باب چوٿون: نئين نظام جو خاڪو
آخر هو ڇا ٿو ڇاهي؟ بنگلاديش جي ليفٽيننٽ جنرل ايڇ ايم ارشاد وانگر ڇا هو به جرنيلن کي بهتر نموني هلندڙ حڪومت خلاف ويٽو جي طاقت استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ چاهي ٿو. ان مڪروهه تجويز کي قلم جي هڪ جنبش سان رد ڪرڻ گهرجي.
جيستائين پراڻن مسئلن کي ڇيڙڻ جو واسطو آهي ته، اها حقيقت آهي ته حاوي ٿيل پنجابي فوج اڳ ئي هڪ يونٽ قائم ڪري ڇڏيو آهي. فرق صرف ايترو آهي جو ان جو گادي وارو شهر لاهور جي بدران اسلام آباد آهي. فوجي جرنيل هر شيءِ جو فيصلو هر جڳهه تي ڪري وٺن ٿا. ننڍن علائقن جي عوام جو ڪو به آواز موجود ناهي، ان معاملي ۾ پنجاب جو عوام پنهنجي آقائن جي ڪارن ڪرتوتن ۾ غير ضروري طور تي ملوث آهي. معاملا ڪهڙي طرح طئه ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ سندن ڪو به هٿ ناهي. پر ان معاملي ۾ سندن مٿان ٿوري گهڻي ذميواري عائد ڪئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته کين صحيح پوزيشن جو احساس ڏياريو ويندو آهي. کين پنهنجي نالي سان ڪو ڪم ڪرڻ کان پري رکيو ويندو آهي. سندن سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن وانگر ئي استحصال ڪيو ويندو آهي، کين گاريون به ڏنيون وينديون آهن، ان ڪري کين (پنجابين کي) اقليتي علائقن جي استحصال سٽيل عوام سان ملي ڪري هڪ مضبوط گڏيل محاذ قائم ڪرڻو پوندو. ان اتحاد کي عوام جي امنگن ۽ تمنائن کي بهتر زندگي ۽ برابري وارن حقن لاءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن ايم آر ڊي جهڙو مورچو قائم ڪري جمهوري پارٽيون هڪ جهنڊي هيٺ متحد ٿي وڃن ته هي سڀ مسئلا آساني سان حل ٿي سگهن ٿا. 1973ع ۾ اهو ئي ٿيو، پر هاڻي اهو آسان نه هوندو.
پوئين ڀيري 1970ع جي چونڊن ۾ ٻن سببن جي ڪري عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آندو. پارٽيءَ عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکيو، سندن استحصال نه ڪيو، انهن اقليتي حلقن کي پنهنجو حصو ڏيڻ کان نه ڪيٻايو. ان ڪري مشڪل آئيني مسئلا حل ٿي ويا. هاڻي چونڊن جي حق لاءِ سندرو ساهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪا به پارٽي عوام جي نمائندگي ڪرڻ جي مستحق نه آهي. ان ڪري فوجي جرنيل غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن.
ان ڪري ئي ننڍن صوبن جا نمائندا پنجابي فوج جي خلاف مستحڪم گارنٽيءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ته جيئن فوج کي آئيني نظام تباهه ڪرڻ کان روڪيو وڃي. آرمي مرڪز کي هر اعتبار کان مضبوط ۽ توانو ڪرڻ چاهي ٿي. پي اين پي صوبن کي مستقبل ۾ 1973ع جي آئين کان به وڌيڪ حق عطا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
کاٻي ڌر جون ڪيتريون ئي پارٽيون صوبن کي زياده اختيار عطا ڪرڻ واري سوال تي رضامند ٿي ويون آهن. جڏهن ته ايم آر ڊي جون ٻيون پارٽيون جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪجهه ميمبر به شامل آهن، ان مطالبي کي تسليم ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيا آهن. صوبائي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي معاملي ۾ پنجاب ۽ ننڍن صوبن جي وچ ۾ ٺاهه ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته اهو معاملو اوڀر پاڪستان سان به تسلي بخش طور تي حل ٿي نه سگهيو هيو. ساڄي ڌر جون ايم آر ڊي جون پارٽيون هڪ مضبوط مرڪز ٺاهڻ لاءِ فوج جي خيالن جي حمايت ڪن ٿيون. صوبن کي خودمختياري ڏيڻ جي سوال تي ايم آر ڊي ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. پر حقيقي طور تي هيءُ مسئلو ايترو وقت طلب نه آهي. شرط اهو آهي ته عوام جي مفادن کي حقيقي معنى ۾ آڏو رکيو وڃي.
