شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

ھي ڪتاب محترم انعام جتوئيءَ پاران لکيل سنڌ جي ڏات ڌڻين جي شخصي ۽ سوانحي خاڪن تي مشتمل آھي.
ھن ڪتاب ۾ نارايڻ شيام، استاد بخاري، تنوير عباسي، ابراهيم منشي، اياز گل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ماڻڪ منير ۽ علي بابا جي شخصيتن بابت شخصي ۽ سوانحي مضمون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي وئي آھي.
Title Cover of book سنڌوءَ جا ڏات ڌڻي

شاهه جو شيدائي ’ڊاڪٽر گربخشاڻي‘

جيجل سنڌ پنهنجي سٻاجهڙي ڪک مان سچن سپوتن، محنت ڪش انسانن، علم جي عقابرن، دانشورن، محققن، شاعرن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آهي، انهن سنڌ جي سٻاجهڙن پٽن مان هڪ نانءُ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو آهي.
هوتچند المعروف ڊاڪٽر گربخشاڻي 1884ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو مولچند گربخشاڻي هو. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ گربخشاڻي صاحب جي خاندان بابت لکي ٿو ته:
” هي صاحب حيدرآباد جي گربخشاڻي عالمن جي خاندان مان هو، سندس ڏاڏو ديوان نئنسکداس زمينداري ڪندو هو. سندس والد ديوان مولچند پڙهي روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪئي. ڪهڙي عهدي تان رٽائر ڪيائين، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي. هي اصل وڌواڻي گهٽي ۾ رهندا هئا، جتان لڏي پوءِ مارڪيٽ جي ڀر ۾، آغا خاني خوجن جي پاڙي ۾ وڃي ويٺا.“
هوتچند ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ پاڻ سيڪنڊري تعليم اين ايڇ اڪيڊمي مان 1899ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تنهن کان پوءِ 1900ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل آرٽس (جنهن کي هاڻي ڊي جي ڪاليج جي نالي سان سڏين ٿا) ۾ داخلا ورتي، جتان 1905ع ۾ بي-اي جو امتحان پاس ڪيو. هوتچند کي علم جي تونس ويهڻ نه ڏنو، هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي روانو ٿيو، جتان بمبئي جي مشهور ولسن ڪاليج مان 1907ع ۾ ايم اي انگريزي ۽ فارسيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. هن نوجوان جي محنت ۽ جفاڪش جو مان رکندي، ولسن ڪاليج جي انتظاميا کيس ساڳئي ئي ڪاليج ۾ استاد مقرر ڪيو. (ڊاڪٽر صاحب جي قابليت ۽ محنتي هجڻ جو مثال هن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟.) ڊاڪٽر صاحب ولسن ڪاليج ۾ هڪ سال پڙهائڻ کان پوءِ 1908ع ۾ سنڌ موٽي آيو، جتي پاڻ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، اتي پاڻ ڪجهه عرصو پروفيسر رهي، وائيس پرنسپال ۽ پوءِ پرنسپال جي عهدي تي فائز رهيو.
