سنڌ ۽ هند جو شاعر ’نارايڻ شيام‘
صدين جي تاريخ شاهد آهي ته وقت جي بيرحمي زمان ۽ مڪان جي اچانڪ تبديلي تي هزارين مائرن، پنهنجا ڪونڌر پٽ وڃايا، ۽ هڪ دردناڪ تاريخ جي دکدائڪ ڪهاڻي بڻيا. انهن دکدائڪ داستانن مان سڀ کان وڏو تاريخي ستم سنڌ جو ورهاڱو هو، جنهن هزارين، باشعور عالمن، ڏاهن، اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌڪي بي سهارا ۽ يتيم ڪري ڇڏيو. انهن عظيم شخصيتن مان هڪ نانءُ سنڌ جي محبوب شاعر نارايڻ شيام جو آهي.
نارايڻ داس المعروف نارايڻ شيام 25 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو گوڪلداس ناگواڻي هو. نارايڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ڪراچي مان ورتي. 1945ع ۾ نوشهري فيروز ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو.
نارايڻ شيام ڪشنچند بيوس جي اثر هيٺ شاعري جي شروعات ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، پاڻ ان وقت سنڌي ادبي سرڪل جي بنياد وجهندڙن سرگرم ڪارڪنن مان هو.
نارايڻ شيام جو نالو سنڌ جي جديد شاعرن جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون آهي. پاڻ سنڌي ادب ۾’ جديد شاعر‘ جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شاعري کي سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام حاصل آهي. نارايڻ جي شاعري جي وڏي خوبي اها آهي ته هُن هيئت جي لحاظ کان شاعري ۾ نوان تجربا ڪيا آهن. سڳن آهوجا نارايڻ شيام جي ڪتاب ’روشن ڇانورو ‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته :
”شيام باشعور ۽ جدت طرز شاعر آهي، هو سنڌي شاعريءَ ۾ موضوع خواه هيئت يا فارم جي لحاظ کان سدائين نوان نوان تجربا ڪندو پئي آيو آهي.“
نارايڻ شيام جي شاعري جي وڏي خوبي منظرنگاري (Imagism) ۽ اندازِ اسلوب آهي، هو هروڀرو ڪا فلسفائي ڳالهه نه ٿو ڪري، هن وٽ روزمره جي عام زندگي جو بيان آهي. مصور بظاهر ته آرٽ ۾ خوبصورت رنگ ڀري، تصوير بنائي پنهنجي اندر جي ڏات کي ظاهر ڪندو آهي، پر اسان جو نارايڻ عام انسان جي زندگيءَ جي روزمره جي تصوير بنا ڪنهن رنگ جي ڪجهه هن ريت جوڙي ٿو:
جئن ئي بتيءَ جي سئچ ڪئي آف، ’ شيام ‘ مون،
ڪمري ۾ فرش کان وئي ، ائين کسڪي روشني.
سيني ۾ ائن تنهنجون سنڀارون،
اڀ ۾ جئن اي ’شيام‘ ستارا.
اکين جي اڳيان آهه اهڙو نظارو،
نگاهن کان روشن ٿي ساري دنيا.
نارايڻ شيام جي شاعري ۾ رومانوي درياهه جو خوبصورت نظارو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانس جي درياءَ جو وهڪرو هميشه موج ۾ وهندي نظر اچي ٿو، هو محبوب جي ماڻن، نخرن، ادائن ۽ حساس جذبن کي بيحد ئي شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو. عام ماڻهن جي زندگيءَ جي ترجماني سندس شاعريءَ جو خاص محور آهي. ڪنهن چنچل ۽ نخريلي ڇوڪريءَ جو احساس ڪيڏو نه شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو. ملاحظه فرمايو:
اٿي ڇرڪي، ڪاوڙجي جهٽ مسڪرائي،
ڪئي ڪنهن هيس، پير تي ڪتڪتائي.
