شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

ھي ڪتاب محترم انعام جتوئيءَ پاران لکيل سنڌ جي ڏات ڌڻين جي شخصي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، اياز گل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ماڻڪ منير ۽ علي بابا جي شخصيتن بابت شخصي ۽ سوانحي مضمون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي وئي آھي.
Title Cover of book سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

بيباڪ ڪهاڻيڪار ’علي بابا‘

سنڌي ادب ۾ هون ته ڪهاڻيڪارن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، پر ان ڊگهي فهرست مان اهي ڪهاڻيڪار هر محفل ۽ ڪچهريءَ جو موضوع ضرور هوندا آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ پڙهندڙن کي نوان موضوع نون مسئلن ڏانهن سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. اهي ڪهاڻيڪار نه رڳو پوڙهن پڪن جي دلين ۾ هميشه زنده رهن ٿا، پر نوجوانن جي دلين تي پڻ راج ڪندا آهن. انهن عظيم ڪهاڻيڪارن مان، سنڌ جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سنڌ جو محبوب ڪهاڻيڪار علي بابا آهي.
علي احمد المعروف علي بابا سن 1945ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد رمضان رند هو. علي بابا ابتدائي تعليم نانگو لائين ميونسپل پرائمري اسڪول ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. خادم حسين چانڊيو پنهنجي ڪتاب ’مارو جي ملير جا‘ ۾ هڪ واقعي کي بيان ڪندي لکي ٿو ته:
” پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته، امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪري کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد قاضي يار محمد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، علي بابا ان کان پوءِ وري اسڪول جو منهن نه ڏٺو.“
علي بابا سنڌ جو بلند پايه ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڊرامانويس هو. هن پنهنجن لکڻين ۾ سنڌ جي تاريخ، معاشيات ۽ ثقافت تي ڀرپور روشني وڌي آهي. سنڌ جي معاشي حالت، وڏيرڪي، ڀوتارڪي ڏاڍ ڏهڪاءُ واري سياست کي ننديو اٿس. سندس ڪهاڻين جا موضوع غربت، بک، بيروزگاري، بيوسي، ڀوتارڪي نظام ۾ هيڻن تي ٿيندڙ ظلم ۽ سنڌ جي تاريخي پسمنظرن مان سنڌ جي تاريخي ڪردارن جي پڻ ڀرپور عڪاسي ڪئي اٿس. جئين ڪهاڻي ’ڪارونجهر جا قيدي‘ ۾ روپلي جي بهادري کي خراج پيش ڪندي انگريز عملدار سان ڳالهه ٻولهه کي بيحد ئي شاندار نموني سان پيش ڪري ٿو، ملاحظه فرمايو:
” تنهنجو نالو؟ اهو ڪيپٽن ٽروٽ جو پهريون سوال هو.“
” روپا “
” ٽون ڪنهن جي زور تي وڙهي رهيو هئين؟ “
” هر ماڻهو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙهندو آهي. “
” مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشت پناهه ۽ اڳوان ڪير آ؟ “
”ڪارونجهر جبل“
” ٽون ڇا لاءِ وڙهي رهيو هئين؟ “
” آئون پنهنجي پهاڙن، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهي رهيو آهيان.“
” ٽوکي خبر آ، ان جي سزا ڇاهي؟ ڪيپٽن ڪڙڪ ٿيندي چيو.“
”ها- وڌ ۾ وڌ موت.“
علي بابا جي ڪهاڻين ۾ جتي پنهنجي وطن جي وارثي ۽ وطن جي حفاظت جو جذبو سمايل آهي ته اتي وري انساني اڌمن، خيالن ۽ اضطرابي ڪيفيتن جي طوفان جو اظهار پڻ. سندس ڪهاڻين ۾ ڪا به رک رکاءُ نه آهي، هو جئين معاشري کي ڏسي ٿو، تئين ئي پنهنجن ڪهاڻين ۾ معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪندي نظر اچي ٿو. جئين ’ علي بابا جي ڪهاڻي‘ مان ملاحظه فرمايو:
” گرڀ واري عورت جي پاسي ۾ اچڻ سان نوجوا ن جي حالت ئي غير ٿي وئي هئي، هڪ ته پوري حياتي ۾ ڪا عورت سندس ايڏو ويجهو نه آئي هئي. ٻيو ته هي عورت ڪيڏي نه حسين هئي کن لاءِ نوجوان گهرن گهرن نيڻن جي تصوير ۾ لڙهي ويو. اکيون ايڏيون اونهيون اونهيون جو نهار ته گرڀ ۾ ستل ٻار به نظر اچي وڃي ۽ بدن مان نڪريس اڻ لکي بوءَ. اهڙي بوءَ جهڙي ڪنهن گل، ڪنهن ڦل جي خوشبوءَ ۾ ڪانهي. جا رڳو ڪنهن گرڀ وتي عورت جي ديهه مان اڌما کائي نڪري سگهي ٿي.“
علي بابا سنڌي ٻولي جي انهن ٿورن عظيم ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن جو نثر پڻ ڪنهن گيت جي سٽن وانگي گنگنائي سگهجي ٿو. سندس نثر ۾ ڪمال جو تسلسل ۽ ربط آهي، گهڻو تڻو نثر شاعراڻي مزاج جي بهترين جهڪ ڏي ٿو، هڪ مثال ’ جيون ڪوئي جهوٽو آهي‘ ڪهاڻي مان ملاحظه فرمايو:
” چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٺرن ٿا، چنڊ ٺري ٿو، نيڻ ٻرن ٿا، ٻرڻ ٺرڻ جي رات ڇمر جهمر، آگ بدن م ۽ ڀنڀن وارن جا تيج هڻي ٿو چنڊ.
اونهه لوڀي، ڀلا گل چونڊي ڇا ڪندين؟
سپنن جا محل سجائيندس ( ڪو دل جي ڳالهه ڪري ٿو)
ڀلا سپنا ڇا ٿيندا آهن؟
ماضيءَ جون يادون
ڀلا ماضيءَ مان ڇا ملندو؟
ساهن جي سرهاڻ....
ڀلا يادن کان پوءِ ڇاهي؟
اونداهي اماس اونداهي اماس!
۽ پوءِ ڪو نيڻن ۾ نيڻ کپائي هئين چوي ٿو، او ست سنڱيڻي، سپنن جي راڻيءَ هي جيون ڪوئي جهوٽو آهي. جيون ڪوئي جهوٽو آهي.“
علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار عام ماڻهو آهن، اهي ماڻهو جن وٽ ڪو ڇپرو، ڪا مَنهنَ ڪا نه آهي، پر حوصلو، بهادري، جرئت ۽ همت ۾پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندس ڪهاڻيون سنڌ جي ماڻهن جي معاشي حالت جون عڪاس آهن. ڪهاڻين جي موضوعن بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پس منظر ‘ ۾ لکي ٿو ته :
” علي بابا جي ڪهاڻين جا ٽي پاسا آهن. جيڪي ٽن موضوعن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا اهي ڪردار آهن، جيڪي پنهنجا ديس واسي آهن، جن جي پيرن هيٺيان ڌرتي کسجي رهي آهي، جن سڄي تاريخ ديس لاءِ پنهنجي قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. جن جو فڪريءَ ٽڪراءُ انهن قوتن سان آهي، جيڪي ڦورو آهن، عقيدي جي نالي ۾ انسانيت جو خون ڪن ٿا. ڪهاڻين جو ٻيو پاسو معاشي آهي، جنهن ۾ اهي ڪردار آهن، جن وٽ ماني جو اڌ به پنهنجي وجود جي بچاءُ لاءَ ڪائنات جيڏي اهميت رکي ٿو. ڪهاڻين جو ٽيون پاسو جمالياتي آهي، جئين هند جي فڪر جو مرڪز سچ، سڪ ۽ سونهن رهيا آهن.“
علي بابا جي ڪهاڻين جي ٻولي انتهائي سولڙي ، دلڪش ۽ شاعراڻي آهي، سندس ٻوليءَ ۾ ڪمال جو ربط سمايل آهي، سندس ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪمال اهو به آهي ته اڪثر ڪهاڻيون بنا ڪنهن منطقي نتيجي ۽ ڪلائميڪس کان سواءِ ئي ختم ٿي وڃن ٿيون.
هن سنڌ جي بيباڪ ڪهاڻيڪار زندگيءَ جا انمول ورهيه سنڌي ادب لاءِ وقف ڪيا، پر افسوس زندگيءَ جا آخري ڏيهاڙا دکدائڪ داستان کان گهٽ نه هئا، هو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهيو، معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اديب توڙي سرڪاري نمائيندي مدد نه ڪئي. علي بابا پنهنجي ڪتاب ’منهنجون ڪهاڻيون‘ جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
” ادب جي تاريخ تي نظر ڦهلائينداسين ته مهاڀارت جي سرجڻهار ويد وياس کان وٺي هومر، ڪاليداس، شيسڪسپيئر، کان ويندي شاهه لطيف تائين، گوئٽي کان وٺي ٽالسٽائي ۽ ٽئگور سڀ اميراڻا ٻار هئا، غالب به هڪ نواب جو ٻار هو، پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾ ڪيئن ٽپي پيس.“
علي بابا سوين ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابي صورت م پڻ شايع ٿي چڪيون آهن. پاڻ ڪهاڻين کان علاوه ٽي وي ۽ ريڊيو لاءِ ڊراما لکيا، سندس هڪ ڊرامي کي عالمي شهرت ملي. ميونخ جي عالمي ميلي ۾ پيش ٿيندڙ علي بابا جو بهترين ڊرامو ’ دنگي منجهه درياهه‘ کي دنيا جو ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏنو ويو ۽ جنهن کي پڻ جرمني ايوارڊ سان نوازيو ويو . سندس ڪتاب ’ ڌرتي ڌڪاڻا ‘ تي سگا طرفان ايوارڊ ۽ روڪ رقم هزار روپيا انعام طور مليو، تنهن کان علاوه سنڌالاجي طرفان ’بهترين ڪارڪردگي‘ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ڪهاڻين ۽ ڊرامن کان علاوه علي بابا جي وڏي ڪاوش موهن جو دڙو ناول آهي، جنهن کي سنڌ جي باشعور ماڻهن بيحد پسند ڪيو.
هي سنڌ جو محبوب ڪهاڻيڪار 8 آگسٽ 2016ع تي هميشه لاءِ سنڌ کان وڇڙي ويو.