عوامي شاعر ’ابراهيم منشي‘
محمد ابراهيم، تخلص منشي 15 جنوري 1934ع ڳوٺ جنهاڻ خان سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو. جيڪو پڻ سٺو شاعر هو. ابراهيم منشي شاعري جي شروعات 13 سالن جي ڄمار ۾ ڪئي، پاڻ شروعات ۾ مولود، غزل ۽ پوءِ عشقيه ڪلام چوڻ لڳو.
1945ع ۾ سندس والد جي وڇوڙي کان پوءِ گهر جو سڄو بار اچي مٿس پيو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ پنج درجا سنڌيءَ جا پڙهي وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. پاڻ مسلسل پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ڪڏهن گهورائو بنجي ڳوٺ ڳوٺ ۾ صدائون هڻندو رهيو ته ڪڏهن وري رشتيدارن جي زمين جا ٽي ايڪڙ آباد ڪري منشيگيريءَ جو ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ ڳوٺ ۾ منشي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ پوءِ پنهنجو تخلص منشي رکيائين.
ابراهيم منشي عوامي شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي ڏتڙيل بکايل ۽ مظلوم ماڻهن جي زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي، هو جاگيردارن جي سياست ۽ غريب عوام جي بيوسي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻائي ٿو، هو ڀوتارڪي واعدن ۽ عوام لٽيندڙ وڏيرن جي ظلم ڪٿا کي پُرزور انداز سان پيش ڪري ٿو:
وري ڀينگ ڪئي، جن سي ڀائو اچي ويا،
اچي ويا وڏيرا، ويڪائو اچي ويا.
ڪسابن کان ڪهندي، لنگهي ويا جي ليڪو،
وري سال پنج سي کڻڻ آيا ٺيڪو،
ورو سڀ ويڙهيچا، وٺون واٽ ٻي ڪو.
اٽي ۽ لٽي ۽ اجهي جا ڏيئي نعرا،
ڪيئون قوم اڳيان پنهنجا منهن ڪارا،
ڪڏهن بنجي اسلام جي اک جا تارا،
ڪڏهن بنجي لينين ۽ مائو اچي ويا.
ابراهيم منشي جي شاعريءَ سنڌ جي ماڻهن جو سگهارو آواز آهي، سندس شاعري وڏيرڪي سياست ۽ سنڌ دشمن سياست ڪندڙ ڀوئتارن جا راز پڌرا ڪري ٿي. ابراهيم منشي جنت جهڙي دنيا جا خواب ڏيکاريندڙ ڀوئتارن کي ڄڻ موجوده سنڌ جو چٽو آئينو ڏيکاري ٿو:
هر بشر غمگين تنهنجي ڳوٺ ۾،
ناهي ڪا تسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار،
سڀ ٻيا مسڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
واهه ڪورٽ جج تون جداد تون،
ڪو به رهندو ڪين تنهنجي ڳوٺ ۾.
غم غريبن کي سدائين پيٽ جو،
تون ئي تون شوقين تنهنجي ڳوٺ ۾.
مرڪ تنهنجي کي ڏسي “ منشي ” پڙهي،
سورت ياسين تنهنجي ڳوٺ ۾.
ابراهيم منشي سنڌ جي هاري، ناري، ڪڙمي ڪاڇي جي نمائيندگي ڪندڙ شاعر هو، پاڻ ڪڏهن به سنڌ جي حقن خلاف سوديبازي نه ڪيائين، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن به سنڌي قوم جي حقن خلاف ڪا سازش محسوس ڪئي ته سنڌ جي دشمن سان جنگ جوٽيندي نظر آيو:
جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننڱ آ.
جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو، ته پهچي پٽڪي ور ويو،
۽ جوڙي سي جٿا جٿا، ٿي گهور ٿيون ڌر مٿان مٿا،
نه هچڪيا نه هٻڪيا نه دم دلير دٻڪيا،
اجائي تو اچي هتي، اڙائي تن سان ٽنگ آ!
يا
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
برابري سراسري، اسان گهرون ٿا ايتري،
پڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون جيتري،
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
جو سچ ا نهيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي و ڃي.
منشي جي شاعريءَ قوم لاءِ اتساهه آهي، سندس شاعري اڄ به سنڌ جي جهنگ جهر، شهر شهر ۾ گوجندي رهي ٿي ۽ تاقيامت تائين گوجندي رهندي. محترم ابراهيم جويو ابراهيم منشي بابت لکي ٿو ته :
” هن ڏوٿي، هن عطائي، هن درياءَ دل، راڳي شاعر پنهنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين سان جهوليون ڀريون آهن، جهولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاهيون آهن، بشرطيڪ هن جي اها ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنهنجون دليون کوليون ۽ ان ۾ صدا آهي، پنهنجي ماروئن ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ قرباني ۽ ڪم جي صدا ٻڌون.“
ابراهيم جي شاعريءَ جتي وطن جي دفاع لاءِ دشمنن سان اکين ۾ اکيون ملائي جواب ڏيڻ جو چٽو اظهار آهي ته اتي وري محبوب جي سک ۽ محبوب جي ملڻ جي اوسيئڙي ۾ سالن ڀري انتظار جو اظهار پڻ:
هڪ مند چري آهي، ٻئي جا رات ٺري آهي.
اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي.
ابراهيم منشي جي شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جنهن مان ’ڌرتي دين ڌرم‘، ’گوندر ويندا گذري‘، ’ڌونئري ڏينهن ڌاڙا‘ وغيره. ابراهيم منشي جي ڪيل پورهئي تي سڄي سنڌ کي ناز آهي. اڄ پوري سنڌ ابراهيم منشي جهڙي عوامي شاعر تي فخر ڪري ٿي. هي سنڌ جو عوامي شاعر هن فاني دنيا مان 31 جولاءِ 2003ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
[b](ابراهيم منشي جا ڪجهه غزل)
[/b]
[b]سو سنڌ کي ڇڏي وڃي!
[/b]
نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي،
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.
برابري سراسري، اسان گهرون ٿا ايتري،
پڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون هيتري،
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
جو سچ انهيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
نکاريو سنڌڙي حسن، ڏسي ڪيئن ڪونڌر پيا ڪسن،
ڪروڙ ڪاهيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پڇن،
مچن مچن اندر مچن، مچن مچن اندر مچن،
جنهن وک هٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
هي مڪليون، موهن دڙا، ٿرن برن ٿڌ ا گهڙا،
ٽهڪائي جنهن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽپڙ ٽڙا،
انهيءَ ڪري هڙا وڙا، انهيءَ ڪري هڙا وڙا،
نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ ما ن لڏي وڃي.
ٿي انتها آ ڪيس جي، ۽ ڪيسين ويهندا هيسجي،
ڇڏي ڏي ريت ريس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
آ جنگ جيس جيس جي، آ جنگ جيس جيس جي،
اٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
ٻڌين نٿو کٻي سڄي، نغارو جنگ جو پيو وڄي،
گهڻين هٿين ڇپر کڄي، هلي نه جنهن هيون هڄي،
ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي هينئر ڀڄي،
دڙي تي داڦ بيهه دڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
هي ملڪ “ منشي ” ٿيو مَکِي، چوي پيو پکڻ پکي،
جڏهن به قوم آ ڪَکِي، لکين لهي آيا لکي،
سنڌوءَ جي سرڪ جنهن چکي، سنڌوءَ جي سرڪ جنهن چکي،
پيءَ جان سان نٿو جڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي ٿو.
[b]وڏيرن جو وريو وارو!
[/b]
وڏيرن جو وريو وارو خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،
وري مارن مٿي مارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
جمهوريت راڄ ٿيو جاري، چڱا چالان چوڌاري،
هزارين جيل ۾ هاري، ظلم ساڳئي ۾ نر ناري،
وري سورن ۾ سنڌ ساري، نئين سر قيام ٿي ڪاري،
وري مظلوم ويچارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري رهبر بنيا باطل، اهي ئي قوم جا قاتل،
سدا غم ڪڙم کان غافل، پوڄاري پيٽ جا پاليل،
نئين نعري ۾ ٿي شامل، نئون ليبل اها بوتل،
اها بگري اهو ڍارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري گنگا صنم ساڳيا، وٺي آيا جنم ساڳيا،
اسم ساڳيا جسم ساڳيا، وري سانگين ستم ساڳيا،
وري ڀاڳين ڀرم ساڳيا، وري ڪوڙا قسم ساڳيا،
وري قانون اهو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وٺي ويئي مارشل موڪل، هنگامي آئي هٿ ٺوڪيل،
سنڌي ۽ سنڌ ٿاڻي ۾، هميشه جيئن رهيا روڪيل،
اهي ئي چور ٿيا اڄ، چور دروازي ڪنان داخل،
نه آهي ڪو چوڻ چارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
هتي جنهن ٻڙڪ سچ ٻولي، لڳي ٿي ترت تنهن گولي،
ٺڳي جي ٺاهي نئين ٽولي، خدا جي خلق تي رولي،
هلي هر هنڌ پيئي هولي، لڳي گولي سندي لولي،
کائي ميمبر پيو کڳمارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
ويون انصاف جون راهون، پيا مسڪين ڪن دانهون،
ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، ٻئي هر هر کڻي ٻاهون،
وزارت جون وٺي ڪرسيون ڪري ويا پير سڀ پاهون،
ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خد ا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
اهي ڦريون اهي ڌاڙا، پوليس ڪئين پٽيا پاڙا،
سفارش جا اهي ساڙا اهي رشوت سندا راڙا،
وزيرن جا ڀري واڙا، لچن لالچن تي ڪيا لاڙا،
وهي واهڙ پيو اوڀارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
لڳي ڪرسي مِٺي منصوري، ويا سڀ واعدا وسري،
ٻڌائون حال چئو ڪنهن کي، سڀ ئي نانگا ٿيا نسري،
سڀيئي سلطان هي ڪسري، سڏائن پاڻ کي پسري،
ڪيو تن عيش ڏي آرو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
جهنگن جا ساڳيا جهانگي، سڀيئي سورن اندر سانگي،
بکن بيحال ڪيا “ منشي” نه تن جو ڪو وريو وانگي،
اڳوڻي کان ظلم آڳرو، ملي سون منهن تي دانگي،
ڪيوسون پنهنجو منهن ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.