اميد پرست شاعر ’ڊاڪٽر تنوير عباسي‘
ڊاڪٽر نور نبي المعروف تنوير عباسي 7 ڊسمبر 1934ع تي ڳوٺ سوڀو ديرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو گل حسن عباسي هو. ڊاڪٽر ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم ڪراچي جي مشهور درسگاهن هيرانند اڪيڊمي، اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪري، پاڻ مستقل طور خيرپور ميرس ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پاڻ 1964ع ۾ سندس اهليه ڊاڪٽر قمر عباسي سان گڏجي ڦول باغ ويجهو ’سنڌ اسپتال‘ نالي هڪ خانگي اسپتال هلائڻ لڳو، پاڻ پوري زندگي ڊاڪٽري جي پيشي سان وابسته رهي غريب، مسڪين ۽ ڏکايل ماڻهن جو همدرد رهي مفت علاج ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعري جي شروعات 1953ع ڌاري ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، پاڻ شروعات ۾ ’مغموم‘ تخلص استعمال ڪيو. سندس شاعري ۾ استاد سنڌ جو محبوب نقاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي فطرت پسند ۽ رومانوي شاعر هو. سندس شاعري انساني ڪيفيتن، احساسن، جذبن ۽ اڌمن جو پُرزور بيان آهي، هو لفظن ۾ محبوب جي زلفن جي پيچ پيچان جو ذڪر ايئن ٿو ڪري، ڄڻ عاشق جي آڏو محبوب جي موجود هجڻ جو احساس ڏياري ٿو:
ڪئين تصور منهنجو هن جي زلف پيچان کي ڇڏي،
بلبل بي آب وِ دانه ڪٿ ٿي زندان کي ڇڏي.
هن جو دامن ويو ڇٽي منهنجي هٿن مان، ان ڪري،
ڪين ٿو دست جنون منهنجي ئي دامان کي ڇڏي.
ياد هوندو ڪنهن کي هاڻي محفل ياران ۾ هو،
ڏينهن ٿيا، ’تنوير‘ ويو بزمِ رفيقان کي ڇڏي.
تنوير جي شاعريءَ جو جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته سندس شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ حقيقت پسند شاعر ۾ هئڻ گهرجن. تنوير وٽ مايوسي نه آهي، هو مايوس ٿي محبوب جي جدائي ۾ ڀٽڪڻ جو قائل نه آهي ان وٽ زندگي انمول آهي، هو زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ جو قائل آهي. هر انسان جيان ننڍيون حسرتون جيڪي صرف سوچي سگهجن ٿيون، جيڪي پوريون ته ڪڏهن به نه ٿيون ٿي سگهن، ان تي اسان جي تنوير جي نماڻي هڪ خواهش ملاحظه فرمايو:
پر ٿي مليو، هو پيالو ليڪن چپ تي آڻي ڪيئن سگهياسين،
هڪڙي حياتي حاصل ٿي هئي، سا ٻي ماڻي ڪين سگهياسين.
تنوير عباسي حقيقت پسند ۽ روشن خيال شاعر هو، سندس شاعري ۾ زماني جي اٿل پٿل ۽ تبديليءَ کي بيحد ئي آساني سان سمايو اٿس. شاعري بابت ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر ‘ ۾ لکي ٿو ته:
” تنوير بنيادي طرح انسانيت دوست شاعر آهي، جيڪا خصوصيت سنڌ جي هر روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر جي رهي آهي. “
انسان جي رهڻي ڪهڻي ۽ پاڻ سماج ۾ ريتن رسمن کي تبديل ٿيندي ڏسي تنوير چوي ٿو:
جهوني جڳ جي ريت مٽي،
نفرت گهٽجي پري وڌي،
اڄ ڪا اهڙيءَ هام هڻو،
نينهن جو نعر و عام هڻو،
کليو کلايو جام کڻو!
ڪو به حقيقت پسند انسان هن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته کيس فاني جڳ ڇڏڻو به آهي! پر زندگي بخشيندڙ انسان جو ذاتي عمل آهي، جيڪو مرڻ کان پوءِ به انسان کي زنده رکي ٿو. تنوير ساڳيو خيال هن ريت ٿو بيان ڪري:
ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،
ٻور آهيون، ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي اهو ڪامياب شاعر هو، جنهن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. پاڻ پنهنجي پهرين ڪتاب ’ رڳون ٿيون رباب‘ جي مهاڳ ۾ پنهنجي شاعري بابت لکي ٿو ته:
” پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙي ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا احساس اٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“
ڊاڪٽر تنوير عباسي وطن دوست شاعر هو، سندس شاعريءَ سنڌ سان محبت جو اظهار آهي. ون يونٽ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌي ڪتابن تي بندش وڌي ٿي وئي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ تي وار پئي ٿيا، تڏهن وڏي واڪي تنوير پروگرامن ۽ ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي، هي نعرو بلند ڪيو:
ٻاهر گل گلاب جا، اندر ۾ فولاد،
سنڌڙي جو اولاد پرکي ڏسو ڪانئرو!
ڊاڪٽر تنوير عباسي شاعر سان گڏوگڏ بهترين نقاد هو. هن لطيفيات جي مختلف سياسي، تاريخي، فڪري جمالياتي پاسن تي هڪ بهترين ڪتاب، ’شاهه لطيف جي شاعري جو اڀياس‘ لکيو، هن نارايڻ شيام، سچل سرمست، نانڪ يوسف، خيرمحمد هيسباڻي تي پڻ تحقيق ڪري ڪيترائي مقالا لکيا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. انهن مان پهريون ڪتاب ، ’رڳون ٿيون رباب‘ 1958ع، ’شعر‘ 1970ع، ‘سج تريءَ هيٺيان‘ 1977ع، ’هيءَ ڌرتي‘ 1985ع، ’تنوير چئي‘ 1989ع، ’شاهه لطيف جي شاعري جو اڀياس‘، ’نانڪ يوسف جو ڪلام‘ ترتيب 1982ع، ’خير محمد هيسباڻي جو ڪلام‘ ترتيب 1983ع.
تنوير عباسي انگلينڊ، فرانس، اٽلي، هالينڊ، يونان، ڀارت، متحده عرب امارات، آمريڪا ۽ ويسٽ جرمني ملڪ گهمي ڏٺا ۽ انهن سفرن تي شاندار سفرناما پڻ لکيا.
ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪيترن ئي علمي، ادبي ادارن ۽ تنظيمن سان مختلف حيثيت سان وابسته رهيو. پاڻ 1966ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل، ان کان سواءَ سيڪريٽري پاڪستان رائٽرس گلڊ ميمبر دي پوئيٽري آف سوسائٽي لنڊن، ميمبر ايڊوائزري بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سيڪريٽري سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، ڊائريڪٽر سچل چيئر شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور، ميمبر بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن سکر، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جو گورننگ باڊيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي ادارن سان وابستگي رهي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر تنوير عباسي کي ڪيترن ئي تمغن سان پڻ نوازيو ويو، جنهن مان پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ، ڀارت مان شاعري تي نارايڻ شيام ايوارڊ ۽ حڪومت پاڪستان طرفان سڀ کان وڏو سول اعزاز شامل آهي.
آءٌ ته کلندي ملندي
گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين،
ورهيه ورهائڻ آيا آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين.
اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين.
جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين.
ڊاڪٽر تنوير عباسي 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي.
[b](تنوير عباسي جا ڪجهه غزل)
[/b]
[b]نه مان خدا نه رسول
[/b]
نه ڪو مان خدا ۽ نه ڪو مان رسول،
مان تنوير آهيان پوان شل قبول.
نه ڊاهيان نه ماريان، نه ساڙيان، ٿو مان،
محبت ڪرڻ آهي، منهنجو اصول.
لهي ڪين ٿو عشق اڀ مان ڪڏهن،
دلين مان محبت جو ٿئي ٿو حصول.
لٿا ڪن مٿان آسماني ڪتاب،
۽ مون تي محبت جو ٿيو آ نزول.
نه وسري سگهي ٿي ڪڏهن ياد سا،
اُها جل پري، مان ۽ سوئمنگ پول.
[b]نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون!
[/b]
نه ڪي بيت مون وٽ نه ڪي آيتون،
رڳو پيار ۽ پيار جون ساعتون.
رهياسين سڄي عمر معصوم ته به،
اسان تي لڳيون عشق جون تهمتون.
نه ڪي صورتون ۽ نه ڪي مورتون،
نه ڪي جلوتون نه ڪي خلوتون.
اسان طورسينا اکين تي رکيو،
نگاهن کي ڏيو ڪي ٻيون دعوتون.
اوهان چُپ ڪري دل ۾ ويهي رهيئو،
۽ هر هنڌ اوهان کي سڏيندا وتون.
اسان جي محبت ڪندي معجزو،
نه رهنديون اهي نفرتون نفرتون.
ٻَٻُرَ جي وڻن جيان اسان جو جيئڻ،
۽ مانجهاندڙين جان سندن قامتون.
[b]پيارو پل ويو لکجي!
[/b]
پيارو پيارو اهو پل ويو لکجي،
تو نهاريو ته غزل ويو لکجي.
تنهنجي پوشاڪ جيان ئي سرهو،
جملو ڪو رنگ رتل ويو لکجي.
ڍنڍ جي منهن تي سندءِ نيڻن جيان،
آهي ڪيئن نيل ڪمل ويو لکجي.
رات جي اک ۾ ڪاتب کان،
ڪارو ڪارو آ ڪجل ويو لکجي.
ڪيئن تقدير لکڻ واري کان،
عشق سان لفظ اجل ويو لکجي.
[b]نه ڪا حور گهرجي نه ڪا پري!
[/b]
نه ڪا حور گهر جي نه ڪا پري،
اها ئي کپي جا ڪري دلبري.
تجليءَ ۾ گرمي تجليءَ ۾ نور،
تجليءَ سان ليڪن پئي دل ٺري.
سري ليڪن وڏي قرب سان،
اوهان کان جدا ٿي گهڙي جا سري.
ڪڏهن ميڻ ڀي آهي، ويندي ڄمي،
ڪڏهن پهڻ ڀي آهي ويندو ڳري.
ڏٺس تو ڀري پيار جي هڪ نظر،
۽ ”تنوير“ ان ئي گهڙيءَ پيو کَري.