هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيون ته موجوده نظام ۾ آفيسر ڪور جي ڪهڙي ذميواري آهي. اصل ۾ هيءَ هڪ فوجي ٽولي جي حڪومت آهي، جنهن ۾ سڀ يا گهڻا سينئر فوجي آفيسر شامل آهن. سياسي طور تي جيئن ته اسان ڏٺو آهي. فوج هن وقت سڀ کان وڌيڪ رعايت يافته طبقو آهي. هتي استحصال جو ذڪر نه ٿو ڪيو وڃي. ان فوجي ٽولي کي ٻين رعايت يافته جماعتن جو مڪمل تعاون حاصل آهي. مارشل لا جي ڊگهي عرصي کان نفاذ سان هڪ ڳالهه ته منظر عام تي آئي آهي ته سماجي ڍانچو ۽ ملڪي دولت جي ورهاست جو نظام رعايت يافته طبقي وٽ هوندو آهي ۽ اهو طبقو عوام کي لٽيندو آهي. ان جو وجود صرف آرميءَ جي جابر آمريت ۾ ئي برقرار رهي سگهي ٿو. ان ڪري رعايت يافته طبقو آرمي جي پٺي ٺپري رهيو آهي. ان ڪري هاڻي سازشون ۽ بغاوتون نه ٿيون ٿين. هي نظام سڀني رعايت يافته گروهن خاص ڪري هٿياربند فوج کي راس آيو آهي.
ان ڪري فوجي نظام جي خلاف تحريڪ جي هٿياربند فوج طرفان سخت مزاحمت ٿيندي. آرمي شروعاتي مرحلي ۾ ئي هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اسان کي ان جي خلاف لوهه جي ديوار بڻجڻو پوندو.
موجوده نظام کي فوج جي تعاون جو هڪ ٻيو سبب به آهي، پهرين دور ۾ ئي هن تحريڪ عوام جا ذهن پنهنجي طرف منتقل ڪري ڇڏيا ۽ ان کي آسانيءَ سان دٻائي نه ٿو سگهجي. فوجي ٽولو اسان جي هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فيصلي جي صورت ۾ جنرل ضياءُ الحق کي اوچتو حڪومت کان الڳ ڪري ڇڏيندو. سندس جاءِ تي نئون جرنيل آندو ويندو. هن تحريڪ کي جيڪڏهن ختم ڪرڻ جي نه ته عوام جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ حڪومت ڪنهن ٻئي شخص کي سونپي ويندي. اها سندن ڪريل چال هوندي. اسان ان قسم جي چال کي هڪدم رد ڪيون ٿا. اسان کي ته هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيڻ گهرجي ته اسان فوجي نظام جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ ان کي پاڙئون پٽي اڇلڻ گهرون ٿا. آمرن جون حمايت يافته سياسي تنظيمون ۽ آئيني طور تي هي نظام ڊاهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي سڄو نظام استحصال پسند آهي ۽ عوام تي ظلم ۽ ستم ڪري ٿو.
ان مقصد جي خاطر سڀني مفاد پرست جماعتن جي سربراهي ڪندڙ هٿياربند فوج هاڻي هن تحريڪ کي بيدرديءَ سان ڪچلڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي آهي. هو وڌ کان وڌ طاقت، مڪاريءَ وارن طريقن ۽ ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺي رهي آهي. هيءَ لڙائي ڊگهي ۽ خونريز ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪيتري مدت لڳندي ۽ ڪيترن ماڻهن جو ناحق خون ظالمن ۽ جابرن جي جهوليءَ ۾ پوندو، ان متعلق ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.