شيام سپڪڙن عام خيالن کي به نرالي اسلوب سان پيش ڪرڻ جو ناياب ڏانءُ رکي ٿو، سندس مجازي محبوب جي ماڻن ۽ مبهم اشارن لاءِ هي احساس ڏسو:
هينئر جيڪي چاهين چئي ڏي کُلي،
ڪيئه ’ شيام ‘ مبهم اشارا گهڻا.
نارايڻ شيام جي شاعريءَ ۾ پيڙاءُ، ڏک، اذيت، بي وسي جو اظهار سمايل آهي. نارايڻ انسان جي سک ۽ آسائش جو خواهشمند آهي. هو انسان دوست هجڻ جو فرض نڀائيندي پنهنجي شاعري ۾ انساني تڪليفن کي ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿو:
وڄ جيان هستي لڇندي ته هوندي،
سک سمهڻ لاءِ نه هئو ’ شيام‘ ڄايو.
سندس شاعري بابت ڊاڪٽر موتي پرڪاش لکي ٿو ته :
” شام جي شاعري جو درد ان ڪري انفرادي درد کان مٿي آهي، هن پنهنجي درد کي ٻين جي درد سان ايترو ملائي ڇڏيو آهي، جو ٻئي هڪ ٿي ويا آهن. شيام پنهنجي شعر ۾ ڪڏهن به پنهنجا روئڻا نه رنا آهن. هي هر انسان جي اک ۾ رنو آهي ۽ هر انسان جي خوشيءَ ۾ کليو آهي.“
ناراِيڻ شيام وٽ ڪي ڇسا خيال نه آهن، نه ئي هو حسن، مئڪدن، شباب، ڪباب، شمع ۽ پرواني کي موضوع بنائي پنهنجي دل کي بهلائي ٿو. هن وٽ هڪ مقصد آهي، هڪ اميد آهي، هڪ لاٽ، هڪ تمنا، هڪ دانهن ۽ هڪ بيوس درد ڀلي بکايل انسان جو احساس:
روٽي لاءِ چتا جي آگ،
چمڪيو پيٽ ڀرين جو ڀاڳ!
شاعر ڌرتي جا طبيب هوندا آهن، هو پنهنجي قوم جي ڦٽن، دردن، تڪليفن تي طبيب جئيان مرهم رکي، پنهنجي شاعريءَ ۾ عوامي مسئلن کي نروار ڪندا آهن، سندن شاعريءَ جو سڄيو محور ڪائنات هوندي آهي، جنهن ۾ خوشي به آهي ته وري ڏک به، جنهن ۾ لڙڪ به آهن ته، ٽهڪ به، نااميدي به ته وري ڪٿي اميد به، نارايڻ شيام جو هي احساس ملاحظه فرمايو:
اسان لڙڪ لاڙيا، جي ويهي ڪنڌيءَ تي،
ته وچ سِير ۾ پڻ اسان مسڪرايو!
انهن جي مٺي مرڪ مان آهه ظاهر
ته شبنم گلن کي نه آهي نپايو.
اگر زندگيءَ جي شڪايت ڪيم ڪا،
پرين، اک ملائي تو ڇاتيءَ لڳايو.
نارايڻ شيام جي شاعري جي پسمنظر بابت سدا رنگاڻي ’ڏات ۽ حيات ‘ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
” شيام جي سڄي شاعريءَ جو پسمنظر پرڪرتي (ڪائنات) آهي. پرڪاتي جا نظارا به اهي آهن، جي روزمره شهري زندگيءَ ۾ ڏسندا رهون ٿا، چنڊ، تارا، افق، اونداهي، چانڊوڪي، گل، پوپٽ، ڀونئر پکي جمالياتي تخليق جي تهه ۾ آهن. جذبن جون رنگينيون جن جو ڇيد ئي نه ٿو ٿي سگهي.“
نارايڻ جي شاعريءَ جو محور سنڌ آهي، هو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ جي ڏک ۾ هميشه لڇندو ۽ تڙپندو نظر اچي ٿو، جنهن جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ور ور ڪري ٿو. سندس شاعري جو اڌ حصو سنڌ ئي رهي آهي. هو پنهنجي وطن کي ياد ڪندي ڏکارو ٿي چوي ٿو:
الائي ڪهڙي گهڙي نڪتاسين ’شيام‘،
وطن ورڻ ته ڇڏيو، وطن جي سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!