هتي هڪ سوال جو حل ڪڍڻ جي به ضرورت آهي. ڪيترائي سياستدان، جن ۾ ضيا به شامل آهي، ان قسم جا حيلا بهانا ڪري رهيا آهن ته 1973ع جو آئين ته صحيح سلامت آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيوقوفي ٿي سگهي ٿي. آئين جي اهم ۽ ضروري آرٽيڪلز کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي معنى آئين جو موت ناهي ته ٻيو ڇاهي. آئين جي بقا جو حيلو بهانو ڪڍڻ فضول آهي، هاڻي ته ان جي بقا فقط يادن ۾ ئي محفوظ آهي. ممڪن آهي ته ان جا ڪجهه مرتب ڪيل آرٽيڪل مستقبل جي ڪنهن ڪوشش ۾ معاون ۽ مددگار ٿي سگهن. حقيقت اها آهي ته اسان آئيني طور تي اگهاڙا ٿي چڪا آهيون.
[b]خاص معاملو
[/b]هڪ ٻئي آئين جي ترتيب واري تصور سان ئي ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ڪري پوندا. جيڪڏهن سياسي سمجهه جو ثبوت ڏنو وڃي ته هفتي ٻن ۾ نئين آئين جي ترتيب ڪو مشڪل ڪم ناهي. هڪ طرف ته انتها اها آهي جو نئين چونڊيل اسيمبليءَ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سڌي سادي قرارداد منظور ڪرڻي پوندي. 1973ع جي آئين جي آرٽيڪلز کي گهڻي بحث کان سواءِ منظور ڪيو وڃي، ان کي متفق طور تي رضامندي سان ترميمن يا ان کان سواءِ پاس ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪجهه عرصي اندر يعني هفتي ٻن ۾ مرڪز ۽ صوبن ۾ اختيارن ۽ فرضن تي رضامندي جو اظهار به ضروري آهي. جيڪي ماڻهو اهو سوچين ٿا ته 1973ع جي آئين کان وڌيڪ بهتر ڪو آئين مرتب ڪري سگهجي ٿو ته کين ڊگهي مستقبل تائين ان جو انتظار ڪرڻو پوندو. اسان کي سڀ کان پهريان قوم کي هڪ آئين عطا ڪرڻ گهرجي، اعلى سطح تي ترجيح ان موقف کي ڏيڻ گهرجي.
ٻيو سوال ضيا جي انا جي عبادت جو آهي. 1973ع جي آئين هيٺ چونڊون ٿي نه ٿيون سگهن. هن ان کي ليگل فريم ورڪ (ايل ايف او) جو نالو ڏنو آهي. يحى خان اپريل 1970ع ۾ ايل ايف او نافذ ڪيو هيو. هي نئون سياسي ڍانچو آهي، هو ان تي ڪافي عرصي کان زور ڏئي رهيو آهي. ان جي معنى اها ٿي ته هو .... ايوب خان جي آئين جهڙو پنهنجي مرضيءَ سان آئين عوام تي مڙهڻ گهري ٿو.
اچو ته ان کي هڪ مسئلو تصور ڪندي ان تي ڳالهه ٻولهه ڪريون. آخر جڏهن آئين ئي ناهي ته چونڊون ڪهڙي اصول ۽ قائدي تحت ٿي سگهن ٿيون. پر اسان کي اها ڳالهه آڏو رکڻ گهرجي ته اهو سوال سياسي نوعيت جو آهي. حقيقي سوال ته هڪ خودمختيار ۽ آزاد اسيمبليءَ لاءِ چونڊون ڪرائڻ جو آهي. اسان کي اهڙا ڪي به شرط وجهڻ نه گهرجن، جن سان ڪنهن نمائندي تي ڪنهن قسم جي فالتو ذميواري عائد ٿي وڃي.
ضيا کي غير مشروط طور تي چونڊون ڪرائڻيون پونديون ۽ غير مشروط طور تي اقتدار کان الڳ ٿيڻو پوندو. اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته هو (ضيا) 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 6 هيٺ ڏني ويندڙ سزا کان بچڻ چاهي ٿو. ”اعتدال پسند“ ماڻهو اسان کي چون ٿا ته عوام جي غم ۽ غصي کي ڇو ڊيگهه ڏني وڃي. ڇو نه کيس (ضيا) سندس سلامتي ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو وڃي. ان سان ضيا جي دل کي تسلي ٿي ويندي. اها ڳالهه معقول به آهي، اسان بدلو وٺڻ واري ڳالهه سوچي نه رهيا آهيون. پر بنيادي اهميت آئين جي استحڪام جي آهي، انهن اصولن تي ته ٺاهه ممڪن ناهي. ان کان سواءِ ضيا جي قسمت جو فيصلو اسان جي هٿ ۾ ناهي. آئنده بڻجندڙ ”آزاد“ اسيمبلي ئي فيصلو ڪندي. جيڪڏهن اسان ڪو فيصلو ڪريون ٿا يا ان جو اعلان ڪريون ٿا، اهو اسان لاءِ به غلط ٿيندو ۽ ضيا لاءِ به. ان رستي جو حل ڪڍڻ ته اسيمبلي جو ڪم آهي. بهرحال اهو ته ضيا جو ڪم هوندو ته هو پاڻ کي اسيمبلي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏئي ۽ اها ئي سندس اعمالن جو فيصلو ڪندي. جيڪڏهن هو ۽ سندس ساٿي هاڻي کان ئي