اچو ته اسان هڪ ڊگهي ۽ خوني جدوجهد لاءِ تيار ٿي وڃون. جيتوڻيڪ ان جو بنياد اڃا تائين اسان کي سولو نظر اچي رهيو آهي. پاڪستان آرميءَ جا حوصلا هارايل آهن. ان کي ڏسي سگهڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ جو شاهه ايران وٽ ايراني هٿياربند فوج اهڙو ئي سلوڪ ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ اها فوج به هن فوج جهڙو رعايت يافته طبقو آهي. ممڪن آهي مزاحمت عوام سان ٿئي، ڪجهه شروعاتي شديد ۽ سفاڪانه مقابلن کان پوءِ يا ته تحريڪ ختم ٿي وڃي يا عوام ان جو موزون جواب ڏيندو. ان وقت اها عوام جي هڪ صحيح مزاحمتي طاقت هوندي. جيڪا آخرڪار سوڀاري ٿي ويندي. ڪجهه اهڙن مقابلن کان پوءِ هٿياربند فوج جا منحرف طبقا بغاوت تي آماده ٿي ويندا. پر اهو اندازو لڳائڻ لا حاصل آهي ته آرمي ڪجهه مخصوص حالتن ۾ ڪهڙو رويو اختيار ڪندي. ترقي پسند سياسي عنصرن جي عملي نقطي نظر سان اهو محسوس ڪرڻ اهم آهي ته آرمي لڳاتار سخت مزاحمت ڪندي. ان کي سوڀارو ٿيڻو آهي. هڪ جابر طاقت جو مقابلو دليريءَ ۽ بهتر طاقت سان ڪرڻو پوندو. ان جدوجهد جو ثمر ان ڳالهه ۾ ئي لڪل آهي. هن موقعي تي هڪ مثالي تحريڪ جي قيام جو سوال به موزون رهندو. برصغير جي روايتي طرز موجب عوام جي فتح اڻ ٽر آهي پر پاڪستاني فوج جو هڪ نمايان پهلو اهو آهي ته هوءَ سياسي اسٽيج تي وڏن وڏن ايڪٽرن مان هڪ بڻجي وئي آهي. ۽ ناموزون پراڻين ٽيڪنڪن تي عمل ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ خاص عدم تشدد جي آئيني يا نيم آئيني طريقن کي اپنائڻو پوندو. جيتوڻيڪ تحريڪ جي مڙني سطحن تي تشدد جي تلخ ذريعن کي به منهن ڏيڻو پوندو.
ڇاڪاڻ ته حڪومت هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ فاشسٽ طريقا وڏي پيماني تي اختيار ڪري رهي آهي، ان ڪري اسان کي 1940ع جي يورپ وارن اينٽي فاشسٽ طريقن تي نظر وجهڻي پوندي. مقبوضا فرانس جي ماڪوس ۾ ڪيل تجربا ۽ مشقون اسان کي خوب راس اينديون. ڇاڪاڻ ته اسان به هڪ بدنام جابر جي چنبن ۾ ڦاٿل آهيون. مختصر طور تي ته پهرين مرحلي ۾ تنظيمي عنصر تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو، پر تحريڪ سرگرم ماڻهن ۽ پيغامن ۽ وڌ کان وڌ نشر و اشاعت تي ٻڌل هوندي. پر جڏهن هي تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ته ان جي لاءِ وڌيڪ سگهارا قدم کڻڻا پوندا. اهي ڪارروائيون عوام جي وڌ کان وڌ شرڪت جي ذريعي عمل ۾ اينديون ۽ اهڙي طرح نسبتن هڪ معقول تنظيم جو عمل وجود ۾ ايندو. ان جو قيام هڪ تحريڪ تي ٻڌل ڪاررواين جي ذريعي عمل ۾ ايندو. هي سرگرم ڪارڪنن منجهه رابطن جو هڪ ٻيو ذريعو آهي. نئين مثالي تحريڪ يورپ جي اينٽي فاشسٽ جي مزاحمتي تحريڪن مان سبق پرائي اسان جي حالتن جي مطابق هلائي ويندي. خاص طور تي هڪ عملي پروگرام هيٺين نقطن هيٺ هلايو ويندو:
• ان تحريڪ جو مقصد عوام جي مقامي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ کين فلاح ۽ بهبود جون معمولي سهوليتون فراهم ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي ادارن کي ڌيان ڏيڻو پوندو. انهن ۾ مقامي ادارن جا چونڊيل ميمبر ۽ نام نهاد مصالحتي عدالتن جي ميمبر، زڪوات ڪاميٽين جا ميمبر، ميونسپل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جا ميمبر يا عهديدار ۽ مرڪزي يا صوبائي مشاورتي ڪائونسلن جا ميمبر شامل هوندا. شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ مظاهرن جي ذريعي عوامي دٻاءُ وڌو ويندو ۽ اهڙي طرح سندن شڪايتون ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ڪچين آبادين ۾ رهندڙ غريب عوام جي مقامي مسئلن حل ڪرڻ تي به زور ڏنو ويندو. کين بنيادي سهوليتون مثلن صحت جي حفاظت، رهڻ جي لاءِ گهر، گڏيل باٿ روم ۽ جهوپڙين ۾ نه ته سندن علائقن ۾ بجلي ۽ پاڻي جي سهوليتن جي فراهميءَ تي زور ڏنو ويندو. هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو 25 کان 30 ماڻهن تي مشتمل اهڙا مظاهرا ڪرايا وڃن.