رات جي پهر ۾ جڏهن اداسي ۽ مايوسي جا ڪڪر سر مٿان ڇانئجي وڃن، جڏهن وطن جي جدائيءَ جو ڏک ستائڻ لڳي ته پوءِ ڪهڙي حال مان گذرڻو پوي ٿو، اچو ته ناراِيڻ کان ٻڌون:
الا هي صاف اُڀ، اڌ رات جي خاموش چانڊوڪي،
جو نوشهري ۾ ڏسندو هوس، هيءَ چندرما آهي؟!
ڪيترائي ورهيه گذرڻ باوجود هو جيجل سنڌ کي هڪ پل لاءِ به وساري ڪين سگهيو، هو خيالن ۽ خوابن ۾ به سنڌ کي ساريندو رهيو. هڪ شعر ۾ شاهه جي رسالي کي ڏسندي چوي ٿو:
اڄ شاهه جي رسالي تي نظر ون کپي ويون،
موٽي صدين کان پوءِ ڄڻ سنڌ مون ڏٺي.
ناراِيڻ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ دعاڳو رهيو، پاڻ ڀارت ۾ به سنڌي ٻولي جي جياپي جي جدوجهد ۾ شامل رهيو، سنڌي ٻولي لاءِ هميشه دعاڳو رهيو، جنهن جو اظهار هڪ شعر ۾ هن ريت ڪري ٿو:
الا ائين نه ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!
نارايڻ شيام جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، انهن مان پهريون مجموعو ’ماڪ ڦڙا‘، ’پکڙيون‘1955ع، ’رنگ رتي لهر‘ 1956ع، ’واري ڀريو پلاند‘ 1968 ع، ’روشن ڇانورو‘ 1962ع، ’آڇيندي لڄ مران‘ 1972ع، ’مهڪي ويل صبح ‘ 1983ع، ’ماڪ ڀنا رابيل‘ 1964ع، ’بوند لهر ۽ سمنڊ‘ 1986ع، ’نه سو رنگ نه سا سرهاڻ‘ 1987ع، ’ڏات ۽ حيات‘ 1988ع، ’راهون پنڌ پيون‘ 1998ع.
هي سنڌ جو عظيم شاعر نئين دهلي ۾ 10 جنوري 1989ع تي ديهانت ڪري ويو. سندس موت جو ٻڌي سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز لکيو هو ته:
مان به ته آهيان شيام
نارائڻ، تنهنجو رڳو
ناهي اهو نام.
شيام ڄڻ منهنجي وجود جو حصو ٿي چڪو آهي.“
ٻئي هنڌ ڪتاب ’ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکي ٿو ته :
” هو نهايت نهٺو ۽ پيارو ماڻهو آهي، هن جي نهٺائي انهيءَ شعر مان ظاهر آهي:
هجي جا کاڻ خوبين جي، ۽ خامين کان بنهه آجي،
نه پنهنجي زندگي اهڙي، نه پنهنجي شاعري اهڙي!“(4)
[b] (نارايڻ شيام جا ڪجهه غزل)
[/b]
[b]خزان حال دل جو گلن کي ٻڌايو!
[/b]
خزان حال دل جو گلن کي ٻڌايو،
ٻڌي، مرڪي تن غم نه پنهنجو لڪايو!
اسان لڙڪ لاڙيا، جي ويهي ڪنڌيءَ تي،
ته وچ سِير ۾ پڻ اسان مسڪرايو!
انهن جي مٺي مرڪ مان آهه ظاهر
ته شبنم گلن کي نه آهي نپايو.
اگر زندگيءَ جي شڪايت ڪيم ڪا،
پرين، اک ملائي تو ڇاتيءَ لڳايو.