ڊاڪٽر هوتچند صوفي منش هو، هن 1928ع ۾ لنڊن يونيورسٽي مان ’اڻوهين صدي جي انگريزي شاعري ۾ تصوف‘ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪئي. تصوف سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو، صوفي خيالن بابت سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته :
” سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا هئا، چوڻ ۾ اچي ٿو ته اصل ۾ شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفيانه تعليم ۽ تربيت مليل هئي، مثنوي مولانا روم، ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ خاص درڪ هوندو هوس.“
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سنڌي ادب جي تاريخ جو اهو سونهري باب آهي، جنهن شاهه لطيف جي ڪلام مان ڌاري ڪلام هجڻ جي تصديق ڪئي ۽ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ڪلام کي معجزي ۽ ڪرامتن جي ڪڙين کان آزاد ڪري، شاعريءَ جي فني خوبين کي نروار ڪيو شاهه جي ڪلام جي صحيح پڙهڻي بابت عالمن ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو. جنهن تي کيس تمام گهڻي تنقيد پڻ ٿي. پاڻ هميشه پنهنجي تحقيقي ڪاوش سان سلهاڙيل رهيا ۽ تنقيد جو ڪڏهن به ڪو جواب نه ڏنائون. کيس اهو افسوس ضرور هو ته شاهه لطيف تي اڄ ڏينهن تائين فني حوالي سان تحقيق ٿي نه سگهي آهي!. ڊاڪٽر گربخشاڻي ’شاهه جو رسالو‘ جلد پهرين جي ’ منڍ ‘ ۾ لکي ٿو:
” جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جهڙو عاليشان شاعر يورپ ۾ پيدا ٿئي ها، ته سندس ڪلام جي صحيح نسخي تيار ڪرڻ ۾ ڪيترائي عالم پنهنجون حياتيون صرف ڪن ها، ۽ هزارين ڇاپا معنائن ۽ شرحن سميت نڪري وڃن ها. پر سنڌ ۾ اهڙي اعليٰ شاعر جي اڃا تائين، پوري قدر شناسي نه ڪئي ويئي آهي.“
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي سنڌ جو اهو باڪمال محقق ۽ نقاد هو، جنهن سنڌي ادب ۾ سائنسي بنيادن تي تنقيد جو آغاز ڪيو، جنهن کي سنڌي ادب ۾ جديد تنقيد جو ابو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڊاڪٽر بدر اڄڻ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري‘ ۾ لکي ٿو ته :
”ڊاڪٽر گربخشاڻي کي جيڪڏهن جديد تنقيد جي پايي وجهندڙن مان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هن لاکيڻي لطيف جي سوانح، فن ۽ فڪر تي جيڪو تنقيدي ڪم ڪيو، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.“
ڊاڪٽر صاحب ’ شاهه جو رسالو‘ جديد فڪري اصولن مطابق تيار ڪري شاهه لطيف جي ڪلام جو نچوڙ پيش ڪيو، جيڪو چار جلدن ۾ هو، پر افسوس ٽي جلد ته سندس حيات ۾ ئي شايع ٿيا پر آخري جلد شايع نه ٿي سگهيو. رسالي جو پهريون جلد15 ڊسمبر 1923ع، ٻيو جلد 19 ڊسمبر 1924ع ۽ ٽيون جلد جيڪو ڇهه سالن کان پوءِ 27 ڊسمبر 1931ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي ٽنهين جلدن مان واضح آهي ته ڪيتري ته محنت، مشقت، محبت ۽ سچائي سان شاهه جي رسالي کي قوم تائين پهچائڻ لاءِ ڪوشان رهيو ته جئين سنڌي قوم پنهنجي عظيم لافاني شاعر۽ رهبر جي پيغام کي سمجهي سگهي ۽ فائدو حاصل ڪري سگهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي جي ترتيب ڪجهه هن ريت ڪئي آهي:
پراڻن نسخن جي ڪلام کي ڀيٽي نئين سر پڙهڻيون مقرر ڪيون اٿس. شاهه جي ڪلام جو مڪمل مقدمو پيش ڪيو اٿس جيڪو ڏهن فصلن تي مشتمل آهي، جنهن کي مختلف عنوانن ۾ ورهايو اٿس، جنهن جو مختصر تفسير هيٺ ڏجي ٿو:
فصل پهريون ’شاهه صاحب جي سوانح عمري‘ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جي پيدائش جي تاريخ کان وٺي، شاهه صاحب ڏانهن جيڪي مشهور روايتون منسوب آهن، انهن تي پڻ بحث ڪيو اٿس.