ان ڪم جي لاءِ مقامي ورڪرن جي هڪ ننڍي ڪاميٽي ٺاهڻ جي ضرورت پوندي. ان ڪاميٽيءَ ۾ چار، پنج ماڻهو هوندا ۽ انهن سان گڏ صرف هڪ عهديدار هوندو. اهو عهديدار ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر يا سيڪريٽري هوندو.
• ٻيو نشانو پوليس ۽ سماجي معاملا نبيرڻ وارن سرڪاري اهلڪارن جي بدعنوانين ۽ ظلمن کي وائکو ڪرڻ جو هوندو. انهن آفيسرن ۾ سوشل سڪيورٽي مزدور يا زڪوات تنظيم جا آفيسر شامل آهن. غريب ترين طبقي کي خوراڪ ۽ روزگار جي فراهميءَ تي زور ڏنو ويندو. زڪوات ڪاميٽي ۽ پوليس جي کاتي ۾ رشوت خور ۽ زيادتيون ڪندڙ ڏوهارين جو پتو لڳايو ويندو. ۽ 20 کان 30 ڪارڪن مظاهرو ڪري انهن جي حرڪتن کي وائکو ڪندا. اهڙن مظاهرن جي لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ناهي، پر هر قابل عمل موقعي تي غريب ترين طبقن کي ڪٺي ڪري مظاهرا ڪرايا ويندا ۽ مقامي آفيسرن جي سامهون غم ۽ غصي جو اظهار ڪرايو ويندو.
انهن ورڪرن جي ڪاميٽين جا ڪنوينر ۽ سيڪريٽري ڳوٺاڻي يا شهري ڪاميٽي مقرر ڪندي. ڪراچي يا لاهور جهڙن شهرن ۾ وارڊ ۽ زونل ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون. انهن سان وڌيڪ رابطي جي لاءِ ٻيون ڪاميٽيون قائم ڪيون وينديون.
• عوام جو وسيع پيماني تي تعاون حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر جمعي تي مسجدن ۾ ٿيندڙ اجتماعن مان فائدو وٺڻ ضروري آهي. انهن اجتماعن جو بندوبست اهي مزدور ڪاميٽيون ڪنديون ته جيئن هو وڌ کان وڌ پنهنجا حامي ۽ همدرد حاصل ڪري سگهن ۽ علائقي جي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. جهوپڙين ۽ ريلوي پٽڙين جي ڀر ۾ رهندڙ عوام جا مسئلا سامهون آندا ويندا. هر جمعي تي مسجدن ۾ اجتماعن جي ذريعي شائستگيءَ سان مطالبا منظر عام تي آندا ويندا. اهڙن گروپن يا ڪاميٽين جي رهنمائي ڪئي ويندي. جيڪي ملان غير واسطيدار مسئلن تي تقرير بازي ڪن ٿا انهن جي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪيو ويندو. کين مجبور ڪيو ويندو ته هو شريعت جي روشنيءَ ۾ مخصوص علائقن جي بنيادي مسئلن کي منظر عام تي آڻين. انهن مظاهرن جو خاص مقصد اهو ئي هوندو. اهڙي طرح ساڄي ڌر جي رجعت پرست ملن جي ڪارن ڪرتوتن ۽ سندن بنياد جو ڀانڊو ڦاڙيو ويندو.
ان ۾ ۽ اهڙين ٻين سرگرمين ۾ ڪاميٽي جي هر ميمبر کي 3 يا 4 سرگرم حامي ۽ همدرد ڀرٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو وقت اچڻ تي خود سرگرم ڪارڪن بڻجي وڃن. ڪاميٽيءَ جي ميمبرشپ هر ايري غيري نٿو خيري جي لاءِ کليل نه هوندي ۽ نه ئي کين هڪدم ڀرتي ڪيو ويندو. جيڪڏهن ڪو به خيرخواهه يا همدرد ڪجهه سرگرمين ۾ باقاعدي شرڪت ڪري ٿو ته ان ڪاميٽيءَ جو اڻ ملهيو ڪارڪن تصور ڪيو ويندو. هر هڪ عام ڪارڪن جيڪو ٻن کان وڌيڪ مظاهرن ۾ حصو وٺي ٿو، ڪاميٽيءَ جو حقيقي ميمبر بڻجي ويندو. جيڪڏهن ڪاميٽي گهڻي وڌي وڃي ته هڪ مخصوص گروپ بنائڻ جي لاءِ خاص ڪاميٽين جي لاءِ خاص سب ڪاميٽيون بڻايون وڃن.