معقول رستو اختيار ڪن ٿا ۽ هڪ خودمخيتار ۽ آزاد اسيمبليءَ جي قيام لاءِ آزاداڻه چونڊن جي راهه هموار ڪن ٿا ۽ ان ۾ غير ضروري طور تي رڪاوٽون نه ٿا وجهن ته سندن سزا جي متعلق نرم رويو اختيار ڪيو ويندو. اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارا دل ۾ ڪو به بغض نه رکندا آهيون. پر ضيا جي اعمالن جو حساب ته ڪرڻو ئي پوندو. باقي حقيقي معنى ۾ حقيقي عوامي پروگرام اپنائڻ ضروري آهي. ايم آر ڊي جي لاءِ لازمي آهي ته هو عوامي پروگرام کي اپنائڻ لاءِ وڌ کان وڌ قدم کڻي. جيڪڏهن ساڄي ڌر جون پارٽيون گهٽ کان گهٽ سياسي پروگرام تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي هر قسم جي استحصال کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اهو پروگرام پنجاب ۽ ننڍن صوبن ۾ رهندڙ عوام اپنائيندو. هو فوجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي خلاف هڪ موثر جدوجهد شروع ڪندا ۽ حقيقي معنى ۾ هڪ اهڙو آواز بڻجي ويندا، جنهن تي ننڍن صوبن جو عوام اعتماد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي ان خواهش جي مطابق هر سطح تي سڀ اختيار ڏئي هي مسئلو حل ڪري ڇڏيندي.
ڪنهن به قسم جي دوکي ۽ مڪاريءَ کان سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي، ايم آر ڊي جي جهنڊي هيٺ ان جدوجهد جي رهنمائي ڪندي. پر ان جدوجهد سان اهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون جو چونڊن جي لاءِ بدلجندڙ حالتن تي گفتگو ڪنداسين. انهن ڳالهين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻيون فاتح پارٽيون شامل هونديون. پر جدوجهد جي دوران انهن جي تعاون ۾ ڪنهن قسم جي گهٽتائي نه ايندي.
[b]مسئلن تي ڌيان ڏيڻ
[/b]ان قسم جو پروگرام سياسي طور تي سحر انگيز ٿي سگهي ٿو. ان جي معنى اها آهي ته عوام جي حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ جابرن ۽ استحصال پسندن جو خاتمو آڻي انهن مسئلن کي حل ڪيو ويندو. اهڙي اهم پروگرام کان سواءِ اسان فوجي حڪمران ٽولي جي خلاف جدوجهد شروع نه ٿا ڪري سگهون، جيڪو ٽولو روزانو اسلام جي تحفط جا نوان نوان نعرا هڻي پنهنجن سياسي چالن سان عوام کي بيوقوف بنائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. فوجي ٽولو اهي مسئلا حل به ڪري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته هو سياسي پارٽين ۾ انتشار ۽ نفاق پيدا ڪن ٿا. اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وارن کي پنهنجو نظريو ۽ تصور لازمي طور تي واضح رکڻو آهي، ۽ اهڙو پرگرام مرتب ڪرڻو آهي جيڪو ٻين لاءِ سونهون بڻجي سگهي.
ان عوامي پروگرام جي سحر انگيزيءَ کي به سمجهڻ ضروري آهي. شروع ۾ ان جي تشڪيل جي نشاندهي ضروري آهي. ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جن ۾ سجاڳ ذهن رکندڙ اقليتي طبقو به شامل آهي. جيڪو حالتن جو عوامي نقطي نظر سان تجزيو ڪندو آهي. اصل ۾ سندن ذهني سجاڳي اهڙي هجڻ گهرجي، جنهن سان تبديلي آڻي سگهجي. جابر سماجي ۽ اقتصادي ڍانچي کي ڊاهي پٽ ڪري سگهجي. نئون ۽ وڌيڪ برابريءَ تي ٻڌل انقلابي سماج جوڙي سگهجي.
جيڪڏهن اقليتي طبقي جي ان ذهانت ۽ بيداريءَ سان هڪ ڀيرو صحيح پروگرام مرتب ٿي ويو ته اهو عوام جي اميدن، آرزوئن ۽ تمنائن جو مرڪز بڻجي ويندو. جيڪڏهن اقليتي طبقي مان ڪا سحر انگيز ۽ مقناطيسي ڪشش رکندڙ هستي ميدان ۾ داخل ٿي ته عوام جي علم ۽ عقل ۾ بهتر اضافو ٿيندو ۽ اقليتي طبقو ۽ عوام ٻئي ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي عمل جي ميدان ۾ سرگرم ٿي سگهندا. ان سياسي ڪشش سان عوام ۾ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿيندي. 1967ع ۽ 1970ع جي دوران ڀٽي صاحب اهو ئي ڪارنامو سرانجام ڏنو هيو.
