مذهب

چچ نامو

تقريبن ڏيڍ هزار سال اڳ جي سنڌ بابت جيڪا به اهم معلومات آهي، سا انهيءَ ڪتاب منجهان ئي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ بـُـنيادي طرح هيءُ ڪتاب عربن جي سنڌ ۾ آمد ۽ اُن جي پس منظر ۽ پيش منظر جي هڪ مختصر جهلڪ ڏئي ٿو، پر تڏهن به انهيءَ کي سنڌ سان گڏ ننڍي کنڊ جي اهم ترين ماخدن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو
Title Cover of book چچ نامو

بسم الله الرحمن الرحيم

حمد ۽ تعريف انهيءَ مالڪ کي جڳائي، جنهن جي احسان جو ذڪر ايمان جو تـَـت ۽ جنهن جي نعمتن جو شڪر امن ۽ امان جو منڍ آهي. اهڙو ڪاريگر، جنهن”ڪُن فـَـيـَـڪُـونُ“ وارو امر وهمن ولوڙڻ سان زائل نٿو ٿئي، اهڙو قادر، جنهن جون بيمثال صفتون خيالي حڪمتن ۾ محدود نه آهن، اهڙو مقرر انداز رکڻ وارو جنهن پنهنجي قدرت جي آسمانن ۾ نـَـکـَـٽـَـنِ جون شمعون روشن ڪيون، ۽ اهڙو مصور، جنهن پنهنجي دقيق حڪمتن مطابق ستارن جون منزلون چـِـٽيون. اهو خالق، جنهن جي ڪاريگريءَ جي جمال، چمڪندڙ سج کي سينگاريو، ۽ اهو پروردگار، جنهن جي قدرت جي جلال، اونداهيءَ رات جي زلفن کي سنواريو. هن جي عدل جي غلبي کان ڪڪر جي اک، آسمان جي فضا ۾ روئندڙ آهي، ۽ گـُـل جو روشن ڏيئو، ڪشاديءَ زمين تي سندس رحمت جي فيض کان ٽـَـهڪندڙ آهي. اهو جـَـبـَـار، جنهن فـِـرعـَـون بي مـَـدد جي مسخريءَ کي، ڪفر ۽ گمراهيءَ جي سـؤ سالي نشي هوندي به هڪڙي بي وُضو سجدي جي برڪت سان رحمت ۽ مهربانيءَ جو حقدار ٺهرايو، ۽ اهڙو قـَــهار[1] جنهن مڪريل ابليس کي ست سـؤ هزار سالن جي عبادت جي باوجود هڪ سجدي نه ڪرڻ ڪري پنهنجي عزت ڀريءَ درگاهه مان تڙيل ۽ مردود ڪري ڇڏيو. فـَـتـَـبـَـارڪَ اللهُ اَحسـَـنُ الخـَـالـِقـِين وَ الحـَمدُ ِللهِ ربِ العـَـالـَمـِـينَ (پوءِ الله تعالــيٰ مڙني ۾ مٿانهون ۽ سهڻي ۾ سهڻو خلقيندڙ آهي ۽ هر قسم جي تعريف انهيءَ الله کي ئي جڳائي جو ساري ڪائنات جو پالڻهار آهي).
(جملي) درود، (دعائيه) تحفا، سلام ۽ صلواتون انهيءَ رسول صلي الله عليه وسلم جي عنبرين خاڪ ۽ روضه مطهر تي موڪلڻ گهرجن جنهن جي وعظ ۽ نصيحت جي اثر کان مؤمنن جي دلين جو آئينو صاف آهي، ۽ جنهن جي خـُـلق جي شعاعن ڪري، محبن جون جانيون مقبول آهن. اهڙو سچو، جو سندس اخلاق جي چهري کي خلق جي چؤپچؤ ميرو نه ڪري سگهي، ۽ اهڙو سالڪ، جنهن جي امن جي راهه ۾ هلندڙ قدم کي، ڪـِـچري جا ڪـُـنڊا ڏکوئي نه سگهيا. اهڙو ڪريم، جو سندس شهنشاهت جي چاڪرن، محمدي نـُـور جي برڪت سان هر دفعي ڪنهن نه ڪنهن کي بااختيار حاڪم بنائي، حجاز جي ڪافرن، ايران ۽ خراسان جي بيدينن ۽ سرڪش هندن کي آبدار ترار ۽ خونخوار نيزي جي رعب سان ذليل ۽ خوار بنايو، ۽ بتن ۽ ٺاڪرن جي جڳهه تي مسجدون منبر ٺهرايا، جنهن ڪري محمدي دليلن جا آثار ۽ نبوي نشانن جا معجزا ظاهر ٿيا.