• شروعات ۾ هر ڳوٺاڻي يا شهري ڪاميٽيءَ کي هڪ مظاهري جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ان ۾ هر مهيني چار کان پنج هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. ان ۾ فقط اهي ئي ماڻهو شرڪت ڪندا، جيڪي مقامي مظاهرن ۾ اڳ ئي شرڪت ڪري چڪا آهن. اهو ضروري آهي ته اسان جا سرگرم ڪارڪن هڪ مظاهري جي لاءِ ڪٺي ڪيل عوام کي نظرانداز نه ڪن. اهي چند هزار ماڻهو هڪ هجوم ناهن پر هڪ وڏو تعداد آهن. جيڪو صحيح معنى ۾ هڪ موثر مظاهري جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
• پهرين دور واري هڪ خاص سرگرميءَ کي تيز ڪيو وڃي. ان سرگرميءَ هيٺ ديوارن کي اردو ۽ ٻين علائقائي زبانن سان نعرن ذريعي ڀريو وڃي. پارٽين ۾ ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کي اهو ڪم ٻن ٽن راتين ۾ مڪمل ڪرڻ گهرجي. ان هيٺ کين موٽا قلم يا سستا پينٽ برش استعمال ڪرڻ گهرجن. هر ميمبر کي هفتي ۾ ٻه راتيون ان ڪم لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن. اهو ڪم مڙني ڀتين تي تيزيءَ سان نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو حڪومت انهن نعرن کي ڊاهي ڇڏيندي. هڪ شخص کي پوليس يا ان جي ٻين ساٿين کي ڏسڻ گهرجي. ته جيئن ڪم جاري رهڻ جي صورت ۾ هو کين پوليس جي آمد کان واقف ڪري سگهي.
• شروع ۾ مرڪزي سطح تي مظاهرا مهيني ۾ هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجن ۽ ان ڳالهه جو احتياط ڪرڻ گهرجي ته ڪم وڏي تيزيءَ سان ٿيڻ گهرجي. اسان جي اها ڪوشش هجڻ گهرجي ته اسان جا گهٽ ۾ گهٽ ڪارڪن گرفتار ٿين. ان مقصد جي لاءِ نعرن جي رفتار نه پر اصول ۽ قول هجڻ گهرجي. مظاهرن جو ڏينهن، وقت ۽ هنڌ علائقائي زبان ۾ اطلاعاتي اشتهارن، ننڍن ڳوٺن، ديوارن تي پينتنگ کان سواءِ عوام کي الڳ الڳ معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي.
مظاهرا وڏي تيزيءَ سان ۽ زور شور سان منظم ڪرڻ گهرجن ۽ انهن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت هجڻ گهرجي. وڌ کان وڌ تاثر پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهي مظاهرا بازارن، چوواٽن تي منعقد ڪيا وڃن. جڏهن پوليس ۽ سڪيورٽي جا ماڻهو اچن ته انهن کي پهريان نظرانداز ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن هو شروعاتي طاقت استعمال ڪرڻ شروع ڪن ته ڪارڪنن کي لڪي وڃڻ گهرجي. يعني جڏهن ماڻهو نعرا هڻي رهيا هجن ته انهن جي ميڙ ۾ ملي وڃڻ گهرجي.
خاص نڪتو اهو آهي ته پاڻ کي تشدد جو نشانو بنائڻ يا گرفتاري جي لاءِ پيش ڪرڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو. ڪوشش تيزيءَ سان غائب ٿي وڃڻ جي ڪرڻ گهرجي.