اسان اهو ڪارنامو هڪ ڀيرو ٻيهر سرانجام ڏئي سگهون ٿا. منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪا مقناطيسي اثر رکندڙ شخصيت ميدان ۾ اچي وڃي ته اها عوام لاءِ مثال بڻجي سگهي ٿي. ۽ علم ۽ عمل جو پيغام ڏئي سگهي ٿي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته مان اهو نه ٿي سوچيان ته اهڙي پروگرام کي صرف اقليتي طبقي جي ڪا شخصيت ئي عملي جامو پهرائي سگهي ٿي ۽ پارٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ڪو به مجموعي ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي. سربراهه جي شخصيت پارٽي ورڪر ۽ ان جو پرگرام، اهي سڀ معاملا الڳ الڳ آهن. انهن ۾ هم آهنگي ۽ لڳ لاڳاپا بلڪل ضروري آهن. عوام ۾ گهربل سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل ٿيڻ ضروري آهي.
مان پهريان به عرض ڪري چڪي آهيان ته ڪنهن مقناطيسي ڪشش جي متعلق فوجي جرنيلن جي طرفان ڪئي ويندڙ پروپيگنڊا سان ڪيئي غلط فهميون پيدا ٿي ويون آهن. انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻه رخي سياسي حقيقت تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، مان پهريان چئي چڪي آهيان ته فوجي حڪمرانن پنهنجن مقصدن جي لاءِ کاٻي ۽ ساڄي ڌر ۾ غلط فهميون پيدا ڪري غلط پرپيگنڊا ڪئي. اها پروپيگنڊا انتهائي بوگس ۽ ڪوڙي هئي. سڌي سادي پاڪستان جهڙي گهٽ ترقي پذير ملڪ جي معيشت ۾ کاٻي ڌر جي پروگرام جي محدود گنجائش آهي. بنيادي سماجي ڍانچو جاگيردارانه آهي. سڀ کان پهريان بورزوا جمهوريت جو خاتمو ڪرڻو آهي. هيءَ جمهوريت قديم سرمائيدارانه نظام تي قائم آهي. ان ۾ ڪنهن حد تائين صنعت ڪاري به شامل آهي ۽ سياسي سجاڳي به وقت جي ڪيفيت مطابق موجود رهندي آهي.
[b]سوشلزم جي ضرورت
[/b]هڪ گڏيل معيشت وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، پر جاگيردارانه عنصرن مان سگهه حاصل ڪندڙ جابر ۽ فرعون مزاج حڪمران ان کي ساڄي ڌر جي معتدل جمهوريت پسندي قرار ڏين ٿا. ان ڪري 1969-1968ع ۾ پاڪستان پيپيلز پارٽي کاٻي ڌر جي پارٽيءَ ۾ ضم ٿي وئي، اها راند اڄ به کيڏي پئي وڃي. اسان مان ڪجهه، جن ۾ مان پاڻ به شامل آهيان، سوشلسٽ آهيون. پر اسان سرمائيداريءَ کي توقع جي مطابق وڌڻ ويجهڻ جو معقول موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر ساڄي ڌر جو وجود پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي، اهو هر ترقي پسند نقطي نظر کان هڪ لعنت آهي.
اچو ته اسان حق جي خاطر جدوجهد ڪريون. ايم آر ڊي سان الحاق جي باوجود جيڪڏهن اسان کي ساڄي ڌر سان وابستا ڪيو وڃي ٿو ته ڀلي ڪيو وڃي. اسان جو هڪ محدود گڏيل پروگرام آهي يعني وڌ کان وڌ هڪ سال تائين ايم آر ڊي سان اسان جو الحاق جاري رهندو. ان بعد اسان هڪ ٻي اليڪشن جو مطالبو ڪنداسين. ان ۾ اسان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پنهنجي مڪمل پروگرام کي کڻي سامهون اينداسين. ايم آر ڊي رهي يا نه رهي، اسان هڪ هڪ پاڪستاني جي حق لاءِ هن جابر طاقت سان منهان منهن ٿينداسين. سڀ کان پهريان اسان کي ان طاقت کي ڪو نالو ڏيڻ گهرجي، فاشزم ان جو معقول ترين نالو آهي. تاريخ ۾ سڌي سادي سرمائيدارانه نظام کي ڪلاسيڪي آزادي پسند ۽ سرمائيداري نظام جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو اصطلاح پاڪستاني بورزوا طبقي ايجاد ڪيو. پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ جي بقا ممڪن ٿي نه ٿي سگهي. پر فاشسٽ چالن سان ان کي گهڻي گهٽ سطح تي ترقي ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ٻي سياسي حقيقت جو مان پهريان ئي ذڪر ڪري چڪي آهيان، يعني عوام جي لاتعلقي. عام طور تي چيو ويندو آهي ته سرحدن تي خطرا وڌي رهيا آهن. تنهنڪري ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي. اهو هڪ وهم آهي ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان تي اوڀر واري سرحد کان حملو ڪندو ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان صوبي جو عوام ان کي معقول ڍنگ سان منهن ڏئي نه سگهندو. ان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اثر هيٺ پنجاب جو عوام به شامل آهي. هندستاني ڪنهن حد تائين فائدي ۾ وڃي سگهن ٿا. اهڙي طرح اها دعوى به ڪئي وڃي ٿي ته جيڪڏهن روس اتر کان ڪا شرارت ڪئي ته واسطيدار علائقن جي صورتحال اها ئي هوندي. اهو سوال فوجي جرنيلن کان پڇيو وڃي ته آخر اهڙو شوشو ڪير ڇڏي رهيو آهي. انهن جرنيلن ملڪ ۾ لاتعلقي جي ڪيفيت پيدا ڪئي آهي. جيستائين اسان جو ۽ ايم آر ڊي جو واسطو آهي ته اسان جو نقطي نظر واضح آهي.