۽ پڻ (صلواتون ۽ سلام) انهن ڏهن اصحابن ۽ پاڪ دامن نـَـقـِـيبـَـن تي، جن جي حق ۾ نبوت جي زبان ۽ بزرگي جي ٿنڀي قرآن مجيد مان هيءَ بشارت مقرر ڪئي ته: (قوله تعالي) وَ الذِينَ معہُ اَشـِـداءُ [2] عـَـلـَـي الڪـُـفارِ رُحـَـمـَـاءُ بـَـينـَـهـُـم تـَـراهـُـم رُڪعاَ سـُـجداَ (يعني جيڪي سندس (محمد جا) ساٿي آهن، سي ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ ٻاجهارا آهن ۽ تون انهن کي رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ ڏسندين)، صـَـلـَـواتُ الله عـَـلـَـيهـِـم وَ رضـَـي ا للهُ عـَـنهـُـم اَجمـَـعـِـين.
ٻنهي جنسن (جنن ۽ انسانن) جي رسول محمد مصطفيٰ عـَـلـَـيهمِ الصلـَـواةوالسلام جا مناقب هنن ڪنوارين جي هارن جي جـَـڙا ِّ ۽ هنن قيمتي (موتين) جي قافين جي تصحيح تي روشن برهان ۽ هنن تصنيفن جي سينگار ۽ هنن گردانن جي نـِـظام تي چـِـٽو دليل ٿي رهندا (1) جڏهن الله تعالـي جل جلالہ جو حڪم رسول ثـَـقـَـلـَـين ۽ نبي حرمين کي پهتو ته يـَـا اَيـُـهـَـاالمـُـزمـِـل قـُـم اللـَـيلَ اِلا قلـِـيلاًنـِـصفـہُ اَو اِنقـُـص مـِـنہُ قـَـلـِـيلاً اَو زِد عـَـلـَـيہِ وَرتـَـلِ القـُـرآن تـَـر تـِـيلاً (اي چادر ويڙهيندڙ، رات جو ٿورو حصو ڇڏي باقي عبادت ڪر: رات جو اڌ اٿي بيهي گهار يا انهيءَ کان ٿورو گهٽاءِ يا وڌاءِ، ۽ قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهه). تڏهن آدم جي اولاد جو سردار ۽ ٻنهي جهانن جو وقار ، رسالت جو صدر ۽ بزرگيءَ جو بـَـدر، سعادتمند ٽولي جو سالار ۽ عاقبت جي حقيقت جو ڄاڻڻهار، مصلي تي ايترو ته بيهڻ لڳو جو سندس قدم مبارڪ سـُـڄي پيا ۽ سندس منهن مبارڪ زرد ٿي ويو: نيٺ (الاهي) درگاه جو قاصد ۽ بادشاهيءَ جو مور، جبريل امين صـَـلـَـواتُ الله وَ سلامـُــہ عـَـلــَيـہ ] وَعليٰ نـَبـِـينا [خدائي فرمان کڻي اچي پهتو ۽ چيائين: ته اي مـُـرسلن جا پيشوا، مـُـتقــِـيـنِ ۽ بخت وارن جا تاج، ۽ صديقن جا امام! ]الله[ذوالجلال [3] جي درگاهه مان،”طـہ ما اَنزَلنـَـا عـَـلـَـيڪَ، القـُـرآنَ لـِـتـَـشقي“ (اي پيغمبر، اسان توتي قرآن توکي تڪليف ڏيڻ لاءِ نازل نه فرمايو آهي) جي دستخط سان هڪ پڪو فرمان جاري ٿيو آهي ته: اي چوڏهينءَ رات جا چنڊ! نبي ۽ رسولَ تنهنجي اچڻ تي ختم آهن ۽ تنهنجا ته خيالي عرض به ] مالڪ[ لايزال جي دربار ۾ مقبول آهن، (تنهنڪري) تون پاڻ تي ايتري محنت ۽ سختي ڇا لاءِ ٿو اختيار ڪرين؟ تون پنهنجي عرض جو فقط اشارو ڪر ته ]مقبوليت جي[ بشارت جو حڪم توکي آڻي ڏيان. طريقت جي سردار ۽ حقيقت جي راهه جي سالار ، فڪر جي دٻلي جو ڍڪ کولي گفتگو جا موتي هن طرح ظاهر ڪيا ته ”يـَـا اَخـِـي جـِـبريلُ اَفـَـلا اَڪـُـونُ عـَـبدَ شڪـُـورا“ (اي منهنجا ڀاءُ جبريل! ڇا ما شڪر گذار ٻانهو نه هجان؟) (نه بلڪ) آءٌ باوجود هيترن مرتبن جي جيڪي مون کي حاصل آهن، آخر ٻانهو آهيان ۽ ٻانهي جو اولاد آهيان.
محمد] صلي الله عليه وسلم[ جن جي حق ۾ ]الله[ جـَـلـت عـَـظمـَـتـہ جي درگاهه مان ڪيئي فرمان صادر آهن. پهريون، ساري جهان لاءِ رحمت هجڻ جي بشارت، مطابق ]قولـہ تعاليٰ[ وَمـَـا اَرسـَـلنـَـاڪَ اِلا رَحمـةَ لـِـلعـَـالـَـمـِـينَ (اسان توکي ساري دنيا لاءِ رڳو رحمت ڪري موڪليو آهي): ٻيءَ جاءِ تي پاڻ کي اصحابن جي آڏو رسالت ] جي عهده[ سان جلوه گر ڪيائين: ]بمصداق قولـه تعاليٰ[مـُـحـَـمد“ رَسـُـولُ اللهِ والذِينَ مـَـعـَــہ - الاَية (1) (محمد رسول الله ۽ جيڪي سندس ساٿي آهن_ الخ.)، ۽ ٻي جاءِ تي نبوت جي خزاني کي نبوت ۽ رسالت جي مهر سان بند ڪيائين، جيئن ته ”والڪـِـن رَسـُـولَ الله [4] وَخاتـَـمَ النـَبـِـيـِـين(1)(پر هو الله جو رسول ۽ نبين کي ختم ڪرڻ وارو آهي): وري ٻيءَ جاءِ تي مخلصن ۽ متقين جي لاءِ بشارت ۽ فسادين ۽ سرڪشن لاءِ دڙڪي جو اشارو موڪليائين، جيئن ته ”يـَـا اَيهـَـاالنبـِـيُ جاهـِـدِ الڪفار والمـُـنـَـافـِـقـِـينَ“ (اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر). ]اي جبريل! آءٌ[ جڏهن هنن سڀني رتبن، عزتن ، دلجوئين ۽ احترامن سان مشرف ٿيو آهيان، تڏهن منشا ائين ئي هئي ته ظلم جي ڪارنهن ۽ ڪفر جي گمراهي، اسلام ۽ دينداريءَ جي روشنائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ها، منافقيءَ ۽ جهالت جو بنياد ڊهي پوي ها، اسلام جا جهنڊا بلند ٿين ها. هن حڪومت جو دور ۽ هن مذ هب جو آئين قيامت تائين زماني ۾ جاري رهي ها ۽ ڪنهن به شرڪ ۽ مخالفت سان نه گڏجي ها، ۽ سنت جو گل، بدعت جي ڪـَـنڊي سان نه چيرجي ها.