• انهن مڙني سرگرمين، خاص طور تي مظاهرن جي سرگرمين کان عوام کي روشناس ڪرائڻ جي سخت ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ خبرن جي نشر و اشاعت جو ڪم تيزيءَ سان ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم اشتهارن، جي ضرورت پوي ته هٿ سان اشتهار لکيا وڃن. انهن کي سائيڪلو اسٽائيل ڪيو وڃي. انهن کي شايع ڪرايو وڃي. انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ورهايون وڃن. ان کان سواءِ زباني طرح به اطلاع ڏنو وڃي. ننڍين ننڍين پريس جو پتو لڳائي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، پر احتياط ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو انهن تي هميشه نظر رکي ويندي آهي، غير ملڪي خط و ڪتابت جو سلسلو به جاري رهڻ گهرجي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي، غير ملڪين کي تازه ترين واقعن کان روشناس ڪرايو وڃي.
• ڪجهه تجربي کان پوءِ اڳڀرائي ڪندڙ هڪ دستي کي معمول جي سرڪاري تقريبن ادبي، ۽ تهذيبي ميڙاڪن، مذهبي تقريبن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ خاص مظاهرن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي، جتي عوام وڏي انگ ۾ شريڪ هوندو آهي، اتي معقول نوعيت جا سوال پڇڻ گهرجن. اختلاف راءِ جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ متبادل نقطي نظر پيش ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ نعرا به شامل هجن.
• صنعتي مزدورن، شاگردن، استادن، وڪيلن، صحافين وغيره ۽ نمايان پيشيور ادارن ۾ نقل و حرڪت تيز ڪرڻ گهرجي ۽ اتي سرگرميون جاري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. انهن ۾ گهڻا ماڻهو ڏکي زندگي گذاريندا آهن ۽ هم خيال به هوندا آهن. ان ڪري انهن ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان هو سرگرم ڪارڪن بڻجي سگهن ٿا.
• وسيع ترين نشر و اشاعت جي ڏس ۾ ڪتابن ۽ پمفليٽن وغيره جي تخليق ۽ تحرير ۽ موزون ڪيسٽون تيار ڪرڻ جي لاءِ مرڪزي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ گهرجن.
نشر و اشاعت جي لاءِ پرڪشش نعرا تيار ڪيا وڃن. انهن ۾ لطيفا به گهڙڻ ضروري آهن.
حقيقي مظاهرن جي ٽئين مرحلي تي اهڙي طرح پهچي سگهجي ٿو. انهن سرگرمين هيٺ شهرن ۾ ڪم ڪار ٺپ ڪرڻ ۽ سرڪاري سرگرمي کي مفلوج ڪرڻ جا قدم به شامل آهن.
• ان لاءِ وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿينديون ۽ خطرناڪ سزائن جو به امڪان آهي. گرفتاري تي سخت نعري بازي ۽ خبرون ۽ افواهه ڦهلائڻ گهرجن، پوليس يا سڪيورٽي جي هر آفيسر جي بدسلوڪيءَ يا مهم جي خلاف مظاهرا ڪيا وڃن. مظاهرا ظلم ۽ ستم جو شڪار يا گرفتار ٿيلن جي عزيزن ۽ دوستن کي ڪرڻ گهرجن.
• باقي ٽيون مرحلو فيصلي ڪن هوندو. ان جي لاءِ ڪو طئه ٿيل فارمولو ناهي ته ان جي رهنمائي ڪيئن ڪئي وڃي. مون کي اميد آهي ته تحريڪ جي مرڪزي رهنمائن جو ڪردار نازڪ هوندو. ان ۾ ايم آر ڊي ۾ شريڪ اٺ پارٽيون نه هونديون. پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ٻن شين ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ضروري آهي. پهريون اهو ته عظيم عوامي ڪارروائي سان واقعا هڪ صورت اختيار ڪندا.
ٻيو هن نقل ۽ حرڪت مان فائدو وٺندي مڪمل نئين ليڊرشپ ان تحريڪ جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي.
ان لمحي ۾ يا ڪو ٻيو ان ڪارروائي جو خلاصو پيش ڪري نه ٿو سگهجي. البت ڪم جي نوعيت ايئن آهي.
باقاعدي عوامي ڪارروائي جي نقل ۽ حرڪت
هڪ منظم طريقي جي مطابق آرگنائيزيشن جي تشڪيل
ليڊرشپ جي جدوجهد جي ذريعي تشڪيل
طريقيڪار حقيقي معنى ۾ اثر جوڳو هجڻ گهرجي.