[b]پرڏيهي پاليسي
[/b]اسان کي يقين ناهي ته روس ۽ ڀارت پاڪستان تي حملي ڪرڻ جو ڪو منصوبو بڻائي رهيا آهن. اسان کي هر صورت ۾ افغانستان جي ڪارمل حڪومت سان دوستاڻه ناتا برقرار رکڻ گهرجن. اسان کي ڀارت سان دوستي جي معاهدي جي آڇ کي قبول ڪرڻ گهرجي. ٻنهي وڏين طاقتن سان برابري جي بنياد تي دوستاڻه لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ گڏيل طور تي اقتصادي مفاد ۽ سماجي ميل جول جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
ٻئي طرف اسان کي گڏيل ڪوششن سان وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ فوجي جرنيلن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ گهرجي. لاتعلقي ۽ خطرا ختم ڪرڻ جو اهو ئي بهترين ذريعو آهي. جيستائين فوجي جرنيل اقتدار ۾ رهندا .... سندن پرڏيهي پاليسي اهڙي انداز ۾ هلندي رهندي ته سرحدن تي خطرا لامارا ڏئي رهيا آهن. ۽ هو موزون قدم کڻڻ کان نه فقط پاسو ڪندا رهندا پر انڪار ڪندا رهندا. خيريت ان ۾ آهي ته هو چونڊون ڪرائين ۽ حڪومت کان الڳ ٿي وڃن. اسان کي ملڪ کي يرغمال ڪرڻ واري سندن ذهنيت کي وڌي وڏو ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. ان کي عام زبان ۾ ڌاڙي جو نالو ڏنو ويندو آهي. انهن سياسي ڌاڙيلن تي غالب اچڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيترائي ڀيرا اهڙين حرڪتن ڪرڻ سان مسخرا بڻجي ويندا آهن. اوڀر پاڪستان ۾ يحى خان جي حرڪتن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي. مختصر طور تي ان ڪم جو منفي پهلو واضح آهي. اسان ايم آر ڊي جا ماڻهو ۽ خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا فرد ضيا يا سندس امڪاني وارث يا جرنيل کي عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين. ضيا جي مخالف پارٽين کي بدنام ڪرڻ ۽ شڪن ۽ شهبن جو ٻج پوکڻ وارين حرڪتن کي مسلسل اوسر ڏني وئي آهي. عوام ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جو هيءُ هڪ موثر ترين هٿيار آهي. اسان جو سڀ کان وڏو ڪم فوجي جرنيلن ۽ انهن جي حامين کي شڪست ڏيڻ آهي. اهو ڪم وڏي محنت کان پوءِ پنهنجي انجام تي پهچندو. اها جدوجهد ڀلي کڻي ڪيتري به ڊگهي ڇو نه ٿي وڃي ۽ ان لاءِ اسان کي پرامن رستو اختيار ڪرڻو پوي يا تشدد آميز، ان جو انحصار خود فوجي جرنيلن تي هوندو.
سوال اهو آهي ته اسان کين شڪست ڇو ڏيون؟
ان جو پهريون ۽ نظرياتي جواب اهو آهي ته عوام کي تحرڪ ۾ آندو وڃي. کين منظم ڪيو وڃي. ۽ عوامي جدوجهد جي ذريعي پاڪستان جي فوجي ٽولي کي عوام جي طاقت جي سامهون ڪنڌ جهڪائڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
هڪ سوال اهو آهي ته ان ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنٽي ڪيئن ٻڌي ويندي؟ فوجي جرنيل اقتدار ۾ آهن. هو وسيع پيماني تي ظلم ۽ جبر جي بازار گرم ڪيون ويٺا آهن. معمولي ۽ غير موثر سياسي سرگرميءَ لاءِ ايم ايل ار ۽ ايم ايل او ۾ خوفناڪ سزائون درج آهن. ڪيترائي ماڻهو ڪيترن ئي سالن کان قيد ۾ بند آهن. ڪيترن تي وڏي بي رحميءَ سان ڪوڙا وسايا ويا ۽ پڇا ڳاڇا جي طريقي ته ظلم جي انتها ڪري ڇڏي. پڇا ڳاڇا جي معنى فوجي عدالتن طرفان داخل ڪيل ڪيس کان اڳ ڏوهه قبول ڪرائڻ لاءِ تشدد ڪرڻ آهي.
عوام هر ورز ظلم ۽ ستم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. هو عام طور تي ڊگهي عرصي لاءِ اهي سزائون سهي نه ٿو سگهي. خاص طور تي ان وقت جڏهن اهي معمول بڻجي وڃي. ٻين لفظن ۾ ايئن چيو وڃي ته مارشل لا جي دوارن اسان پنهنجي ڪارروائي ڪيئن ڪري سگهون ٿا.
[b]فوجي جرنيلن جي چالن کي شڪست ڏيڻ
[/b]ان سوال تي اڳتي غور ڪرڻ کان اڳ ٻيو وڏو ۽ بنيادي ڪم آهي، فوجي جرنيلن جي سياسي شرارت جوڳي روزانو هلندڙ پروپيگندا کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻ. انهيءَ قدم جي ذريعي انهن چالن کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. هو مسلسل اهي چالون هلي رهيا آهن ۽ عوام کي انهن جي خبر هجڻ گهرجي. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته مواصلات جا سڀ ذريعا سندن هٿ ۾ آهن. سياسي ليڊرن کي عوام سان رابطا برقرار رکڻ يا کين معلومات پهچائڻ کان پري رکيو پيو وڃي. اسان کي عوام کي ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ منظم ڪرڻ ۽ کين تحرڪ ۾ آڻڻو آهي ۽ هڪ دشمن خلاف وسيع پيماني تي جدوجهد شروع ڪرڻي آهي. جنهن دشمن شائسته سياست جي اجازت ڏيڻ کان سراسر انڪار ڪيو آهي. اسان گهر ۾ ويهي پنهنجي تقدير جو ماتم ڪري نه ٿا سگهون. ان نازڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي رستا ڳولڻ کان اڳ انهن چالن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. انهن مان اڪثر چالن جو ذڪر پهريان ئي ڪيو ويو آهي. آرمي جڏهن اقتدار ۾ آئي ته ضيا ان کي برابري ۽ منصفاڻي سلوڪ جي خاص ڪارروائي جو نالو ڏنو. هن 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومت کان الڳ ٿي وڃڻ جو واعدو ڪيو. ڪيترائي هفتا گذري ويا، هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جو پٽڪو پٽڻ لڳو ۽ چونڊن کي اڻ ڄاڻايل عرصي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. آخر ضيا کي نومبر 1979ع ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻي تاريخ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
هن ڀيري هن هڪ ٻيو بهانو تلاش ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن لاءِ تحريڪ هلائي وئي ته ملڪ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويندو. ٻيو ڀيرو چونڊون ملتوي ڪرڻ کان پوءِ هن اسلامي عقيدا ۽ نظريا زبردستي لاڳو ڪرڻ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو. ۽ هن جي دعوى اها هئي ته ڇاڪاڻ ته چونڊون بعد ۾ ڪرايون وينديون. ان ڪري سماج ۽ حڪومت ٻنهي کي اسلامي رنگ ۾ رنڱڻ ضروري آهي. ان لاءِ کيس ڪنهن مفتي يا قاضيءَ کان فتوى حاصل ڪرڻ جي ضرورت نه هئي. ان ڪري هو اها ڪارروائي پاڻ ئي ڪندو رهيو. ان کان علاوه هو عوام جي سامهون نظرين جي اها ڌوڙ به اڏائيندو رهيو ته ڇا اسلام ۾ جمهوريت جائز آهي؟ ڇا سڀ پارٽيون ۽ مڙني پارٽين جي سياست اسلاميت جي قائل آهي؟ آخرڪار ضيا تمام گهڻو بيباڪ ٿي ويو. هو عوام ۽ خدا جي ڳالهه ڪرڻ لڳو. هو ان طرح جا حيلا بهانا تلاش ڪندو رهيو ته جڏهن کيس مثبت نتيجن جو احساس ٿي ويندو ته ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. آخر اهي مثبت نتيجا ڇا آهن؟
واضح رهي ته مثبت نتيجن مان مراد اهڙي اسيمبلي آهي، جيڪا يقيني طور تي کيس چونڊي. ان ڳالهه کي يقيني بنائن لاءِ هو چوي ٿو ته ان نئين آئين کي سياسي ڍانچو ڏيڻو آهي، جنهن هيٺ چونڊون ڪرايون وينديون. پنهنجي بقا ۽ فوجي حلقن کي خوش ڪرڻ لاءِ هو هٿياربند فوج کي هڪ مستقل يا آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي به زور ڏئي ٿو.