جبريل امين صلوات الله عليـه وسلام ]وعليٰ نبينا[ موٽي ويو ۽ ساڳئي وقت موٽي آيو ۽ چيائين: اَلسلامُ عـَـلـَـيڪَ يـَـا مـُـحـَمد! خدا تعاليٰ سلام ۽ درود چوي ٿو . ۽ الله تعاليٰ جو قطعي فرمان ۽ مـُـحڪم تقدير جي تـَـمهيد هن طرح نئين سر ٿي آهي ته ” اِنـَـڪَ لاتـَـهدي مـَـن اَحبـَـبتَ وَ لڪـِـنَ الله يـَـهدي مـَـن يـَـشاءُ“ (بيشڪ تون جنهن کي چاهين تنهن کي هدايت نٿو ڪري سگهين، پر الله تعاليٰ جنهن کي چاهي تنهن کي هدايت ڪري سگهي ٿو). اي محمد ! ائين هرگز نه ڀانئج ته ڪو ماڻهو تنهنجي سڏڻ تي اسان جي درگاهه ۾ اچي ٿو ، يا ابليس جي وِسوسـِـي ڪري ڪو ماڻهو اسان جي درگاهه مان تڙجي ٿو ، ] بلڪ[ تڙيندڙ اسان آهيون. جنهن کي تڙيون ٿا تنهن کي ڪوبه ڪوٺي نٿو سگهي ، ۽ جنهن کي ڪوٺيون ٿا، تنهن کي ڪو به تڙي نٿو سگهي: " اِنَ عـِبـَـادِي لـَـيس لـَـڪَ عـَـلـَيهـِـم سـُـلطـَـان“ ”(بيشڪ منهنجي ٻانهن تي تو کي ڪوبه اقتدار حاصل نه آهي). تنهنڪري اي مـُـحـَـمد! صـَـلي اللهُ عـَـلـَـيه وسـَـلم تون هن ڪري فڪر مند نه ٿيءُ، جن ماڻهن[5] ميثاق جي ڏينهن ”اَ لستَ بـِـرَبڪـُم“ (ڇا مان توهان جو رب نه آهيان) ساهه سان سـُـڻيو ۽ ”قـَـالـُـوابـَـليٰ“ (چيائون ته هائو) وارو فرمان برادريءَ جو طوق پنهنجي گردن ۾ وجهي، اسان جي وحدانيت جا اقراري ٿيا، ]تن لاءِ[ محمدي شهنشاهت جي چاڪرن مان هر وقت ڪونه ڪو]اهڙو ماڻهو[ خلق جي مٿان جـَـلوَه اَفروز ڪنداسون، جنهن جي ڪوشش جي وسيلي، اهي ماڻهو اسلام جي عزت سان مشرف ٿيندا ]رهندا[، ۽ جنهن فرقي اسان جي حڪم کان سـَـرڪشي ۽ عـَـناد اختيار ڪيو آهي تن کي گمراهي ۽ نعمت جي انڪار سان منسوب ڪنداسون، جيئن اهي ]مؤمن[ ”جـَـاهـِـدِ الڪـُـفار وَالمـُـنافـِـقـِـين“ (ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ) جي فرمان ۽ ”اَقتـُـلـُـوا الـمـُـشرڪـِـينَ حـَـيث وجـَـدتمـُـوهـُـم“ (مشرڪن کي جتي لهو اتي قتل ڪريو) جي اشاري موجب ، ]ڪافرن کي[ خونخوار ترار ۽ دل ڏاريندڙ نيزي ۽ تير جو لقمو بنائين ته هي خراسان، ايران ،عراق، شام، روم، ۽ هندوستان جون فتحون زماني جي ڪتاب تي لکجن ۽ انهن جو ذڪر زماني جي حاشيه تي هميشه قائم رهي-والله اعلم بالصواب (الله تعاليٰ حق کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو).