شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

ھي ڪتاب محترم انعام جتوئيءَ پاران لکيل سنڌ جي ڏات ڌڻين جي شخصي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، اياز گل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ماڻڪ منير ۽ علي بابا جي شخصيتن بابت شخصي ۽ سوانحي مضمون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي وئي آھي.
Title Cover of book سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

گمنام ڪهاڻيڪار ’ماڻڪ منير‘

جنهن سماج ۾ مفلسي ۽ غربت جي ڏائڻ پنهنجو اصل روپ ڌاري انسان جو ماس ڪوري ڪاٽي، پنهنجي وحشي ڏندن سان ڳڀا ڳڀا ڪندي نظر ايندي هجي، اتي ڀلا هڪ حساس دل اديب، سماج سڌارڪ حالتن جي گهمري ۾، تخيل جي آسمان کي چيري اصل حقيقت جا راز ڪيئن پڌرا ڪري ٿو، اهو ڪير ماڻڪ منير کان سکي!
منير احمد المعروف ماڻڪ 5 مارچ 1943ع ۾ نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد ادريس ميمڻ هو. ماڻڪ ابتدائي تعليم نواب شاهه مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ايم اي سوشالاجي، بي ايڊ ۽ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري، پهرين ماستري ۽ پوءِ روسي سفارتخاني ۾ ڪجهه عرصو نوڪري ڪري، نواب شاهه ۾ وڪالت سان گڏوگڏ ميڊيڪل اسٽور هلائڻ لڳو.
ماڻڪ لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه جو سرگرم ڪارڪن هو.
ماڻڪ منير سنڌي ادب جي انهن منفرد ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين زندگي ڏني ۽ سنڌي جديد ڪهاڻي ۾ نون موضوعن کي پڻ متعارف ڪرايو. سندس ڪهاڻيون فني ٽيڪنيڪ جي حوالي سان لاجواب مثال آهن. ماڻڪ پنهنجن ڪهاڻين ۾ سماجي حالتن جي چٽي تصوير پيش ڪري ٿو. ڪهاڻين جا اڪثر پلاٽ سنڌ جي مظلوم عورتن جا مقدما آهن. جنهن کي هو پنهنجي منفرد انداز سان مختلف ڪردارن وسيلي پلاٽ ۾سمائي عورتن جي حقن جي تحريڪ جي نمائيندي ڪندي نظر اچي ٿو. سندس ڪهاڻيون عورت جي نفسياتي مونجهارن، داخلي ڪيفيتن، ذهني اذيتن ۽ حق تلفين جو کليل پڌرنامو آهن. ماڻڪ سنڌي ادب جي انهن ٿورن ڪهاڻيڪارن مان آهي، جنهن عورت جي حقن تي بي باڪ ٿي لکيو آهي. ان ڪري کيس ادبي هلڪي ۾گهڻي تنقيد به ٿيندي رهي، مختلف وقتن تي گارين جا خط ۽ فحاش ليکڪ جا الزام پڻ لڳندا رهيا. ماڻڪ بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”ماڻڪ سنڌي ڪهاڻي ۾ منفرد طرز جو ليکڪ آهي، سندس تحريرن جو وڏو حصو ان پيڙا جو پڙلاءُ آهي، جنهن ۾ خود کيس پيڙهيو. هن سماج ۾ جيڪو ڏٺو، ان خلاف لکيائين. سمجهه جي مار وارن کيس ئي کڻي چوکنڀو ٻڌو، چئي بد اخلاقي ٿو پکيڙي، جنسياتي مرض ۾ ورتل آهي.“
ماڻڪ وٽ انساني جذبن جو قدر آهي، هو بنا ڪنهن رک رکاءُ جي عورت جي آنڌ مانڌ ۽ ڦوهه جواني واري اضطرابي ڪيفيت جو بيان شاندار نموني سان ڪري ٿو، جنهن ۾ هن کي پنهنجي جيون ساٿي جي سخت ضرورت هجي ٿي، ان ساٿي جي نه هجڻ ڪري عورت جي اندر جي دنيا ڇا هوندي؟ تنهن بابت لطيف سائين چيو هو: (اُڀرن سيڪارا پسيو ور ٻين جا!) ساڳئي ڪيفيت هڪ ڪهاڻي ’ حويلي جا راز ‘ ۾ ماڻڪ هن ريت بيان ڪري ٿو:
” ان وقت بيبيءَ جا گرم گرم ۽ ڳاڙها چپ، تازي وڍيل گوشت جي ٽڪري وانگر ڦڙڪي رهيا هئا، ساهه تمام تيزيءَ سان ناسن مان اچي وڃي رهيو هوس. ان ڪري ريشمي چولي مان سيني جو اڀارُ لهوار پڌرو پسجي رهيو هو. سموري بدن جو رت ڄڻ ڳٽن ۾ اچي گڏ ٿيو هوس، سندس ڳٽا ڳاڙها ڳٽورڙا ٿي ويا هئا. اکين جون ڏاريون اڀري آيون هيس ۽ انهن ۾ مقناطيسي چڪ هئي سندس سڄو بندن باهه وانگر پئي ٻريو.“
ساڳئي ڪهاڻي ۾ سماج جي وهمن وسوسن ۽ انساني جذبات سان راند ڪندڙ پيرن، ڍونگي فقيرن وارين روايتن کي ننديندي سنڌ جي عورت جي وڪالت هن ريت ڪري ٿو:
” قرآن شريف سان شاديءَ ڪرائڻ کان پوءِ بيبي جنان کي دورا پوڻ لڳا هئا، حويليءَ ۾ سڀ چوندا هئا ته قرآن شريف سان شادي ڪرڻ ڪري، بيبيءَ کي سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري، پر مسيت جو مولوي صاحب چوندو هو ته روح ڪڏهن به هن گهنگار ۾ اچي نه ٿو سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي.“
ماڻڪ حقيقت پسند ڪهاڻيڪار هو، سندس ڪهاڻين جا موضوع پڻ سماج جي کري ۽ چٽي تصوير آهن. هن وٽ حقيقت ۽ دوکي ۾ واضح فرق آهي. جئين ڪهاڻي ’حقيقت ۽ دوکو ‘۾ معاشري جي انهن مدي خارج ذهنن جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي سام ۾ خيانت ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهه کي لڪائن خاطر مختلف دليل ڏيئي پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جيئن هن ڪهاڻي ۾ ڊاڪٽر، رائيس جي نياڻي سان بدسلوڪي ڪري پوءِ پنهنجي بچاءُ لاءِ مختلف ذهني ڪشمڪش ۽ نفسياتي بيمارين جا حوالا ڏيئي، پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو.
ماڻڪ پهريون سنڌي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن مڪمل وجودي فڪر ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن. هو انسان جي وجود ۾ ليئو پائي انساني پيڙاءُ، ڏک، تڪليف، انسان جي هيڻائپ ۽ بيوسي تي قلم کڻي ٿو. ماڻڪ جي ڪهاڻي جا موضوع بيروزگاري، غربت، عورت سان ٿيندڙ ناانصافي، انسان جي داخلي ڪيفيت، بيوسي، تڙپ ، نفسياتي احساس ۽ ملڪي سياست پڻ آهن. ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘ ۾ لکي ٿو ته:
” ماڻڪ جي اها خوبي بي مثال خوبي آهي ته هو ماڻهن جي نفسيات کي ايتري ويجهڙائي کان ڄاڻي ٿو ڄڻ ته انهيءَ ڪردار جو ڏک پاڻ ڀوڳيو اٿس.“

ماڻڪ جي تحريرن جي انمول خوبي انداز بيان آهي، هن وٽ لفظن جا ڀنڊار ۽ ڪمال جو ربط آهي، جيڪو پڙهندڙ کي آخر تائين جوڙي رکي ٿو. ادب جي دنيا ۾ گهٽ ڪهاڻيڪار آهن جيڪي ٻوليءَ ذريعي ڪردارن جي اهميت کي اجاڳر ڪرائي سگهن، اهو ته ماڻڪ جهڙي ڪهاڻيڪار جو ئي ڪمال آهي. مثال طور هڪ ڊاڪٽر جي ذهني ڪشمش ۽ سياسي ڪارڪن جي ٻولي ۾ فرق ڏسو ڪهاڻي ’ حقيقت ۽ دوکو‘ ۾ هڪ ڊاڪٽر جي ڪردار جي ذهني سطح ۽ ٻوليءَ جو ناياب استعمال:
” مون رڳو سندس حسن جي سارهه ڪئي هئي، پر اهو منهنجي انٽينشنس (Intentions) تي اثرانداز نه ٿيو هو. مون سندس ضرورت کي آڏو رکي اڳتي سوچي ڇڏيو هو. ڪنٽراسيپٽور (Contraceptive) جو استعمال... ها مون ڪيترا ڀيرا پاڻ کان سوال پڇيو هو. لاجيڪلي آءِ ڪنوينسڊ ماءِ سيلف، logically, I convinced ڪرڻ گهرجي. اهو گناهه ٿي نٿو سگهي نه ويساهه گهاتي نه ئي بد اخلاقي.“
ماڻڪ، ’ساهه مٺ ۾‘ ناول ۾ هڪ هنڌ سياسي ڪارڪن جي زندگي جي عڪاسي ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:
” ٻي ڳالهه ٻڌئي: تنهنجي اچڻ کان ڪلاڪ کن اڳ پاڙي ۾ پوليس وارا آيا ها. سامهون گهر ۾ جيڪو ڪاليجي ڇوڪرو رهندو آهي، تنهن کي پڪڙڻ.
پوءِ؟
ڳڻتي اٻهرائي
ڇوڪرو گهر ۾ ڪونه هو، يا لڪي ويو هوندو خدا کي خبر.
پوليس وارا پڻس کي وٺي ويا.
پوءِ؟
اڻ-ٽڻ اکيون ڦاٽل.
بس ويچاري مڙهي کي گهلي ويا، چيائون پئي ته ڇوڪرو سياست ڪندو هو، سرڪار خلاف. ان ڪري، مون کي قياس پئي آيو ويچاري پوڙهي تي. اڇا وار ڏاڙهيءَ مان وٺي پئي گھليائونس، صوبيدار ڪچيون ڪچيون گاريون پئي ڪڍيون، چيائين ته ڇوڪرو پيش نه ڪيو ته سڀ رنون ٿاڻي تي گهلي وينداسينؤ.“
ماڻڪ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون گهڻي عرصي تائين ادبي حلقي ۾ مشهور رهيون، جنهن تي تنقيد پڻ ٿيندي رهي، جيڪي ڪهاڻيون اڄ به اسان جي معاشري جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون ۽ اڄ به نوجوان وڏي چاهه سان پڙهن ٿا.
ماڻڪ منير جا ڪجهه مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي پڻ سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا، تنهن مان ’حويليءَ جا راز‘ 1977ع ڪهاڻيون، ’رڃ ۽ پڙاڏا‘ ناوليٽ 1979 ع، ’لڙهندڙ نسل‘ ناولٽ 1972ع، ’پاتال ۾ بغاوت‘ 1977ع، ’ڇهه انام‘ ڪهاڻيون 1981ع، ۽ ڪجهه اسٽيج ڊراما جنهن مان ’ڪَلاچي جي ڪُن ۾‘ ۽ ڪجهه مضمون آهن، جيڪي ادب جي دنيا ۾اهميت جوڳو آهن.
ماڻڪ جي تحريرن جي خاص خوبي بهترين منظرنگاري آهي، هو پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ منظرنگاري جا خوبصورت چٽ ڪنهن مصور جي آرٽ جئيان اڪري ٿو، جئين ناول ’رڃ ۽ پڙاڏا ۾‘ هڪ ڳوٺ جي سادي گهراڻي جو ڏيک ملاحظه فرمايو:
” ڳوٺ جو گهر: ڪچو اڱڻ- ورانڊو ٻه ڪوٺيون، پينگهو ڪوٺي ۾ کٽ تي هنڌ جو دير.
هلڪي اوندهه- ليپي ڏنل مٽي جو سڳنڌ، عاشيءَ سان راند، اک ٻوٽ گڏين. چيڪلي اڳ بچائڻ- لڪ- لڪوٽي.“
ماڻڪ جي ڪهاڻين جا گهڻا ڪردار سندس زندگيءَ سان مشابهت رکن ٿا. جيئن ناول ’ لڙهندڙ نسل‘ ۾ هڪ بيروزگار نوجوان جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو بيروزگاري جي ڪري بيحد مايوس ۽ پريشان آهي. ماڻڪ خد گهڻو عرصو بيروزگار ۽ معاشي حالتن ڪري پريشان رهيو. جنهن جو اظهار پاڻ پنهنجي هڪ دوست نثار حسيني کي خط ۾ لکندي ڪيو، جيڪو خط حويليءَ جا راز ڪتاب ۾ پوءِ شايع به ٿيو:
” پيارا دوست نثار!
اميد ته خوش هوندين، ههڙي قسم جا خط اڳ به مان لکي چڪو آهيان، وري هڪ ڀيرو يقين ڪرڻ چاهيان ٿو، ڳالهه دراصل هي آهي ته : هتي مون کان نڪو وڪالت ٿي هلي ۽ نڪو ميڊيڪل اسٽور تربيت ئي اهڙي ٿيل آهي جو ٻنهي ڌنڌن ۾ ٺڳي، جيڪا مون کي نه ٿي اچي، مان اهو ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڇا اتي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ڪا جاءِ خالي آهي، اوهان جي چيئرمين شاهه صاحب جو هڪ سٺو دوست هتي آهي، ان چيو آهي ته: جيڪڏهن شاهه صاحب وٽ ڪا جاءِ آهي، يا ڪڍي ڪري ڏئي سگهي ٿو ته مان اهو ڪم ڪرائڻ جي همت رکان ٿو . مون وٽ ايم اي سوشالاجي ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون آهن. هن ڏس ۾ پوري تفصيل سان پر سست جواب ڏيندا. اڄ ڪلهه اوهان ڇا پيا ڪيو، ڪتابي سلسلي ۾ ڪو نئون ڪتاب آيو آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ يار هڪ ڪاپي ته موڪليندا.
هتي ٿڪ سبب في الحال لکڻ ڇڏي ڏنو اٿم، پر ڪالهه کان ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جو ارادو ڪيو اٿم. ليکڪ ۽ سماج Establishment جي حوالي سان پڪو ارادو نه ڪيو اٿم ته رات ضرور هڪ ٻه پئراگراف ئي لکندس، پر هر حالت ۾، جيڪڏهن اوهانجو ڪو ڪتاب ڇپيو هجي ته موڪليندا، جواب جو انتظار رهندو.
اوهان جو پنهنجو
منير
(ماڻڪ جواهو خط جيڪو هن پنهنجي مرتئي کان ڏهه، ٻارهن ڏينهن اڳ نثار حسيني کي لکيو هو.) “
هي سنڌ جو بي باڪ ڪهاڻيڪار 26 جنوري 1982ع تي نواب شاهه ۾ آپگهات ڪري جسماني طرح پنهنجو انت آندو. سندس موت بابت ناول ’ساهه مٺ ۾‘ تبصرو ڪندي نصير مرزا لکي ٿو ته :
” 26 جنوري اڱاري جي ڏينهن ٻي وڳي منجهند ڌاري برک ڪهاڻيڪار ماڻڪ جي اوچتي دکدائڪ وفات واري خبر 27 جنوري تي شام سوائين ڇهين وڳي تصديق ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. کوڙ سارن دوستن جو پنڊپهڻ دائرو. ۽ وچ ۾ سائين نثار حسيني تصديق لاءِ الاهي ڪهڙي اخبار کي فون ڪيو. سائين فون تي ڳالهائڻ جي ابتدا ڪئي ته دل ڌڙڪڻ لڳي، ته اها خبر..... شايد........ نه نه ! پر اوچتو ڳالهائيندي، سائين اکين ئي اکين ۾ چئي ڏنو، ماڻڪ ختم ٿي ويو. جهلڪ پلڪ لاءِ سڀ فريز ٿي وياسين!.“
***