اها حقيقت آساني سان واضح ٿي سگهي ٿي ته اهي سڀ اقتدار ۾ رهڻ جا حيلا بهانا آهن. پر فوج فقط حيلن بهانن ۽ ڳالهه ٻولهه تي ئي دنگ نه ڪيو آهي پر ان اهڙا ذريعا اختيار ڪيا آهن، جن سان سياسي فضا سازگار ٿي وڃي ۽ سندن مقصد به پورا ٿي وڃن. ان ۾ نام نهاد مجلس شورى جو قيام به شامل آهي. هو ان حد تائين اڳتي وڃي سگهن ٿا ته هو ضيا جي سياسي ڍانچي، ان جي قانونن ۽ ٻين اسڪيمن جي توثيق ڪن. ان کان سواءِ ضيا جي مدد ڪرڻ واريون ڪاميٽيون به قائم ڪيون ويون. انهن جو نالو انٽيگرٽي موومينٽ (تحريڪ استحڪام پاڪستان) رکيو ويو. ۽ عام طور تي انهن کي ايس آءِ سي چيو ويو.
1983ع جي آخر ۾ چونڊيل مقامي گورنمينٽ باڊيز چونڊون ڪرائڻ جو منصوبو بڻايو. انهن ادارن وٽ انتظام سنڀالڻ جو ڪو به اختيار نه هيو. ڇاڪاڻ ته فوجي آفيسرن جي لت هيٺان دٻيل هيا. هڪ اڳوڻي ڊڪٽيٽر ايوب خان به بنيادي جمهوري ادارن (بيسڪ ڊيموڪريسيز) جي عنوان هيٺ اهڙا مقامي ادارا قائم ڪيا هيا ته جيئن اهي هن جي ۽ سندس اسيمبلين جي چونڊ عمل ۾ آڻي سگهن.
ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ اهي ادارا ضيا کي ئي چونڊيندا، پر شرط اهو آهي ته هو ان چال ۾ ڪامياب ٿي سگهي. بهرحال ان مقصد جي لاءِ عارضي طور تي فنڊ به ڏنو ويو آهي. سرڪاري پئسي جي گهوٻين جي سلسلي ۾ هي آڊٽ جي معمولي پڪڙ ۾ به نه ٿا اچن. اهڙن ادارن ايوب خان جي خوب خدمت ڪئي، ضيا به ان راهه جو پانڌيئڙو آهي. ان لاءِ فرضن ۾ اضافي ۽ فنڊ ۾ واڌ جون دعوائون ڪري رهيو آهي. ان سان گڏ اهو به چئي رهيو آهي ته معمولي آڊٽ جا اعتراض ان ڏس ۾ نظر انداز ڪري سگهجن ٿا. جيڪا ڳالهه هڪ قصي کان گهٽ نه آهي. ان سان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪهڙن طبقن جي حڪومت آهي. مقامي ادارن جي ڪم ڪار مان ظاهر ٿئي ٿو ته ضيا کلي عام ايوب جو هي طريقي استعمال ڪري رهيو آهي. هو اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. جيتوڻيڪ عوام ايوب خان جي بوگس جمهوري ادارن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو پهريان ئي بلند ڪري چڪو هو.
[b]ريفرينڊم جي چال
[/b] ضيا هڪ ٻي چال هلي رهيو آهي. اها آهي راءِ شماري يعني ريفرينڊم جي چال، اها چال اهڙي هوندي جو عوام لاءِ انڪار ڪرڻ ناممڪن هوندو. عام طور تي اها قياس آرائي ڪئي پئي وڃي ته هو مجلس شورى جي توثيق جي لاءِ اسلامي سياسي ڍانچي کي لاڳو ڪرڻ واري قدم کي پسند ڪندو، اهڙي طرح شورى جي فتوى سندس حق ۾ صادر ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ ريفرينڊم ڪرائڻ جي لاءِ به رستو هموار ٿي ويندو. اسلامي ڍانچي لاءِ ڪير انڪار ڪندو. پر هتي به ان چال کي شڪست ملندي. آخر هو اسلام جي نالي تي ته عوام جي آڏو اچڻ جي جرئت ڪيئن ڪري سگهندو.
هي اهي چالون آهن، جن کي ناڪام ڪرڻو آهي. هڪ محدود حد تائين سندس جوابن تي ڪو شڪ نه ٿو ڪري سگهجي. فوجي چالن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ ايم آر ڊي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي خاص طور تي اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي عوام سان گڏجي ڪم ڪنديون. آخر حڪومت سندن قومي، صوبائي ۽ ملڪي سطح جي ليڊرن کي گرفتار ڪيو يا کين قيادت کان محروم ڪيو، ان کان پوءِ به فوجي قيادت عوام وٽ ويندي، اهو ان مسئلي جو بنياد آهي. ان سان وابستگي سان گڏ اهم اهو سوال آهي ته ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي، جنهن سان عوام کي مسلسل معلومات فراهم ٿيندي رهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. ۽ اسان جي زبان ۽ ڪرادر ڇا آهي. فوجي حڪومت ته پنهنجي قبضي ۾ ڪيل موصلاتي ذريعن سان عوام کي بي خبر رکي ٿي. اهي ٻئي ڪم هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن.