لٿو سج وڌيو “شيام” جئن جئن انڌارو،
ڏِئي ڪنهن هتان، ڪنهن هتان ٽمٽمايو!
[b]ناز وارن جي ٻولي!
[/b]
نگاهن، ادائن، اشارن جي ٻولي،
نئن آهه، نت ناز وارن جي ٻولي!
نه سمجهي سگهيو حسن ڌاران ٻيو ڪو،
تمنا ڀري نينهن وارن جي ٻولي!
مٺي آهه ڪويل جي ڪوڪو مٺي آهه،
مٺي آهه سچ بيقرارن جي ٻولي!
لکيل ڇا نه لالا جي ورقن تي آهي،
پڙهي ڀي ڪوئي داغدارن جي ٻولي!
مٽيءَ جي ته ذرن جو ٿيءُ حال محرم!
ڏکي ناهه سمجهڻ ستارن جي ٻولي!
خزان حال اوري ته ڪنهن ساڻ اوري،
سڀئي سکيا جي بهارن جي ٻولي!
الا، ائن نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي!.
[b]اونداهيءَ جا دوار!
[/b]
اونداهيءَ جا دوار کلُي پيا،
دک وٽ سک جا جهول جُهلي پيا!
خالي دل، ويران نگاهون،
ويٺي ويٺي نيڻ ڇُلي پيا!
کيڪاريندي ساسي پڇائين،
اڄ هن پاسي ڪيئن ڀُلي پيا!
سج ته گهڻو ئي کين ڍڪيو پئي،
تارن هيٺان راز کلُي پيا!
لکندي هڪ اڌ خال ڇڏيو مون،
خال سبب ڪل هُل هُلي پيا!
گرم هوا ۾ رولو ڪڪريون،
ڏينهن تتي پاڇا به رکي پيا!
پنهنجي منهن سر ڳالهايو پئي،
ڀر وارن جا وات کلي پيا!.
[b]اهي نگاهون اهي ادائون!
[/b]
اهي نگاهون اهي ادائون، اهي اشارا اڃا به آهن،
مٺي محبت جا زندگيءَ لئه، سٻر سهارا اڃا به آهن.
دلين ۽ نيڻن ۾ پهه نرالا، نوان نظارا اڃا به آهن.
انڌاري آهي نه رات غم جي، کڙيل ستارا اڃا به آهن.
گهُليون غمن جون هوائون جئن، ٽڙي پيون ڪي دلين جون مکڙيون،
خزان جي موسم ته آهه، ليڪن، ڪي ڦول پيارا اڃا به آهن.
ڪٿي نه ڪنهن ڀي کڻي جي روشن، انڌاري رهندي نه واٽ، ساٿي،
هوا جي جهونڪن ڏيئا وسايا، نه چنڊ تارا اڃا به آهن!
وطن ڇڏڻ وقت ائن ٿي سمجهم، ڪندو نه ڀلجي ڪو ياد ليڪن،
اياز، احسان، راز پارا، ڪي قرب وارا اڃا به آهن.
(شيخ اياز، احسان بدوي، شيخ عبدالرزاق راز)
[b]ٿو اميدن کي آسمان ڪيو!
[/b]
ٿو اميدن کي آسمان ڪيو،
بس نگاهن جو گم نشان ڪيو.
سهڻي صورت ڏٺم جڏهن به ڪٿي،
نيڻ ٻُوٽي مون تنهنجو ڌيان ڪيو!
ڳالهه مان ڳالهه ويئي خود بڻجي،
لفظ کي لفظ داستان ڪيو!
تو ته آڱر رکي چپن تي کڻي،
پر اکين مشڪندي بيان ڪيو!
پيار مان منهنجي دل جي چهري تي،
چپ رکي تو منو نشان ڪيو!
پنهنجو ڦوٽو ڏسي ٿيم تصديق،
اڳ نه جنهنجو هيم گمان ڪيو!.