فصل ٻيو ’ شاهه جي صورت ۽ سيرت‘ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب جي پوشاڪ، خوراڪ ۽ آرام، رحمدلي، رياضت، نئڙت، پاڪدامني ۽ راڳ جي شوق جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. ساڳئي فصل ۾ شاهه صاحب جي تصوير تي بحث ڪيو اٿس، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:
” شاهه عبداللطيف جي سچي تصوير ڪٿان ملي نٿي سگهي، ڪن ڪن رسالن ۾ هڪڙي تصوير ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جا دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته شاهه جي آهي، مگر ائين هرگز نه آهي، اها هڪ وهمي تصوير ٿي ڏسجي، جنهن جي شاهه جي شڪل شبيه سان ڪابه مشابهت ڪانهي.“
فصل ٽيون ’شاهه جو مذهب ‘آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي فرقي بابت وضاحت ڪئي وئي آهي ته ڇا شاهه صاحب سني هو يا شيعو؟ ان بابت روايت پڻ ڏني وئي آهي. شاهه صاحب جو خليفن سان ڪهڙو برتاءُ هوندو هو، شعريت جي پيروي، حج جو ارادو، ديني آزادي ۽ عشق الاهي جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
فصل ڇوٿون ’ويدانيت ۽ تصوف‘ آهي. جنهن ۾ ويدانيت ۽ تصوف تي بحث ڪيو ويو آهي.
فصل پنجون ’ شاهه جو شعر ۽ شاعري ‘آهي. جنهن ۾ شعر جي زندگي، شاهه ۽ ٻيا شاعر، شاهه جي بزرگي، جمال ۽ حد جو مشاهدو ۽ حقيقت جي پروڙ، شاعري پيغمبريءَ جو جزو، شاعر جي صنعتي خوبيون، فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش تي بحث ڪيو ويو آهي.
فصل ڇهون ’شاهه جي شعر جو مضمون ۽ عبارت‘ آهي.
فصل ستون ’شاهه جو نظم‘ آهي، جنهن ۾ شاهه جي شعر ۽ نظم جي بناوت، هندستاني دوهو، دوهي جي بناوت، سنڌي دوهو، شاهه جو طريقو، تجنيس حرفي جو استعمال ۽ هندستاني راڳ ۽ راڳڻين جو ذڪر آهي.
فصل اٺون ’شاهه جي سنڌي‘ آهي، جنهن ۾ شاهه جي سنڌي ۽ هاڻوڪي سنڌي تي بحث، سنڌي جو عربي ۽ فارسي سان بنيادي واسطو نه هجڻ، صورتخطيءَ جي خامي، علم لغات جي اڻ واقفيت تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي.
فصل نائون ’شاهه جون نحوي بناوتون ‘آهي. جنهن ۾ شاهه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرت سان مشابهت، حالتي پڇاڙيون، ضميرن جي حالت اضافت، ضميري نشانيون وغيره مطلب ته لساني حوالي سان هن فصل ۾ بحث ڪيو ويو آهي.
فصل ڏهون’ رسالي جي تصنيف ۽ تاليف ‘ آهي. جنهن ۾ رسالي کي ڪراڙ ڍنڍ ۾ ٻوڙڻ، وري لکڻ، ٻين شاعرن بابت ساڳيون روايتون وغيره بحث هيٺ آيل آهن.
شاهه صاحب جي سوانح عمري کان ويندي شاهه صاحب جي ڪلام جي هر هڪ پهلوءَ تي ڊاڪٽر صاحب روشني وڌي آهي، سندس ڪاوش بابت سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته:
” شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي، پر انهن مان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مثنوي جي شرح، مسٽر برائون جي ايراني شعر جي تاريخ، ۽ حڪيم ثنائي جي حدية الحقيقت جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه لطيف جي رسالي کان سواءِ ٻيا به ڪتاب لکيا آهن، جنهن کي سنڌي ادب ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جنهن مان ناول ’نورجهان‘1915ع، ’ لنواري جا لال‘1934ع، شاهه جي رسالي ۾ آيل احوال ۽ مقدمو جيڪو ’روح رهاڻ‘ 1933ع ۽ ’مقدمه لطيفي‘ جي عنوان سان 1936ع ۾ الڳ شايع ٿيا.
هي سنڌ جو عظيم محقق، نقاد ۽ لطيف شناس 11 فيبروري 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو.

***