[b]هڪ عملي پروگرام
[/b]اسان کي بنيادي چالن کي پنهنجي سامهون رکڻو آهي. عوام ئي فوجي ڊڪٽيٽرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو. اسان کي عوام تي اعتماد ڪرڻو پوندو. ۽ کين پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪرڻو پوندو. پنهنجي غير رجعت پسند ۽ چونڊن وارين ڪاررواين ۾ عوام کي وڌ کان وڌ تعداد ۾ شريڪ ڪرڻو پوندو. ايم ايل آر يا ايم ايل او تحت اهڙين ڪاررواين لاءِ ڪو به جوابده ناهي.... انهن ڪاررواين جي بندوبست ۽ تنظيم ۾ ڪهڙن ماڻهن جو هٿ آهي اهو پتو لڳائڻ گهڻو مشڪل هوندو آهي. جيڪڏهن روپوش ٿي اهڙيون ڪارروايون ڪيون وڃن ته عوام کي باخبر رکڻ جو سسٽم ڪو مشڪل ناهي. گهڻائي اهڙا ماڻهو اهو ڪم ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪري وٺندا آهن. مثال طور 1965ع کان پوءِ صدارتي چونڊن ۾ ڪراچي جي عوام ايوب خان جي هٿياربند غنڊن تي حملو ڪري ڏنو، ڇاڪاڻ ته مس فاطمه جناح صدارتي چونڊن ۾ فاتح قرار ڏني وئي، ماڻهو هوشياري سان ڏينهن رات ڪارروائي ڪندا رهيا. بجلي يا ٽيليفون جي کنڀن کي وڄائي هڪ ٻئي کي فوجي سپاهين جي چرپر کان آگاهه ڪندا رهيا هئا. يا ڀٽو جي خلاف تحريڪ دوران مظاهرين سڄي رات ڪيترو گوڙ ڪندا هئا، نعرا هڻندا، آذانون ڏيندا يا قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا.
بهرحال عوام جي شرڪت ئي فيصلي ڪن هوندي آهي. جيڪڏهن حقيقي معنى ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿي وڃن ته هو هميشه سرگرم عمل رهندا. ۽ قومي ليڊرن کي نوان نوان ماڻهو منظر عام تي آڻڻ جو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو. ۽ عوام کي هميشه حالتن کان باخبر رکڻو پوندو. هن ننڍي کنڊ ۾ اهو روايتي طريقو آهي ته جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن وقت يا هنڌ تي ڪنهن تحريڪ يا جدوجهد جي رهنمائي ڪندو آهي ته هر سطح تي عوام کي باخبر رکيو ويندو آهي ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو هڪ ٻئي کي سڀ ڪجهه زباني ٻڌائي ڇڏيندا آهن. مسجدن ۾ پنج وقت نماز جي دوران نمازين کي واعظ جي دوران به ٻڌايو ويندو آهي، ڳجهي معلومات مهيا ڪرڻ جو هي هڪ بهترين طريقو آهي. مان ان طرف اشارو ڪرڻ چاهيان ٿي اهو ڪا حقيقي حڪمت عملي نه آهي. آخر ۾ ذڪر ڪيل معاملي کي اخبارن ۾ ته شايع ڪرائي نه ٿو سگهجي. صرف هڪ ٻئي کي زباني آگاهه ڪيو ويندو آهي يا ان لاءِ ڪو ٻيو غير قدامت پسند طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته غير يقيني مستقبل ۾ هر علائقي ۾ بدلجندڙ حالتن جي متعلق ڪا اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي، نه ئي مقامي ليڊرن کي ڪنهن ڪارروائي جو انڪشاف ڪري سگهجي ٿو. هڪ مقناطيسي قيادت ۾ مسلسل تبديلي ٿيندي رهي ۽ عوام جي لاءِ انفارميشن ايتري اهم ناهي جيتري پاڪستاني فوج جي خلاف جدوجهد ۾ عوام کي فرضن جي معلومات جي فراهمي، ته هي هٿياربند فوج سياسي زندگي ۾ مداخلت ڪري ٿي ۽ استحصال پسند طبقو ڪهڙي طرح ان مان فائدو حاصل ڪري ٿو. هي جدوجهد قدرتي ۽ حقيقي طور تي دستياب وسيلن جي مطابق ئي هوندي. عوام انهن وسيلن جي استعمال سان پنهنجي دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ پاڻ حڪومت سنڀالي سندن استحصال جو خاتمو آڻيندو. سياست ۾ هٿاربند فوج جي مداخلت کي وڏي تيزي سان ختم ڪرڻو پوندو. بنيادي طور تي جڏهن استحصال پسند قوتون ختم ٿي وينديون ته عوام پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ بڻجي ويندو. پر عوام جي جدوجهد جي ڪاميابي جو انحصار اسان جي گهڻ مدتي پروگرام، مستقبل ۾ جمهوري حڪومت جي صحيح پرڏيهي، سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي پاليسين تي عمل ڪرڻ سان هوندو. انهن پاليسين تي عمل سان ئي آخر ڪار عوام دوکيباز ۽ نام نهاد نجات ڏيندڙن کان محفوظ ٿي ويندو.